انسان نيڪ هجي يا بد، آخر هڪ ڏينهن هي جهان کيس
ڇڏڻو آهي. انهيءَ اٽل اصول موجب، قوم جي هن
ڪارائتي فرد کي پڇاڙيءَ ۾، طويل علالت دوران، جمع
جي رات، 27 صفرالمظفر 1400هه مطابق 17 جنوري 1980ع
تي، داعي اجل کي لبيڪ چوڻو پيو. کيس مسجد شريف جي
احاطي اندر جاءِ ڏنل آهي. سندس جنازه نماز ۾،
ڪنڌڪوٽ ۽ پسگردائيءَ جي مسلمانن گهڻي تعداد ۾ شرڪت
ڪئي. مولانا صاحب، حالانڪ اڄ اسان وٽ موجود ناهي،
پر سندس زندگي گذارڻ جو نمونو باقي آهي. جيڪڏهن
اسان به سندس جيان باهمت ۽ ديانتداريءَ سان قومي ۽
ملڪي خدمت جو جذبو رکنداسين، ته هوند مولانا جيان
مثالي نيڪ نامي حاصل ڪري سگهنداسين. مطلب ته
مولانا صاحب هڪ مثالي مسلمان هو. پاڻ ملڪ ۽ قوم
لاءِ پڇاڙيءَ تائين ڀال ڀلائيندو رهيو. بقول سندس
هڪ شاگرد جي: ”مولان صاحب، مون جهڙن ڪيترن جون
زندگيون سناوريون. نتيجي طور ڪنڌڪوٽ جا ڪيترائي
مسلمان گمراهيءَ جي غار مان ڪڍي، اوجهڙ ۾
آندائين.“
سندس شاگردن جو حلقو به وسيع هو؛ جن مان: حافظ
محمود هاليجوي، سيد محمد شاه امروٽي، غلام الله
نوناري، عبدالقادر چڪ وارو، فيض محمد ڍول، حبيب
الله سومرو، محمد يعقوب کوسو، لطف الله سومرو،
صدرالدين کوسو، عبدالعزيز پٺاڻ، عبدالغفور ڀٽو،
محمد يعقوب سهندڙو، جمال الدين، محمد اعظم حسيني،
عبدالرحيم ڀيري، عبدالسميع ساوند، محب الله، محمد
قاسم رند، حافظ عطاءُ الله بجاراڻي، عبدالمجيد
کوسو، رشيد احمد سيال ۽ محمد الياس جا نالا سر –
فهرست آهن. پٺيان نرينه اولاد ۾ ٽي فرزند:
عبدالعزيز
،
عبدالرحيم ۽ عبدالمجيد ڇڏيائين، جيڪي پڻ عالم آهن.
طريقت جي لحاظ کان پاڻ، سلطان باهو رح (1644ع –
1690ع) جي درگاه جو عقيدتمند هو. ازانسواءِ ڀرچنڊي
بزرگ، حافظ محمد صديق سميجو رح جي خليفي، مولانا
غلام محمد صاحب دنپوريءَ جو دست بيعت هو مولانا
حماد الله هاليجوي رح لاءِ پڻ ساڳيوئي ادب هوس.
مولوي محمد قاسم مشوري
[
ولادت 1316هه = 1898ع ]
لاڙڪاڻي جي قديم ديني درسگاه، مدرسه اهل سنت
والجماعت جو باني، مولانا محمد قاسم ولد حاجي محمد
عثمان مشوري ، ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ
”مشوري شريف“ ۾، سومر جي ڏينهن، ربيع الاول
1316هه مطابق 1898ع ۾ تولد ٿيو. ابتدا ۾ قرآن پاڪ
ناظران پنهنجي والد سڳوريءَ وٽان پڙهي، 11 ورهين
جي عمر ۾ عربي ۽ فاسيءَ جا ڪتاب، سونو جتوئيءَ جي
بزرگ ۽ جيد عالم، ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح
(1833ع – 1935ع) وٽان پڙهي، دستار – فضيلت ٻڌائين.
هڪ سال بعد شهدادڪوٽ ۾ ”مدرسه صديقيه“ مان عمدة
العلماءُ ميان غلام صديق ميڪڻ رح (1844ع–1905ع)
وٽان روحاني فيض حاصل ڪندي، ڳوٺ واپس وريو.
مولانا صاحب ٻاويهن ورهين جي عمر ۾ (1339هه) ظاهري
علم جي تڪميل بعد، بهار وارن ڏينهن ۾، 17 شوال
1340هه مطابق 22 فيبروري 1922ع تي، پنهنجي ڳوٺ ۾
”مدرسو قاسميه“ نالي قائم ڪيو؛ جنهن جو افتتاح
سندس شفيق استاد مولانا غلام عمر جتوئي رح ڪيو هو.
اڄ خدا جي فضل سان هن مدرسي مان سنڌ ۽ بلوچستان جا
تقريباً پنجاه کن عالم سڳورا فارغ التحصيل ٿي نڪتا
آهن. ازانسواءِ ڪيترائي قرآن پاڪ جا حافظ پڻ پڳ
ٻڌي چڪا آهن.
انهيءَ لکڻ ۾ مبالغو نه آهي، ته سنڌ اندر هن مدرسي
وڏا وڏا عالم پيدا ڪيا آهن، جن تفسير، حديث، فقہ ۽
فتويٰ وغيره تي وڏي دسترس حاصل ڪئي آهي. ازانسواءِ
ايران، عراق، عربستان، ڪشمير ۽ پنجاب کان آيل خدا
جا خاص ٻانها ڪشالا ڪڍي، مولانا صاحب جي نظر فيض
اثر کان مستفيض ٿيا آهن.
