مولانا وفائيءَ جو ننڍپڻ کان ”صحافت“ سان اُنس هو،
ويتر شيخ عبدالعزيز ٿر بچاڻي رح جي صحبت ۾ صحافت
کي زندگيءَ جو حصو سمجهي، دلچسپي وٺڻ لڳو. شروعات
۾ ”صحيفئه قادريه“ ۽ ”الڪاشف“ ۾ مضمون لکڻ لڳو.
ڪراچيءَ مان مارچ 1920ع کان روزانہ ”الوحيد“ جو
اجراءُ ٿيو؛ جنهن ۾ مولانا صاحب کي ”معاون مدير“
مقرر ڪيو ويو – 1923ع ۾ ”توحيد“ نالي پنهنجو رسالو
جاري ڪيائين. اپريل 1936ع ۾، سنڌ جي بمبئيءَ کان
علحدگيءَ تي “الوحيد“ جو خاص نمبر پڻ ڪڍيائين،
جيڪو ادبي دنيا ۾ مثالي ۽ بنيادي حيثيت جو حامل
آهي – 1926ع ۾ پاڻ ”سنجوگي شيخن“ جي تبليغي سلسلي
۾ سال لاءِ ڪراچي ڇڏڻي پيس – 1927ع ۾ سيد حزب الله
شاه المعروف جيئنل شاه شهيد جي سرپرستيءَ هيٺ سکر
مان هفتيوار ”الحزب“ جاري ڪيائين – 1939ع ۾ مولانا
عبيدالله سنڌي (1872ع – 1944ع) سان گڏجي ”عبدالاهي
تحريڪ“ ۾ تحرڪ ورتائين. آخر ”الوحيد“ جي ٽيويهن
ورهين واري لڳاتار ناتي کي 1943ع ۾ ٽوڙي، شهيد
الله بخش سومري (1900ع – 1943ع) طرفان جاري ڪيل
”آزاد“ ۾ شموليت اختيار ڪيائين.
وفائي صاحب ڪوڙي ڪتابن جي قلمبند ڪئي هئي؛ جن مان
ڪافي پنهنجي حياتيءَ ۾ پڌرا ڪيا هائين. ”تاريخ
محمد مصطفيٰ“، ”صديق اڪبر“، ”فاروق اعظم“، ”سيرت
عثمان“، ”حيدر ڪرار“، ”خاتون جنت“، ”غوث اعظم“،
”تذڪره مخدوم نوح هالائي“، ”قراني صداقت“، ”تذڪره
مشاهير سنڌ“، ”ياد جانان“، ”شاه جي رسالي جو
مطالعو“ ۽ ”لطف لطيف“ سندس لازوال تصنفون آهن.
قلمي ڪتابن جو به وٽس وڏو ذخيرو موجود هو. جمادي
الاخر 22، 1369هه مطابق 10 اپريل 1950ع تي راه
رباني ورتائين.
مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح
[
1844ع – 1918ع ]
مولانا عبدالغفور ”مفتون“ ولد مولانا محمد يعقوب
پيچوهو ، 13- ربيع الاول 1261هه مطابق 7 مارچ
1844ع تي، تعلقي شڪارپور جي ڳوٺ ”همايون“ ۾ تولد
ٿيو. سندس جد- امجد، محمد مبارڪ (1741ع – 1793ع)
جهٽ پٽ (بلوچستان) ضلعي جي ڳوٺ ”ڀاڳناڙي“ جو
باشندو هو، جيڪو پنهنجي وقت ۾ سکيو ستابو شخص هو.
وٽس ڌڻيءَ جو ڏنل ته جهجهو هو، مگر جبل جي زندگيءَ
۾ رهندي منجهن علم جي بوءِ ڪانه هئي. هڪ دفعي جيئن
ئي پاڻ ٻڪريون چاري رهيو هو، ته ڪنهن اجنبي
اچي
کانئس پاڻي گهريو. طلب تي کير سان سندس اُڃ
اُجهائي. پوءِ ان راه روءِ کيس دعا ڏيندي چيو، ته
”اي پوڙها! تنهنجي مهمان نوازيءَ ۽ بلند اخلاقيءَ
عيوض توکي مشورو ٿيو ڏيانءِ، ته پنهنجي اولاد کي
تعليم ڏيارج!!“ ٿورن ڏينهن بعد کيس پٽ ڄائو؛ جنهن
جو نالو محمد يعقوب رکيائين.
