سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :8

هينئر روحل، مرشد جي ڏنل مام تحت رمندو رهيو، تان ته ان جاءِ تي اچي سهڙيو جتي هينئر سندس آرام گاه آهي . پاڻ 70 ورهين جي ڄمار ۾، 3 ربيع الاخر 1219 هه مطابق 14 جون 1804ع تي خدا کي پيارو ٿي ويو.

پاڻ ٻه شاديون ڪيائين، پهرينءَ مان کيس شاهو فقير ۽ غلام علي فقير ۽ پوئي گهرن مان فقير دريا خان ۽ فقير خدا بخش پيدا ٿيا. سندس ڪلام سنڌي، سرائڪي، ۽ هندي زبانن ۾ چيل ملي ٿو، جيڪو ڪافين، بيتن ۽ هندي ”ڀڄنن“ تي مشتمل آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جو رنگ جهجهي انداز ۾ نظر اچي ٿو. ”من پر ٻوڌ“، ادپت گرنٿ“، ”سرٻ گيان“ ، ۽ ”آگم ورتا“ نالي هندي رسالا سندس يادگار تصنيفون آهن. مسلمان توڙي هندو، سندس ڪيترائي معتقد هئا؛ جن وقت بوقت وٽانئس وحدانيت جي واٽ جا ويچار پئي پرايا.

سندس ڏنل درس : قلب جي صفائي ، اخلاق جي عظمت ۽ محبت جي فراواني هيو. عقيدتمند کيس ”روح الله“ ڪري سڏيندا هئا. سنڌي شعر جو نمونو هيٺ ملاحظه فرمايو:

ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀرن ابتا ڀير،

هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،

انڌن اونده نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير!

پر ”روحل“ راه پرينءَ جي، جان گهڙي ڏٺوسين گهيڙ،

ته رب مڙني ۾ هيڪڙو؛ جنهن ۾ ڦند نه ڦير،

سا ڪاڏي ڪندي پير؛ جا ستي ڪعبت الله ۾!

سندس خيال هو، ته ”انسانن جي سنگت ڪرڻ کان ڪتابن جي سنگت بهتر آهي. جيئن دوست مان مزو اچي ٿو؛ اهڙو مزو ڪتاب مان اچي ٿو. رواجي دوست ته ڪنهن ڪم جا نه آهن. منجهانئن سدائين جيءَ کي جوکو آهي. اعليٰ درجي جا آدمي دنيا ۾ الڀ آهن ؛ تن جي بدلي سندن ”وائي ۽ ڪلام“ نعمت آهي؛ رڳو دوستي رکڻ جي دير آهي!“

رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو

[1886هه – 1921ع]

رئيس المهاجرين؛ جان محمد ولد حاجي ڪريم بخش جوڻيجو ڳوٺ ”ڌامراها“ (لاڙڪاڻو) ۾ 1304هه مطابق 1886ع تي تولد ٿيو. سندس والد شهر جو بااثر زميندار ۽ آسودو انسان هو. حاجي صاحب پاڻ حالانڪ اڻ پڙهيل هو. مگر پٽ کي ولايت مان بئريسٽريءِ جي سند حاصل ڪرڻ لاءِ به آماده ٿيو. وطن وري؛ وڪالت کي وڌايائين.

تڏوهڪي زماني ۾؛ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ کان پوءِ ٻيو نمبر سندس ئي ناماچار هو. رحم دل طبيعت هجڻ سبب تمام سماجي براين جي پاڙ پٽڻ؛ هارين نارين تي ٿيندڙ زيادتي لاءِ آواز اٿارڻ ۾ پيش پيش رهيو. ڪراچيءَ ۾ (1917) جناب ڀرڳڙيءَ طرفان مسلم ليگ جي کوليل شاخ جو ميمبر بڻيو. آڪٽوبر 17، 1919ع تي ترڪ سلطنت جي بقاءَ لاءِ پنهنجي دوست تراب علي شاه قنبراڻيءَ جي رفاقت سان ميدان ۾ آيو. تحريڪ دوران تمام هڙتالن ۽ جلسن جلوسن جو مهندار ٿيو. سندس روح روان: مولانا محمد علي ”جوهر“ مولانا شوڪت علي، مولانا ابوالڪلام ”آزاد“، عبدالجبار لکنوي سيٺ عبدالله هارون ميمڻ، مولانا سيد تاج محمود امروٽي رح، مولانا عبدالڪريم درس، مهاتما گانڌي ۽ ڊاڪٽر ڪچلو هئا.

انگريزن جي خلاف ”قطع تعلقات“ جي سلسلي ۾ ”هجر“ عمل ۾ آئي؛ جنهن لاءِ لاڙڪاڻي مان 16 جولاءِ 1920ع تي قافلو روانو ٿيو .هن هجرت انگريزن جو نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيو – 1421ع ۾ خلافت ڪانفرنس اجمير ۾ پهچڻ بعد، سخت بيماري ٿي پيو، جنهن ڪري 27 رجب المرجب 1393هه مطابق 16 اپريل 1921ع تي اتي ئي وفات ڪيائين - کيس خواجه معين الدين چشتي رح جي درگاه سان، ساگر تلاءَ جي ڪنڌيءَ تي دفن ڪيو ويو آهي.