مولانا مشوري صاحب جو درس دين ۽ دنيا لاءِ چڱائيءَ
جو پيغام آه. چيو اٿس، ته ”اسان کي پنهنجي خرابين
جي خبر نه پوندي آهي ۽ خرابي پاڻ مان اسين تڏهن ئي
ڪڍي سگهنداسون؛ جڏهن اُن خرابيءَ جي چٽيءَ طرح
واقفيت هونديسون. جيڪو اندر سان اورڻ تي هريل
هوندو، ميراقبي ۾ ويهندو هوندو، سوئي پنهنجون
اوڻايون آئيني ۾ ڏسي سگهندو.“ پاڻ سنڌ جي عظيم
روحاني پيشوا، پاڳارا خاندان جي چشم و چراغ، قطب
الاقطاب سيد امام الدين شاه راشدي قادري نقشبندي،
سجاده نشين درگاه عاليه ٺلاه شريف (متصل باقراڻي
اسٽيشن) جي هٿ تي دست بيعت ڪري، خرقه – خلافت
ڍڪيائين.
وٽس
وڏو ڪتب خانو آهي؛ جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ قلمي
ڪتاب موجود آهن. سندس ڪجهه تصنيفات به آهن، جن جا
نالا هن ريت آهني: ”معلم الفرائض“ (ورثي بابت
ورهاست جا شرعي مسئلا بيان ڪيل آهن)، ”رحمتي رات
شب برات“ (شعبان مهيني جي 15 رات جي فضيلت بيان
ٿيل آهي)، ”ارشاد العباد“ (منجهس ”ض“ ۽ ”ڏ“ جي
پڙهڻي ۽ ”مخرج“ بابت سمجهاڻي آيل آهي)، ”اتحاف
الاشراف“ (اوقاف بابت هداتيون)، ”هديته الابرار في
ان المصطفيٰ نورالانور“ (آنحضرت صلعم جن جي نور
هجڻ بابت قرآني دليل ڏنل آهن)، ”حزب البحر“ (وظيفن
۽ زڪوات بابت)، ”دلائل الخيرات“ (مديني پاڪ مان
مليل صحيح نسخي جي نشاندهي ۽ پڙهڻ بابت فائدن جو
فرمان)، ”نقحات الڪرامات“ (ملغوظات پي سائين روضي
ڌڻيءَ جا)، ”ضياءُ الهديٰ“ (شيعه عقيدي جي رد ۾
لکيل)، ”معراج نامي جديد“ (آنحضرت صلعم جن جو
معراج – قرآن ۽ حديث جي روشني ۾)، ”پرده عورت
المعروف به الستر زينت النساءِ“ (عورتن جي پردي
بابت شرعي حڪم) ۽ ”مواعظ القاسميه“ (سندس واعظ ۽
تقريرن تي مشتمل). ازانسواءِ ”فتح الله الورود في
تحقيق امراة المفقود“ ”نهج الصواب في تعقيق
المراب“، ”فتويٰ قاسميه“ (فقہ جا مسئلا)، ”تفصير
قاسميه“، ”ڪتاب في بحث الرضاع“، ”نفي الريب في بحث
علم الغيب“، ”ڪتاب في بحث تقصيص اللحية“، ”الدليل
المعقول في تحريم الطول“ ”هدايت الناس في جواز
الميلاد والاعراس“، ”قطع المشاجرت في تحقيق حرمة
المصا هرة“ ”بنات النبي صلي الله عليہ وسلم“،
”اليڪشن متعلق شرعي نقطه نظر ۽ ”ڪتاب في الطريقت
القادريه والنقشبنديه“ وغيره پڻ قلمي صورت ۾ وٽس
تيار آهن.
پاڻ
هفتي جي اٺن ڏينهن ۾: جمعي کان علاوه ڇنڇر، سومر ۽
اڱارو ديني درس ۾ صرف ڪندو آهي. خميس جو ڏينهن،
ڏيهي خواه پرڏيهي پانڌيئڙن لاءِ شرعي فتوائون،
مسائل، تحريرون ۽ عام فيصلن لاءِ مقرر آهي. آچر جو
ڏينهن دعا تعويذ ۽ اربع جو سج خاص ذڪر فڪر ۽ جماعت
کي حلقه ۾ آڻي، روحاني طرح درس و تدريس ۾ گذاريندو
آهي.
سندس صحبتي، حافظ امام بخش سومرو رح [1895ع –
1968ع) هو. ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”قيام پاڪستان“ ۾
مشوري صاحب جو خاص حصو آهي. پاڻ نه صرف تحريڪن ۾
سرگرم رهيو آهي، پر مالي مدد به ڏنائين. ”انجمن
اسلام صديقي لاڙڪاڻو“ جو صدر پڻ آهي. ورهاڱي بعد،
مهاجرن جي آباد ڪاريءَ ۾ پڻ دل و جان سان مددگار
بڻيو. حاجي علي محمد ۽ حافظ محمد المعروف ”نالي
مٺو“ سندس نرينه اولاد آهن.
