ميان شاهل محمد طريل ڪلهوڙو
[
1593ع – 1657ع ]
ميان شاه علي المعروف شاهل محمد طريل ولد محمد
دائو ڪلهوڙو، 2 صفرالمظفر 1002هه مطابق 21 جولاءِ
1593ع تي، بکر ۾ تولد ٿيو هو. ابتدا ۾ فارسي ۽
عربيءَ جي سکيا ورتائين. جيئن ته ان وقت سنڌ تي
ڪلهوڙن جو دور دوڙي رهيو هو؛ انهيءَ ڪري کيس قابل
استادن جي حوالي ڪيو ويو، ته جيئن هي نينگر به
پنهنجن وڏن جيان ملڪي معاملات ۾ ڀڙ ٿئي. ميان شاهل
محمد ننڍپڻ کان ئي طبيعت کي پنهنجي ڏاڏي ميان آدم
شاه ڪلهوڙي جيان الله لوڪ صوفي درويش، سنتن، ساڌن
۽ گودڙي پوشن سان ريڌل رکيو؛ جنهن ڪري حڪومت جي
ڪمن توڙي راڄڌاني رنجهه ڪنجهه کان گهڻو پاسيرو
رهيو، ويتر من خون سڌون به ماري مات ڪيون هئائين.
هوڏانهن سندس والد به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. هن، نه
ملڪي معاملات ۾ منهن رکيو؛ ۽ نه وري وڏن جي ڇڏيل
ورثي (پيري مريد) کي وڌائي سگهيو. سندس وفات
1009هه (1600ع) بعد ننڍي پٽ، ميان الياس کي مسند
نشين بڻايو ويو. ميان الياس سان حياتيءَ وفا نه
ڪئي؛ جنهن ڪري 1030هه (1620ع) ۾ راه رباني
ورتائين. ڀاءُ ج اوچتي انتقال، ميان شاهل محمد جي
دل کي سخت صدمو رسايو. ان وقت سندس عمر 27 سالن جي
لڳ ڀڳ هئي. پوءِ ته کيس تخت جو حقيقي وارث ڄاڻي،
جيئن تيئن ڪري قوم جي قسمت سندس حوالي ڪئي وئي.
ميان شاهل محمد تخت تي ويهڻ شرط، پنهنجن وڏن جيان
پيري مريديءَ کي وڌائڻ ۾ مشغول ٿيو. زراعت سان کيس
وڏي دلسچپي هئي؛ جنهن ڪري چانڊڪي پرڳڻي (لاڙڪاڻو
ضلعو) ۾ ڪافي زمينو قبضي ڪري، آباد ڪرايائين.
انهيءَ سببان تر جي ابڙن
۽
سانگين
کي
به کانئس سخت شڪايت ٿي، مگر هن حاڪماڻي حشمت ۽
مريدي خادميءَ جي زور تي کين کيڪاريو به ڪونه،
ويتر لاڙڪاڻي شهر جي اولاهين طرف، ميمڻ محل
(لاهوري) ۾، رائيس ڪئنال مان، 1064هه (1653ع) ۾
”گهاڙ واهه“. کوٽائي، ٻنهيطرفن جون زمينو، پنهنجي
زير ڪيون. پوءِ ته هن آدم پوٽي پنهنجي ڏاهپ ۽
طاغوتي طاقتن وسيلي آقي باقي سانگين ۽ ابڙن کان
زمينون کسي، پنهنجي وارثن ۽ خاص خدمتگارن جي حوالي
ڪيائين؛ ۽ پاڻ جيباڻي ڳوٺ ۾ بيپرواه ٿي رهڻ لڳو.