سمجهه سوائي ٿيڻ سان کيس ڪنڊي واري مدرسي ۾ آخوند
عبدالحليم ڪنڊويءَ وٽ ويهاريو ويو ، جتان عربي،
فارسي ۽ پشتو ۾ پختو ٿيو. پوءِ سنڌ ۾ وڌي، پاٽ مان
آخوند ميان محمود وٽان خرقه- خلافت ڍڪيائين.
خلافت جي خلوت حاصل ڪرڻ بعد، واپس وطن وري، جهٽ پٽ
۾ پنهنجو مڪتب کوليائين. سندس ذهانت ۽ سچائيءَ جي
هاڪ هنڌين ماڳين وائکي ٿي وئي؛ جنهن ڪري پنجاب،
سنڌ، ايران عراق، افغانستان ۽ هندستان مان به
ماڻهو اچي وٽانئس فارغ التحصيل ٿيا.
ان
زماني ۾ ڳوٺ همايون جا ٻه معزز: ميان غازي خان
سومرو ۽ وڏيرو مسو خان سڌايو وٽس لنگهي آيا،
انهيءَ ارادي سان ته ”هتان لڏي همايون ۾ هلي رهو“
– پهريائين ته پاڻ انڪار ڪيائين؛ پر پوءِ ميان
محمود پاٽائيءَ جي چوڻ تي باقبائل لڏي اچي همايون
۾ آستانو اڏائيان. هتي به هزارين انسانن کي فيض
ڏيندي، 25 ذوالقعد 1253هه مطابق 17 جون 1837ع تي
راه رباني ورتائين. پٺيان هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون
ڇڏيائين.
مولانا عبدالغفور جو ابتدائي استاد، والد بزرگوار
هو. وٽانئس اڃا شروعاتي سبق مس پورا ڪيا هائين، ته
والد جو وڇوڙو مليس ؛ جنهن ڪري پنجابي عالم مولانا
سلطان محمود سيتپوريءَ وٽان باقي ڪتاب پڙهي، دستار
– فضيلت ٻڌائين. ڳوٺ موٽي والد جي ڇڏيل مدرسي کي
ٻيهر رونق وٺرايائين. هينئر همايون ۾ ٻيهر وقن اچي
وئي؛ ۽ ڪافي سڌارا به ڪيائين. پاڻ نهايت نيڪ نفس،
کل مک، مرجان مرنج، سنجيدو، سادو ۽ بلند خيال هجڻ
سان گڏ اعليٰ ذهانت سببان ڳوڙهي تحقيق جي صلاحيتن
جو مالڪ هو. علم ۾ اڪابر ۽ پرهيزگار به حد درجي جو
هو.
والد جي مسند نشين ٿيڻ سان پيري مريديءَ جو سلسلو
۽ فتوائن جو ڪم به هٿ ۾ کنائين. مڪران، خراسان،
بلوچستان، سنڌ خواه هند جا وڏا عالم به سندس
شاگرديءَ ۾ شريڪ ٿيا. هڪ اندازي مطابق سوا سئوکن
طالب سندس نظر فيض اثر هيٺ فاضل بڻيا، انهن مان:
مولانا محمد مبارڪ ميان ڳوٺي، مولوي عبدالرحمان
شڪارپوري، مولوي محمد اسماعيل شاهلي، مولوي محمد
يعقوب سبي، مولوي فاضل محمد بلوچستاني، مولوي نبي
بخش ڪولاچي ۽ مولوي خدا بخش لهڻيءَ جا نالي سر–
فهرست آهن.
باوجود مصروفيتن جي پاڻ وقت ڪڍي سائلن جا ڪم به
ڪندو هو. ديني درس کان علاوه طب جي به چڱي ڄاڻ
هيس. ڦيڻي ڇنڊي سان گڏ دوا دارون به ڏيندو هو. سخي
به حد درجي جو هو. ڪوبه مانيءَ بنا وٽانئس واپس نه
ويو. مردن کان علاوه حويليءَ تي پرده پوش عورتن
لاءِ به وقت ڪڍي، دعا دسگيري ڪندو هو. راث جو ڳچ
حصو خدا جي ياد ۾ گذاريندو هو. تهجد تائين ترسي،
شاعريءَ کي هٿ ۾ کڻندو هو.