ساڌو واسواڻي صاحب

[1879ع – 1966ع]

سنڌ جو عظيم فيلسوف، صوفي منش ۽ سپوت عالم، پروفيسر ٿانورداس پٽ ليلارام واسواڻي صاحب 25 نومبر تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. ڌڻيءَ طرفان ذهانت عطا ٿيل هئس، جنهن ڪري مختصر مدت ۾ اسڪول ۽ ڊي – جي – سنڌ ڪاليج جي تعليم کان مستفيض ٿي ايم – اي جي ڊگري حاصل ڪري ورتائين. پوءِ ڪلڪتي جي ميٽرو پوليٽن ڪاليج ۾ تواريخ ۽ انگريزي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان ترقي وٺي، لاهور جي ديالسنگ ۽ ڪوچ بهار جي وڪٽوريا ڪاليجن ۾ پرنسيپال جي عهدي تي وڃي رسيو. انهيءَ دوران پاڻ برلن ۾ ڪوٺايل دنيا جي مذهبن جي ڪانگريس ۾ هندستان پاران نمائندگي وٺي، تقرير ڪيائين؛ جنهن نتيجي واسواڻي صاحب کي هڪ اعليٰ مقام تي وڃي رسايو. انهن غريب معمولي خوبين جي عيوض، مهارا جا پٽيلا کيس، مهيندار ڪاليج جي پرنسيپال جي آڇ به ڪئي، جنهن کي پاڻ بروقت ٿڏي اچي سنڌ ۾ سهڙيو.

سنڌ جي هن مهاپرش جي علامانه شخصيت ؛ بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪي هئي سندس نام ۽ پيغام کان مشرف ۽ مغرب جا سمورا علمي ۽ فڪري ادارا بخوبي واقف هئا . سچ پچ ساڌو واسواڻي صاحب جي اعليٰ شخصيت سنڌين لاءِ فخر جو باعث هئي. پاڻ نه صرف علم ۽ فڪر جي عالم ۾ محور رهيو؛ بلڪ عقيدي جي آڌار تي دنيا جي تمام مذهبن جو تقابلي مطالعو ڪندي، نهايت تعميري ۽ صحتمند خيالات جو اظهار ڪيائين. اهو ئي سبب آهي، جو ساڌو صاحب جا اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن پاڪ ۽ خود خلفاءِ راشدين لاءِ ڪيل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سند جي حيثيت رکن ٿا.

سندس تقريرن خواه تحريرن ۾ وحدانيت ۽ تصوف جو جاءِ بجاءِ سنگم نظر اچي ٿو. ٻي لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته ساڌو صاحب، پريم ڀڳت هو، تنهن ڪري سندس هر لکڻيءَ ۾ بجليءَ کان گهٽ تاثير نه هو، جنهن کان يورپ جا نامور عالم ۽ فيلسوف به روحانيت ڏانهن راغب ٿي پيا.

ساڌو واسواڻي صاحب نه صرف عالم هو، بلڪ هڪ محب وطن سنڌي هجڻ سان گڏوگڏ، آزاديءَ جو متوالو به هو، اهوئي سبب هو، جو 1920ع کان ملڪ جي آزاديءَ خاطر خلافت تحريڪن توڙي ڪانگريسي مجلسن ۾ ڀرپور حصو ورتائين، انگريزن خلاف ”قطع تعلقات“ تحريڪ کي زور وٺائڻ ۾ ساڌو صاحب سڀني جو اڳواڻ بڻيو . پاڻ گانڌي صاحب جي ادارت ۾ نڪرندڙ ”ينگ انڊيا“ (young india) ۽ ”هريجن“ ۾ انقلابي لکڻ لڳو. انهيءَ سلسلي ۾ ”الوحيد“ (ڪراچي) سان به سندس ساٿ رهيو، جن ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ”انگريز سرڪار جي خلاف قطع تعلقات تحريڪ کي زور وٺائڻ مسلمانن جو مذهبي فرض آهي“.

پاڻ سوين ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي زبانن ۾ قلمبند ڪيائين، جنهن ۾ اپائڻ هار جو جاءِ بجاءِ مفهون سمايل آهي . جنوري 16، 1966ع تي هندستان جي شهر پوني ۾ پر لوڪ پڌاريائين. حالانڪ ساڌو صاحب اڄ اسان وٽ موجود نه آهي، مگر سندس ڇڏيل تحريرون، اسان جي راه ۾ روشنيءَ جو ڪم ڏين ٿيون. سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، حضرت عبداللطيف ڀٽائي رح لاءِ وڏي عقيدت هيس. هڪ هنڌ چوي ٿو. اسين سنڌ ۾ پنهنجي شاعر جي شان جو قدر ڪرڻ نه سکيا آهيون .... انهيءَ ۾ شڪ ٿي نه ٿو سگهي، ته شيڪسپيئر پنهنجي قوم جو مايه ناز شاعر هو، مگر شاهه سائين رح نه فقط بلندي رکي ٿو، پر هو هڪ روحاني پيشوا به آهي؛ جنهن پاڻ سڃاتو آهي.“ ساڌو صاحب اجنتائن ۾ گهٽ ۽ صوفي درويش جي درگاهن تي زياده ويندو هو.

سانگي مولا بخش ”ساغر“

[ولادت 1343 هه = 1924ع]

”دور - ساغر“ جو مصنف، عاليجناب مولا بخش ”ساغر“ ولد شاه محمد سانگي، 1343 هه مطابق پهرين جنوري 1924ع تي لاڙڪاڻي شهر کان ڇهن ميلن (ڏهن ڪلو ميٽرن) جي مفاصلي تي ڳوٺ ”سڄڻ سانگيءَ“ ۾ تولد ٿيو. سندس جد- آمجد، سنڌ ۾ تصوف جو عقيدتمند، فقير عثمان سانگي (1778ع– 1860ع) هو. سندس والد باقبائل لڏي لاڙڪاڻي جي قديم ”ميمڻ محله“ ۾ مسنقل سڪونت ورتي هئي.