هوڏانهن ابڙن ۽ سانگين کان اهو سٺو نه ٿيو“ جنهن
ڪري ٻي ڪا واه نه واجهائي، ڄام صديق ۽ ڄام جلال
جهڙن ابڙن زميندارن، ميان جا حق وساري، ڀر وارن
زميندارن سان زلجي، بکر جي مثل نواب وٽ دانهين
ٿيا. نتيجي طور مغلن جو وڏو ڪٽڪ، ميان صاحب مٿان
ڪاهي آيو. آخر دوبدو لڙائيءَ ۾ کيس 8 رجب المرجب
1068هه مطابق 15 آڪٽوبر 1657ع تي شهادت جو درجو
ڏياريو. شاعرن انهي مذڪور کي فارسي شعر ۾ هن ريت
بيان ڪيو آهي:
”بہ بعد، وفاتش ڪہ الياس بود، نبيره او جانشين شد
بزود
دين شهر دهيري عمان سن وصال، سراسر گزشت و باآخر
وصال
ڪہ ساهل محمد برادر نشست، بجايش گرفتہ ز سابق گزشت
اراضي بہ سانگين وابره بہ جمر، گرفتہ و داده
عزيزان گبر
…ين جهت جاگيردا ان خفا، باذن- حڪومت ڪشد برخطا
چوبرفت از جهان نام نيڪي ببرد، همان تاج بادگير بر
سپرد“.
ميان صاحب جي شروعات ۾ طبيعت فقيراڻي هئي، مگر سنڌ
سنڀالڻ سان منجهس وڏو ڦيرو آيو. زبان ۾ زيادهه
ميٺاج هوس. فارسي سنڌي زبانن تي ڪافي دسترس رکندو
هو. عالمن ۽ فقيهن جو وٽس وڏو مان هو. ديسي شين
سان محبت هيس. سندس لباس ۾ ڪلاه ، پيرن ۾ سنڌي جتي
۽ تن تي سفيد پهرياڻ پهريندو هو. گهوڙي سواريءَ ۾
به سندس ڪو ڇڊو ثاني هو. ترڻ خواه تلوار بازيءَ ۾
به مٽ ڪونه هوس. شڪار جو شوق گهٽ رکندو هو. البته
ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. حاضر جواب، خوشطبعي، سنجيده،
بااخلاق ۽ نهايت الڻو ملڻو مڙس هو. کانئس پوءِ
سندس ڀائٽيو، ميان نصير محمد تخت ڌڻي ٿيو؛ جنهن
پنهنجي دور ۾ وڏو غلغلو مچايو هو. سندس جابرانه
روش پسگردائيءَ توڙي بااثر زميندارن ۾ وڏي اڻبڻت
پيد ڪري ڇڏي هئي؛ جنهن ڪري 1103هه (1691ع) ۾
جلاوطنيءَ جي ڪيفيت ۾ وفات ڪري ويو.
اُن
زماني ۾ ميان شاهل محمد جو مقبرو، هڪ گهاٽي جهنگ ۽
اٿاهه ٻيلي ۾ هوندو هو؛ جنهن ڪري کٻڙن جي گهرائي ۽
گهاٽائي، مکيءَ جي ٻيلن جيان معلوم ٿيندي هئي.
ازانسواءِ کبڙن جون ويڙهيون پاڻ ۾ اهڙيون ته ڳتيل
هونديون هيون، جو اتان آسانيءَ سان وڃڻ به مجال
هو. اهوئي سبب هو جو پوري پسگردائيءَ ۾ ”ميان شاهل
محمد کبڙن وارو“ مشهور هو. انهيءَ نال سان اڄ به
ڪافي ماڻهو کيس ياد ڪن ٿا. سندس مقبري جي اڏاوت به
ديده زيب آهي. سارو صحن زمردي ۽ فيروزي رنگ جي
پٿرن سان ملبوس هي، جيڪو اڄ تائين آئيني جيان چمڪي
ٿو. قبي جي اڏاوت ڏسڻ سان ائين ٿو معلوم ٿئي، ڄڻڪ
انسانن نه، بلڪ فرشتن جو بڻايل آهي. ٻه صديون گذرڻ
بعد اڄ به ديوارين جو رنگ، رازي جي رمز پيو
ڏيکاري.
اڏاوت ۾ اڌ فوٽ جي ڪمانن تي هيڏو سارو پربت جيڏو
قبو، ڪاريگرن جي ڪماليت جو بي مثال نمونو آهي.