مولانا صاحب کي شاعريءَ سان به وڏو شغف هو. هن
سلسلي ۾ به ميان محمود پاٽائيءَ جي رهبري حاصل
هيس. سنڌي، عربي، فارسي، سرائڪي، هندي ۽ اردو ۾ پڻ
ڪثير التعداد ڪلام چيا هئائين. افسوس جو اهو زماني
جي ستم ظريفيءَ سببان سندس پوين کان محفوظ ٿي نه
سگهيو. ”مفتون“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ مڪمل
”ديوان“ به ترتيب ڏنائين؛ جنهن کي ”بياض مفتون“ جي
نالي سان 1953ع ۾ مولوي نجم الدين ڳڙهي ياسينويءَ
پڌرو ڪيو هو – 1973ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ”ديوان
مفتون“ جي نالي سان سندس ڪلام کي عام ڪيو آهي.
دستياب ٿيل سنڌي ۽ فارسي شاعري، اڪثر نعتيه آهي،
جيڪا ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي
الله عليه وسلم جن جي شان ۾ آهي. پاڻ نظم کان
علاوه نثر ۾ به ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين، جيڪي
گهڻي ڀاڱي فتوائن تي مشتمل آهن. وٽس علمي ذخيرو
به جهجهو هو؛ جنهن ۾ مصر، افغانستان، ايران ۽
هندستان کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي اسلامي مملڪتن
جا ناياب قلمي نسخا موجود هئا. افسوس جو انقلابن
سببان مفتخورن، جاهلن ۽ بي قدرن جي هٿ چڙهي ويا،
جو اڄ اُهي ڏسڻ لاءِ به نه رهيا آهن. سندس وفات
حسرت آيات 75 ورهين جي ڄمار ۾ جمع جي رات، 11
رمضان المبارڪ 1336هه مطابق 2 فيبروري 1918ع تي
همايون ۾ ٿي. کيس ڳوٺ جي جامع مسجد لڳ، والد جي وٽ
۾ جاءِ ڏنائون.
سندس همعصر ۽ سهيوڳي بزرگن ۾: حافظ محمد صديق
ميجهو ڀرچنڊي شريف، حضرت شاه مردان شاه اول پير
صاحب پاڳارو، مولانا تاج محمود امروٽي رح، مولانا
محمد عمر چشموي، مولانا بهاؤالدين بهائي ۽ مير علي
نواز علوي شڪاپوريءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. کيس
نرينه اولاد ڪونه ٿيو، ان ڪري ڏهٽس مولانا
عبدالباقي مسند نشين ٿيو. مولانا همايون رح جهڙا
جليل القدر انسان دير سان پيدا ٿيندا آهن؛ ۽ جڏهن
وارو وڄائي ويندا آهن، ته پنهنجي سيرت ڪردار، فضل
۽ ڪمال جا اهڙا ته اڻ مٽجندڙ آثا ڇڏي ويندا آهن،
جيڪي هميشہ لاءِ بطور يادگار رهندا آهن. سندس
درگاه اڄ به عام و خاص لاءِ زيارت گاه بڻيل آهي.
ڪيئي سوالي اڄ به پنهنجو مطلب ماڻي وڃن ٿا. اهوئي
سبب آهي، جو همايون جو شعر سندس ذات والاصفات جي
طفيلي پوريءَ سنڌ ۾ پڌرو آهي. تفسير، تاريخ، تصوف،
فقہ، طب، حديث ۽ رياضيءَ جو وڏو ماهر هو. خاص ڪري
فقہ جي سلسلي ۾، پوري برصغير ۾ سندس ثاني ملڻ مشڪل
هو. هيٺ سندس مشهور ”ڪافي“ نموني طور ڏجي ٿي:-
”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا – زندان هزارين، مان
نه رڳو،
تنهنجي شاهي دستر خوان مٿي – مهمان هزارين، مان نه
رڳو.
ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا – مخمور غفور سرور
سندا،
تنهنجي نور ظهرو حضور سندس – نگران هزارين مان نه
رڳو.
ڪيئي آبرو تيغ شهيد ڪيا – ڪيئي نازڪ مزيد مريد
ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا – قربان هزارين مان نه
رڳو.
تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري – ڪيا ملڪ مطيع وسيع
وري،
ڇا جن ملائڪ حورو پري – حيران زهارين مان نه رڳو.