”ساغر“ صاحب ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي ، پوءِ لاڙڪاڻي جي مدرسه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ، سي- ايس- ڪاليج شڪارپور مان 1944ع ۾ بي- اي جو آغاز ڪيائين، ۽ آخر ۾ سنڌ مدرسه ڪاليج ڪراچيءَ مان بي- اي کان پوءِ ايل ايل- بي جي به ڊگري ورتائين سندس طبيعت ماٺيڻي ۽ سچائيءَ ڏانهن زياده مائل آهي. پاڻ هن وقت بدين ضلعي ۾ سيشنس جج جي عهدي تي فائز آهي.

شاعريءَ جو شوق کيس اسڪول جي زماني کان ئي هو. شروعات ۾ ڏوهيڙا ۽ ڪافيون جوڙيندو هو، پر پوءِ دوستن جي زور ڀرڻ تي موزون شعر طرف وک وڌائيندي، عروضي شعر، ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ خيرپوريءَ جي رفاقت سان شروع ڪيائين. شعر جي اصطلاح حاجي محمود ”خادم“ وٽان وٺندو رهيو؛ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ڪرائڻ لڳو. پاڻ ڪجهه وقت ”سنڌ سڌار سوسائٽيءَ“ جو سرگرم ڪارڪن به ٿي رهيو آهي. پنهنجي ڪلام جو مجموعو ”دور - ساغر“ 1974ع ۾ منظر عام تي آندائين.

”ساغر“ صاحب کي مطالعو آهي. سندس چونڊ نثر ۽ نظم جو هڪ مجموعو به ”ساز - زندگي“ عنوان سان، 1978ع ۾ پڌرو ٿيو اٿس. خداوند ڪريم کيس وڏي ڄمار ڏيندو.

سامي صاحب

[ 1743ع – 1849ع ]

سنڌ جي ويدانتي شاعرن ۾، شڪارپور جي مردم خيز خطي جو مشهور بلند پايه شاعر، ڀائي چين راءِ عرف ”سامي صاحب، پٽ بچو مل لنڊ جو نالو ورتو وڃي ٿو. سندس جنم 1743ع ڌاري شڪارپور ۾، هاٿي در نزديڪ هندن جي پاڙي ۾ ٿيو. سندس پتا مالدار سکر ماڻهو هو. وٽس ڪنهن شيءِ جي به ڪمي ڪانه هئي.

اهڙي سکي ۽ سهنجي ماحول سان ڀائي چين راءِ جي دل نه ڀري. پاڻ ٻالجتيءَ کان وٺي، دنيا جي ڪوڙن سکن ۽ کٽرا ڳن کي ٻن وجهي، ساڌن جي سنگت اختيار ڪيائين. کيس دنيا جي لوڀ لالچ جي ڪابه وحشيت نه هئي ۽ نه ئي وري لاڏ ڪو واري چلولي ماحول مان ڪا راحت پئي آئي؛ جنهن ڪري من کي زماني جي محويت کان پاسيرو رکي، ضروري وديا جي واس وٺڻ لاءِ، ست سنگ ۾ گذارڻ لڳو.

پاڻ ڪلهوڙن ۽ ميرن جون صاحبيون پئي سنڀريو؛ ۽ ملوڪي خيالن جي اوستا ۾ صبر سان ساهه کڻڻ بدران راتيان ڏينهان آلمڪ ترقيءَ جو ڳالهائو رهيو. ڌڻي مهربان آهي؛ جنهن کيس هڪ اهڙي ويدانتي مهاپرش ساڌوءَ ۽ سنجينده شخصيت: سوامي مينگهراج سان ملايو، جيڪو اڳتي هلي سندس زندگيءَ جو مول مقصد بڻجي ويو.

ڀائي چين راءِ، سوامي صاحب جي رنگ ۾، ست سنگ کان چمڪي اٿيو. سندس دل ته اڳ ئي دکايل ۽ اهڙن سنتن لاءِ سڪايل هئي، ويتر سواميءَ جهڙي ودوان واري صحبت ”سون تي سهاڳيءَ“ جو ڪم ڪيو. پوءِ ته چين راءِ فقيراڻي گودڙي قبول ڪندي، سوامي صاحب جهڙي سنجينده شخصيت جي هردي ۾ اهائي جوت جاڳايل پسي، جنهن جو اڳ هو اڃايل هو. سوامي صاحب ڪجهه وقت ترسي، بهار جي بادلن جيان محبت جو مينهن وسائي پنهنجي ماڳ موٽيو.

گروءَ جي وڃڻ بعد، چين راءِ کي اچي وير اڳ لڳو. هوڏانهن سندس پتا، خيالن ۾ ڦيري آڻڻ لاءِ شادي به ڪرايس؛ مگر کيس ڪنهن شيءَ مان به مزو نه آيو. پوءِ ٻارين ٻچين وڃي امرتسر کان نڪتو، جتي گرو نانڪ جي سکيا مان لاڀ حاصل ڪري، واپس وطن وريو. هينئر سندس عمر چاليهن ورهين جي لڳ ڀڳ اچي چڪي هئي. کيس شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو دوڪان به ورثي ۾ مليو هو، پر هن ان ڏانهن به توجه نه ڏنو؛ ۽ رهيل جوت ۾ محبت واري جو ڳولهائو رهيو. وٽس ذات پات جي ڀيد ۾ ڌرم جي ٻنڌڻن جي پابندي پسند نه هئي. پاڻ ڪڏهن مسلمان درويش جي صحبت ۾، ته ڪڏهن وري هندو ودوانن جي ساڌ سنگت ۾ رهيو.