مولوي نورالدين ”مسرور“ بلوچ
[
1918ع – 1976ع ]
مولوي نورالدين ”مسرور“ ولد
توڪ علي خان بهلڪاڻي بليدي بلوچ، تعلقي ڪنڌڪوٽ
(جيڪب آباد) جي ديهه شيران ۾ ڳوٺ ”عظيم خان
بهلڪاڻي“ ۾، 4 محرم الحرام 1337هه مطابق 12- اپريل
1918ع تي جنم ورتو هو. شروعات ۾ ديني درس مير حاجي
نهال خان باجڪاڻيءَ ڳوٺ ۾ عربيءَ جا ابتدائي ڪتاب
مولانا محمد مراد بهلڪاڻيءَ پڙهايس؛ ۽ صرف و نحو ۽
فقہ ۾ ڪنز وغيره جا ڪتاب مولانا محمد علي کوسي
وٽان پورا ڪيائين. ڪجهه وقت لاءِ ”ٺيڙهيءَ جي
مدرسي“ (خيرپور ميرس) مان مولانا حبيب الله جون
خدمتون به حاصل ڪيائين. آخر 1363هه (1944ع) ۾
تعلقي ٺل جي ڳوٺ، دليل خان بنگلاڻيءَ مان باقي
ڪتاب پورا ڪري، مولانا عبدالعلي عودويءَ وٽان
دستار– فضيلت ٻڌائين. پوءِ استاد جي اجازت سان ڳوٺ
۾ ديني درس ڏيڻ لڳو. عارضي گرانٽ ملڻ سبب ڪجهه وقت
لاءِ سرڪاري طرح ”معلم“ به ٿي ڪم ڪيائين.
مولوي صاحب 1951ع ۾ حج بيت الله شريف جي زيارت
لاءِ چار آنا کيسي ۾ کڻي، پيادل روانو ٿيو؛ ۽
آڪٽوبر 1952ع ۾ واپس ماڳ موٽيو. حج جي سربستو
احوال بلوچي نظم ۾ قلمبند ڪيائين. عربي، فارسي،
سنڌي ۽ اردو زبانن جي به خاصي ڄاڻ هيس – 1958ع
تائين مدرسي ۾ درس و تدريس سان گڏ، طب کي به حاصل
ڪندو رهيو – 1960ع ۾ بنيادي جمهوريتن جي هلچل ۾ پڻ
بهرو ورتائين. شاعريءَ جي سلسلي ۾ مولانا ”مسرور“
صاحب جا بي انداز نظم ملن ٿا. ازانسواءِ ”مسروري
گفتار“ (1944ع)، ”عطاب صادقيته، جواب لازميته“
(1948ع)، ”ائٽم بي نظير برتوب مفلح شرير“ (مولود
1956ع)، ”سروري انقلاب“ (1970ع ۽ ”ديوان مسرور“
(1974ع) نالي سند ڪتاب به پڌرا ٿيل آهن.
پاڻ
پني عاقل (سکر) جي جيد عالم ۽ بزرگ، مولانا حماد
الله هالجوي رح جو عقيدتمند هو؛ ۽ ديوبند عالمن
سان سندس ناتو هو. سندس همعصر ۽ سهيوڳي: مير صبح
صادق خان کوسو، مير علي نواز خان کوسو، مولوي غلام
رسول بجاراڻي، حاجي رشيد احمد خان سيال ۽ مولوي
عمرالدين کوسو هئا. پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ
دوران، 18 جمادي الثاني 1397هه مطابق 31 جنوري
1976ع تي سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ منجهند ڌاري وفات
ڪيائين؛ ۽ ڳوٺ ۾ عزيزن سان گڏ آڻي آرامي ڪيائونس.
”مسرور“ مرحوم پٺيان پنجب پٽ (عبدالقادر،
عبدالواحد، عبدالغفور، عبدالشڪور ۽ عبدالعلام) ۽
ٽي نياڻيون ڇڏيون آهن. پاڻ هڪ همدرد، سخي، رحمدل،
فياض، مهمان نواز ۽ پرهيزگار سني مسلمان هو. دنيوي
لالچن کان پري ۽ خدا واسطي دوستي رکندڙ عظيم انسان
هو. هيٺ سندس هڪ ”مولود“ نموني طور ڏجي ٿو:-
تو
مٿي مرسل ڪيو مولا نبوت کي ختم،
آبرو انسان جو تنهنجي ڪري ٿيو آ اتم.
سڀ سڪا ساوا ٿيا تنهنجي اچڻ سان اي مٺا،
نانءَ پنهنجي سان ڌڻي شامل ڪيو تنهنجو اسم.
خوش
ٿيو آ باغ ۽ گل ڦل ٽڙي گلزار ٿيا،
ڀل خوشيءَ سان ئي پيوٽهڪي سدا عرب و عجم.
ڪيو
خدا معراج جو سهڻو سفر توکي عطا،
۽ وري خاوند کنيو تنهنجي حياتيءَ جو قسم.
شان تنهنجي کي وڌائڻ لهء ڌڻي توکي چيو،
تون
آهين خيرالبشر ۽ امتي خيرالامم.
تون ائين فتنه دفع ٿيا لڙ ٽري ويو ملڪ مان،
ٿو چٽي شيطان کي نعرو هڻي هر دم نجم.
ماٺ
ڪر ”مسرور“ آ شان نبي بي انتها،
پڙهه مٿي ڪلمو نبيءَ تي ڪر ختم پنهنجو نظم.
موهن فقير آهوجا
[
1845ع – 1925ع ]
صوفي موهن لعل پٽ پريمداس آهوجا جو، تعلقي لاڙڪاڻي
جي ڳوٺ عاقل خالد ۾، 17 ڊسمبر 1845 تي جنم ٿيو هو.
ننڍپڻ کان ئي ڳوٺ ۾ پتا سان گڏ هٽ هلائيندو هو.
