کيس
شعر و شاعريءَ جو، شوق ته اڳ ئي هو، ويتر ”خادم“
جي صحبت مٿس وڏو اثر ڪيو؛ جنهن ڪري پنهنجي ذهانت
سان هڪ طرف فائينل جو اِمتحان پاس ڪري ورتائين؛ ۽
ٻئي طرف سخن جي سلسلي ۾ خاصو پاڻ ڀرو به ٿي پيو.
پوءِ ستت ئي ”تپيدارس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد“ مان
ٻن سالن جي سکيا وٺي، سکر ۾ تپيدار بڻيو.
”مسرور“، روينيو کاتي ۾ ڪم جي سختيءَ هوندي به پاڻ
ڪجهه وقت ڪڍي شعر و شاعري ڪندو رهيو. پوءِ ته
نوڪريءَ دوران ”وک وک جون واٽون ووڙيندي“ – ڪيترن
ئي صوفين سان به سندس ملاقاتيون ٿينديون رهيون.
آخر روهڙيءَ جي رانول، فقير قادر بخش ”بيدل“ رح
(1814ع – 1872ع) جي درگاه مان قلبي سڪون حاصل
ڪيائين. کيس ”موسيقيءَ“ (گائن وديا) سان به خاصي
دلچسپي هئي. صوفين جي صحبت ۾ رهي، لڳ ڀڳ سٺ ورهين
جي ڄمار ۾، 12 ذوالقعد 1372هه مطابق 19 آگسٽ 1952ع
تي، هي فاني جهان ڇڏيائين.
فقير ميان ”مسرور“ جو شعر حالانڪ ”تصوف“ جي باريڪ
نڪتن جو آئينو آهي، تاهم به مشڪل مسئلن ۽ دقيق
خيالن کي اهڙيءَ ته آسانيءَ سان نباهيو اٿس، جو
ٿوري علم وارو به آسانيءَ سان سندس ڪلام مان
استفادو حاصل ڪري سگهي ٿو. سندس ڪلام ۾ ناصحانه
نڪتا جاءِ بجاءِ نظر اچن ٿا، جن تي هوند عمل ڪرڻ
سان زندگي سنواري سگهجي ٿي. هڪ هنڌ ”مايا جي موهه“
بابت وضاحت ڪندي لکيو اٿس :
”جو ماڻهو مايا کي ساه ۾ سانڍي ٿو، سو
در حقيقت ماڻهو ناهي – ڀلي کڻي پنهنجن پراون کي
ڦري ۽ پئسن جون ڍڳيون ٺاهي – پر اُهو مت جو موڙهو
ائين نه ٿو سمجهي، ته هڪ ڏينهن نيٺ هلڻو آهي؛ ۽
انسان توڙي حيوان جي وچ ۾ فرق نه ٿو ڄاڻي
(۽ نه ٿو ڀانئين ته) محلات ۽ ماڙيون، مايا ۽ ملڪيت
کي ڦٽو ڪري خاڪ سان خاڪ ٿي وڃبو!“
مطلب ته ”مسرور“ نه فقط شاعر هو، بلڪ هڪ نيڪ انسان
به هو. سندس شعر جو مجموعو ”مسدس مسرور“ عرف
”هيرن جو هار“
نالي سان 1953ع ۾ پڌرو ٿيل آهي. نموني طور
منجهانئس چند مصرعون هيٺ ڏجن ٿيون :-
پرايان ٿو چوين ڪنهن کي پرايو ڪو نه ڪوئي آ،
سڄي مخلوق جو خالق ادا تون ڏس هڪوئي آ،
ٿيون سڀ خويش هڪ ٻئي جو تفاوت ٿورڙو ئي آ،
مگر درجات جو هڪڙو بناوت ۾ تفاوت آ،
جنهن کان لوڪ ساري ۾ پئي ڪاهي بغاوت آ.
فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙائي رح
[
1814ع – 1872ع ]
انگريزن جي ابتدائي دور جو ناميارو شاعر ۽ روهڙيءَ
جو رانول، فقير عبدالقادر عرف قادر بخش ولد ميان
محمد حسن قريشي، 22 ذوالقعد 1230هه مطابق 12 مارچ
1814ع تي روهڙي شريف (سکر) ۾ تولد ٿيو. سندس اصل
نالو ”عبدالقادر“ هو؛ جنهن کي پيران پير دستگير،
سيد عبدالقادر جيلاني رح (1078ع – 1166ع) جي عقيدت
۽ احترام ۾ مٽائي، ”قادر بخش“ رکرايو. ذهانت سببان
ٻارهن سالن جي عمر ۾ ڪافي علم حاصل ڪيائين. والد
جي وفات بعد، حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح جي
درگاه تي مٽيون ڀريندو رهيو، جتان فيض حاصل ٿيندي
ئي درازين سچل سرمست فاروقي رح جي درگاه تي پهتو.
