سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :11

جيئن ته پاڻ ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ حساس طبع هو؛ انهيءَ ڪري زماني جي اکرن ۾ اڙجي نه پيو. ڪجهه عرصو پاڙي جي قاضين جي حويليءَ ۾، قاضي گل محمد ”گل“ وٽان فارسي، عربي ۽ سنڌيءَ جا ابتدائي ڪتاب پڙهيو، پوءِ ڪائنات جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذڪاءَ وسيلي جاکوڙ ڪندو رهيو. وٽس ديوان حافظ، مثنوي رومي، ڪليات سعدي ۽ رسالو شاه عبداللطيف ڀٽائي رح هميشہ موجود هوندا هئا. ازانسواءِ عربي لغت ”قاموس“ به، سندس نظرن ۾ پئي ڦري. سندس حافظو ايترو ته تيز هو، جو ڪنهن به لفظ جي معنيٰ ته ٺهيو، پر صفحو به برزپان ٻڌائيندو هو. بالخصوص مثنويءَ جو سبق پڇاڙيءَ تائين پنهنجي ڀاڻيجي، سيد قادر شاه کي ڏيندو رهيو. ذريعي معاش لاءِ، شاه نور الله نوريءَ جي درگاه لڳ پوکي راهي به پاڻ ئي ڪندو هو.

جوانيءَ ۾ هند - سنڌ جو سفر ڪندي، اجمير، جهونا ڳڙهه، ڪڇ، جوڌپور، جئپور، هنگلاج، گرنار، آبو جبل ۽ ٿرپارڪر به گهميو. آبو جبل تي چلو به ڪڍيو هئائين. واپسيءَ وقت سندس عمر چاليهن سالن کي پهتل هئي. پوءِ ته دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي؛ اوتاري جي هڪ ڪنڊ کان ويهي، خدا جي ياد ۾ مشغول رهيو. روزانو وڏي اسرا ٿي، شاه محمود جي درگاه تي حاضري ڏئي، پوءِ اوتاري تي اچي چونڪي ڀريندو هو.

سيد مصري شاه جهڙو ئي سندس مٺو نالو هو، تهڙو ئي طبيعت جو سٺو هو. ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليائين. هميشہ پاڻ کي ”ٻانهيءَ جو ٻار“ سڏيندو هو. پاڻ موسيقيءَ جو ماهر هو ۽ پنهنجي طالبن کي به راڳ جي سکيا ڏيندو هو. سندس سمورو ڪلام صوفيانه مسئلن جي تشريح آهي. البته انساني مزاج، فطرت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو به تجربو ڪٿي ڪٿي پيش ڪيو اٿس. ”ڪافين“ کانسواءِ ”غزل“ به چيا اٿس؛ جن ۾ تغزل جو جاءِ بجاءِ رنگ نظر اچي ٿو. نهايت خوبصورت ۽ مناسب تشيهن سان حسن ۽ عشق جو ذڪر به دلڪش انداز ۾ ڪيو اٿس.

سيد مصري شاه، عام صوفين جيان ”الست جو عهد“ جو ذڪر به پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي؛ چوي ٿو:

سيد مصري شاهه جي بزرگي ۽ شهرت هن حقيقت ۾ سمايل آهي. جو هن پنهنجي ٻاجهاري ٻوليءَ جي وسيلي سنڌ سونهاريءَ جي خاص توڙي عام ماڻهن خيالن ۽ افڪارن جي چڱي خاص ترجماني ڪئي آهي. سندس زبان ۾ اها سلامت ۽ صفائي، اها شيريني ۽ شيوائي، اها لطافت ۽ نزاڪت، اها اونهائي ۽ پهنائي رکيل آهي. جو پڙهيل سواءِ دفت جي کيس پڙهي پر جي سگهن ٿا. جهانگي جهنگن ۾ جهڄندي، ڌنار رڍن چاريندي، هاري هر ڪاهيندي، زالون ان پيهندي ۽ هنڌ سوريندي؛ پورهيت پورهيو ڪندي غريب ۽ شاهوڪار، اعليٰ ۽ ادنيٰ، هندو ۽ مسلمان سندس بيت جهونگاريندا رهن ٿا.

سندس وفات حسرت آيات 5 صفرالمظفر 1235 هه مطابق 19 آگسٽ 1906ع تي ٿي. کيس شاه محمود جي درگاه لڳ، اترين طرف سپرد خاڪ ڪيو ويو. جوڌپور جي مريدن، پنهنجي ملڪ مان ڳاڙهو پٿر آڻي. مرقد جوڙيائونس. پڇاڙيءَ تائين کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو؛ جنهن ڪري سيد فتح علي شاه جو پٽ، سيد علي غلام شاه سندس گاديءَ تي ويٺو. ”ڪليات مصري شاه“ نالي سنڌي، هندي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي نظمن، ڪافين، واين ۽ بيتن تي مشتمل سندس ڪلام جو مجموعو آهي، جيڪو جولاءِ 1961ع ۾ ”مصري شاه، ميموريل ڪو آپريٽو ڪائونسل نصرپور“ طرفان مقبول احمد ڀٽيءَ شايع ڪرايو آهي.

سيد ميران محمد شاهه (اول)

[ 1829ع – 1892ع ]

سيد ميران محمد شاه (اول) ولد سيد محمد شاه، 12 صفر المظفر 1245 هه مطابق 29 آگسٽ 1829ع تي ضلعي حيدرآباد، تعلقي گونيءَ جي ڳوٺ ”ٽکڙ“ ۾ ڄائو. سندس جد- امجد سيد امير علي شاه، تيمورلنگ سان گڏجي، سنڌ جي مٽيارن ۾ اچي آباد ٿيو. جتان ٻارهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ لڏي ٽکڙ وڃي وسايائين.