سندس طبيعت شروعات کان ئي صوفين جي صحبت ۽ ساڌن ڄي
سڪ ۾ گذاري. انهيءَ ڪري نوشهري فيروز جي نقشبندي
بزرگ، شاه نصير الدين صوفي رح (وفات 1318هه =
1900ع) جو معتقد ٿيو. سڄي زندگي راڳ ۽ ويراڳ ۾ صرف
ڪندي، آخر عمر لاڙڪاڻي شهر جي اوڀارين طرف اوتارو
(نڪيو) اڏي گذارڻ لڳو – 18 شعبان 1223هه مطابق 12
مارچ 1925ع تي سيوهڻ شريف ۾ پرلوڪ پڌاريائين.
مسلمانن کيس دفنائڻ ٿي چاهيو ۽ هندن سندن ڪريا ڪرم
ڪرڻ پئي گهريو. بالاخر سيوهڻ شريف ۾ سندس سماڌي
جوڙي وئي. سنڌي ۽ هندي زبانن ۾ سندس ڪلام ملي ٿو،
جيڪو سمورو تصوف جي رنگ ۾ رتل آهي. نموني طور سندس
هڪ ڪافي هيٺ ڏجي ٿي:-
ســـڪ سـلامـــــــــــن ســـاڻ،
لالـــــــــــــن ڪـين لـهـي ٿـــــــــــي.
وسائج وري اچي، سندو ڀوريءَ ڀاڻ.
درد وندن جي دل کي، ڏسڻ تنهنجو ڏاڻ.
ويٺي آهيان واٽ تي، پرين پسائج پاڻ.
هج هميشہ هجن ۾، سدا ”موهن“ ساڻ.
ميان جان محمد ”فدا“ عباسي
[
1885ع – 1921ع ]
سنڌ
جي سماجي زندگيءَ جو هڪ اڻ وسرندڙ هيرو، وسيع
مطالعي، وسيع فڪر ۽ وسيع مشرب وارو صاحب – ديوان
شاعر، ميان جان محمد ”فدا“ ولد فيض محمد عباسي،
ضلعي دادو، تعلقي ڪڪڙ جي ڳوٺ ”ٻورڙي شريف“ ۾، 19
شوال 1303هه مطابق 4 سيپٽمبر 1885ع تي تولد ٿيو
هو. اڃا ڇهن ورهين جو مس ٿيو، ته 1891ع ۾ ڳوٺ جي
اسڪول ۾ پرائمري تعليم جو آغاز ڪيائين. چار درجا
سنڌي پاس ڪري، 1895ع ۾ تعلقي دادوءَ جي ڳوٺ ”ٽڳا“
۾ مولانا قاضي جان محمد صاحب قريشي وٽان فارسيءَ
جي سکيا ورتائين. سال کن جي قليل عرصي اندر
پارسيءَ جا ابتدائي ڪتاب ۽ قرآن پاڪ ناظنران سان
گڏ فقہ جي ڄاڻ به حاصل ڪري ورتائين. ستت ئي ذهانت
جي زور تي سنڌي تعليم طرف تيزيءَ سان توجہ ڏيندي،
1900ع ۾ شڪارپور مان ورنيڪيولر امتحان به پاس
ڪيائين پوءِ عارضي طرح 9 روپيه درماه معاوضي سان
تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ماستر مقرر ٿيو.
ستن
مهينن جي وقفي بعد ڪراچي ضلعي ۾ پڪيءَ طرح ماستري
ملي ويس، جتان 1904ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾
چونڊجي آيو. آخر 21 ڊسمبر 1906ع تي ٽن سالن جي
پڄاڻيءَ بعد باقاعده فارغ التحصيل ٿي، سجاول ۾
نوڪريءَ تي چڙهيو. اهڙيءَ طرح شاهبندر، چوهڙ
جمالي، مانجهند، سن، لڪي ۽ راڌڻ (لاڙڪاڻو) وغيره ۾
ملازمت ڪيائين. مطالع سان سندس وڏو عشق هو؛ جنهن
ڪري ڪافي عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتاب پڙهيا هيائين.
سخن جي سلسلي ۾ ”فدا“۾ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾
ڪؤنتل ڪڏايو اٿس. بيت، ڪافيون، وايون ۽ غزل سندس
پسنديده صنفون هيون. غزلن جي سلسلي ۾ سندس مڪمل
”ديوان“ به ترتيب ڏنل آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ سندس
پوٽي، ميان جان محمد ”شاد“ عباسيءَ وٽ محفوظ آهي؛
جنهن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ کي توجہ ڏيڻ گهرجي.
”فدا“ عباسيءَ جو ڪلام گهڻي ڀاڱي عشقيه آهي.
منجهس تغزل، جذب، رنگيفي، سوزوگداز ۽ معنويت معلوم
ٿئي ٿو. ٻولي پختي، انداز – بيان شاعرانه ۽
عالمانه اٿس. هڪ پرگو شاعي جي حيثيت ۾ سندس ڪلام
سنڌي ادب لاءِ باعث – فخر آهي. سندس حالانڪ جهجهو
آهي، مگر عوام اڳيان تمام گهٽ آيل آهي. سندس ڪلام
جي مطالعي مان اُهي تمام خوبيون معلوم ٿين ٿيون،
جيڪي هڪ سٺي ۽ باڪمال شاعر ۾ هجڻ گهرجي. پاڻ رلڻو
ملڻو، خوش مزاج ۽ بيحد خليق انسان هو. ساڳئي وقت
هڪ لاغرض ۽ بي طمع هجڻ، منجهس خاص خوبي هئي.