وڌيڪ فيض وٺندي، واپس روهڙيءَ پهچي شعر چوڻ شروع
ڪيائين. گهڻو سير سفر ڪندي، سنڌ جي صوفين، درويشن،
بزرگن ۽ فقيرن جا تڪيا به ڀيٽيائين. پيرڳوٺ ۾ سيد
علي گوهر شاه ”اصغر“ ۽ سيد صبغت الله شاه کي عربي
۽ فارسيءَ جي سکيا سان گڏ مثنوي مولانا رومي به
پڙهايائين، کين تصوف جا راز، اسرار ۽ رمزون به
سمجهائيندو رهيو – 16 ذوالقعد 1689هه مطابق 18 مئي
1872ع تي راه رباني ورتائين. کيس گورنمينٽ هاءِ
اسڪول لڳ، روهڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو دفنايائونس.
پاڻ
قادري طريقت ۾، شاه عنايت صوفي جهوڪ واري جو مريد
هو؛ ۽ مير جان الله شاه جو خليفو پڻ ٿيو. شاعريءَ
جي سلسلي ۾ ”بيدل“ تخلص سان گهڻين ئي زبانن ۾ طبع
آزمائي ڪيائين. خاص ڪري سنڌي زبان ۾ ”ڪافيءَ“ جي
پختي پيڙهه ٻڌايائين. ازانسواءِ ”هير رانجهو“
”سسئي پنهون“، ”نوري ڄام تماچي“، ”عمر مارئي“،
”سهڻي ميهار“، ”مومل راڻو“، ”يوسف زليخان“ ۽
”شيرين فرهاد“ جهڙن مشهور رومانوي داستانن تي پڻ
تمثيلي شعر چيو اٿس؛ جنهن ۾ واقع نگاري، قدرتي ۽
انساني حسن جي تصوير، خيالي قوت، عبادت ۽ صنايع و
بدايع وغيره ۾ ڪمال درجي تي نظر اچي ٿو. سندس
نظريو ”مجازي عشق“ مان ”حقيقي عشق“ حاصل ٿيڻ آهي.
سند غزلن تي مشتمل ”ديوان“ به جوڙيل آهي؛ جنهن کي
سنڌي ادبي بورڊ 1954ع ۾ شايع ڪيو آهي. محمد حسن
”بيڪس“ نالي هڪ پٽ به هوس، جيڪو جوانيءَ ۾ ئي
کانئس وڇوڙو ڪري ويو. هو پڻ سندس جيان بهترين شاعر
هو. هيٺ ”بيدل“ رحه جي هڪ ”ڪافي“ نموني طور ڏجي
ٿي:-
رات مون ڏي مارن جو، نئون نياپو آيو؛
ڏکيو ڏوراپو آيو.
جسمانيءَ جي ڪوٽ ۾، رکيئي رهڻ جو رايو.
ملڪ مارن جو نت بيهاريو، ته ڪيئن چتڙو چايو.
ويڙهيچن ڏانهن وڃي ايڏانهن، تو ڪيئن خيال مٽايو.
مارن ريءَ هنن ماڙين ۾، تو ڇاسان من پرڀايو.
هت سنڀارن سانگي توکي، هت ڪنهن سانگ رهايو.
ڪيهي سببان تو، هن ڏينهن ڏيهون ڏور ڏسايو.
ور ساڙيهه ڏي سگهڙو
”بيدل“
اُٿي سنبر ڪر سعيو.
فقير نانڪ يوسف
[
1845ع – 1792ع ]
سندس اصل نالو محمد يوسف ولد محمد هاشم کوکر هو.
12 ذوالحج 1207هه مطابق 23 آگسٽ 1792ع تي، ضلعي
لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”سيريءَ“ ۾ ڄائو
هو. عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل هوس. درازي درويش
حضرت سچل سرمست فاروقي رح (1739ع – 1829ع) جي خاص
خليفن مان هو. سندس ڪيترائي معتقد ٿيا، جن مان مير
علي مراد خان ٽالپر جو نالو سر - فهرست آهي – 53
ورهين جي ڄمار ۾ 29 شعبان 1261هه مطابق 2 نومبر
1845ع تي، ضلعي خيرپور جي رنگپور ڳوٺ ۾ وصال
ڪيائين. سنڌي، سرائڪي ۽ هندي زبانن ۾ شعر چيو اٿس،
جيڪو تصوف جي رنگ ۾ آهي. نمونو هيٺ ملاحظه فرمايو
:-
تنهنجي تار تڳان تن من ۾، منهنجو مالڪ تون.
هندو مـــومــن هــــــــر مــظـهر ۾، صحـي
سڃاتـــو مـــون.
آل اولاد کي عشق اوهان جو، تڪيو تو هٿئون.
پن ٻوڙين پــــــــاتــــار ۾، پــــاهڻ
تـــــــارين تـــــــــون.
حيف تنين ارواحن آهي، جيڪي ڀانئن ڏون.
”نانڪ يوسف“ تي يار سچل جا، آهن هٿ مٿون.
فقير صاحب، حالانڪ ”تارڪ الدنيا“ هو؛ تنهن هوندي
به زماني جي زيب خاطر شادي ڪيائين؛ جنهن مان کيس
هڪ نياڻي ٿي، جيڪا مرشد جي ڀائٽيي، سائين سخي قبول
محمد (ثاني) کي نڪاح ۾ ڏئي ڇڏيائين. سندس ڪَلام،
سچل رح جي ڪلام جو آئينو آهي، جيڪو بره جي باتين ۽
وحدت جي تنوار سان تاڃي پيٽي آهي. سندس صحتي: فقير
عثمان سانگي، فقير خيرمحمد ”خوش“ هيسباڻي، تمر
فقير ۽ فقير ڇتو سانگي هئا.
فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“
[
1860ع – 1939ع ]
وطن
عزيز جي سٺن شاعرن مان، ضلعي لاڙڪاڻي جو بلند پايه
شاعر، فقير هدايت علي نجفي، ”تارڪ“ ولد تراب علي
تونيو، خميس 25 محرم الحرام 1277هه مطابق 23 اپريل
1860ع تي، تعلق واره جي ڳوٺ ”لالو راونڪ“ ۾ تولد
ٿيو. ابتدائي تعليم کان ذهانت ۽ ذڪائت سبب ديني
خواه دنيوي تعليم ۾ خاصي مهارت حاصل ڪيائين ؛ جنهن
ڪري ستت ئي فارسي، عربي، سنڌي، سرائڪي، اردو، هندي
۽ پنجابي زبانن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. فقير
صاحب بلند پايي جي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو نثر
نويس پڻ هو.
ستن
زبانن جي هن شاعر جو پهريائين ”نجفي“ تخلص هو؛
جنهن کي پوءِ ”تارڪ“ ۾ تبديل ڪيائين. جيئن ته
”تارڪ“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”ترڪ ڪرڻ“؛ انهيءَ
بناءَ تي پاڻ سچ پچ دنيا جا لڳ لاڳاپا ترڪ ڪري،
”تارڪ الدنيا“ يعني ”دنيا و مافيها“ کان پري رهيو.
سندس شعر تقريباً هر صنف تي، علم عروض موجب نهايت
پڪي پايي جو آهي. خاص ڪري ڪافيون، رباعيون،
مثنويون، سه - حرفيون، معمائون، مرثيا، مثلث،
مربع، مخمس، مسدس، ڏوهيڙا، غزل، ترجيح بند ۽ ترڪيب
بند پڻ جهجهي انداز ۾ چيل ملن ٿا. عربي، فارسي ۽
سنڌي زبانن ۾ سندس مڪمل ”ديوان“ به جوڙيل آهن،
جيڪي اڃا قلمي صورت ۾ آهن. اهڙيءَ طرح ”قطعات“ جو
ته ڪاٿو ئي ڪونهي.
هو
انسانيت جو پيروڪار، امن ۽ آشتيءَ جو ڌرم رکندڙ
انسان، ڪيني ۽ ڪلفت کان ڪنارو ڪندڙ شخص، سڀ جو
ساٿي سڄڻ ۽ قربت وارو، هميشہ انسان ذات جي خدمت کي
افضل سمجهندو هو. هڏ ڪاٺ جو لاٺيرو، رعبدار چهرو ۽
ظرافت جو صاحب، البته جوانيءَ جي جوڀن ۾ مجازي عشق
جي ڪڙيءَ ۾ قيد ٿي ويو؛ جنهن جي ناڪاميءَ کيس
هميشہ هميشہ لاءِ مجرد بڻائي ڇڏيو.
هي
فقير روشن ضمير، 18 محرم الحرام 1358هه مطابق 9
مارچ 1939ع تي خميس ڏينهن، عزيزن، دوستن، احبابن،
شاگردن، طالبن ۽ عقيدتمندن کي مفارقت جو داغ ڏيئي،
دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. ڳوٺ جي اوڀارين طرف،
لنڊي واه جي وٽ تي، مسجد شريف ڏاکڻي طرف. پنهنجي
والد بزرگوار جي ڀرسان آرامي آهي. سندس خاص شاگردن
۾: دادن فقير جويو، حڪيم عبدالڪريم قاضي، اجمل بيگ
۽ جناب اظهر گيلانيءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. پاڻ 55
کان وڌيڪ تصنيفات ڇڏيون اٿس؛ جن مان ڪافي قلمي
صورت ۾ آهن. خوش نويس هجڻ سبب، چار قرآن پاڪ به
ڪتابت ڪيائين. سلوڪ جي راه ۾ نوشهري فيروز جي
نقشبندي بزرگ، ميان صفي الله جو مريد به ٿيو هو.
درياه خان فقير سان به سندس خاص عقيدت هئي. نموني
طور سندس هڪ ”جهولڻو“ هيٺ ڏجي ٿو.
يار پيارا تنهنجي ڪارڻ نت نت فالان پايان؛
ڪانگ اُڏايان.
روز نجومي ورتيا جاچيون پوپٽيون تن کان پٽايان.
پيراڻيون پڙ پيرن جا ٿي باسيان ۽ باسايان.
سو
پيغام هزارين نياپا، پانڌين ساڻ چوايان.
نانءِ الله اچ ”تارڪ“ وٽ ٿي ڏکيا ڏينهن لنگهايان.
فيض
بخشاپوري
[
ولادت 1341هه = 1922ع ]
بلوچ قوم جي مشهور رند قبيلي جو ناميارو قومي
شاعر، فيض الله خان ولد مصري خان ڊومبڪي ، 1341هه
مطابق 1922ع ۾ ضلعي جيڪب آباد تعلقي ڪشمور جي ڳوٺ
بخشاپور ۾ جنم ورتو آهي. اِنهيءَ نسبت سان پاڻ کي
”فيض بخشاپوريءَ“ جي نالي سان پڌرو ڪيو اٿس.