سندس خاندان مان، سيد محمد شاه ڪامل بزرگ، حاذق حڪيم ۽ فارسي زبان جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. سندس لائق فرزند، سيد ميران محمد شاه فارسي، عربي، هندي ۽ سنڌي زبانن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ رکندو هو – 1854ع ۾ بي – اي ۽ 1857ع ۾ ايل ايل – بي جون سندون ورتائين. پاڻ نهايت ئي اورچ انسان هو ۽ طب جي سکيا پنهنجي وڏن ورتي هئائين. انگريزن جي اوائلي زماني ۾ وائسراءِ جو مير منشي، پوءِ حيدرآباد ۾ سيشنس جج جي آفيس ۾ سرشتيدار مقرر ٿيو. ڪجهه وقت بعد ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ به بڻيو.

آخر تجربي جي آڌار تي سرڪاري ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين، ستن سالن جي انهيءَ لڳاتا مشق بعد، خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جي اسرار تي وڪالت ڇڏي، حڪمت ڪرڻ لڳو. خدا وند سندس هٿ ۾ وڏي شفا رکي هئي، جنهن ڪري لاعلاج مريض به وٽائنس نو بنا ٿي نڪتا. صوم صلوات جو پابند ۽ پڪو سني مسلمان هو.

واندڪائيءَ جي وقت ۾ مطالع ۾ مشعول رهندو هو. آخر دوستن جي چوڻ تي ڪتاب به لکڻ شروع ڪيائين. سندس ٽي تصنيفات : ”سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو جي ڳالهه“، ”مفيد الصبيان“ (1861ع آکاڻيون) ۽ ”آڪاشي نروار“ (1867ع، مضمون ملن ٿيون.

جيتوڻيڪ ميران محمد شاه جو تعلق ”مٽيارن“ سان هو، ان ڪري سندس عبارت به ٺٽوي بزرگن جيان معلوم ٿئي ٿي. زبان با محاورا ۽ آسان استعمال ڪئي اٿس. البته لاڙ جي لهجن ۽ تشبيهن سببان، اڄ اسان کي دفيق ٿي محسوس ٿئي ۽ ڪيترن ئي لفظن جو ته مفهوم به نرالو پيو نظر اچي. سندس سموري تحرير عربي – سنڌي صورتخطيءَ تحت آهي – 1889ع ڌاري حج بيت الله شريف جي زيارت به ڪيائين. واپسيءَ تي، زيابيطس جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو. آخر 12 شوال 1309 هه مطابق 9 نومبر 1892ع تي خدا کي پيارو ٿي ويو.

 

سيد ميران محمد شاهه ”مير“

[ 1898ع – 1963ع ]

مٽياروي ساداتن جي خاندان جو چشم و چراغ، سيد ميران محمد شاهه ”مير“ ولد سيد حاجي زين العابدين شاه بن سيد ميران محمد شاه (اول)، 22 ذوالعقد 1316 هه مطابق 19 مارچ 1898ع تي ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم ۾ قرآن پاڪ، عربي ۽ سنڌيءَ جا ڪجهه ڪتاب، ٽکڙ جي ملا مڪتب ۾ حافظ محمد يوسف ۽ حافظ محمد هارون ”دلگير“ جن وٽان پڙهيو. اٺن ورهين ۾ ماءُ جي موڪلائڻ تي، هيڻو ٿي پيو. تاهم به پڙهڻ کي چهٽيو رهيو. آخر 1910ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخلا ورتائين، جتان 1917ع ۾ بي-اي جي پهرين ڊگري وٺي، بمبئي روانو ٿيو؛ ۽ 1923ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج بمبئيءَ مان قانون جو امتحان خير خوبيءَ سان پاس ڪري، 1924ع کان حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ ساڳئي سال حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر به منتخب ٿيو.

ٽکڙ، جيڪو صدين کان علم ادب جو سرچشمو رهيو آهي، اتي سيد صاحب علامه اسدالله شاه ”فدا“ ۽ حافظ حيات شاه ”حيات“ جهڙن قابل استادن جي شفقت هيٺ سخن گوئيءَ جي ميدان ۾ لٿو. پوءِ ته ڪافي ڪلام سندن نظر فيض اثر هيٺ جوڙيائين.

1926ع ۾ ميران صاحب کي ضلعي اسڪول بورڊ جو پهريون چيئرمين بڻايو ويو. 1928ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر ـ 1929ع ۾ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ مقرر ٿيو. سنڌي کي بمبئيءَ کان علحدگي ڏيارڻ ۾ سيد صاحب ”سائيمن ڪميشن“ (Symon Commission) ۽ لوٿين ڪميٽي“ (Lothian Committee) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ”سنڌ جدا ڪانفرنس“ ڪوٺائي، سنڌين کي بيدار ڪيائين. نتيجي طور سندس سعيا ساب پيا؛ ۽ آخر اپريل 1936ع ۾، نوي سالن جي ماتحتيءَ کان پوءِ ننڍي کنڊ جي نقشي تي ”سنڌ“ علحده صوبو ڏسڻ ۾ آيو  1937ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو – 1938ع ۾ اسپيڪر ۽ 1948ع ۾ وزير جي عهدي تي وڃي پهتو. ڪجهه وقت اسپين ۾ پاڪستان پاران سفير ٻه ٿي ڪم ڪيائين. 1954ع ۾ ”ڪراچي امپرومينٽ ٽرسٽ“ ( Karachi Improvement ) جو چيئرمين ۽ 1957ع کان ايگريڪلچرل بئنڪ آف پاڪستان جو چيئرمين مقرر ٿيو.

علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض، سيد صاحب کيرون لهڻيون؛ جنهن ”سنڌي مسلم سوسائٽيءَ تحت ڪافي بهترين ڪتاب ڇپرائي، سنڌي زبان ۽ ادب کي وسعت ڏنائين. ادبي گڏجاڻيون ۽ مشاعرا وغيره ڪرائي، ادب جي خوب خدمت ڪيائين – 1941ع ۾ سنڌ سرڪار جي سهڪار سان سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ”سنڌي مرڪزي بوزڊ“ قائم ڪرايائين، جنهن کي 1951ع کان نئين سر تشڪيل ڏنائين، ۽ اڄ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي، پاڻ ان جو ڏهه سال بنيادي ميمبر به ٿي رهيو آهي. ازانسواءِ پنهنجي وزارت واري زماني کان جيڪا، سنڌ جي صوفي شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي سالياني ورسي ملهائڻ جي ڪوشش ورتائين، اها سندس غير فاني يادگار رهندي سندس ئي ذاتي ڪوشش سان ”سنڌ يونيورسٽي“ وجود ۾ آئي.

سيد ميران محمد شاهه، جيئن ته پاڻ به هڪ سٺو اديب ۽ شاعر هو؛ نثر خواه نظم تي کيس درڪ حاصل هو. ”گنجي ٽڪر جو سئر“ ۽ ”دل جي طلب“ ، سنڌي زبان ۾ سندس بهترين شاهڪار آهن. سخن جي سلسلي ۾ ڪافيون ۽ غزل سندس پسنديده صنف رهيا آهن. افسوس کيس حياتيءَ مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري 14 جمادي الاول 1383 هه مطابق 16 نومبر 1963ع تي، شام جو حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. ”ڪليات مير“ نالي سندس 43 ڪافين جو مجموعو پڻ منظر عام تي آيل آهي.

شاهه گودڙئو رح

[ 1259ع – 1321ع ]

سيد عبدالله شاه عرف ”گودڙئو فقير“ ولد حيدر شاه بخاري، اصل بلخ بخارا جو رهاڪو هو. روايتون آهن، ته سندس والد بزرگوار کي نرينه اولاد ڪا نه ٿيندي هئي؛ جنهن ڪري وتندو هو درويش جون دعائون حاصل ڪندو. هڪ ڏينهن خبر پيس، ته لعل شهباز هتي اچي نڪتو آهي، پوءِ ته وٽس وڃي گوڏا کوڙي، کانئس دعا پنيائين.

چوڻ ۾ اچي ٿو، ته لعل سائينءَ کيس دعا ڪئي هئي، ان کان پوءِ ستت ئي کيس عدم ۽ عبدالله نالي ٻه پٽ ٿيا. عدم وڏو بادشاهه ٿيو، جيڪو ”سلطان عدم“ جي نالي سان مشهور آهي، ۽ ٻئي پٽ عبدالله شاه (ولادت غالباً 658 هه مطابق 1259ع ڌاري)، تارڪ الدنيا ٿي، فقيري اختيار ڪئي.

سيد عبدالله شاه جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو، تڏهن روحاني رهبر جي تلاش ۾ نڪتو. آخر ايران ۽ افغانستان کان ٿيندو، اچي سنڌ ۾ سهڙيو، جتي معلوم ٿيس، ته قلندر لعل شهباز سيوهڻ شريف ۾ اڳ، ئي پهچي چڪو آهي. پوءِ ته سڌو سيوهڻ جو رخ رکي، اچي لعل سائينءَ جي قدمن تي ڪريو. هينئر لعل سائينءَ جي صحبت ۾ رهي، سندس پٺيان گودڙي کنيو هلندو هو. انهيءَ ڪري ”گودڙئو فقير“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

شاه گودڙئي کي لعل سائينءَ وٽان ڪافي فيض مليو هو. لعل سائينءَ جي حياتيءَ تائين ته ساڻس گڏ رهيو، پر وفات کان ويهارو ورهيه پوءِ به سيوهڻ ۾ سندس سڪونت رهي. نه معلوم پوءِ ڪهڙي خيال کان خيرپور ناٿن شاه (تعلقو ميهڙ) کان اچي نڪتو، جتي چند گهڙيون گهاري، جبل طرف رخ رکيائين ؛ تان ته فريدآباد ٽپي، اڃا اڳتي وڌيو

شاه صاحب، پهاڙن جي پستن ۾ رهندي، آخر 61 ورهين جي ڄمار ۾، 721 هه مطابق 1321ع ڌاري اتي ئي وفات ڪئي. مٿس عاليشان مقبرو جڙيل آهي، جتي ڪيترائي زائرين پنهنجين مرادن ماڻڻ لاءِ ، پهاڙن جي اڙانگن پيچرن کي لتاڙي، وٽس پهچن ٿا. مٿس ساليانو ميلو به لڳندو آهي. پاڻ پوري ڄمار لعل سائينءَ جيان مجرد رهيو. سندس ڪيترائي عقيدتمند ۽ صحبتي بڻيا، جن مان فقير آلي سائينءَ جو نالو قابل ذڪر آهي، جيڪو پڻ قلندر جي پيارن طالبن مان هو.

