ڊاڪٽر شيخ محمد
ابراهيم ”خليل“
[ولادت 1318هه= 1900ع]
سنڌي زبان جو ڪهنه مشق اديب ۽ قادر الڪلام شاعر،
ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ ولد محمد يوسف شيخ،
1318 هه مطابق ڊسمبر 24، 1900ع جي سج ۾، ڪراچي شهر
۾ اک کولي. ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظران، مولوي محمد
عثمان نورنگزادي وٽان پڙهيو. پوءِ نولراءِ هيرانند
اڪيڊمي ۽ نارائڻ جڳنناٿ هاءِ اسڪول ڪراچيءِ مان
1917ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، سنڌ مدرسته الاسلام
ڪراچيءَ مان فارغ التحصيل ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ ڊي –
جي ڪاليج ۾ استاد به ٿي رهيو، مگر هن تيز فهم
انسان کي ماستريءَ مزو نه ڏنو، پوءِ ڊاڪٽريءَ جي
تعليم لاءِ بمبئيءَ ويو، جتان 1925ع ۾ سند وٺي،
پهريائين حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول، ڊوميڊيڪل ڪاليج
ڪراچي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿي
رهيو. زندگيءَ جا 14 ورهيه سر سي – جي – مينٽل
اسپتال گدوءَ لاءِ به پنهنجون خدمتون وقف ڪيائين.
ولايت (آسٽريليا – ويانا) مان دماغي شعبي ۾ خاص
تربيت به ورتل اٿس. آخر 1955ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر
جي عهدي تان رٽاير ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب 1913ع کان ادب ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. شعر
جي شروعات پهريائين ”غافل“ تخلص سان ڪيائين، پر
پوءِ ”خليل“ تخلص کي مستقل طور استعمال ڪرڻ لڳو -
علمي صلاحيتن سببان ڪيترن ئي درسي ڪاميٽين جو
ميمبر به آهي، جن مان انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي،
جمعيت الشعراءُ سنڌ، ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ شاه لطيف
ڪاميٽي وغيره قابل - ذڪر آهن. سندس قلم مان نڪتل
تقريباً هڪ ڊزن کن ڪتاب نڪتا آهن، جن مان ”بيت
الله ۽ مسجد نبويءَ جي مختصر تاريخ“، ”رهنما ۽
شاعري“ (ٽي ڀاڱا)، ”ادب ۽ تنقيد“، ”بلبل سنڌ“،
”عبرت ڪده“ (ٽي ڀاڱا)، ”عمرو بن عاص“ ، ”عيوب سخن“
، ”سنڌي مثنوي“ ، ”سنڌي رباعيون“ ، ”سنڌي افسانا“
، ”انتخاب خليل“ ۽ ”ڪليات خليل“ وغيره مثالي حيثيت
رکن ٿا.
”خليل صاحب، تقريباً هر صنف تي لکيو آهي. خاص
شاعريءَ جي سلسلي ۾ عروض جي پوري پوري پيروي ڪئي
اٿس. ڪلام ”اديب سنڌ“ کان ”نئين زندگيءَ“ تائين هر
رسالي جي زينت بڻيو آهي. پاڻ نقاد به بهترين آهي.
نازڪ طبع ۽ اصولن جو پابند آهي عقيدي جو پڪو ۽ سني
مسلمان آهي. خداوند سندس دنيا ۽ آخرت موچاري ڪندو.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
[ولادت 1342 هه = 1923ع]
زنده ليکڪن ۾ لاڙڪاڻي جو لائق رٽايرڊ استاد،
پروفيسر عبدالڪريم ولد محراب خان سنديلو به آهي.
سندس ولادت 1342 هه مطابق 31 ڊسمبر 1923ع تي،
تعلقي ڏوڪريءَ ، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”محراب
سنديلو“ ۾ ٿي آهي. شروعات ۾ ڪمپائونڊر ٿيو، جتان
پرائمري ماستر جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ پير
پاتائين. بي– اي (آنرز) ايم – اي (سنڌي ادب) ۽ لوڪ
ادب جي موضوع تي ٿيسز
(Theses)
لکي، پي ايڇ-ڊي
( Ph: d)
جون ڊگريون به
ورتائين نهايت اورچ ۽ محنتي مڙس آهي، جنهن ڪري لڳاتار لوچڻ سان انگريزي
استاد مان ليڪچرار ۽ اتان ترقي وٺي، 5 اپريل 1979ع
تي پرنسيپال جي عهدي تان رٽاير ڪيائين. هن وقت گهر
۾ آرم جي زندگي بسر ڪري رهيو آهي.