ڀائي چين راءِ، انهيءَ عمر ۾ ”سلوڪ“ ٺاهڻ شروع ڪيا، جيڪي سنسڪرت زبانن ۾ آهن. مٿس سوامي مينگهراج جو ايترو ته اثر هو، جو پنهنجي سموري سلوڪن ۾ ”سوامي صاحب“ جو نالو آندو اٿس. جيئن ته پاڻ انهن کي ڪنهن ڪتاب ۾ لکندو نه ويو، بلڪ ڪاغذن جي ٽڪرن تي لکندو، ڀرسان پيل هڪ مٽ ۾ ويو وجهندو. سندس پٽ، ڀائي گهنشامداس اهي سمورا سلوڪ سموهي، گرمکي اکرن ۾ لکرايا، جتان پوءِ ديوان راءِ بهادر ڪوڙي مل چندن مل لکياڻيءَ ، 1873ع ۾ وري عربي – سنڌي صورتخطيءَ ۾ قلمبند ڪرايا.

سامي صاحب جا سلوڪ هونئن ته تمام گهڻ چيل آهن، جيڪي دستياب ٿي سگهيا آهن، انهن جو ڳاڻيٽو ٻه هزار هڪ سئو چيو وڃي ٿو. سمورا سلوڪ ويدانيت جي ويچارن سان واحد جي واکاڻ ۾ آهن. منجهن ڌڻي تعاليٰ جي ويجهڙائي لاءِ اهي سمورا مارگ (راز) واضح ڪيل آهن، جن تي ويدانيت جي عمارت جڙيل آهي. ازانسواءِ سندس سلوڪن ۾ صوفين جيان ”پاڻ سڃاڻڻ“ تي وڏو زور ڏنل آهي، ايتري تائين جو هر شيءَ ۾ ايشور (خدا تعاليٰ) کي ساکي (سمجهي) ٿيو. هو طالب کي دنيا جي ٻنڌاڻن ۾ ڦاسڻ کان سختيءَ سان نندي ٿو. ساڳئي وقت مسلمان صوفين جيان، هر انهيءَ شيءَ جو قائل آهي، ته ”خدا تعاليٰ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو ۽ نيڪ عمل جي زياده ضرورت آهي.“

سندس سلوڪن ۾ ”ممتا مارڻ“، (خودي ختم ڪرڻ) ”مايا جي موهه“ (دولت جي نشي) کان دور رهڻ، ”ڪام“ (شهوت)، ”ڪروڌ“ (ڪاوڙ)، ”لوڀ“ (لالچ)، ”موهه“ (هرکڻ)، ۽ ”اهنڪار“ (فخر ۽ وڏائي) جهڙن ويرن (دشمنن) کي وچ نه وجهڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ تاڪيد ڪيل آهي. مثلا: هڪ هنڌ مايا بابت چيو اٿس:-

”مايا اچڻي وڃڻي، ڪهڙي ڪهڙي ڀاءِ؛

ڪن جي دٻي رهي ڌوڙ ۾، ڪن جي ساڙي باه؛

ڪن جي چور هڻي ويا، ڪن لئه هاءِ هاءِ؛

سڦلي ٿيندءِ ساءِ؛ جيڪا ڏيندي نانءِ ڌڻيءَ جي.“

مطلب ته سامي صاحب جي سکيا ويدانتي اصولن تحت هئي. هو هن جهان کي فاني سمجهي، ايندڙ وقت جو اونو رکندڙ هو. هڪ اندازي مطابق 1849ع ۾ پرلوڪ پڌارڻ سان سندس عمر هڪ سئو ستن ورهين جي لڳ ڀڳ چئي وڃي ٿي. سندس وقت جا همعصر ڪويض حضرت سچل سرمست رح (1739ع – 1829ع)، فقير قادر بخش ”بيدل“ رح (1814ع – 1842ع) ، صوفي دلپت (1769ع–1849ع) ۽ گوئٽي (1749ع–1831ع) هئا. سندس سلوڪ اڄ به سنڌ خواه هند جي مندرن ۽ منڊلين ۾ وڏي چاه وچان پڙهيا ۽ ڳايا وڃن ٿا.

حضرت سچل سرمست درازي رح

[ 1739ع – 1829ع ]

اسلام جي ٻئي خليفي، حضرت عمر فاروق رضه جي سلسه - نسب مان، درازي درويش فقير عبدالوهاب عرف سچل سرمست ولد ميان صلاح الدين فاروقي رح، خيرپور ميرس جي راڻيپور شهر لڳ، درازن جي ڳوٺ ۾ 1125 هه مطابق 1739ع تي تولد ٿيو. سندس وڏا (93 هه ۾) محمد بن قاسم سان رلجي سنڌ ۾ آيا هئا. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ هن خاندان جي وڏي عزت هئي. سندس جد- امجد ميان صاحبڏنو فاروقي (1697ع – 1788ع) هو، جنهن هن نينگر کي آخوند عبدالله جي ڪتبخاني ۾ ديني درس ڏياريو.

هن نينگر ۾ ننڍپڻ کان ئي مڻيا بکي رهي هئي، جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (1689ع–1752ع) کيس ڏسي فرمايو هو، ته ”اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي؛ تنهن جو هي ڇوڪر ڍڪڻ لاهيندو؛“ سچ پچ ٿيو به ائين. سندس ڏاڏي ۽ والد جي وفات بعد سندس چاچي، سهري ۽ مرشد، ميان عبدالحق جي نظر فيض اثر مان الاهي راز ۽ رمزون پروڙي اڪيلي سر جهنگ جهر واسيندو رهيو. اڪثر مٿس مدهوشي ۽ محويت طاري رهندي هئي.