تعلقي ميهڙ جي عوام جي پرزور مطالبي تي، سنڌ حڪومت درگاه تائين صاف پيئڻ جي پاڻي پهچائڻ ۽ زائرين لاءِ سوارين جي سهولت لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا آهن؛ جنهن ڪري اڳ کان زياده درگاه تي آسانيءَ سان پهچي وڃن ٿا.

شاهه عبدالڪريم بلڙي رح

[ 1538ع – 1622ع ]

ارغونن جي دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر، سيد عبدالڪريم ولد سيد الله عرف لعل محمد پنهنجي قوت جي بزرگ هستيءَ ۽ اهل الله صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سنڌي شعر جو هو ”واهائو تارو“ مٽيارين جي شهر ۾ 21 شعبان 944 هه مطابق 1538ع تي تولد ٿيو. سندس وڏا، بادشاه تيمورلنگ سان گڏجي هرات کان سنڌ م آيا هئا، سيد صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي بزرگن وٽان ورتائين، جيڪي پڻ وقت جا جيد عالم ۽ اهل الله صوفي بزرگ هئا.

سيد صاحب ڪجهه وقت مخدوم نوح رح جي صحبت ۾ به رهيو، پر پوءِ سيد ابراهيم شاه بخاري رح کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري ورتائين. پاڻ جوانيءَ کان پيريءَ تائين گهڻو سير سفر ڪندي، لاڙ، وچولي ۽ سري جو به سير ڪيائين. هوڏانهن دهلي، دکن ۽ گجرات به واسيائين. زندگيءَ جو ڳچ حصو بلڙيءَ جي شهر ۾ گذاريندي، معتقدن ۽ عقيدتمندن جي تعداد ۾ خاصو اضافو ڪيائين.

پاڻ هميشہ رياضتن، مجاهدن، فاقين، اوجاڳن ۽ عبادتن ۾ گهاريندي پنهنجي جان جهوري وڌائين، جنهن ڪري 88 ورهين جي ڄمار ۾، 7 ذوالقعد، آچر جي رات سانجهيءَ ٽاڻي، 1023 هه مطابق 1922ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس مزار پر انوار عاشقن جي زيارت لاءِ بلڙيءَ ۾ موجود آهي.

سنڌي شاعريءَ جي عمارت ۽ قدامت جي لحاظ کان سيد صاحب کي پهريون پٿر کڻي نه به چئجي؛ تاهم به کيس بنيادي حيثيت ضرور حاصل آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ سيد صاحب کي اها اهميت حاصل آهي، جيڪا انگريزي شاعريءَ ۾ ”چاسر“ ۽ پارسي شاعريءَ ۾ ”رودوڪيءَ“ کي مليل آهي. سندس سمورو ڪلام بيتن (ڏوهيڙن) جي صورت ۾ آهي، جنهن جو ڳاڻيٽو صرف 94 چيو وڃي ٿو.

سندس شعر جو بنياد ”هندي چند و ديا“ جي اصولن تي ٻڌل آهي، جيڪو ”تصوف“ جي رنگ ۾ رچيل ۽ سلوڪ جي واٽ ۾ نهايت پر اثر نوع ۾ نروار نظر اچي ٿو. توحيد، وحدت، در ڪثرت، استغراق، حيرت ۽ وصال وغيره جهڙا باريڪ بين نڪتا نهايت ڪمال خوبيءَ سان بيان ڪيل آهن؛ جنهن ڪري سندس ڪلام مان جدت ۽ انفراديت پئي بکي. کيس سنڌ جو پهريون جديد شاعر ڪري چئجي، ته بجاءِ ٿيندو، ڇاڪاڻ جو سماج ۽ ماحول جي ترجماني ڪندي، وطن جي ريتن رسمن، رواجن ۽ ڌنڌن ڌاڙين جوپ جاءِ بجاءِ ذڪر آندو اٿس. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:-

”وحدت الوجود“ جو ڪامل درويش ۽ صوفي طريقي جو سرتاج شاعر، شاه عبداللطيف ولد سيد حبيب شاه، ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ 1102 هه مطابق 1689ع ڌاري ”هالا حويليءَ“ ۾ ڄائو هو . سنڌ جي مٽياري سادات ۽ صابرين بزرگن، سيد عبدالڪريم شاه رح جو تڙپوٽو هو. سندس والد وقت جو وڏو عارف، صوفي ۽ عالم هو، ۽ سندس والده شاه ڌياڻيءَ جي نياڻي هئي. سندس ننڍپڻ ڪوٽڙي مغل ۾ گذري. ظاهري علم جي تحصيل لاءِ وائيءَ واري آخوند نوري محمد ڀٽيءَ جي کتابخاني ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، جتي صرف ”الف“ جي اکرن کان اڳتي نه وڌيو.

جوانيءَ جي جوڀن ۾ پهچي، مغل بيگ ارغون جي چائنٺ چڙهي، سندس نياڻي ”سيده بيگم“ سان نينهن جو ناتو جوڙيائين. حالانڪ انهيءَ مجازي محبت ۾ کيس ڪافي دشواريون به پيش آيون؛ مگر مستقل ارادي رکڻ سان، نيٺ ڪاميابيءَ سندس قدم چميا. ڀائنجي ٿو، ته سيد صاحب کي شاعراڻو شوق به انهيءَ واقعي کان پوءِ ئي جاڳيو آهي.