ميان جي مزار تي ٽيهه ئي تاريخون وڏو چهچٽو لڳو
پيو آهي. خاص ڪري مهيني جي پهرين سومر رات پر رونق
ٿئي ٿي. انهيءَ رات ۾ هڪ طرف ڏياٽين سان جڳه مڳ ۽
ٻئي طرف سازن سرودن ۽ يڪتارن وارن جون محفليون خوب
متل نظر اينديون آهن؛ جنهن ۾ ميان جا معتقد حاضرين
کي نصيحت آموز ڏوهيڙا، غزل ۽ ڪافيون وغيره ٻڌائي،
مقناطيسي ڪشش جو سامان مهيا ڪن ٿا. قبي ۾ وري نانگ
– مرلي جي من موهيندڙ آواز تي عورتون خواه مرد
جهومندا نظر ايندا آهن. اهڙي وڻندڙ ۽ دل کي فرحت
ڏيندڙ منظر لاءِ پوري پسگردائيءَ کان شائقين توڙي
عقيدتمند اچي، سر تريءَ تي رکي، خوفناڪ ۽ ڀيانڪ
کبڙن جي ويڙهين کي لوئي لتاڙي، لانگها ٺاهي، اچي
حاضري ڏين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته اهو منظر ايترو وڌي
ويندو آهي، جو جيڪر تر کڻي ڇٽجن، ته هوند هڪ به
هيٺ نه پوي.
هر
ڪم خدا جي حڪمت کان خالي ناهي. قادر جي قدر جهنگلن
۾ منگل مچائي ڇڏيا آهن. سارنگين، سازن ۽ سرودن جو
من موهيندڙ آواز، حاضرين جي دلين تي جادوءَ جو اثر
ڪيو ڇڏي؛ ايتري قدر جو هر فرد موسيقيءَ ۽ نغمن جي
ليءِ تي، جو جتي سو تتي جهومندو ۽ جهولندو نظر
ايندو. ماڻهو
بي جان بتن جيان ويٺي ويٺي ”جيئي ميان شاهل محمد
طريل“ جون صدائون هوا ۾ اڇليندا رهندا آهن. هر سال
7، 8 ۽ 9 رجب المرجب تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان سندس
ميلو منعقد ٿيندو آهي؛ جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان
فنڪار اچي پنهنجو جوهر حرڪائيندا آهن. اڳ ميلي جو
انتظام، ميان شاهه محمد ديدڙ
جي هٿ ۾ هوندو هو. سندس وفات بعد، درگاه تي رهندڙ
فقراءُ هن روايت کي برقرار رکيو پيا اچن.
ميان جو ميلو راڳ ۽ رموز جي خيال کان پنهنجو مٽ
پاڻ آهي. ميلي جو منظر ڏسڻ وٽان آهي. روضي آڏو پيل
ڪشادي ميدان ۾ سوين دوڪان، سرڪسون ۽ ٻيا به عجيب و
غريب تماشا لڳن ٿا، جيڪي ميلي کي دوبالا ڪن ٿا.
جادوگر ۽ مسخرا وري پنهنجي پنهنجي انداز ۾ سحر
بنديءَ جا ڪرشما، تماشبينن کي ڏيکاري، خوب خوش ڪن
ٿا. چوپائي مال جي خريد و فروخت پڻ گرم هوندي آهي.
هوڏانهن سنڌ جا سگهڙ؛ سالڪ، سپورنج ۽ سرويچ بينن ۽
نڙن وسيلي بيت، ڳجهارتون، ڏور ۽ ڳاه وغيره ٻڌائي
خوب محفليون مچائيندا آهن. مطلب ته ميان شاهل محمد
جي مزار تي ٽي ڏينهن اهڙو ته مزو لڳو پيو هوندو
آهي، جو انهيءَ منظور نگاريءَ جو تصور ناظرين وٽ
ٻارهن ئي مهينا چڪر ڪاٽيندو رهي ٿو.