عام طرح سچل سائينءَ کي ”هفت زبان شاعر“ چوندا آهن (والهه اعلم باالصواب) – مگر انهيءَ حقيقت کان به هرگز انڪار ڪري نه ٿا سگهون، ته پاڻ تمام گهڻن زبانن ۾ شعر چيو اٿس، باالخصوص سنڌي زبان سان ته سندس والهانه محبت رهي آهي سندس ڪلام تمام ڪثرت ۾ موجود آهي؛ جنهن جو تعداد 930636 چيو وڃي ٿو، جيڪو سنڌيءَ کان سواءِ فارسي، سرائڪي، پنجابي ۽ اردو زبانن ۾ به ملي ٿو. ازانسواءِ هو پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته عربي ۽ هنديءَ ۾ به شعر چيو اٿس. شعر ۾ ”سچل“ ، ”سچو“ ۽ ”آشڪار“ تخلص استعمال ڪيل ملي ٿو.

سچل سائينءَ جو سمورو ڪلام سڪ سوز، دلگداز، انتظاري، بيقراري، جوش، جولان، موج مستي، حيرت، عبرت، حقيقت ۽ معرفت جي فاسفي سان سرشار آهي. سندس ڪلام ۾ رس رچاءُ ۽ روانيءَ کان علاوه بيخوبي، وجد ۽ حال و قال جي ڪيفيت زياده نظر اچي ٿي. اڪثر ڪري موج ۽ مستيءَ جي حالت ۾ ”اناالحق“ جو نعرو هڻي، پاڻ کي ”خدا ڄاڻندو هو.

ري اولاد رهندي؛ 95 ورهين جي ڄمار ۾، 14 رمضان المبارڪ 1242 هه = 1829ع تي، ڳوٺ درازن ۾، پنهن جي وڏن سان وڃي آرامي ٿيو. هزارين عقيدت مند هر سال مٿس ميلو منعقد ڪندا آهن.

سندس فني ڪلام، فڪري لحاظ کان وڏي حيثيت رکي ٿو. خاص ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ ”ڪافي“ جي فن کي عروج ڏيارڻ ۾ ڪمال درجي تي پهتل آهي. تصوف جي باريڪ بينيءَ سان معمور، نفي ۽ اثبات، ۽ فنا ۽ بقا، ذڪر ۽ فڪر، همه اوست ۽ وحدت الوجود جهڙا مسئلا سندس دانشمنديءَ جو واضح ثبوت آهن.

سر آغا خان (ٽيون)

[1788ع – 1957ع]

”اسماعيلي فرقي“  جو اٺيتاليهون روحاني پيشوا، سلطان سيد محمد شاه ولد سيد علي شاه عرف ”آغا خان“ ٽيون  ، 2 نومبر 1877ع تي، ڪراچيءَ ۾ تولد ٿيو. سندس سلسله - نسب اٺيتاليهين پشت ۾، امام عالي مقام حضرت علي المرتضيٰ رضه (599ع – 661ع) سان وڃي ملي ٿو. سندس ڏاڏو سيد حسن علي شاه (آغا خان – اول، متوفي 1299 هه – 1881ع)؛ ايران جي صوبي ”محلات“ جو گورنر هو؛ جيڪو وقت جي ايراني حاڪم ؛ سيد فتح علي شاهه قاچار جو ناٺي به هو. ڪجهه وقت زماني جي رنگ دستيءَ ۽ خانداني جهڳڙن سببان، سنڌ ۾ اچي رهيو هو. جتان پوءِ هندستان جي بمبئي پرڳڻي ۾ به سڪونت اختيار ڪئي هئائين.

سيد محمد شاهه جي ابتدائي پرورش، سندس والدهه جي هٿ هيٺ رهي (جيڪا پڻ ايران جي شاهي خاندان مان وڏي مان ۽ مرتبي واري عورت هئي)، جنهن سندس سکيا لاءِ وڏن عالمن ۽ قابل استادن جون خدمتون حاصل ڪيون، جن کيس اسلام، تاريخ، عربي، انگريزي ۽ فرانسيسي زبانن تي ملڪو حاصل ڪرايو. پاڻ گهوڙي سوار به سٺو هو، خاص ڪري گهوڙن سڃاڻڻ ۽ سندن پرورش ۾ کيس ڪوبه برميچي نه سگهندو هو.

سچ پچ اهو قابل استادن جي ئي نظر فيض اثر جو نتيجو هو؛ جنهن هن شخص کي دنيا جو عظيم انسان بڻائي ڇڏيو. سندس طبيعت فقيراڻي ۽ نيڪيءَ طرف زياده مائل هئي. ديندار به وڏو هو؛ ۽ مسلمانن جو سچو هڏ ڏوکي هو. اهوئي سبب هو، جو سر سيد احمد خان (1817ع – 1898ع) جي وفات بعد، پاڻ ئي مسلمانن جي قيادت قبوليائين – 1902ع کان ”محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس“ جو صدر به ٿي رهيو. ازانسواءِ مسلمانن جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسلامي مرڪز، ڪتب خانا، محراب، مسجديون، شفا خانا ۽ اشاعتي ادارا قائم ڪيائين.

سنڌ سان ته سندس خاص محبت هئي ؛ جو 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان علحدگي ڏيارڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. تحريڪ پاڪستان ۾ به سر آغا خان جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. افسوس جو حياتيءَ کيس مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري 11 جولاءِ 1957ع تي ؛ جنيوار (سئٽزر لينڊ) ۾ وفات ڪيائين. سندس وصيت مطابق کيس مصر جي اسوان شهر ۾ آرامي ڪيو ويو. کيس ٻه فرزند  پرنس علي خان ۽ پرنس صدرالدين ٿيا .