”عالمانه بحث“، سندس دل جي وندر ۽ ورونهن هئي. پاڻ
بحث ۾ درڪ رکندو هو. انهيءَ ڪري ڪيترن ئي گمراه
انسانن کي راه راست تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا
ڪيائين.
انهيءَ
مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ”فدا“ صاحب
کي شرعي اعتبار کان وڏي ڄاڻ هئي. سندس عالمانه بحث
مفصل ۽ مدلل آهي. ازانسواءِ ”دعوت الحق“ نالي
سلوڻي، مٺي، هلڪي ۽ دلپذير زبان ۾ هڪ ڪتاب به
1908ع ۾ ترتيب ڏنو هئائين؛ جنهن ۾ دنيا جي مذهبن
جي ”اظهر من الشمس“- مصداق ثابتين سان واضح
حقيقتون بيان ڪندي، ”اسلام“ کي افضل ۽ فطري مذهب
ثابت ڪيو اٿس. سندس نظريي مطابق
”اسلام کان سواءِ ڪنهن به ٻئي مذهبي تي هلڻ صريحاً
گمراهي آهي ۽ اسلام ئي نجات جو رستو آهي“.
مطلب ته پاڻ هڪ ڪامل استاد هجڻ سان گڏ اعليٰ پايي
جو شاعر، عالم ۽ صاحب- تصنيف و تاليف شخص هو.
پنهنجي سوٽ ميان دين محمد سان وڏي محبت هيس؛ جنهن
جي اوچتي انتقال سندس دل تي سخت صدمو رسايو؛ جنهن
ڪري دق تپ جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو. آخر انهيءَ موذي
مرض سندس جان نهوڙي ڇڏي، جنهن ڪري 13 رمضان
المبارڪ 1340هه مطابق 26 نومبر 1921ع تي هن فاني
جهان مان الوداع ڪري، عالم جاودانيءَ ڏانهن وک
وڌائي، پنهنجو سفر سنواريو. کيس ”ٻورڙي شريف“ ۾
جاءِ ڏني وئي. پٺيان نرينه اولاد ۾ ٻه فرزند: ميان
حسن علي، ميان فيض محمد ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيائين. هيٺ
”فدا“ صاحب جي ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:-
”ڪيئي جڏهن ساري خدائيءَ جون ڳاليهون،
تڏهن ڪر ذرو آشنائيءَ جون ڳالهيون.
چڱن کي جڳائن چڱائيءَ جون ڳالهيون،
برن کي وڻن ٿيون برائيءَ جون ڳالهيون.
رکي
دل ۾ هڪڙي ۽ ٻي ٿو ٻڌائين،
صفا ڪر تون مون سان صفائيءَ جون ڳالهيون.
رکي
صبح ۽ شام آئينه اڳيون،
وڻن اُن کي ٿيون خود نمائيءَ جون ڳالهيون.
”فدا نيڪ اعمال جو ڪر ثر ڪجهه،
نه ڪر وات سان پارسائيءَ جون ڳالهيون.“
ميان حامد الله ”حامد حضوري“ تونيو رح
[
1798ع – 1873ع ]
زميني جو محتهد، روحاني رهبر، صاحب دل صوفي بزرگ،
اهل الله ۽ جيد عالم، ميروخان
جو
مور، ميان حامد الله ”حامد“ المعروف ”حامد حضوري“
ولد
ميان روشن علي تونيو، پهرين شوال 1213هه مطابق 12
جنوري 1298ع تي ميرو خان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تولد
ٿيو. سندس ابتدائي تعليم والد بزرگوار وٽان شروع
ٿي؛ جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ خاص مهارت
حاصل ڪيائين. بلوغت تي رسڻ سان پيري مريديءَ جو
سلسلو وڌايائين؛ جنهن کان لغاري نوابن کي سخت چڙ
لڳي؛ ۽ ساڻس اُچاٽ ڪرڻ شروع ڪيائون. نتيجي طور
تونيه فقيرن جي زمين تي ناجزئ قبضا ڪرائڻ، وس
پڄنديءَ آهر سندسن پاڻي بند ڪرائڻ ۽ هٿرادو کوٽ
پيدا ڪري، سندس زمينون غيرآٻاد بڻائي ڇڏيائون. هي
اهو وقت هو، جڏهن سنڌ تي ميرن جي زوال جو سج اڀري
چڪو هو. هوڏانهن بروهين جو وڏو ڪڻڪ نواب سهراب خان
لغاريءَ تي چڙهائي ڪري آيو؛ جنهن ڪري سندن طاقت کي
ڪمزور بڻائي ڇڏيو، ويتر ميان حامد حضوريءَ جي دلي
رنج، سندن نانءُ نشان به مٽائي ڇڏيو.
هن
رفيع الدرجات جي فيض ۽ ولادت جي واس چوڏس چانڊاڻ
ڪري ڇڏي. سندس زندگيءَ جو مقصد ”الاهي عبادت ۽ خدا
جي مخلوق جي اصلاح“ ڪرڻ هو. پاڻ اڪثر قرآن پاڪ ۽
مطالعي ۾ مصورف رهيو؛ ۽ واندڪائيءَ جي وندر،
کيتيءَ جي نظرداري هو. سند نظر فيض اثر ۽ دعا سان
ابڙا، ڀٽي، دايا، گهلجا، ماڇي، مڱريا، موچي، ميمڻ
۽ خود تونيه فقير به پري پري کان لڏي اچي ميرو خان
۾ مقيم ٿيا. مسلمان کان علاوه هندن جو به مٿس وڏو
اعتقاد هو. زندگيءَ جو وڏو حصو درس و تدريس ۾ صرف
ڪيائين. زماني جي حالت کي نهايت صبر ۽ استقلال سان
سهندو رهيو. صوم صلوات جي پابندي ڪندي، 77 ورهين
جي ڄمار سنبري، 5 شوال 1290هه مطابق 3 نومبر 1873ع
تي خدا کي پيارو ٿي ويو. کيس ميرو خان شهر ۾ جاءِ
ڏني وئي، جيڪو اڄ عام و خاص لاءِ زيارت گاه سڏجي
ٿو. روزانو ڪيترائي معتقد هت اچي پنهنجي عقيدت جو
اظهار ڪن ٿا.