ميان صاحبڏنو فاروقي درازي رح
[
1697ع – 1778ع ]
حضرت عمر فاروق رضه جي ستٽيهين پشت مان، خواجه
محمد حافظ المعروف فقير صاحبڏنو موراڳي ولد
عبدالوهاب فاروقي، صوفي درويش، سخن سنج ۽ اعليٰ
پايي جو شاعر ٿي گذريو آحي. سندس ولادت 14 ربيع
الثاني 1109هه مطابق 15 مئي 1697ع تي، خيرپور ضلعي
جي ڳوٺ گڏيجيءَ ۾ ٿي هئي. اُن زماني جي تقاضا موجب
فارسي ۽ عربي علم جي تحصيل ڪري، ڪلهوڙن وٽ ملازم
بڻيو. کيس ديهه مورهه جو ”فصلي نگهبان“ مقرر ڪيو
ويو. هي عهدو ان وقت جي لحاظ کان اعليٰ منصب
سمجهيو ويندو هو. پنهنجي ذميواريءَ جي سلسلي ۾
جيئن ئي هڪ ڀيري گهوڙي تي چڙهي گهمڻ نڪتو، ته واٽ
ويندي ڪوٽڙي ڪبير ۽ ڏيوڻيءَ جي وچ ڌاري ”صفيه“
نالي هڪ مجذوبه عورت، گهوڙي جي واڳ ورائي ڪجهه بيت
ڏنائينس؛ جنهن جو مطلب هو:
”خدا توکي ٿو ڳولهي؛ ۽ تون وري ڪنهن جي ڳولها ۾
آهين!“
خواجه صاحب اهو جواب ٻڌي واپس وريو. پوءِ نوڪري
ڇڏي جهنگل وڃي وسايائين. اتي خوب چلا ڪڍيائين. آخر
گهڻي زهد بعد سندس ملاقات پيران پير دستگير سيد
عبدالقادر جيلاني رح جياولاد مان شاه عبيدالله
جيلاني رح سان ٿي ؛ ۽ کانئس فيضياب ٿيو.
پوءِ 1133هه (1720ع) ۾ باقبائل لڏي، درازن ۾ اچي
آباد ٿيو. سندس اولاد مان شهنشاه– عشق، شمس
العارفين سراج اللساڪين ۽ هفت زبان شاعر،
عبدالوهاب المعروف ”سچل سرمست رح“ (1739ع–1829ع)
آهي. پاڻ وڏو عابد، زاهد ۽ صوفي فقير هو. غالباً
چاليهه چلا ڪڍيائين. بغدادي بادشاه غوث اعظم سيد
عبدالقادر جيلاني رح (1087ع – 1166ع) جي بزرگيءَ،
فضل ۽ ڪمال مان فيض حاصل ڪيو هئائين. سندس ڪلام
اسلامي اخوت ۽ ساوات جو آئينه دار آهي؛ جنهن جي
وسيلي سنڌ سونهاريءَ جي عام و خاص جي خاصي ترجماني
نظر اچي ٿي. موسيقيءَ سان وڏو لڳاءُ هوس.
سندس طريقو ”قادري“ هو، مگر ”چشتي“ سلسلي موجب
”سماع“ کي به ترجيح ڏيندو هو. چنيه فقير ۽ سبڏنه
فقير سندس خاص الخاص خليفن مان هئا. ايڪانوي ورهيه
زنده رهي، 12 ذوالحج 1192هه مطابق 28 فيبروري
1778ع تي درازن ۾ لاڏاڻو ڪيائين. ميان صلاح الدين
۽ ميان عبدالحق سندس اولاد آهن. سندس ڪلام مان هڪ
ڪافي نموني طور هيٺ ڏجي ٿي:-
ووڙيان ڇو وڻڪار – جيڏيون آهي جيءَ ۾.
صحي
سڃاتم سرتيون – دل ۾ آهه دلدار.
ڪـاڪــيون آهي قلوب ۾ – ڪيچ ڌڻي ڪوهيار.
نـــــاحـق ونـدر ڇـو وڃـان – ڀاڪر ۾ آه ڀتار.
ونحن اقرب ويجهڙو – لڌم لعلن يار.
وفــــــــــي انـــــــــــفـسـکم تــــي – اديون
ڪيم اعتبار.
سـاهـون اوڏو سـپـريـــــــــن – ڪوهه پڇان ٻيو
پار.
”صـــــاحبڏنه“ سمجهو – تن اندر تڪرار.
ميان غلام صديق ميڪڻ رح
[
1844ع – 1905ع ]
عمدت العلماءُ مولانا غلام صديق ولد نور محمد
ميڪڻ
، 4
ربيع الول 1260هه مطابق پهرين سيپٽبر 1844ع تي،
قلات رياست (بلوچستان) جي ڀاڳناڙي ڳوٺ ۾ ڄائو هو.
سندس والد جيد عالم فاضل ۽ قاضي القضات هو؛ جنهن
سرائي پير بخش کهاوٽ جي اصرار ۽ ميروخاني بزرگ
ميان حامد حضوري رح (1798ع – 1873ع) جي چوڻ تي
باقبائل لڏي، اچي شهدادڪوٽ کي مسڪن بڻايو هو.