ابتدائي تعليم بخشاپور جي تعليمي ادارن مان حاصل
ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي موزون طبيعت هيس؛ جنهن ڪري
شعر چوڻ جي مشق ڪرڻ لڳو. سندس والد بزرگوار نهايت
سنجيده، پرهيزگار وفادار ۽ مانائتو مڙس هو. وٽس
ڪنهن به شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي. اهڙي ئي سانتيڪي ۽
سکڻي ماحول ۾ فيض صاحب ابتدائي تعليم جا مرحلا ته
تيزيءَ سان طيءِ ڪيا، پر پوءِ وڌيڪ تعليم کي ترڪ
ڪري، زمينداري پيشي سان لونءَ لڳايائين. پنجن سالن
جي مختصر عرصي ۾ کيس پنهنجي قومي سردار، مير تاج
محمد خان ڊومبڪيءَ جي صحبت ملي ويئي، جيڪو پڻ سخن
شناس، علم جو اڪابر ۽ وڏو دانا هو. اهڙي نيڪ بخت
جي نظر فيض اثر هيٺ ”فيض“ صاحب کي ڪافي ڪتابن جي
مطالعي جو موقعو مليو. پوءِ ته سنڌيءَ سان گڏ اردو
ڪتابن ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪري ورتائين.
شاعريءَ جي لونجهه ته سندس اندر ۾ اڳ ئي لڳل هئي،
ويتر هينئر نيڪن جي صحبت ۾ وڌي وڻ ٿي ويئي. پوءِ
ته بنا استاد
جي،
اندر جي اُڌمن کي لفظن جي لڙهيءَ ۾ لس پوئيندو
رهيو. خدا جي فضل سان هينئر سندس ڪلام چوٽيءَ جي
شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس دينوي تعليم ”اديب“
تائين آهي – 1956ع کان صحافت جي صف ۾ ايندي، جيڪب
آباد مان ”مساوات“ نالي هفتيوار اخبار جاري
ڪيائين، جيڪا تاحل هلندي پئي اچي. صحافتي زندگيءَ
۾ کيس زماني جون لهرون ۽ لوڏا به آيا، مگر هر محاذ
تي، ايماني قوت، مستقل مزاجيءَ، ۽ قومي وقار جي
اُصلن تحت پڌري پٽ مظاهرو ڪندو آيو.
هيل
تائين ”فيض“ صاحب پنهنجي ڪلام جا چار مجموعا مرتب
ڪيا آهن؛ جن مان ”شعلهء عشق“ (1958ع ۾) ۽ ”خمخانهء
فيض“ (1967ع ۾) ڪافي مقبول ٿي چڪا آهن. اڃا
”گنجينهء فيض“ ۽ ”سر چشمه فيض“ قلمي صورت ۾ وٽس
ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهن. اميد ته جلد منظر عام تي
ايندا. فيض جي سنڌي خواه اردو ڪلام ۾ استعارا،
تشبيهون ۽ ڪنايه ڪثرت سان استعمال ٿيل آهن.
ازانسواءِ فارسي لفظن جو پيوند به هنڌين ماڳين ڪيل
آهي؛ انهيءَ لحاظ کان ٿوري ڄاڻ رکندڙ لاءِ آسانيءَ
سان استفادو حاصل ڪرڻ البته دشوار آهي. مگر ڪلام ۾
بناوت، سجاوت، سلاست، بلاغت، جدت، نفاست ۽ لطافت
وغيره جا ڪافي آثا ملڻ ڪري قي قدر آساني ٿي پئي
آهي. وطن جي حب سان گڏ حسن و عشق جو به جا بجاءِ
ذڪر آندو اٿس. سندس مستقل پتو: ”گلشير محلو؛
ڪنڌڪوٽ“ آهي. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ملاحظه
فرمايو:-
زمين ڇا ڇا نه ٿي پيدا ڪري، محنت ڪري ڪوئي.
ڪڻڪ، جوئر، چڻا، ڄانڀو، مٽر، تر، ٻاجهري ساري.
عيان هر شاخ- گل ۾ قطرهء- خون- رگ- گلچين،
ٿئي ٿي جانفشانيءَ سان بيابانن ۾ گلزاري.
قادر بخش ”بشير“ سومرو
[
1896ع – 1954ع ]
قادر بخش ”بشير“ ولد حاجي دوست محمد سومرو، تعلقي
ٺل (جيڪب آباد) جي ڳوٺ ميرپور ۾ 13 شوال 1314هه
مطابق 24 آگسٽ 1896ع تي ڄائو هو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس
والد وفات ڪري ويو هو؛ جنهن ڪري والده جي
سرپرستيءَ هيٺ قرآن پاڪ ناظران پڙهي، مامن جي محبت
کيس اسڪول تائين آندو، جتان ورنيڪيولر فائينل
امتحان پاس ڪري، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پهتو.
ڪاليج جي علمي ماحول مان شعر چوڻ جو شوق جاڳيس.