ڪيئي نوڪر چار جمعر اڪبر – ڪيئي خادم آهن خاقان
نوڪر،
سويندر تنهنجي تي دارا سڪندر – دربان هزارين مان
نه رڳو.
ماه لقا محبود مٺا – تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامن گير امير گدا – سلطان هزارين مان نه رڳو.
دلبر پيارا ڪر نور نظر – تون ته سرور عالم جن و
بشر،
توتان قربان تارا شمس قمر – ”مفتون“ هزارين مان نه
رڳو.“
مولانا عبيدالله سنڌي
[
1872ع – 1944ع ]
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي ، خميس 12 محرم
الحرام 1289هه مطابق 10 مارچ 1872ع تي سيالڪوٽ
(پنجاب) جي ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. ڄمڻ کان
چار مهينا اڳ سندس والد وفات ڪري چڪو هو. ٻن سالن
جي وقفي بعد ڏاڏو به گذاري ويس؛ جنهن ڪري يتيميءَ
دوران والده پيڪي آندس ؛ جتي پنهنجي مامي جي نظر
هيٺ پرورش ورتائين – 1878ع ۾ ڄامپور (ديره غازي
خان) جي هڪ اردو مڊل اسڪول داخلا ورتائين. دوران
تعليم پنهنجي رفيق (آريه سماج سان تعلق رکندڙ
اسڪولي شاگرد) وٽ ” تحفته الهند“ ۽ ”تقويتہ
الايمان“
نالي ڪتاب ڏٺائين. دل نه رهيس؛ جنهن ڪري کانئس وٺي
پڙهڻ لڳو. پاڻ مطالع ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو
کيس ”اسلام“ جي صداقت تي يقين ٿي ويو – 1887ع ۾
ستين درجي ۾ پڙهندي، مسلمان ٿيڻ لاءِ پنهنجن کان
جدا ٿي ويو.
آخري ديس ڇڏي، سنڌ ۾ پهتو. پهريائين ڀرچنڊيءَ وار
بزرگ، حافظ محمد صديق سميجو رح (1872ع – 1890ع) وٽ
وڃي حاضري ڀريائين. حافظ صاحب جي صحبت مان فيض
حاصل ڪري 1910ع ۾ پير جهنڊي ڳوٺ (حيدرآباد) ۾ ديني
مدرسو کوليائين؛ جنهن جو ناظم ۽ نگران به پاڻ ٿي
رهيو. پاڻ کي ڀرچنڊي بزرگ جو ديني فرزند ڄاڻي ،
سنڌ ۾ مستقل رهڻ جو ارادو ڪيائين ۽ قادري ۽ راشدي
طريقن ۾ بيعت به وٽانئس ورتائين. ڪجهه وقت بعد
مولانا کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو؛ جنهن
ڪري 19 شوال 1308هه (1890ع) ۾ روحاني رهبر جي
اجازت سان، سندس خليفي، موالان تاج محمود امروٽي
رح (1844ع – 1929ع) جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو.
مولانا امروٽي رح منجهس مڻيا ڏسندي، کيس ماستر
محمد عظيم خان يوسفزئيءَ جي صاحبزاديءَ سان نڪاح
ڪرايائينس . امروٽي بزرگ کيس اولاد جي برابر
سمجهند هو. وٽس وڏو ڪتبخانو موجود هو؛ جنهن مان
1315هه (1897ع) تائين سنڌي صاحب ڪافي استفادو حاصل
ڪيو. آخر پير رشيدالدين وٽان ذڪر ”اسماء الحسنيٰ“
به حاصل ڪيائين. پير ابوتراب رشدالله ۽ قاضي فتح
محمد نظاماڻي صاحبان سان به روح رهاڻيون ڪندو
رهيو.