انهيءَ ڀلي ٻج مان، ميان صاحب جهڙو بلند پايه
عالم، فياض، حاتم صفت ۽ فقيہ انسان پيدا ٿيو. سندس
ابتدائي استاد، خود سندس والد بزرگوار ۽ سندس وڏو
ڀاءُ مولانا گل محمد هئا. روحاني رهبر مولانا غلام
حيدر ڪٽباري قادري رح (1820ع – 1882ع) کي ورتائين.
سندس درس و تدريس کان گهڻا فيصياب ٿيا؛ انهن مان:
علامه حسن الله صديقي پاٽائي رح، مولانا عطاءُ
الله فيروز شاهي ۽ غلام احمد مهيسر جا نالا سر–
فهرست آهن. سندس خاص خليفن ۾: مولانا غلام محمد
ڪمالديرائي، ميان علي شير چانڊيو ۽ ميان عمرالدين
چنو جا نالا ورتا وڃن ٿا. همعصرن ۾: مولانا
عبدالرحمان ساکرو، مولانا محمد هاشم ڳڙهي ياسينوي
۽ مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح جن کي
وساري نه ٿو سگهجي. پاڻ 63 ورهين جي ڄمار ۾، 22
ربيع الاول 1322هه مطابق 16 اپريل 1905ع تي ”درگاه
صديقيه شهدادڪوٽ“ ۾ عالم بقا ڏانهن راهي ٿيو. سندس
تصنيفات ۾ ”علميات صديقي“ (فارسي) ۽ فتوائن تي
لکيل ڪتاب ”جنگ“ شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. پير تراب
علي شاه قنبراڻي (1857ع – 1938ع) سندس ناٺي هو.
ميان غلام صديق رح، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ سنڌي
زبان تي به درڪ رکندو هو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس
ڪافي نعتيه ڪلام چيل هو، جيڪو سندس پونيرن کان
محفوظ ٿي نه سگهيو. هي نموني طور سندس ”مولود“ ڏجي
ٿو:-
هاشمي حبيب جو ٿيون امت تي عطائون،
جلوو جنهن جو جڳ تي، ڪيو موليٰ مٿاهون.
چڙهي نه سگهان چوٽي، اڳيان مارڳ مٿاهون،
موٽج مير مريض تي، ور دوست سڻي دانهون.
حال ڪريان هوت سان، ڏيئي دردن جون دانهون،
سڻي
مون سائل جون، شل آگو هي آهون.
پنان پاڪ رسول کؤن، وڃي دردن دوائون،
پرين کي پسڻ لئي، باسيم سکائون.
سرور! هن ”صديق“ کي ڪريو اڪمل عطائون،
معاف ڪريو مصطفيٰ، منهنجيون خاوند خطائون.
خدا
جي هن پياري ٻانهي ۽ فياض جون ڪرامتون به آهن.
غريبن جو واهرو ۽ مسڪينن جو مددگار هو سادگي سندس
گڻ هئي. ديار - حبيب جي رهواسين جي وڏ ۾ وڏ عزت
ڪندو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته عربي زبان ۾ به سندس
شعر چيل هو، جيڪو اڄ بالڪل ناپيد آهي. طب سان به
گهڻو لڳاءُ هوس.
مير
علي شير ”قانع“
[
1737ع – 1788ع ]
سنڌي جي عظيم، محسن، مؤرخ ۽ شاعر، مير علي شير
”قانع“ ولد سيد عزت الله شاه جي ولادت، ڪلهوڙن جي
دور (ميان نور محمد خان جي ڏينهن) ۾، 5 جمادي
الثاني 1140هه مطابق 28 جون 1727ع تي ٺٽي ۾ ٿي
هئي. سندس بزرگن مان سيد شڪرالله ولد سيد وجيہ
الدين هڪ ڪامل ولي ۽ وڏي بزرگيءَ وارو شخص هو،
جيڪو 927هه (1520ع) ۾ قنڌار مان لڌي، ٺٽي (سنڌ) ۾
اچي رهيو هو. ديني علم ۽ فضل جي لحاظ کان، شاه حسن
ارغون کيس ٺٽي جو پهريون ”شيخ الاسلام“ مقرر ڪيو
هو.