ميان حضور بادشاه جي زندگي زهد ۽ عبادت، رشد ۽
هدايت ۾ گذري. سندس تيز بهدف هئي. زبان مبارڪ مان
لفظ نڪتو مس، الاهي درگاه ۾ قبول پئجي ويندو هو.
تفسير، حديث ۽ فقہ جي وڏي ڄاڻ هيس. طبيعت ۾ جلائي
۽ بي پرواهي حد درجي جي هيس. جوانيءَ ۾ شاعري به
ڪيائين. فارسيءَ ۽ سنڌي زبانن ۾ سندس مداحون،
مناجاتون، ٽيهه اکريون ۽ مولود چيل آهن. ازانسواءِ
ڪافون، غزل ۽ مرثيا به مرتب ڪيا هائين. پاڻ شڪل
شباهت جو سهڻو، قد و چٿرو، بت ڀريل ۽ پوري رنگ تي
مائل هوس. ڏاڙه گهاٽي، سفيد ۽ چاپهين، وار شرعي ۽
هميشه سفيد پوشاڪ پهرندو هو. سندس چهري مان نور
پيو ٻڪندو هو. چار چلا به ڪڍيائين.
ميان سرفراز ڪلهوڙو
[
1751ع – 1777ع ]
ميران سرفراز خان ولد ميان غلام شاه
ڪلهوڙو غالباً1165هه مطابق 1751ع ڌاري حيدرآباد ۾
ڄائو هو. ابتدائي تعليم ۾ عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي
سکيا ورتائين؛ جنهن کان پوءِ انگريزي علم لاءِ
استاد به رکيائين. ذهين به حد درجي جو هو. ننڍپڻ ۾
ئي شعر چوڻ شروع ڪيائين – 22 ورهين جي عمر (1772ع)
۾ سنڌي جي گاديءَ تي ويٺو. کيس ڀاڳ نه ڀيڙايو؛
جنهن ڪري ڪنن جو ڪچو ٿي، وزير راڄي ليکي جي چرچ
تي، وفادار ساٿين جا سر قلم ڪرائي ڇڏيائين. نتيجي
طور ٽالپرن ۽ بلوچن ۾ اچي ڦوٽ پئي؛ جنهن ڪري
مجبوراً کيس 1775ع ۾ تخت تان لاهي، حيدرآباد جي
قلعي اندر قيد ڪيو ويو. قيد ۾ سندس اکين جي بينائي
به ختم ڪرائي وئي؛ جنهن ڪري لاچار ٿي پيو. کانئس
پوءِ سندس ڀاءُ ميان محمود عرف محمد ابا خان (وفات
1190هه)، چاچس غلام النبي خان ۽ عبدالنبي خان
(وفات 1220هه) تحت تي ويٺا.
ميان سرفرا خان نور جي چٽائي وڃائڻ بعد شاعريءَ کي
مشغلو بڻايائين. سندس ڪلام فارسي زبان ۾ ڪثير
التعداد آهي. البته سنڌي زبان ۾ چيل اسان کي سندس
هڪ ”مدح“ ملي ٿي، جنهن کي قيد جي ڪوٽن ۾ رهندي،
نهايت انتهائي سوز ۽ رقت وچان، اندر جي اُٻڙاڪ
آواز مان چيو اٿس. مذڪوره مداح دکدائڪ لهجي ۾، بنا
ڪنهن اٽڪ جي لس پڙهي سگهجي ٿي. موزون ڪلام جي
سلسلي ۾ غالباً سنڌي زبان ۾ کيس ”شروعاتي مداح“
کڻي چئجي، ته بيجاءِ نه ٿيندو. هن مداح جو بنيادي
وراڻو:
”ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون“
– غير فاني ۽ پر اثر آهي. سنڌ ۾ هن مداح وڏي
مقبوليت ورتي آهي، ايتري تائين جو اڄ به مشڪل مهل
۾ هن مداح کي پڙهيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ميان صاحب
جي فارسي غزلن تي مشتمل شاعري، حافظ شيرازي رح
(1320ع – 1389ع) جي تتبع تي ترتيب ڏنل آهي.
ازانسواءِ فني پخنگي، فڪر جي گهرائي، درد ۽ سوز
وغيره، مداح کي سنڌي ادب ۾ وڏي تاثر، رواني، دلڪشي
۽ هڪ عظيم ۽ غير فاني شاهڪار جي حيثيت بخشي آهي.
حياتيءَ کيس مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري ڦوه جوانيءَ ۾،
1191هه مطابق 1777ع ڌاري کيس قيد ۾ ئي قتل ڪرايو
ويو. هيٺ سندس مداح مان نمونو پيش ڪجي ٿو:-
بسم الله، لڳ الله، محمد شاه، ڪر پناه پرين تون،
منجهه درگاه، ڪيم آه، مٿي راه رسين مون:
ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون
آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون،
پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ، ڏئين مون:
ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال، سڻج تون.