قرآن شريف، حديث ۽ فقہ وغيره جي درس ۾ مولانا محمد
قاسم نانو توي ديوبندي رح (وفات 1397هه = 1879)
کان شاه ولي الله دهلوي رح (وفات 1366هه = 1947ع)
تائين عالمن سڳورن کي پنهنجو استاد مڃيندو هو –
1327هه (1909ع) ۾ ديوبند جي صدر مدرس شيخ الهند
ابوالحسن مولانا محمود حسن صاحب کيس گهرايو. پورا
چار ورهيه ”جميعت الانصار“ ۾ ڪم ڪندي، 1331هه
(1913ع) ۾ دهلي ويو؛ ۽ ”نظارة المعارف“ نالي ادارو
قائم ڪيائين. سال بعد ڪابل روانو ٿيو – 1922ع ۾
ترڪي ويندي، ستن مهينن لاءِ روس ۾ رهڻ جو موقعو
مليس. آخر آگسٽ 1923ع ۾ انقره پهتو، اتان اڍائي،
سالن لاءِ استنبول به ويو. ترڪيءَ ۾ قيام دوران،
اتان جي ماحول ۽ مذهبي عقيدن جو غور سان مطالعو
ڪيائين – 1345هه (1926ع) ۾ مڪي معظمہ ويو، جتان
پهرين نومبر 1937ع تي وطن واپس ورڻ جي اجازت مليس،
مگر جيئن ته حج جو موقعو قريب هو؛ انهيءَ ڪري
ترسي، مارچ 1938ع ۾ واپس سنڌ ۾ آيو.
مولانا سنڌي صاحب جو شروعات کان ئي اهو نظريو هو،
ته انگريزن جي خلاف جهاد ڪري، هندستان لاءِ
آزاديءَ جي راه هموار ڪجي. انهيءَ جو عملي طرح
آغاز 1915ع کان ڪيو هئائين. پاڻ عمر جو وڏو حصو
قومي ڪمن ۾ صرف ڪيائين. حالانڪ ڏکن ڏاکڙن جي زندگي
به کيس بسر ڪرڻي پئي. بعض اوقات ته کيس خطرناڪ
صورتحال سان به منهن ڏيڻو پيو.
پاڻ
سياسي بيداريءَ سان گڏ تصنيف و تالفي کي به چهچٽو
رهيو.
هڪ
طرف سفر جي تڪليفن کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ ٻئي
پاسي قومي آزاديءَ جو اونو سندس ساه کي سوگهو ڪري
ڇڏيو هو. تاهم به پيري ۽ بيماريءَ جي پرواه نه
ڪري، صبر سان ويهڻ نه آيس؛ جنهن ڪري 16 جمادي
الثاني 1364هه مطابق 22 آگسٽ 1944ع جي سج ۾ لاهور
۾ پنهنجي فرزند وٽ رحلت ڪيائين. وصيت مطابق کيس
رحيم يار خان (پنجاب) جي ڳوٺ ”خانپور“ ۾، ڀلارن
بزرگن جي قديم قبرسان ۾ دفنايو ويو.
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
[
ولادت 1343هه = 1924ع ]
سونهاري سنڌ ڪيترائي اهڙا ڀلارا بزرگ؛ نيڪ مرد ۽
سخاوت جا صاحب پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي هڙئون توڙي
وڙئون عام انسانن سان ڀال ڀلايا آهن. سندن فيض
درياه جي وهڪري جيان عام آهي؛ جنهن مان ڪيترائي
اڃايل اچي پنهنجي اڃ اجهائين ٿا. اهڙن ڀاڳ ڀرين ۾
علامه غلام مصطفيٰ قاسيم ولد حافظ محمود چانڊيو به
هڪ آهي. سندس ولادت 1343هه مطابق 24 جون 1924ع تي،
تعلقي ميرو خان (لاڙڪاڻو) جي ڳوٺ ”ڀنڀو خان
چانڊيو“ ۾ ٿي آهي. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ اورچ
انسان آحي. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ وڏي مهارت
رکي ٿو. فاضل ديوبند، مولوي فاضل، اديب فاضل ۽
فاضل طب – سندس تعليم ورتل آهي. هن وقت پاڻ
حيدرآباد ۾ مستقل طرح رهندي، شاه ولي الله اڪيڊمي
حيدرآباد جي ڊائريڪٽر جا فرائض پڻ سرانجام ڏئي
رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ آنرري
پروفيسر ؛ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين پڻ آهي.