پوءِ ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي ڳوٺ ٽنڊي
ٺوڙهي اچڻ وڃڻ لڳو ۽ کانئس شعر جي سکيا حاصل
ڪيائين. مرزا صاحب جي طبيعت ۽ شاعرانه صلاحيتن مان
خاصو استفادو حاصل ڪري، 1920ع ۾ واپس ٺل وريو؛ ۽
جيڪب آباد جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملازمت ڪيائين – 1949ع کان
1952ع تائين اسڪول جو گشتي آفيسر
A.D.I.S
به ٿي رهيو. پر پوءِ صحت سالم نه سمجهي، ٻيهر
ماستريءَ کي ترجيح ڏنائين.
”بشير“ صاحب نهايت ماٺيڻو، ساده دل، کل مک ۽ سچو
سني مسلمان هو. وٽس ڪيترائي پڙهيل پري پري کان
پهچي، علم جي اُڃ اُجهائيندا هئا. سندس اوطاق
اديبن ۽ شاعرن سان ٽٻيل هوندي هئي. محفلين جو مور
۽ وڏو مهمان نواز هو. عبدالڪريم ”گدائي“ سندس
گهاٽو دوست هو. پڇاڙيءَ ۾ سلهه سندس ساه کي سوگهو
ڪيو؛ جنهن ڪري لاعلاج ٿي، 9 جمادي الاول 1374هه
مطابق 14 مارچ 1954ع تي لاڏاڻو ڪيائين.
سندس ڪلام جهجهي انداز ۾ آهي؛ جنهن ۾ رنگيني،
دلڪشي ۽ اثر انگيزي زياده کان زياده نظر اچي ٿي.
پاڻ غزل ۽ نظم تمام سٺا چيا اٿس. خاص ڪري سندس
طويل نظم اعليٰ پايي جا آهن. اهڙيءَ طرح غزل به
عشقيه انداز ۾ چيا اٿس. مزاحيه ڪلام، وطني حب جا
ترانا ۽ هن بي بقا دنيا لاءِ مرثيا پڻ مختلف عنوان
سان رقمطراز ڪيائين. لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ماهوار
”اديب سنڌ“ ۾ سندس ڪلام ڪثرت سان ڇپيو هو. سندس
ڪلام ۾ ڪجهه فني اُوڻايون به هيون، تڏهن به اُهي
سندس دلڪش انداز - بيان، اسلوب جي جدت، تاثر ۽
روانيءَ جي ڪري بالڪل ڍڪجي ويون آهن. هيٺ سندس هڪ
نظم نموني طور ڏجي ٿو:-
بچائي ڌرم دين ايمان پئسو، بڻيو دين دنيا جو سامان
پئسو.
گهمائي ٿو گنگا ۽ گوڪل گهٽيون، مڪي ۽ مديني جو
ميدان پئسو.
وڃايو نه ناحق اها قيمتي شيءِ، ڪيو ڪين افراد
نقصان پئسو.
برادر پدر ٿا جتي ڪين پهچن، ڪري ٿو انهيءَ هنڌ
احسان پئسو.
زميندار ڇو هي قرضدار آهن، اُنهن لاءِ خرچڻ آ،
آسان پئسو.
وڏي قيمت وٿ چون ٿا آ، پئسو، وڃائيندو ناحق ڪو
نادان پئسو.
خدا کان زياده رهي ياد هن جي، اُٿڻ ساڻ طلبي ٿو
انسان پئسو.
ڏسون ٿا اڄ ڪورٽن منصفن وٽ، ڪري ٿو اُتي ياد دربان
پئسو.
سچي شاهدي ڇو نه ماڻهو ڏين، پر ڪرائي ٿو ايمان
قربان پئسو.
ضرورت سفارش جي اڄڪلهه نه آهي، جنهن وٽ اگر آه
اَرزان پئسو.
اڳي علم جو مرتبو هو ته اعليٰ، هلائي مگر اڄ ٿو
فرمان پئسو.
ڪرائي برا ڀلا ڪم اسان کان، چڱو ڀي چون آه شيطان
پئسو.
وڏائي ڪري ڪونه هن تي ”بشيرا“، جو آهي اهو يار
مهمان پئسو.
”بشير“ مرحوم وٽ ڪافي ڪتاب موجود هئا. خاص ڪري
”الوحيد“ اَخبار جا ته مڪمل پرچا وس موجود هئا.
مشاعرن توڙي ادبي محفلين ۾ ڪڏي ويندو هو. سندس
مڪمل ڪلام، علامه ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب
مرتب ڪري، سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو آهي.
قاضي عبدالحق ”عبد“
[
1850ع – 1930ع ]
سنڌ
سڳوريءَ هر دؤر ۾ ڪيترائي ڀلارا بزرگ، جيد عالم ۽
نيڪ مرد پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي هڙئون توڙي وڙئون
عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سندن فيض
درياه جي وهڪري جيان عام هوندو هو؛ جنهن ۾ ڪيترائي
علم جا اُڃايل اڃي اُڃ اُجهائيندا هئا. اهڙن سخي
مردن مان سنڌ جو عظيم خدمتگار، مولانا عبدالحق ولد
مولوي خوش محمد ولد محمد مسعود قاضي، تعلقي
رتيديري (لاڙڪاڻو) جي ڳوٺ خيرو ديرو ۾، 1267هه
مطابق 1850ع ۾ تولد ٿيو هو. سندس جد- امجد مغلن جي
ڏينهن کان وٺي ”قاضي القظات“ جي در جي تي فائز
هئا؛ ۽ انگريزن جي آمد تائين ”قضا“ جو ڪم ڪندا
آيا؛ جنهن کي مسلسل ٽن پيڙهين تائين برقرار
رکيائون. کين ”سب رجسٽرار“ جو عهدو به سونپيل هو.