1111هه (1699ع) ڌاري، سنڌ اندر چار سؤ کن ديني
مڪتب ۽ مدرسا قائم ٿيل هئا. مير ”قانع“ به پنهنجي
تعليم جو آغاز ميان نعمت الله ، ميان محمد صادق،
آخوند محمد شفيع ، آوخند ابوالحسن ۽ مولوي مرزا
جعفر شيرازيءَ جهڙن جيد عالمن ۽ ديني خواه دنيوي
علمن جي ڪاملن وٽان ڪيو. اڃا 12 سالن جو مس ٿيو،
ته شعر چوڻ جو شوق جاڳيس. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته انهيءَ
ڪمسن عمر ۾ ”ديوان“ به مرتب ڪيو هائين.کيس وڏو
مطالعو هو – 1171هه (1761ع) ڌاري ميان غلام شاه
ڪلهوڙي وٽ خداآباد (موجوده دادو ضلعو) ۾ ”درٻاري
ليکڪ“ مقرر ٿيو، جتي ”ڪلهوڙا خاندان جي تاريخ“ لکڻ
جو مٿس ڪم سونيپو ويو؛ جنهن کي 1175هه (1761ع) کان
هٿ ۾ کنيائين.
مير
”قانع“ تاريخ کي ٻن نمونن ۾ لکڻ لڳو. نظم ۾
شاهنامي جي طرز اختيار ڪيائين؛ ۽ نثر ۾ وري خالص
ادبي انداز برقرار رکيائين. هي ٻئي ڪتاب اڃا آخري
مرحلن ۾ ئي هئا، ته خدا آباد کي خدا حافظ چئي، ٺٽي
کان اچي نڪتو. غالباً ٻن سالن جي وقفي بعد، 1180هه
(1766ع) ۾ ”تحفته الڪرام“ نالي ڪتاب قلمبند ڪرڻ
لڳو. سندس چاليهه ڪتاب ٻيا به آهن، جيڪي سمورا
فارسي زبان ۾ قلمبند ٿيل آهن. زندگيءَ جو وڏو عرصو
تصنيف و تاليف ۾ رهي، ڪجهه وقت لاءِ ڄام ننگر،
سورت ۽ ڀڄ تائين به سير سفر ڪيو هئائين.
شروعات کان وٺي سندس وڏن جي معاشي حالت بهتر هئي.
هو خوشحال ۽ فارغ البال هئا. کانئس پوءِ به حسب
دستور هي گهراڻو تنخواهون، وظيفا، خلعتون ۽ وڏا
انعام اڪرام چوڙيندو ماڻيندو رهيو. پڇاڙيءَ ۾
1202هه (1787ع) کيس مختلف بيمارين نهوڙي وڌو. سخت
ڪمزوريءَ سببا، ويهڻ بجاءِ ليٽي به لکندو رهيو.
آخري 63 ورهين جي ڄمار ۾، 7 شوال 1202هه مطابق 22
فيبروري 1788ع تي هن عظيم المرتبت اديب، مؤرخ ۽
شاعر ٺٽي ۾ وصال ڪيو. پٺيان ٽي فرزند ڇڏيائين.
سندس شاگردن جو تعداد به گهڻو هو. خود خاندان ۾ ئي
ڪيترا عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيائين.
مير
علي نواز علوي
[
1853ع – 1920ع ]
شڪارپور جي مشهور علوي خاندان جو چشم و چراغ، مير
حفظ الله المعروف علي نواز ولد مير فخرالدين علوي،
17 شوال 1270هه مطابق 24 مارچ 1853ع تي شڪارپور ۾
تولد ٿيو. سندس مؤرث اعليٰ حاجي فقير الله علوي رح
(1688ع – 1780ع) هو. سندس پنجون نمبر پٽ مسيح
العافين مولانا حفظ الله رح (اول) هو، جيڪو پڻ وڏو
عالم، فاضل ۽ صاحب – ڪشف و ڪرامت هو. کيس چار
فرزند هئا، جن مان ٽيون نمبر مير فخرالدين علوي
هو. سندس ٻه پٽ : مير شاهنواز (ولادت 1268هه) ۽
مير حفظ الله عرف مير علي نواز هئا
.