مولانا قاسمي صاحب علمي ۽ ادبي سرمايي ۾ اضافو
ڪندي، هڪ ڊزن کان وڌيڪ ڪتاب پڌرا ڪيا آهن؛ انهن
مان: تفسير سورت صبا (1947ع)، شاه جو رسالو
(1951ع)، الهام الرحمان في تفسير القرآن (1966ع)،
پاره الم (ترجمو“ 1969ع)، بنيادي لغت (1973ع)،
سماجي انصاف ۽ اجتماعيت - شاه ولي الله جي روشنيءَ
۾ ۽ اسطاعت (ترجمو)، انصاف ۽ مفيد طلبا منطق وغيره
سندس غير فاني خدمتون آهن. پاڻ شاه ولي الله
اڪيڊميءَ طرفان ماهوار ”الرحيم“ (سنڌي) ۽ ”الولي“
(اردو“ به باقاعدگيءَ سان ايڊٽ ڪندو رهي ٿو. سندس
ڪيترائي تحقيقي، علمي، ادبي ۽ مذهبي مقالا ۽
مضامين پڻ رسالن جي زينت بڻيل آهن.
پاڻ
نيڪ نيت، صاف گو، باشريعت، سنجيده، سچار، همدرد،
بااخلاق، بامروت، مهمان نواز، فراخدل، نيڪ صورت ۽
علم ادب، توڪل ۽ توحيد جو واهڙو وهائيندڙ هڪ مخلص
انسان آهي. اڪثر سندس ڪچهريءَ ۾ علمي گفتگو هوندو
آهي. سندس شاگردن جو حلقو به وسيع آهي. سنڌين کي
سندس ذات تي فخر آهي. خداوند کيس خضري عمر عطا
ڪندو.
مولانا عبدالڪريم چشتي رح
[
1898ع – 1924ع ]
مشهور قومي اڳواڻ، نامور صحافي، بهترين مقرر ۽ جيد
عالم، مولانا عبدالڪريم ولد آخوند عبدالله چشتي،
شڪارپور جي مردم خيز سرزمين تي، 12 ربيع الاخر
1316هه مطابق 4 جولاءِ 1898ع تي تولد ٿيو. ڇهن
سالن جي عمر ۾، آخوند عبدلغفور سومرو وٽ ديني
تعليم لاءِ داخل ٿيو، جتان 1906ع ۾ قرآن پاڪ
ناظران پڙهيائين – 1910ع تائين سنڌي ۽ اردوءَ طرف
به توجہ ڏنائين. پنهنجي ذهن ۽ ذڪاءَ ذريعي عربي ۽
فارسيءَ جا به ڳچ ڪتاب پڙهيو – 1918ع ۾ سيالڪوٽي
نصاب پورو ڪري، مولانا غلام رسول صاحب چشتيءَ وٽان
صرف و نحو جا مرحلا طيءِ ڪيائين. تفسير، حديث،
فقہ، طب، اصول، ادب ۽ منطق وغيره لاءِ علامه
عبدالرحمان ميمڻ جون خدمتون حاصل ڪيائين. وٽائنس
فارغ التحصيل ٿي، دستار – فضيلت ٻڌائين – 1917ع ۾
سندس والد وفات ڪئي؛ جنهن صدمي سندس دل کي سالن
تائين اثرائتو بڻائي ڇڏيو. آخر شڪارپور ۾ رهندڙ
ڪامل ولي، ميان امين شاهه چشتي رح جو خليفو بڻيو.
مولانا صاحب حاذق حڪيم هو؛ جنهن ڪري کيس طب ۾ به
وڏي مهارت حاصل هئي. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ طبابت تي
به طبع آزمائي ڪئي هئائين. ستت ئي ڊاڪٽر ايني
بيسنت جي صحبت ۾ اچي ”انڊين هوم رورل ليگ“ ۾
سموليت اختيار ڪيائين، جتان پاڻ کي شهريت ڏياري،
قومي ۽ ملڪي آزاديءَ لاءِ ميدان تي نڪري نروار
ٿيو. ڪانگريس ۾ شموليت، انجمن مجاهدان اسلام جو
برپا ڪرڻ، خلافت ڪاميٽيءَ جو ميمبر بڻجڻ، مسلم ليگ
جي رڪنيت وٺڻ ۽ قطع تعلقات جي هلچل ۾ سرگرم رهڻ
وغيره سندس سياسي زندگيءَ جو اُڀار آهن. انهيءَ
سلسلي ۾ ڪيترا ڀيرا پاڻ تي قيد جا ڪڙا به چاڙهيا
آهن – 1921ع ۾ ”مدرسه محموديه“ جو بنياد وڌائين.