اهڙي ئي سلجهيل علمي ماحول ۾ عبدالحق به شروعاتي
تعليم اسڪولن جي احاطي اندر حاصل ڪري، پنهنجي والد
بزرگوار وٽان عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پڙهي، دستار
- فضيلت ٻڌي. پوءِ پنهنجن وڏڙن جي ڇڏيل ورثي کي
وٺي، زندگيءَ جو گاڏو گهليندو رهيو. جيئن ته پاڻ
نهايت ئي ذهين، آورچ، سنجيده ۽ داناءُ انسان هو؛
جنهن ڪري سنڌ جي نامور شخصيتن سان به سندس صحبت
قائم رهي، جن مان : مولانا تاج محمد اَمروٽي رح،
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، مولوي امام بخش چشمي
وارو ۽ حڪيم شمس الدين ”بلبل“ جا نالا قابل - ذڪر
آهن.
مولانا عبدالحق صاحب جي سنڌ جي علمي توڙي سياسي
شخصيتن سان ڪافي ڏيٺ ويٺ هئي. پاڻ قومي جذبو رکندڙ
هو؛ جنهن ڪري نظام الملڪ طرفان سڏايل حيدرآباد دکن
۾ علماءِ دين ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪيائين. هن سياسي
گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترن ئي مدبرن ۽ سياسي بصيرت رکندڙن
سان به سندس واقفيت وڌي. پير تراب علي شاه راشدي
قنبراڻي، سر عبدالله هارون ميمڻ، رئيس المهاجرين
جان محمد خان جوڻيجو، سيد بچل شاه، آغا معذالدين
خان پٺاڻ، حڪيم الهه رکيو باند، محمد مراد خان
کٽياڻ، خانصاحب الهه بخش خان جلباڻي، الاهي بخش
خان ڀٽو ۽ صاحب خان جوڻيجو جا نالا هن سلسلي ۾ وٺڻ
بي جاءِ نه ٿيندا، جن سان قاضي صاحب جو دلي ناتو
هو – 1922ع جي آخر ۾ سرڪاري ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي،
آزاد زندگي گذارڻ لڳو.
پاڻ
هڪ همدرد انسان هو؛ جنهن ڪري مسلمانن ٻارن جي
تعليم لاءِ پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري به سندن همت
افزائي ڪندو رهيو. سنڌ جو پهريون مسلمان گورنر، سر
غلام حسين هدايت الله، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي،
عبدالڪريم ”گدائي“ ۽ نور محمد ڀٽي (رٽايرڊ ڪليڪٽر)
جهڙن جوانن جي خوب دلجوئي ڪيائين. ڪيترو وقت ڪمشنر
جو درٻاري به ٿي رهيو. ميونسپل جي ميمبر شپ کان
چيئرمين جي عهدي تائين رهي، قومي خدمت سرانجام
ڏنائين. سندن طبيعت موزون هئي ۽ ڪافي ڪتابن جو
مطالعو هوس؛ انهيءَ ڪري شعرو شاعريءَ طرف به طبع
آزمائي ڪندو رهيو؛ ۽ ”عبد“ تخلص سان سنڌي خواه
فارسي شاعريءَ ۾ خوب ميدان ملهايائين. وٽس علمي
ڪتابن جو خاصو ذخيرو موجود هو؛ جنهن ۾ عربي،
فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن جا ناياب ڪتاب پڻ هئا.
زندگيءَ جا 75 ورهيه خلق جي خدمت ۾ گذاري، 1349هه
مطابق 1930ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪيائين؛ ۽
رتيديري شهر اندر ابدي ننڊ ۾ ستل آهي. نرينه اولاد
۾ پٺيان ٻه فرزند: قاضي محمد امين (رٽايرڊ
مختيارڪار) ۽ قاضي عبدالحي ”قائل“ ڇڏيائين. ”قائل“
صاحب سنڌي زبان جو سٺو اديب ۽ شاعر هو. هيٺ ”عبد“
صاحب جي هڪ شعر مان ”مقطع“ نموني طور ڏجي ٿو:-
سچو دين تنهنجو مسلمان غازي، وڏو توتي مولا جو
احسان غازي؛
سچو آه شافي ۽ قرآن غازي، خدا جي آن گهر جو نگهبان
غازي؛
آزادي ملڻ ”عبد“ آسان آهي،
همت ساڻ فاتح مسلمان آهي.