ميان شاه بهارو جهنجهڻ
[
1665ع – 1736ع ]
ارڙهين صديءَ جي اوائل ۾ سنڌي سڳوريءَ اهڙا ته
بلند پايي بهادر، نامور شخص، سياسي مدبر، جنگي
جوڌا ۽ بهترين منتظم پيدا ڪيا آهن، جن جي ڪارنامن
کي اڄ تائين نهايت عزت ۽ احترام جي نگاهه سان
نهاريو پيو وڃي. اهڙن نامور عظيم هستين ۾ ميان نور
محمد ڪلهوڙي جو نائب (وڏو وزير ۽ سپہ سالار)، ميان
شاهه بهادر المعروف شاه بهارو ولد غلام حيدر
جهنجهڻ به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 5 ذوالقعد
1076هه مطابق 21 نومبر 1665ع تي ڳوٺ بوبڪ (دادو) ۾
ٿي هئي. سندس والد ڪلهوڙن وٽ ”ڪاردار“ هو؛ جنهن
پنهنجي پٽ کي حيدرآباد ۾ تعليم ڏياري. ميان صاحب
ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري تعليم سان
گڏ فوجي سکيا به وٺندو رهيو. جلد ئي سندس بهادري ۽
سچائي ڪلهوڙن جي ڪن پهتي. پوءِ ته کيس فوج ۾ کڻي
ڀرتي ڪيائونس. پاڻ فوج جا طور طريقا سکي، ترقي
وٺي، اعليٰ عهدي تي وڃي رسيو. 28 ورهين جي عمر ۾
والد وڇوڙو ڏنس. پوءِ ته پنهنجي نيڪ نيتيءَ، نمڪ
حلاليءَ ۽ ڪلهوڙن وٽ ڪلي اعتماد سان 1132هه
(1719ع) ۾، ميان نور محمد جي طرفان ”چانڊڪي پرڳڻي“
(لاڙڪاڻو ضلعو) جو ناظم اعليٰ مقرر ٿيو
.
لاڙڪاڻو ، سنڌ جو عدن سڏبو هو. منجهس هر قسم جا
باغات ۽ واپاري منڊين هجڻ سببان شروعات کان وٺي
وڏي رونق رهي آهي. ميان شاهل محمد ڪلهوڙو (1593ع –
1657ع) جي کوٽايل ”گهاڙواه“ هن شهر کي ”بندر“ جي
حيثيت ڏياري هئي. پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٻيڙا پڻ
هتي لنگر هڻندا هئا؛ جنهن ڪري واپار کي خوبر هٿي
ملي. اهڙي پر رونق فضا ۽ وڌندڙ واپاري شهر ۾ ميان
صاحب وقت جي نظام (گورنر) جي حيثيت ۾ حياتيءَ جا
سکيا ڏينهن گذاريا. سندس هٿ هيٺ ڏهه هزار ماڻهو
هوندا هئا. پاڻ شهر جي اتر – اوڀر ڪنڊ تي، گاهڙ
واه جي ڪنڌيءَ سان هڪ ننڍڙو ڪوٽ (قلعو) به جوڙايو
هئائين، جيڪو پوءِ وڌي، سندس نالي پٺيان ڳوٺ
”بهارپور“ سڏجڻ لڳو.
ميان صاحب منظم جي حيثيت سان بهارپور کي خوب وڌايو
۽ منجهس بازار قائم ڪرائي؛ جنهن ۾ مقامي توڙي
ٻاهرين قافلن جو مال عام جام وڪامندو هو. گويا
لاڙڪاڻي جي منڊي ”بهارپور“ بڻجي وئي. اهوئي سبب
هو، جو لاڙڪاڻو سندس ذاتي اثر رسوخ، خوش خلقي،
سياسي تدير ۽ اورچائيءَ سببان اوج تي وڃي رسيو.
خود ميان نور محمد ڪلهوڙي کي جتي ٻين ملڪي معاملن
۽ بهادريءَ جي ڪارنامن سان گهري دلچسپي هئي، اتي
”زراعت“ کي به نظرانداز نه ڪيائين؛ ۽ پوکي راهيءَ
جي ترقيءَ ۽ اناج وغيره جي جهجهي اپائڻ لاءِ
بنيادي ڪمن طرف توجہ ڏنائين. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ
اندر واهن جو وڏو ڄار وڇايو ويو؛ ۽ آمدرفت جي
سهوليت لاءِ پليون پڻ ٺهرايائين. خاص ڪري اثر سنڌ
(جتي سندس سندس شروعاتي گادي رهي آهي) ۾ وڏا واه
کوٽايائين، جن ۾ ميان صاحب پڻ گهري دلچسپي ورتي.
سندس ايامڪاريءَ ۾ کوٽايل، سندس نالي پٺيان ”شاهه
جي ڪور“وڏي اهميت ۽ سندس روشن دماغيءَ جو واضح
ثبوت آهي. ازانسواءِ چانڊڪي پرڳڻي ۾ ٻين به ڪيتن
ئي کوٽايل ننڍن وڏن واهن جو سهرو سندس سر تي آهي.
پاڻ
جنگي جوڌو به هڪڙو ئي هو. شجاعت ۽ اورچائيءَ سان
ڪلهوڙن پاران 84 جنگيون جوٽيائين. قلات جي والي،
امير عبدالله خان سان جنگ واري موقعي تي پاڻ
موکيائين؛ جنهن ۾ امير عبدالله خان جو انت آندائين
. اهڙي طرح 1136هه (فيبروري 1724ع) ۾، دائود پوٽن
۽ ڪلهوڙن جي شڪارپور واري لڙائيءَ ۾ به ميان صاحب
پنهنجي لشڪر سان شڪارپور جي اولهه کي گهيري ورتو
هو. ميان صاحب جي انهن ڪاميابين ۽ ڪامرانين کي وقت
جي شاعرن به خوب ڳايو آهي.