مولانا صاحب آزاديءَ جو ڪوڏيو هو. سندس صحافتي
زندگي به عجيب آهي. ننڍپڻ کان وٺي مطالع ۾ منهن
هوس؛ جنهن ڪري شروعات ۾ اخبارن پڙهڻ، خاطو ۽ نامه
نگار بڻجڻ ۽ آخر آگسٽ 1927ع ۾ باقاعده جيڪب آباد
مان هفتيوار اخبار ”صداقت“ جو ايڊيٽر ٿيو – 1929ع
۾ ”پيغام“ نالي سان شڪارپور مان اخبار جاري
ڪيائين.
پاڻ جملي چار حج ڪيائين.
لکڻ پڙهڻ ۾ ڀڙ هو. مختلف موضوعات تي سندس قلم مان
55 کن ننڍا وڏا ڪتاب نڪتل آهن، جن مان ست فارسي ۽
باقي سنڌي زبان ۾ قلمبند ٿيل آهن
ايترين سارين ادبي خدمتن جي
عيوض، 9 نومبر 1950ع تي حيدرآباد ۾، ”يارهين سنڌي
ادبي ڪانفرنس“ ۾ کيس
”سبحان سنڌ“
جو خطاب مليو. ٽي ورهيه شڪارپور ميونسپل جو وائيس
پريزيڊنٽ ۽ چار مهينا پريزيڊنٽ به ٿي رهيو. سندس
همعصر دوستن ۽ مخلصن جو وسيع حلقو هو، جن ۾ مولانا
محمد صادق (کڏو، ڪراچي)، حڪيم فتح سيوهاڻي، مولانا
دين محمد وفائي، مولانا محمد سليمان ”واعظ
الاسلام“ (ٿرڙي محبت، دادو)، مولانا قمرالدين
(منگي، مدئجي سکر)، مولانا محمد هاشم ”واعظ
الاسلام“ (رڪ، سکر)، محمد بخش ”واصف“ (حيدرآباد) ۽
محمد هاشم ”مخلص“ (ميرپور خاص، بدين) جا نالا سر-
فهرست آهن. ازانسواءِ مولانا تاج محمود امروٽي رح،
رئيس جان محمد خان جوڻيجو ۽ ٻين خلافتي اڳواڻن سان
به سندس جهجهو ميل جول رهيو.
مولانا صاحب سير و سياحت دوران اجمير، ملتان،
خانپور، لاهور، دهلي، لکنو، عراق، نجف اشرف، بغداد
۽ ڪربلا معليٰ به ويو هو. پاڻ پنهنجي والد بزرگوار
جو دست بيعت هو. پڇاڙيءَ ۾ پيٽ جي آرزوءَ سببان،
آپريشن دوران شڪارپور جي سول اسپتال ۾، زندگيءَ
جون 65 بهارون ڏسي، 19 صفرالمظفر 1384هه مطابق 31
مارچ 1964ع تي هن دارالفانيءَ مان عالم جاودانيءَ
ڏانهن راهي ٿيو؛ ۽ شڪارپور جي قديم قبرستان ۾ ابدي
ننڊ ۾ ستل آهي.
مولانا فقير محمد پٺاڻ
[
1909ع – 1980ع ]
مولانا فقير محمد ولد صاحبڏنو بن بادل خان پٺاڻ؛
تعلقي ڪشمور (جيڪب آباد) جي ڳوٺ ”حاجي خان ڊومڪي“
۾ 17 شوال 1327هه مطابق 3 جون 1909ع تي ولادت ورتي
هئي. سندس جد- ماجد پشوار جا رهاڪو هئا، جن ميراڻي
دور ۾ لڏي، سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. ننڍڙو
فقير محمد ڄمندي ئي ڄام هو. ننڍپڻ کان ئي سندس
طبيعت ماٺيڻي ۽ ذهانت سان پر هئي؛ جنهن ڪري استاد
به سندس هوشياريءَ جو اعتراف ڪندا هئا. ابتدائي
تعليم بعد، ٺيڙهيءَ جي مدرسي مان، مولانا قاضي
حبيب الله ميمڻ، مولانا محمد صاحب سنڌي ۽ مولانا
قطب الدين انڍڙ جهڙن برک عالمن جون خدمتون حاصل
ڪيائين. آخر مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا
حمادالله هالجوي رح، مولانا محمد صالح هاليجوي ۽
مولوي محمد صادق کڏه جهڙن حيد عالمن ۽ بزرگن سڳورن
هٿاران دستار – فضيلت ٻڌائين. فتويٰ، منطق ۽ فلسفي
جي ڄاڻ مولانا عبدالخالق نڙهاليءَ وٽان ورتائين.