قاضي علي اڪبر درازي
[ولادت 1313هه = 1895ع]
سلطان العاشقين، حضرت سچل سرمست فاروقي رح جي
پرواني، علي اڪبر ولد علي محمد قاضيءَ، 1313هه
مطابق 28 جولاءِ 1895ع تي، قاضي عبدالسميع محله
روهڙي، ضلع سکر ۾ ولادت ورتي آهي. ابتدائي تعليم
روهڙيءَ مان ۽ سيڪنڊري سکيا سکر جي سرڪاري هاءِ
اسڪول مان ورتل اٿس. مئٽرڪ پاس ڪري 1917ع کان
روينيو کاتي ۾، ڪلارڪ بڻيو، جتان ترقي وٺي، آخر
ٽريزري آفيسر
(Treasuary
Officer)
جي عهدن تان 1950ع ۾ رخصت
ورتائين. هن وقت باقي حياتيءَ جا ڏانهن، خدا جي
ذڪر آذڪار ۾ بسر ڪري رهيو آهي.
قاضي صاحب، شهنشاه - عشق هفت زبان شاعر، حضرت حافظ
سچل سرمست درازي رح جي احوال، ڪلام ۽ فلسفي کي عام
ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي؛ اِنهيءَ سلسلي ۾ منو
سؤ کن ڪتاب سندس قلم جي زينت بڻيا آهن.
نثر
کان علاوه پاڻ سخن جي ميدان ۾ به ڪؤنٽل ڪڏايو اٿس.
”غلام اڪبر“ نالي سان سندس مڪمل ”ديوان“ به پڌرو
ٿيل آهي. هيٺ سندس هڪ ”بيت“ نموني طور ڏجي ٿو.
محبت ريءَ جڳ ۾، ٻيو ٿي ڪوڙو ڪچ؛
ڇڏي ڍونگ دنيا جا، راه انهيءَ ۾ رچ؛
”غلام اڪبر“ غريب ٿو، توکي سڻائي سچ؛
محبت ٻارج مچ، ته سڄڻ ٿيئي سامهون.
قاضي قاضن
[
1484ع – 1551ع ]
سمن
جي دور جو مشهور سنڌي شاعر ۽ بزرگ هستي، قاضي قاضن
بن ابوسعيد بکري
بن
زين الدين بن ابوالخير قاضي، وقت جو وڏو عالم ۽
مصنف ٿي گذريو آهي. هڪ اندازي موجب سندس ولادت 3
شعبان 889هه مطابق 27 جولاءِ 1484ع تي ٿي آهي.
سندس وڏا سيوستان (سيوهڻ) جا ويٺل هئا.
سندس والد بااخلاق، خدا شناس، چست، حاضر جواب ۽
ناميارو شخص هو؛ جنهن پنهنجي نينگر کي ابتدا ۾
قرآن پاڪ ناظران سان گڏ حافظ قرآن ۽ خوش الحان
قرات (تجديد) جو سبق ڏياريو. ازانسواءِ کيس تفسير،
حدي، تصوف فقہ، اُصول، تعويذات (ابجد)، علمه آلات،
علم رياض ۽ علم الانشاءَ جي به ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي.
متقي، پرهيزگار ۽ خدا ترس به حد درجي جو هو.
قاضي صاحب، مرزا شاه حسن اَرغون (حڪومت 928هه –
962هه) جي ڏينهن ۾ بکر جو قاضي مقرر ٿيو ۽ ويهه
ورهيه اُت عهدي تي فائز رهي، 947هه (1540ع) ۾،
ڏاڏي جي ڏنل ”فضاواري ڪرسي“ ڇڏيائين. ساڳئي سال،
ٻنهي جهانن جي سردار، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله
عليہ وسلم جن جي زيارت نصيب ٿيس. غالباً 67 ورهين
جي ڄمار ۾، 29 ربيع الثاني 958هه مطابق 11 آڪٽوبر
1551ع تي وفات ڪيائين. سندس خاص صحبتي: قاضي
عبدالله بن ابراهيم رانٽيو ۽ شيخ عبدالله بن سعد
درٻيلوي سڏبا هئا. سندس وڏو ڀاءُ قاضي عبدالغفار
پڻ اعليٰ پايي جو عالم، فاضل ۽ ناليرو بزرگ ٿي
گذريو آهي؛ ۽ ننڍو ڀاءُ قاضي نصرالله کانئس پوءِ
بکر جو قاضي بڻيو هو.
قاضي قاضن، سنڌ ۾ سمن جون سرداريون؛ ڄام نظام
الدين عرف ڄام نندو (حڪومت 864هه – 914هه) ۽ ڄام
فيروز (حڪومت 914هه – 927هه) کان ارغونن جي
حڪمرانن ۾: شاه بيگ ارغون (حڪومت 927ع – 928ع)،
شاهه حسن ارغون (حڪومت 928هه – 962هه) تائين پئي
سنڀريو. پاڻ سنڌي زبان ۾ شاعري به ڪئي اٿس، جن مان
ست بيت، شاهه عبدالڪريم بلڙي رح (1538ع – 1626ع)
جي ملفوظات (”بيان العارفين“ عرف ”تنبيهه
الغافلين“) ۾ درج ٿيل ملن ٿا،
جيڪي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ”هندي ڇند وديا“ جي اُصولن
موجب آهن، جن ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود واري واٽ بابت
سکيا ڏنل آهي. سندس ڪلام صنايع و بدايع سان مزين
آهي؛ جنهن ۾ ”الاهياتي فلسفو“ ، رمز ۽ اشاري سان
سمجهايو ويو آهي.