اسين انهيءَ ڳالهه کان به هرگز انڪار ڪري نه ٿا سگهون، ته سيد صاحب عالم ۽ فاضل نه هو. سچ پچ هو علم جو سرچشمو ۽ استادن جو استاد هو. هن، ڏاتر جي ڏات وسيلي ٻين کي به مستفيض ڪيو. سندس زندگي فقيراڻي نوعيت ۾ گذري. وجد ۽ مستيءَ جي حالت ۾ جهنگ منهن ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته انهيءَ ڪيفيت ۾ شعر به چوڻ لڳو. پوءِ ته جلدئي ڪوٽڙي مغل کي الودائي چئي نون هالن جي ڀرسان اچي ”ڀٽ“ (1) ڀيڙو ٿيو.

سيد صاحب، سنڌي خواه هند جو ڪافي سير سفر ڪيو آهي. کنڀات، جيسلمير، گرنار، ڪيچ مڪران؛ لاهوت ۽ ڀنڀور جا تاريخي مقامات به چڱيءَ طرح گهميو آهي. کيس آخري وقت ۾ حضرت سيدنا امام حسين عليہ السلام جي زيارت جو شوق ٿيو، پوءِ جيئن ئي انهيءَ ارادي سان اسهيو، ته واٽ ويندي ڪنهن راهگير چيس، ته ”اوهان ته چوندا آهيون، ته ڪفن دفن ڀٽ تي ٿيندو، سو هينئر وري ڪيڏانهن رمي رهيا آهيو!؟“ انهيءَ پڙاڏي کيس پوئتي موٽايو. پوءِ ته حويليءَ واري مسجد شريف ۾ ايڪويهه ڏينهن عبادت ۾ رهندي، 63 ورهين جي ڄمار، 14 صفرالمظفر، سومر جي رات، سانجهي ٿاڻي، 1165 هه مطابق 1752ع تي رب کي پيارو ٿيو. سندس مزار پر انوار ڀٽ شاهه تي، سندس والد بزرگوار جي پيرانديءَ کان، مريدن، خادمن، عقيدتمندن ۽ معتقدن لاءِ زيارت گاه بڻيل آهي. وقت جي حاڪم ميان غلام شاه ڪلهوڙي 1167 هه مطابق 1754ع ۾ مٿانئس، نامياري ڪاريگر عيدن رازي کان مقبرو جوڙايو آهي.

شاه سائين رح جهڙو ڪامل ولي ۽ عظيم صوفي شاعر سنڌ اڃا ڪو نه پيدا ڪيو آهي. سندس ڪلام سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جو تفسير ۽ ملڪي زبان ۾ ناياب تعمير آهي، فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت، رس، رچاءُ، رواني، جوش، جذبو ۽ ولولو سندس ڪلام جون خاص خوبيون آهن. اهڙو ڪوبه سنڌي ڪونهي؛ جنهن جي ڪن تي سندس ڪلام جو پڙاڏو نه پيو هجي. سندس شاعرانه خستوريءَ جي خوشبوءِ سنڌ ته ٺهيو، پر ولايت وارن کي به واسي ڇڏيو آهي. هي پهريون ئي سنڌي شاعر آهي ؛ جنهن جي ڪلام ۾ بيڪ وقت سموريون خوبيون ملن ٿيون.

سندس ڪلام ۾ حسن جون هاڪون، عشق جون صدائون، تصوف ۽ وحدانيت جا متا ۽ واکاڻ ملي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو سيد صاحب جو ڪلام صوفيانو، ناصحانو، عاشقانو، طبيعي، رزميه، مدحيه ۽ ظريفاني انداز ۾ رقوم آهي. پاڻ شريعت جي ڏاڪي مان طريقت، حقيقت لنگهي معرفت جي ماڳ تي پهتو. ”فنافي الشيخ“ مان اچي ”فنافي الرسول“ مان تار تري ”فنا في الله“ ۾ پهچي، ”بقا با الله“ جي درجي تي وڃي رسيو.

سندس مڪمل ڪلام آهي، جنهن کي ”ڀٽائيءَ جو رسالو“ چوندا آهيون. منجهس ٽيهن سرن تي بيت تربيت ڏنل آهي. هر هڪ سر جي آخر ۾ ”وائي“ پڻ ڏنل آهي. نموني طور هڪ بيت ملاحظه فرمايو:-

”تون حبيب، تون طبيب، تون دارونءَ کي دردن؛

تون ڏئين، تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن،

تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن اَمر ڪر هو اُن کي.“

شاه عنايت الله رضوي رح

[ 1624ع – 1712ع ]

شاه عنايت ولد شاه نصرالدين بن شاه عثمان رضوي رح، مغلن جي موڪلاڻيءَ واري زماني ۾، غالبن 1035 هه مطابق 1624ع ڌاري ڳوٺ نصرپور ، ضلعي حيدرآباد ۾ تولد ٿيو. پاڻ اڃا ٻاراڻي اوستا ۾ ئي هو، ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد احمد شاه جي سرپرستيءَ ۾ رهيو. انهن ڏينهن ۾ فارسي زبان، رضوي ساداتن وٽ عام مروج هئي. انهيءَ بناءَ تي اهو گمان غالب آهي، ته شاه عنايت کي به فارسي زبان جي ڀليءَ ڀت واقفيت هوندي. باقي اهو ڪٿان به معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ته پاڻ ڪنهن استاد آڏو گوڏو ڀڃي درس ورتو هجيس.