آخر ديني سکيا لاءِ دارالعلوم ”ديوبند“ به ويو،
جتي مولانا حسين احمد مدني رح وٽان حديث جي علم ۾
خاصو اڀياس ڪيائين.
پنهنجي اعليٰ ذهانت، شرافت، لياقت ۽ خدا داد
قابليت سببان مولانا فقير محمد، ديوبند ۾ پهريون
نمبر پاس ٿيو؛ جنهن تي مولانا مدنيءَ کيس هدايت
ڪندي چيو، ته ”ميان! پنهنجي زندگي پگهار تي نه
کچائنو؛ ۽ بنا پگهار جي دين جي خدمت لاءِ زندگي
وقف ڪجو!!“. سچ پچ سندس دل تي استاد جي هدايت جو
ايترو ته اثر ٿيو، جو پاڻ بنا اجوري پڇاڙيءَ تائين
دين جي خدمت ڪندو آيو. تقرير خواه تحريڪر جو فن
مولانا هاليجوي وٽان حاصل ٿيو هوس. مولانا
هاليجويءَ، منجهس مڻيان ڏسي چيو هو، ته ”آءٌ فقير
محمد جي دلپذير تقرير ۽ فصيح تحرير کان بيحد متاثر
آهيان، ڇاڪاڻ جو سندس تڪميل اهڙي سر زمين تان ٿي
آهي؛ جنهن تي ٻنهي جهانن جي سردار، رحمت اللعالمين
حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن ۽ ٻين
بزرگن جا آثار موجود آهن.“
مولانا فقير محمد، ديني تعليم لاءِ وقت جي وڏن وڏن
عالمن وٽان استفادو حاصل ڪيو هو. مولانا هاليجويءَ
جي صلاح سان 1943ع کان ڪنڌڪوٽ ۾ اچي دين جو درس
ڏيڻ شروع ڪيائين.
اُن
زماني ۾ ڪنڌڪوٽ شرڪ، بدعت ۽ طرح طرح جي گوڙ گمسان
جو ڳڙه هو؛ جنهن ڪري مولانا لاءِ هر محاذ مونجهاري
جو سبب بڻيل هو. اها افراتفري سندس لاءِ بي
آراميءَ جي باعث بڻي. مگر جيئن ته پاڻ هڪ باهمت ۽
سچو مسلمان هو؛ انهيءَ ڪري ڪنهن ڳالهه جي به ڪاڻ
ڪانه ڪڍيائين. ايتري تائين جو پنهنجي خون جي آخري
فطري قربان ڪرڻ لاءِ به نه گهٻرايائين؛ ۽ دين کي
غيرن جي گرفت کان ڇڏائڻ لاءِ ميدان – عمل ۾ نڪري
نروار ٿيو. ڀلا! هڪ مرد مجاهد پنهنجي تي اچي، ته
ڇا نه ٿو ڪري سگهي؟! هر فتني کي جانفشاني، جولاني،
علمي بصيرت ۽ عقل جي آڌار تي ٽاريندو رهيو، حتيٰ
ڪه مخالفن سان مناظرا به ڪندو رهيو؛ جنهن ۾ کين
ٽوٽا چٻائي ڇڏيائين. نتيجو اهو نڪتو، جو سندس
تبليغ مان ڪيترائي سليم طبع شيعت ۽ بدعت کان تائب
ٿي، توحيد جي دائري ۾ داخل ٿيا.
سنسار جا سک سندس لاءِ ڪابه اهميت نه پيا رکن. دين
جي تبليغ کان سواءِ مولانا صاحب وطن عزيز جو
دلداده هو. ”ديس سان محبت ايمان جو جزو“ ڄاڻي،
پنهنجي تن، من ۽ ڌن جو سانگو نه ساهيائين. آزاديءَ
واري فضا حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ميدان تي نڪري آيو ۽
ڪيترائي پليٽ فارم سنواريائين. خاص ڪري پاڪستان ۾
اسلامي نظام نافذ ڪرڻ لاءِ سندس ڪوششون مثالي آهن.
ڪجهه وقت لاءِ ڊويزنل ڪائونسل جو ميمبر به منتخب
ٿيو.
|