قاضي صاحب ڪتابي علم کي ”سڀڪجهه“ نه ٿو سمجهي، بلڪ
انسان کي ”منڊي ماڪوڙي“ ۽ دنيا کي ”کوه“ سان
تشبيهه ڏيندي زندگيءَ جو عڪس بيان ڪيو آهي. بيتن
جي زبان فصيح هجڻ سان گڏ بليغ ۽ سلامت سان سمورن
لوازمات سان همڪنار نظر اچي ٿي. نموني طور هڪ بيت
هيٺ ملاحظه فرمايو:-
”جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.“
قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح
[
1187ع – 1299ع ]
دين
- حق جي پيغام رسائيندڙن ۾ حضرت قلندر لعل شهباز
عرف سيد محمد عثمان ولد سيد محمد ابراهيم
ڪبيرالدين مرونديءَ جو نالو سر- فهرست آهي. سندس
ولادت افغانستان ۾ آزر بائيجان جي ڳوٺ ”مروند“ ۾
583هه مطابق 1178ع ۾ ٿي. سندس سلسله- نسب تيرهين
پيڙهيءَ ۾ حضرت سيدنا امام جعفر صادق رضه سان ملي
ٿو. سندس والد بزرگوار وڏو درويش ۽ متقي انسان هو،
جيڪو اڪثر الاهي عبات ۾ گذاريندو هو. سندس شادي
خانه آبادي تمام وڏيءَ عمر ۾، تڏوهڪي مروندي حاڪم،
سلطان شاه جي نياڻيءَ سان ٿي؛ جنهن مان سنڌ جو
روحاني رهبر، علم ۽ فيض جو درياه سيد محمد عثمان
تولد ٿيو، سندس ولادت باسعادت تي پوري مروند ۾
چاليهن ڏينهن تائين خوشيون ملهايون ويون.
والدين طرفان سندس نالو ”محمد عثمان“ هو. باقي لعل
بادشاهه، شهباز سائين، قلندر ڪبريا، شمس الدين،
مخدوم مروندي، سيف السان ۽ مهدي وغيره سندس لقب
القاب هئا. پاڻ ننڍپڻ کان ئي ڄمندي ڄام هو. سندس
والده ۽ دائي به هن ڏاتاري ڏات جون ڪافي ڪرامتون
ڏٺيون هيون؛ ايتري قدر جو ستن ورهين جي ڄمار ۾
قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتائين. پوءِ ته اُنهيءَ ٽهيءَ
۾ اچي ويراڳ لڳس؛ جنهن ڪري والدين کان وڇڙي ايران،
عراق ۽ حجاز جا مقدس مقامات ڏسندو، اچي امام عالي
مقام حسين عليه السلام جي روضي تي رهڻ لڳو. ڪجهه
ڏينهن بعد، واپس ناني وٽ پهتو؛ جنهن کيس زماني جي
ظاهري تعليم سان ڏس، قابل اُستادن جي حوالي ڪيو،
جتان فارسي ۽ عربيءَ ۾ ڪافي ڪتاب پڙهي پورا
ڪيائين.
جوانيءَ ۾ راتيان ڏينهان عبادتون، رياضتون ۽
مجاهدا ڪندي، جهنگ، جبل جهاڳيندو رهيو. جڏهن بلوغت
کي رسيو ته بابا ابراهيم رح جي خدمت ۾ حاضر ٿي
سندس رهبري حاصل ڪيائين. پوءِ مرشد جي اجازت سان
حرمين شريف، نجف اشرف ۾ حضرت علي المرتضيٰ رضه ۽
ڪربلا معليٰ ۾ امام حسين رضه جي زيارتن کان مشرف
ٿيندو، عراق جي شهر بغداد ۾ بادشاه پير سيد
عبدالقادر جيلاني رح جي زيارت لاءِ پهتو، جتان کيس
”قلندر“ جو خطاب ملندي سنڌ جي سيوهڻ لاءِ امر ٿيو.
چون
ٿا ته سنڌ ڏانهن ايندي، ملتان شريف به ويو، جتي
سلطان محمد سان به مليو؛ جنهن کيس اُتي رهڻ لاءِ
ڏاڍو زور ڀريو، مگر انڪار ڪري، اچي سيوهڻ کان نڪتو
سنڌ ۾ آمد (694هه = 1298ع) وقت سندس عمر 111 ورهيه
هئي. جنهن جاءِ تي روضو مبارڪ آهي، اُتي پاڻ اچي
منزل انداز ٿيو. اُن زماني ۾ اُتي فاحش عورتن جو
اڏو هو. سندس آمد تي سموريون بدڪار عورتون توبہ
تائب ٿيون ۽ فوراً راهه راست تي اچي ويون.
قلندر سائين تقريباً هڪ سال بعد، 112 ورهين جي
ڄمار ۾ 21 شعبان 695هه مطابق 1299ع تي هن دارالفنا
مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. هر سال شعبان مهيني
جي 8، 19 ۽ 20 تاريخن تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلو
منعقد ٿيندو آهي؛ جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ عقيدتمند
ايندا آهن. ميلي جي رسمن ۾ ميندي ۽ ڌمال خاص اهميت
رکن ٿا.
|