مير فخرالدين اعليٰ درجي جي انساني عظمت ۽ لياقت
جو مالڪ هو. سندس شمار شڪارپور جي برگزيده شخصتن ۾
ٿئي ٿو. پاڻ هزهائين مير علي مراد خان ٽالپر وٽ
وڪيل به ٿي رهيو هو. هڪ اعليٰ درجي جو حڪمي، علم
ادبي ۽ سائنس جو دلداده هو. بنا استاد جي انگريزي
زبان لکي پڙهي ويندو هو. وضع قطع ۽ پوشاڪ مان
پڇاڙيءَ تائين ”افغان“ پيو لڳندو هو. کيس وڏي
جاگير به مليل هئي – 7 جمادي الثاني 1271هه مطابق
31 آڪٽوبر 1854ع تي راه رباني ورتائين .
اهڙيءَ ارباب ڪمال شخصيت مان مير علي نواز علويءَ
نالي شڪارپور جي چمنستان ۾ اُڀريل هي گل، پنهنجي
لازوال مهڪ سان پوريءَ سنڌ کي معطر بڻائي ڇڏيو.
سندس ننڍپڻ واري زماني تي طائرانه نظر وجهڻ سان
معلوم ٿئي ٿو، ته پاڻ ولادت کان هڪ سال اندر يتيم
بڻجي ويو؛ جنهن ڪري زندگيءَ جو باقي سهارو سندس
والده ماجده جو مٿس وڃي رهيو؛ جنهن پنهنجي لاڏلي
جي تعليم و تربيت لاءِ حتيٰ الوسيع موقعا ميسر
ڪيا. ان وقت جي رواج مطابق عربي ۽ فارسي پڙهيل جو
وڏو مان ليکيو ويندو هو؛ جنهن ڪري هن نينگر به
سنڌي تعليم سان گڏ ديني تعليم طرف به توجہ ڏنو. هن
سلسلي ۾ سندس استاد آخوندزاده افغاني هو . وٽانئس
جوانيءَ تائين ڪافي ڪتاب پڙهي، معقول ۽ منقول جو
جيد عالم بڻيو. خاص ڳالهه؛ جنهن مير صاحب کي علمي
دنيا ۾ ناميارو بڻايو، اهو سندس خانداني شهره آفاق
ڪتبخانو هو؛ جنهن جي سهاري سان پنهنجو شمار
هندستان ۾ صف– اول جي عالمن ۽ ڪابرن ۾ ڪرايائين.
سندس وقت جا همعصر عالم ۽ بزرگ : مولانا عبدالغفور
”مفتن“ همايوني رح، مولانا غلام صديق ميڪڻ شهداد
ڪوٽي رح، شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ امام بخش
”خادم“ بدويءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. شڪارپور جي
سياسي زندگيءَ ۾ مير صاحب ”رئيس“ جي حيثيت رکندو
هو. مگر سندس طبيعت اڄ جي اميرن، وڏيرن ۽
سرمائيدارن کان بالڪل مختلف هئي. حالانڪ 1910ع کان
اڳ ڪيئي سال شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو وائيس
پريزيڊنٽ به ٿي رهيو. شهر جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ
وسان ڪين گهٽايائين. آڪٽوبر 1916ع ۾ برطانوي سرڪار
طرفان سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪورٽون قائم ٿيون.
شڪارپور جي ڪورٽ ۾ مير صاحب کي چيئرمين مقرر ڪيو
ويو. سيپٽمبر 1917ع ۾ مسلسل برساتين سببان شڪارپور
۽ ان جي آس پاس وبا، انفلوئنزا، پليگ ۽ موسمي
بخارن اچي منهن ڪڍيو. نتيجي طور وڏي تباهي اچي
ويئي. گهٽين ۽ رستن تي موت جا ماتمي دل ڏاريندڙ آه
و فعان ڪندا رهيا. مگر هن عظيم انسان هڪ سرپرست جي
حيثيت ۾ پنهنجي جان جي به ڪا پرواه نه رکي، رات
ڏينهن عوام جي خدمت ۾ رڌل رهيو. لاوارثن جو وارث
بڻجي سندن چڱيءَ طرح پرگهور لڌائين. مطلب ته اهڙي
مونجهاري جي وقت ۾ به مير صاحب مڙس ٿي پنهنجون
ملڪوتي خصلتون ڏيکاريندو رهيو.
|