ننڍپڻ کان ئي خود خيال، رسمي پابندين کان طبياً بي نياز، ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ راڳ جو شوقين هو. اڪثر سندس صحبت ميراثين (لنگهن) سان رهي آهي. پندرهن ورهين جي ڪچ بالغي عمر ۾ (1050 هه= 1640ع) ۾ شادي ڪيائين . جوانيءَ ۾ وهٽن ڌارڻ جو وڏو شوق هوس؛ جنهن کي پوءِ صوفين جي محبت سببان ترڪ ڪري ڇڏيائين؛ جنهن ڪري درويشن جي زيارتن، مريدن جي محفلين ۽ بزرگن جي گڏجاڻين ۾ وقت صرف ڪرڻ لڳو.

شاه صاحب ”قادري طريقي“ جي بزرگن کان فيض حاصل ڪندي، سيد خير الدين شاهه رح (وفات سکر 27 رمضان المبارڪ 1027 هه = 1617ع) کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري ورتائين، جيئن ته سيد صاحب جي ولادت کان اڳ بزرگ، الله کي پيارو ٿي چڪو هو؛ انهيءَ ڪري شاه صاحب، ارادت ۽ عقيدت ۾ ”اويسي طريقي“ مطابق، تصوف جي راه ۾ رسمي پابندي اختيار ڪئي هئي.

شعر و شاعريءَ جو شوق کيس جوانيءَ جي موٽ بعد ٿيو. خاص ڪري سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، حضرت عبداللطيف ڀٽائي رح جي صحبت کان سنڌي شعر ۾ وسعت ورتائين. سندس هنڌي ابيات مختلف سرن تي مشتمل آهن. جن ۾ ”وحدت الوجود“ واري واٽ ورتل آهي. سندس خيال هو، ته ”جڏهن پاڻ وڃائبو، تڏهن ئي محبوب جو مشاهدو ماڻبو“ . سيد صاحب ڪلام جي تربيت ۾ نئين هيئت کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ”وائيءَ“ جو لفظ پهريائين پهريائين سندس شاعريءَ ۾ ملي ٿو. خود شاه لطيف رح جي ڪلام تي به سيد صاحب جو وڏو اثر رهيو آهي، ايتري تائين جو سرن جي تربيت به لڳ ڀڳ ساڳئي آهي.

شاه عنايت تقريباً نوي ورهين جي دراز عمر ۾، غالباً 1125هه مطابق 1713ع ڌاري رحلت ڪئي آهي. سندس آخرين آرام گاه ٽنڊي الهيار کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي، اتر طرف ڳوٺ ڀرول شاه لڳ ”موسو آهنداني قبرستان“ ۾ پنهنجي والد سان گڏ ٿيو. پٺيان ست پٽ ۽ چار نياڻيون ڇڏيائين، جيڪي ”لکمير“ نالي ڳوٺ ۾ سڪونت پذير آهن.

سنڌي زبان جي هن ڪامل شاعر جي سنڌي ڪلام کي سنڌ جي مورخ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ جي سهڪار سان، 1963ع ۾ شايع ڪرايو آهي. نموني طور سندس ڪلام مان هڪ بيت هيٺ ملاخطه فرمايو:-

”رنڊا جني رهڙيا، محبت پائي من؛

تني سندي سٽ کي، صرافن ئي سڪن؛

سي کڻي هٽ نه وڃن؛ ان جو گهر ويٺي ئي اگهيو.“

شاهه لطف الله قادري رح

[ 1611ع – 1680ع ]

شاه لطف الله ولد سيد حبيب الله قادري، ارغونن جي دور جو سيد عبدالڪريم رح کان پوءِ، بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت خيرپور ميرس جي ڳوٺ ”پريالو“ 1020 هه مطابق 1611ع ۾ ٿي. ڪجهه وقت بعد باقبائل لڏي ”اڳهم“ ڳوٺ ۾ باقاعدگيءَ سان رهڻ لڳو. نهايت نيڪ نيت، باعمل، عارف، ڪامل ۽ عالم هستي ٿي گذريو آهي. ظاهري علم ديني درسگاهن مان حاصل ڪندي، ”قادري طريقي“ جي بزرگن وٽان فيض ورتائين.

پاڻ وقت جي جيد عالم هجڻ سان گڏوگڏ ظاهري خواه باطني علوم ۾ ڪماليت جي درجي تي پهتل هو. سندس شهرت سنڌ جون حدون اورانگهي، ڏور ولايتن تائين پهتل هئي؛ جنهن ڪري ڪيترائي سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. زندگيءَ جو ڳچ حصو درس و تدريس ۾ صرف ڪندي، سوين سالڪن کي علم جي درياه مان سيراب ڪيائين، جيڪي وڏا عالم، فيض ۽ مجدد بڻيا. اسلام جي تبليغ ۾ حق گو مجاهد هو. اگرچ سندس طبيعت ۾ عجز ۽ نياز زياده هو، مگر جابر کان جابر ۽ ظالم کان ظالم امير کي به قرآن ۽ حديث موجب حق سچ چئي ڏيڻ ۾ دير نه ڪندو هو.

عربي ۽ فارسيءَ ۾ کيس وڏي دسترس حاصل هئي. فارسي زبان ۾ ٻه ڪتاب ”تحفه السالڪين“ ۽ منهاج المعرفتہ“ سندس علمي ڏات جي ساک ڀرين ٿا. ازانسواءِ سنڌي شاعريءَ ۾ سندس ڪافي ڪلام چيل آهي، جيڪو زماني جي ستم ظريفيءَ ۽ بي قدريءَ سبب ضايع ٿي ويو آهي. باقي بچيل ڪلام ( 357 بيت)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرتب ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي طرفان، ”شاه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“ نالي سان 1928ع ۾ شايع ڪرايو آهي.