سردار محمد بخش ”ڪوجهي فقير“

[ 1819ع – 1959ع ]

سردار محمد بخش ”ڪوجهي“ ولد الاهي بخش شيخ، 1300 هه مطابق 1891ع ۾، شڪارپور ۾ ڄائو. سندس جد- امجد اصل ڀاڳ ناڙيءَ کان هتي لڏي شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سندس ڏاڏو ”ميراڻي دور“ ۾ مصنف (حج) جي عهدي تي فائز هو. سندس پيءُ ڊپٽي ڪليڪٽر تان رٽاير ڪيو هيائين ۽ پاڻ 1912ع ۾ بمبئيءَ جي مشهور ”ايلفسٽن ڪاليج“ مان بي – اي ۽ 1917ع ايل ايل – بي پاس ڪري، پهريائين نواب شاه ۾ ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ مقرر ٿيو، جتان هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي. نهايت محنتي ۽ خدا ترس اِنسان هو؛ جنهن ڪري پنهنجي آور چائي سان جلد ئي وڃي ڪليڪٽر ٿيو؛ ۽ 1946ع ۾ رٽاير ڪيائين. عهدي دوران کيس ”سرداريءَ“ جو خطاب به مليو هو.

رٽاير ٿيڻ بعد، تعيليم ۽ سماجي ڪمن ۾ پيش پيش رهيو. وطن جي خدمت ڪندي، 2 ذوالحج 1379 هه مطابق 24 سيپٽمبر 1959ع تي وفات ڪيائين سچل سرمست ڪاليج ۾ دفن آهي، جتي هر روز چونڪي لڳندي آهي. پاڻ درازي درويش، ميان سخي قبول محمد (ثاني) جو عقيدتمند هو. مرشد وٽان ڪافي فيض حاصل ڪيائين پوءِ پاڻ کي ”ڪوجهي فقير“ جي نالي سان پڌرو ڪيائين .

سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي زبانن ۾ شاعري به ڪئي اٿس. جيڪا گهڻي ڀاڱي مرشد جي محبت ۾ سرشار نظر اچي ٿي. البته ڪجهه مداحون ۽ مناقبا، ٻنهي جهانن جي سردار ۽ بادشاه پير دستگير عبدالقادر جيلاني رح جن جي شان ۾ چيل ملن ٿا.

سرحاجي عبدالله هارون ميمڻ

[ 1872ع – 1942ع ]

سچ پچ جنت ۾ جاءِ جڙندي انهن لاءِ، جن سر حاجي عبدالله ميمڻ جهڙا سنڌي سپوت، نيڪ سيرت، سخي مرد ۽ سورهيه پٽ پنهنجي قوم تي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي - سندس والد بزرگ جو نالو محمد هارون هو، جيڪو ڪراچيءَ جي ڪڇي ميمڻ پاڙي مان هو.

حاجي عبدالله 19 صفرالمظفر 1289 هه مطابق 14 جون 1872ع تي، غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. پاڻ اڃا چئن سالن جو مس ٿيو، ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن ڪري سندس پرورش والده جي حوالي ٿي؛ جنهن سندس تعليم لاءِ جتن ڪيا، مگر غربت سببان، پڙهي نه سگهيو. پوءِ جيئن ئي سمجهه ڀريو ٿيو، ته پيٽ قوت لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳو؛ ان مان جيڪو نفعو ڪمائيندو هو، اهو ماءُ آڏو اچي رکندو هو. پاڻ شرميلو به حد درجي جو هو. شروعات ۾ کيس شين وڪڻندي لڄ ٿيندي هئي، پر پوءِ هري مري ويو.

روز مره جي نفعي مان گهر جو خرچ به ڪندو هو ۽ ڪجهه پاڇي به بچائيندو هو. چڱي ميڙا چونڊيءَ بعد کيس انهيءَ ننڍڙي واپار مان مزو اچي ويو. پوءِ ته جهونا مارڪيٽ ۾ دوڪاندار وٽ چار روپيه ماهوار پگهار سان ملازم وڃي بيٺو. پنهنجي ديانتداريءَ سان واپاري سڌ به حاصل ڪري ورتائين. ستت ئي پرائي ٻزگيري ڇڏي، پنهنجي پاڇيءَ مان هڪ ننڍڙو دوڪان کوليائين. اِنهيءَ ڪاروبار ۾ ايمانداريءَ، سچائيءَ ۽ اَور چائيءَ سببان تيزيءَ سان ترقي ٿيندي رهيس. تان ته ڪجهه سالن اندر وڏو واپاري بڻجي ويو.

هينئر ته سيٺ عبدالله پنهنجي اَور چائيءَ ۽ محنت سان، زندگيءِ جي هر ميدان تي ترقي ڪندو رهيو ۽ پنهنجو ناما چار ڪڍيو. خاص ڪري واپارين جي سهوليت لاءِ ڪو آپريٽو بئنڪون قائم ڪرايائين، جن مان ننڍن دوڪاندارن کي آسان قسطين تي قرض ڏياري، سندن ڌنڌي کي تيزي وٺرائي. اَزانسواءِ پنهنجي غربت ۽ يتيميءَ کي ياد ڪندي، نادار ۽ لاوارث ٻارڙن لاءِ يتيم خانا کوليائين، گهرجائن ۽ حاجتمندن جي دل و جان سان مدد ڪيائين. مطلب ته اِنساني همدرديءَ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي. ديني لحاظ کان ڪيترائي خير جا ڪم ڪيائين. مسجدون مسافر خانا، درسگاهون ۽ شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽلون پڻ تعمير ڪرايائين – 1898ع ۾ حج بيت الله شريف جو مقدس فرض به ادا ڪيائين.