عباسي ڪلهوڙن جي راڄڌانيءَ ۾ اهو خاص عقيدو هو، ته
سندس امير اُمراءَ، حڪومت جي واليءَ جا معتقد هجن.
انهن کي فقر جي بلندين سببان حاڪم طرفان، ”فقير“
جو لقب ملندو هو. وٽن اڃا وڌيڪ جيڪو پيارو هوندو
هو، ”برخوردار“ سڏبو هو. انهن روايتن کي ميان نور
محمد به وڏن جيان برقرار رکندي، ميان شاه بهاري کي
به ”فقير“ جو لقب ڏنو هو.
سنڌ
۾ جيڪي به عالم، فاضل ۽ سياسي مدبر ٿي گذريا آهن،
تن کي ٻين علمن سان گڏ ”طب“ سان به دلچسپي رهي
آهي. ميان صاحب به عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جو
وڏو ڄاڻو هو. ساڳئي وقت هڪ حاذق حڪيم به هو. خاص
ڪري طبي طريقن ۾ پوري سنڌ ۾ سندس مشورا وڏي اهميت
رکندا هئا. خود ڪلهوڙا حاڪم به علاج معالج لاءِ
سندس صلاحن کي ترجيح ڏنيد اهئا. وٽس وڏا حڪيم ۽
يوناني طب جا ماهر موجود هوندا هئا، جن سان سندس
رهاڻيون ٿينديون هيون؛ اُنهن مان: سيد عبدالله ولد
سعدالله سورتي (وفات 1138هه)، ميان شفيع محمد ڏوٻي
(وفات 1174هه)، حڪيم عبدالرئوف بوبڪائي (وفات
1181هه) ۽ مرزا علي مدد خان (وفات 1183هه) جا نالا
سر- فهرست آهن.
ميان شاه بهاري جو جهڙو نالو هو، تهڙوئي سندس امير
خواه غريب لاءِ شفقت ۽ محبت ڀريو برتاءُ هو، کل مک
وري اهڙو هو، جو عام ماڻهن کي به سندس مرڪ مان
حياتيءَ جو حسن حاصل ٿيندو هو. پنهنجي زندگيءَ جو
ڳچ حصو مايوس حياتيءَ جو حسن حاصل ٿيندو هو.
پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو مايوس ۽ نااميد مريضن تي
شفا ۽ دعا جا هٿ ڦيريندي، سندن دلجوئي ڪندو رهيو.
سندس تشخيص توڙي تجويز به فلسفيانه ۽ فڪرمندانه
طرز جي هئي؛ جنهن ڪري ڪافي مريض وٽانئس صحتياب پئي
ٿيا. کيس پنهنجي دور جو حاذق حڪيم ڄاتو وڃي ٿو. هڪ
حاڪم جي حيثيت ۾، باقاعده مطب ڪونه کوليو هئائين؛
باقي غريبن جي خدمت خاطر اڪثر دوائون وٽس موجود
هيون.
1721ع ڌاري حج بيت الله شريف جي فريضه لاءِ حرمين
شريف روانو ٿيو. واپسيءَ تي ڪيترائي عربي زبان ۾
ديني ڪتاب خريد ڪري پنهنجي ذاتي ڪتبخاني ۾ واڌارو
ڪيائين. سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ لکين روپين جا ناياب
ڪتاب ڪٺا ٿيا هئا، جي سندس وصال بعد، سندس اولاد
جي بي توجهيءَ ۽ زماني جي انقلابي تبديلين سببان
بالڪل درهم برهم ٿي ويا.
روزي نماز جي پابندين سببان هر طبقي ۽ هر فرقي جي
ماڻهن سان سندس ملاقاتيون ٿينديون هيون عالم، پير،
مشائخ، مسلمان، هندو، زميندار، ڪامورا توڙي عام
رعيت جا ماڻهو به وٽس اچي حال اوريندا هئا. مطلب
ته هر وقت سندس دورازي تي خدا جي خلق جي عام جام
اچ وڃ هئي. هميشہ پرهيزگار ۽ تهجدگذار رهندي، ڪنهن
سان به بي واجبي يا پاسحاطريءَ واري هلت هلي،
انصاف کي هٿان نه هاريو.
ميان صاحب مختلف جاين تي ڪيترائي ننڍا وڏا قلعا
جوڙيا. پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ علائقي کي خوب شاد ۽
آباد رکيائين. آخر هن بهترين منتظم زندگيءَ جون
ستر بهارون پوريون ڪري، 24 ربيع الثاني 1150هه
مطابق 12 مئي 1736ع، لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪيو. پٺيان
نرينه اولاد ۾ چار فرزند: مقصود، فتح خان، مير خان
۽ دوست محمد ڇڏيائين انهن مان وڏو سندس جبان اعليٰ
دماغ ۽ سياسي فڪر رکندڙ هو، التبه ڪن ڳالهين ۾ وري
پيءُ جي ضد ۾ به سوچ رکندو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته
ميان صاحب پنهنجو آخري آرام گاه به جيئري ئي تعمير
ڪرايو هئائين. مٿس هڪ عاليشان مقبرو اڏيل آهي،
جيڪو ميان غلام شاه ڪلهوڙي (حڪومت 1762ع کان 1772ع
تائين)، 1188هه (1772ع) ۾ جوڙايو هو.
|