شاه لطف الله سنڌي شاعريءَ ۾ اعليٰ پايي جو شاعر آهي. سنڌ جا نيم تاريخي داستان توڙي نيون تمشيلون ۽ تشبيهون، تصوف جي رنگ ۾ سندس بيتن جو موضوع رهيا آهن. فني نقطه- نگاه کان سيد صاحب بنيادي شاعر آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان سندس بيتن ۾ قافيو، بيت جي آخري مصرع جي وچ تي ڏنل ملي ٿو. ستر ورهين جي عمر ۾ 1090هه مطابق 1680ع ۾ راه رباني ورتائين. نمونه - ڪلام هيٺ ملاحظه فرمايو:-

ڪي نڱيا ناسوت ڏي، ڪي ملڪوت مڙن،

ڪي جنبيا جبروت ڏي، ڪي لاهوتا لڙن،

ڪي وه پئا وتري، هليو هاهوت وڃن،

آءٌ ٿو پڇان پيڙا، سڌيون سالڪن

اوءِ ڪيهي جال هلن، سيڪڙو سبحان جا.“

 

شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو

[ 1897ع – 1958ع ]

شمس العلماءُ علامه عمرالدين ولد محمد خان دائود پوٽو، ضلعي دادوءَ جي ٺٽي ڳوٺ ۾، 9 شوال 1313 هه مطابق پهرين جون 1897ع تي تولد ٿيو. عام طرح کيس ”محمد عمر“ ڪري سڏيندا هئا. سندس والده ”صفوران“ جنڊ پيهندي هئي ۽ والد بزرگوار هارپ ڪندو هو.

سندس شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. تمام وڏيون تڪليفون وٺي، ايم – اي پاس ڪرڻ بعد ولايت جا وڻ واسيائين، جتان ٽن سال جي مختصر عرصي (1927ع) ۾ ”عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر“ جي عنوان تحت تحقيقي مقابلو (Theses) لکي، ڊاڪٽري سيد ورتائين. پوءِ واپس وري اُستاد بڻيو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه وقت لاءِ ايمبئي گيشوري ڪاليج ۾ عربي زبان جوپروفيسر به ٿي رهيو. آخر سنڌ مدرسه ڪراچيءَ جي پرنسپال کان سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تائين وڃي رسيو. افسوس جو کيس موت مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري 22 نومبر 1958ع تي ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪيائين. وصيلت موجب کيس، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي روضي جي ڇانو ۾ پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو.

رٽاير ڪرڻ بعد، سه - ماهي ”مهراڻ جو ايڊيٽر به ڪجهه وقت رهيو. سندس برپا ڪيل ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ جي سهڪار سان سنڌي زبان ۾ ڪتاب ڇپيا. هڪ اندازي موجب سندس تصنيف وتاليف جو ڳاڻيٽو چاليهن ورهين جي لڳ ڀڳ چيو وڃي ٿو. تاريخ، تنقيد، شاعري، شخصيات، تحقيق، مذهب، علم ادب، تعليم ۽ سنڌي ٻوليءَ بنسبت لکيل مختلف ڪتابن مان : ”شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ (1937ع)، ”ابيات سنڌي“ ( 1939ع)، ”ڪلام گروهرڙي“ (1957ع)، ”مهتاج العاشقين“ (1964ع) ۽ ”سنڌي شعر جي مختصر تاريخ“ لافاني حيثيت رکن ٿا.

علامه صاحب جو سنڌي زبان کان علاوه عربي ۽ فارسي زبانن تي به عبور حاصل هو. آخري وقت ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي تي راتيان ڏينهان نور نچوڙي، هڪ جامع نسخو تيار ڪيو هئائين (جيڪو اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي). پاڻ ادبي ڪانفرنسين ، جلسن ۽ محفلين جو مور هو. سندس نثر نهايت سادو هو، البته تحقيقي مقالا معلومات جي لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿا. موجوده وقت ۾ هر پڙهيل لکيل ۽ علم ادب سان سينگاريل سنڌي زبان جي ڄاڻوءَ تي علامه صاحب جو احسان آهي. سندس عقيدي موجب ”اکر، اَخلاق تي وڏو اثر وجهن ٿا“ – نهايت عالمانه انداز - بيان آهي.


(1) – صوفين جي عقيدي مطابق: شروعات ۾ جڏهن الله تعاليٰ روح پئدا ڪيا هئا، تڏهن روحن کي مخاطب ٿي ”الست بر بڪم“ (ڇا ! مان توهان جو رب نه آهيان !!) جو وعدو فرمايو هئائين روحن بر وقت ”قالو بليٰ“ (هائو) چيو. انهيءَ کي صوفي لغفت ۾ ”الست جو عهدو“ يا ”ميثاق“ چوندا آهن.

(1) – مذڪوره ڪتاب 1855ع ۾ لکيائين، جيڪو پنڊت بنسي ڌر جي اصل لکيل نصيحت آموز هندي قصي ”ڪيڌي ۽ سيڌي“ جو آسان سنڌي زبان ۾ ترجمو آهي. سنڌي ادبي بورڊ، سه ماهي ”مهراڻ“ ( 1 – 1959ع ۾ ) ، سنڌي زبان ۾ هن بنيادي حيثيت رکندڙ ڪتاب کي ٻيهر شايع ڪيو آهي.

(1)– عام طرح کيس ”ميران محمد شاهه (ٻيو) ڪري ڪوٺيندا آهن.