حاجي صاحب، جيتري قدر قومي ڪمن ۾ گهرو ويو. اوتري قدر وري ملڪي معاملن (سياست) ۾ به، آزاديءَ خاطر پاڻ پتوڙيو باني- پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح (1948ع-1976ع) سان ٻانهن ٻيلي ٿي، سياسي زندگيءَ ۾ سر ڌڙ جي بازي لاتائين؛ جنهن ڪري پاڻ چوٽيءَ جي اوڳواڻن ۾ شمار ٿيڻ لڳو – 1919ع ۾ سنڌ صوبائي خلافت ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ۽ 1920ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو صدر به بڻيو. انهن ئي ڏينهن ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر پڻ منتخب ٿيو – 1925ع ۾ ”تحريڪ“ ۾ ڀرپور حصو ورتائين – 1926ع کان 1942ع تائين، هندستان جي مرڪزي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو رڪن ٿيو. 1938ع کان آخر تائين مرڪزي اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ جو ميمبر به ٿي رهيو. ايترين سارين اعليٰ عوامي خدمتن عيوض کيس 1937ع ۾ ”سر“ جو خطاب به مليو. پاڻ پاڪستان جي حاصل ڪرڻ لاءِ زوردار نموني ۾ پٺڀرائي ڪندو رهيو.


(1)– گهمندي گهمندي روهڙيءَ لڳ، موجود. ”ڪنڊڙيءَ جي ڳوٺ“ ۾ هڪ ڪنڊي وڻ سان سندس پلاند اٽڪي پيو، پوءِ ته لڏو لاهي، اتي ئي رهي پيو. جلد ئي هي شهر آباد ٿي ويو ۽ ”ڪنڊڙيءَ“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو.

(1)– ”خلافت تحريڪ“ بابت ڪابل طرف، انگريزن خلاف کلم کلا جيڪو نفرت ۽ حقارت جو عملي اظهار، سنڌ جي مسلمانن ”هجرت“ جي صورت ۾ ڪيو هو؛ ان قافلي جي اڳواڻ رئيس جان محمد جوڻيجو هو. ان هجرت لاءِ جيڪا لاڙڪاڻي مان پهرين ريل ڀاڙي ڪئي وئي هئي، ان ۾ ساڍا ست سئو مهاجر هئا. هن هجرت انگريزن تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ سندن حوصله خطا ڪري ڇڏيا؛ جنهن ڪري سندن حڪومت جو بنياد لڏڻ لڳو. [سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ايم – فل سنڌيءَ لاءِ لکرايل ٿيسز، بعنوان ”نواز لي ”نياز“ جعفريءَ جي شاعري“– ميمڻ عبدالغفور سنڌي، 1974ع (قلمي نسخو) صفحو 5].

(1)– موجوده وقت ۾ هي ڪاليج ”وديا ساگر“ نالي سان سڏجي ٿو.

(1) – پروفيسر برٿ نالي هڪ آمريڪي سياح 1940ع ۾ لکيل پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ ذڪر آندو آهي، ته جتي هندستان ۾ ٽي جايون : تاج محل (آگره) ، جامع مسجد (دهلي) ۽ اجنتا (ميسور) قابل، ديد آهن، اتي ٽن برک انسانن: رابيندر ناٿ ٽيگور، مهاتما گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي صاحبن کي ڏسڻ پڻ ڀاڳ جي نشاني آهي.

(1)– ڪرچيءَ ۾ سڏايل وڏي ڪانفرنس ۾ کيس ”پريزيڊنٽ“ مقرر ڪيو ويو؛ جنهن ۾ پري پري کان آيل ملڪي مدبر : محمد علي جناح، مولانا محمد علي ”جوهر“ ، مولانا شوڪت علي، مهاتما گانڌي، اَبو الڪلام ”آزاد“ ، جواهر لعل نهرو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحبان موجود هئا.

(1)– سندس ڪجهه ڪتابن جا نالا هي آهن.

(i) Idian Arise, (ii) Awake Yonng India, (iii) India Adventure, (iv) Indai ni Chains, (v) Secret of Asia, (vi) My Mother Land. (vii) Builders of Tomorrow & (viii) Aspostles of Tomorrow.

(2)– ”اجنتا“ ؛ ميسور ۾، جبلن اندر غاريون آهن، جن ۾ هندن جي ديوتائن جون پٿرن تي اڪريل خواه ڪاغذن تي ليڪيل تصويرون رکيل هونديون آهن.

(1)– سوامي مينگراج برهمڻ هو؛ جنهن کي ”منگتراءِ“ به ڪري سڏيندا هئا. هو اصل بهاولپور رياست (پنجاب) جي احمدپور شهر جو رهاڪو هو. سير سفر ڪندو، شڪارپور جي هاٿيدر وٽ هيمنداس برهمڻ جي ٽڪاڻي (مڙهي) ۾ رهندو هو. وڏو ودوانن، سنسڪرت جو ڄاڻو ۽ شعر ۾ ڀڙ هو. ڪيترائي سندس شاگرد هئا. ڀائي چين راءِ به پاڙي جي لحاظ کان سندس خاص عزت ڪندڙن مان هو؛ جنهن ڪري ساڻس وڏي پريت ٿيس؛ ۽ ”گروءَ“ (مرشد) ڪري ورتائين. سوامي صاحب ”ويدن جا ويچار“ پنهنجن چيلن کي ٻڌائيندو رهيو، جتان ڀائي چين راءِ کي خاصو ڪلياڻ حاصل ٿيو. سچ پچ اهو گروءَ جي تيمار داري جو نتيجو هو، جنهن چين راءِ جو چين چٽ ڪري ڇڏيو هو.