(1) “ ] –North India, Who`s Who - The Mehta Publicity Corporation Lahore, ILLUSTRATED 1942, P. P. [

(1) – سندس ذاتي دلچسپيءَ سببان، سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي سهاري هيٺ ميمڻ محله حيدرآباد ۾ ”مدرسة البنات“ نالي سان هڪ زنانو اسڪول پڻ کولرايائين، جيڪو اڃا تائين قائم آهي.

(1) – هندي زبان ۾ شاعرءَ جي فن – علم کي ”ڇنڊ و ديا“ چئبو آهي. علم عروض جي قاعدن پٽاندڙ هندي ڇند وديا ۾ به اصول ۽ ارڪان ٿين ٿا، جيڪي ”دوها ڇند“ (ٻن مصرعن تي مشتمل ۽ هر هڪ ۾ ٻه پد يا چرن ٿين – پهرين پد ۾ 12 ۽ پوئي پد ۾ 11 ماترائون ٿينديون آهن، ”سورٺا ڇند“ (ٻن مصرعن تي ٻڌل ۽ هر هڪ ۾ ٻه پد ٿين – پهرين پد ۾ 11 ۽ پوئين پد ۾ 13 ماترائون ضروري آهن) ۽ ”دوها – سورٺا ڇند“ (جديد شاعرن مٿين ڇند وديا جي اصولن ۾ ڀڃ گهڙ ڪري، هڪ سٽ دوها جي، ته ٻي وري سورٺا جي استعمال ڪئي آهي) تي ٻڌل ٿئي ٿو.

(1) – ”تصوف“، عربي زبان جي لفظ ”صوف“ مان ورتل آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”ان“ . هن واٽ وٺڻ وارن کي ”صوفي“ (ٿلهي ان پهرڻ وارو) سڏيو ويندو آهي – ”الله تعاليٰ جي راه ۾ پاڻ کي وقف ڪرڻ“ ۽ ”حقيقت کان واقف ٿيڻ“ – تصوف جو روح آهن، تصوف جون ظاهري منزلون : لاهوت، جبرونت، ملڪوت ۽ ناسوت آهن، جيڪي شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي منزلت طرف نين ٿيون. صوفي سڳورا تصوف کي اهم علم سڏين ٿا؛ جنهن کان نفس جي پاڪائي، اخلاق جي اجرائي ۽ ظاهر خواه باطن جي ڄاڻ حاصل ٿيل هجي.

(1) – سنڌ جو هي قديم ڳوٺ، موجوده ڀٽ کان 9 ڪوه وڇوٽيءَ تي واقع هو، جيڪو تعلقي هالا (حيدرآباد) جي حد ۾ اچي وڃي ٿو. موجوده وقت ۾ هي؛ بالڪل ويران آهي – البته سندس ڦٽل نشان ڏسڻ لاءِ باقي آهن. جنهن جاءِ ۾ شاه سائين رح جي ولادت ٿي هئي، اتي هڪ مسجد شريف جوڙائي هئائون، جيڪا اڃا تائين بيٺي آهي.

(2) – انهيءَ مان اها مراد وٺڻ به نه گهرجي، ته شاه صاحب ”اُمي“ (اَڻ پڙهيل) هو. حالانڪ اڪثر وٽس گودڙيءَ ۾: قرآن پاڪ، مثنوي مولانا رومي ۽ شاه عبدالڪريم رح جو رسالو موجود هوندا هئا. انهيءَ ڪسوٽيءَ موجب چئي سگهجي ٿو، ته ”شاه سائين رح جو بحر هو.“

(1) – ”ڀٽ“، جا ڪنهن وقت ويران ۽ واريءَ جي دڙن سان ڏٽي پئي هئي، کٻڙن جون ويڙهيون، ڪرڙن ۽ ڪانڊيرن جا جهڳٽا ۽ ڪراڙ ڍنڍ سان همڪنار هئي، اُتي هن سالڪ جي پير پائڻ سان، اَڄ ڀٽ پوريءَ دنيا ۾ مشهوري آهي.

(1) – ڪتابن ۾ سندس نالو ”عنايت“ آيو آهي.

(2)– تحفته الڪرام (سنڌي، ص – 394) جي حوالي مطابق 1751 هه = 1350ع ۾ سلطان فيروز، ”نصر“ نالي پنهنجي هڪ امير کي ”ساڱري“ جي ڪناري تي قلعو ٺاهڻ جو امر ڪيو هو؛ جنهن تان هن شهر تي ”نصرپور“ نالو پيو آهي.

(1)– معلوم ٿئي ٿو، ته پاڻ ٽي شاديون ڪيائين، جن مان شروعاتي شادي طالب هاليپوٽي جي نياڻي، بيبي ڌڃاڻي – ٻي اسمار هاليپوٽي جي نياڻي، بيبي صحت ۽ آخري ناناڻي ڪهول مان رمضان دل پياڙي مان، بيبي هميءَ سان ٿين.

(1) – ”قادري طريقو“، تصوف جو قديم طريقو آهي؛ جنهن جو باني، سلطان المشائخ ۽ اَهل - طريقت جو سردار، حضرت غوث اعظم محي الدين محبوب سبحاني، قطب رباني، غوث حمداني سيد عبدالقادري جيلاني رح (1078ع – 1166ع) آهي. باقي طريقت (سهروردي چشتي ۽ نقشبندي) جا باني به سڌيءَ طرح خواه اڻ سڌيءَ طرح وٽانئس ئي فيضيات ٿيا آهن.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org