(1) – ”سلوڪ“ ، پراڪوت زبان جو لفظن آهي؛ جنهن جي لغوي مراد آهي: گڏ ڪرڻ يا وڌڻ. سنسڪرت ۾ کيس ”شلوڪ“ (آواز، ٻولي، ڀڄن يا پڪار) چئبو آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان هي چئن سٽن جو شعر آهي؛ جيڪو هم قافيه مصرعن تي ٻڌل ٿئي ٿو. سنڌ جي ويدانتي شاعرن ۽ ڀڳتي فقيرن ”سلوڪ“ چيا آهن. ڀائي چين راءِ؛ دلپت، آسو، ڪيستورام، موهن فقير ۽ سام هن ڏس ۾ گهڻو اڳتي آهن.

(1) – اسماعيلي، شيعن جو هڪ فرقو آهي؛ جنهنجو روحاني رهبر؛ حضرت علي المرتضيٰ رضه آهي. سندس پشت مان؛ حضرت امام جعفر صادق رضه جو وڏو فرزند اسماعيل امام آهي؛ جنهن پنهنجي والد بزرگوار جي حياتيءَ ۾، 143 هه – 761ع ۾ مديني شريف ۾ راهه رباني ورتي هئي؛ ۽ کيس ”جنت البقيع“ ۾ جاءِ ڏنل آهي. کانئس پوءِ سندس فرزند محمد امام بڻيو، جيڪو اسماعيلين جي عقيدي مطابق، سندن ستون امام آهي.

(1) – اسماعيلي فرقي جو ڇائيتاليهون روحاني پيشوا، حسن علي شاهه ولد سيد خليل شاهه هو؛ جنهن جو والد ڪرمان (ايران) جو گورنر هو؛ ۽ 1233 هه مطابق 1817ع پڄاڻي ڪئي هئائين. ان وقت جي ايراني شهنشاهه، سيد فتح علي شاهه قاچار، سيد خليل جي وفات بعد، سندس پٽ سيد حسن علي ساه (1800ع–1981ع) کي ڪرمان (محلات) جو گورنر مقرر ڪيو هو. پوءِ ته پنهنجي منظور - نظر هئڻ ڪري، نياڻي به نڪاح ۾ ڏنس. ان ڏينهن کان وٺي ايراني درٻار مان کيس ”آغا خان“ جو لقب مليو، جيڪو اڳتي هلي سندن خانداني خطاب بڻيو. کانئس پوءِ سندس فرزند آغا علي شاه (ولادت 1836ع) جاءِ نشين بڻيو. دنيا ۾ هن فرقي وارن کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو؛ مثلا : ايراني کين اسماعيلي يا آغا خاني ۽ هندستاني کين خوجه يا بوهره نالن سان سڏين ٿا. قرامطه، درد زيه ۽ باطنيه هن فرقي جون مکيه شاخون آهن.

(3)– سر آغا خان جي وصيت مطابق ؛ 13 جولاءِ 1957ع تي سندس پوٽي؛ شهزاده ڪريم خان ولد شهزاده علي خان (ولادت 13 ڊسمبر 1936ع) کي اڍائي ڪروڙ اسماعيلي فرقي جو روحاني پيشوا بڻايو ويو؛ جيڪو عام طرح ”آغا خان“ (چوٿون) ”سڏجي ٿو. هن نوجوان دنيا جي اعليٰ درسگاهن مان تعليم ورتي آهي. نهايت ئي مخلص ۽ وڏن جو صحيح جاءِ نشين ثابت ٿيو آهي. روايتي طرح هر سال معتقد کيس سون ؛ هيرن ۽ پلاٽينم ۾ توريندا آهن.

(1) – سندس والد، راڻيپور جي سيد پير صالح شاه جو مريد هو. پيءُ پڄاڻان، هڪ ڏينهن زيارت جي خيال کان اوڏانهن پئي ويو، ته واٽ تي درازن ۾ کيس سخت طوفان اچي وڪوڙيو؛ جنهن ڪري رستو ڀلجي وڃي سچل سائين جي درگاه تي نڪتو. جڏهن کوه وٽ پهتو، ته هڪ پيرسن سان سندس ملاقات ٿي؛ جنهن کيس ڏسي چيو، ته ”ابا! اسان تنهنجي ئي انتظار ۾ هئاسين !!“ ائين چئي کيس ڀاڪر ۾ وٺي، وڃي ڪچهريءَ ڪرارو ڪيس. پوءِ احوالن بعد معلوم ٿيس، ته سندس ٻانهن انهيءَ بزرگ جي حوالي ٿيڻي هئي؛ جنهن جو نالو ”سخي قبول محمد (ثاني) هو. پوءِ ته سمورا دنيا جا درڪ وساري، ڪيترو وقت مرشد وٽ ترسي پيو. مرشد جي دعا سان آخر وڏي مان ۽ مرتبي وارو ٿيو. ملازمت مان واندو ٿي، حيدرآباد ۾ ”سچل سرمست“ نالي هڪ اسڪول جو پايو وڌائين، جيڪو وڌي سائنس ڪاليج جي درجي تي رسو. سندس شاخون نوابشاه ۽ راڻيپور ۾ کوليائين. وٽس جيڪا به پونجي هئي، اها مسلمانن جي تعليم تي خرچ ڪيائين.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org