لکڻ پڙهڻ جو شوق کيس شروعات کان ئي هيو، جنهن ڪري
سندس قلم مان اخبارن ۽ رسالن لاءِ مضمون گهٽ ۽
ڪتاب زياده نڪتل آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي لوڪ ادب ، لغت
۽ لسانيات تي مشتمل آهن. ”علم بديع“ ، ”سنڌ جو
سينگار“، ”تحقيق الغات سنڌي“، ”وينجهار“ ”رهبر
ديوان گل“، ”پهاڪن جي پاڙ“، ”ڏهس نامو“، ”ڪليان
حسين ديدڙ“، ”ڪليات شاه محمد ديدڙ“، ”انگي اصول“،
”ابتدائي اصول“، ”ابتدائي سائنس“، ”ساميءَ جون
سپون“ ، ۽ ”سامي ڏاتو ڪوش“ – سندس تصنيفون آهن.
جناب سنديلو صاحب ڪيترن ئي درسي ڪاميٽين جو ميمبر
ٻه ٿي رهيو آهي. پڇاڙيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي
ميمبريءَ جا فرائض به کيس سونپيا ويا آهن. ”اسلم
منزل ، لڳ پاور هائوس لاڙڪاڻو“– سندس مڪمل سرنامو
آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
[ولادت 1349 هه = 1935ع]
ماڻهو ته مڙيوئي ماڻهو آهن. مگر ڪو ماڻهو فرشتن
واريون خصلتون ۽ خوبيون کڻي، دنيا جي تختي تي
پنهنجا قدم رکي ٿو. اهڙن عظيم انسانن مان سنڌ جو
نامور محقق ؛ پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب
1349 هه مطابق 15 مارچ 1930ع تي، ضلعي ٺٽي، تعلقي
جاتيءَ جي ڳوٺ ”تڙ خواجا“ ۾ ڄائو آهي. بي– اي
(آنرز) ۽ ايم – اي کان علاوه ”لاڙ جي ادبي ۽
ثقافتي تاريخ“ جي عنوان تحت تحقيقي مقالو لکي ڊي –
فل
(D. phil:)
جي ڊگري به ورتي اٿس.
ڊاڪٽر الانا صاحب، گهڻين ئي خوبين جو مالڪ آهي.
بالخصوص سنڌي زبان ۽ ادب جي جيڪا کائنس خدمت پڳي
آهي، شايد ئي ٻيو ڪوئي ڪري سگهي ها! انهيءَ لکڻ ۾
وڌاءُ نه آهي، ته هن وقت تائين سندس قلم مان ڪوڙي
ڪتابن جي، تحقيق جي اک مان نڪري چڪي آهي؛ انهن مان
خاص: ”لاش“ (ناول)، ”چور“ (ڪهاڻيون)، ”ديوان فاضل“
(انتخاب)، ”سنڌي صورتخطي“ (لسانيات)، ”سنڌي زبان
جي بنيادي لغت“، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“
(لسانيات) ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ قابل
- ذڪر آهن.
ڊاڪٽر صاحب کي نثر تي وڏو درڪ حاصل آهي. سندس
تحقيق جو انداز به انوکو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
رهندي، سنڌي شعبي طرفان قائم ڪيل ”انسٽيٽيوٽ آف
سنڌ الاجي“ ، سندس ئي ذاتي دلچسپيءَ جو مظهر آهي.
پاڻ انهيءَ شعبي جو ڊائريڪٽر به آهي. سنڌ ۽ سنڌي
قوم، ڊاڪٽر الانا صاحب جي خدمتن جو کليءَ دل سان
اعتراف ڪري ٿي. پاڻ ڪيترين ئي تعليمي ڪاميٽين جي
سربراه هجڻ سان گڏوگڏ، سنڌي ادبي بورڊ جو خاص
ڪارندو پڻ آهي. سندس دلچسپيءَ سان سنڌ الاجيءَ
طرفان ڇهه ماهي مئگزين ”سنڌي ادب“ پڻ نڪري ٿي. دعا
آهي، ته خدا پاڪ هن محب - وطن سنڌيءَ کي جڳ
جياريندو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
[ولادت 1350 هه = 1931ع]
سنڌ جو ڄاتل سڃاتل اديب، عالم ۽ بهترين مقرر،
محترم ڊاڪٽر پروفيسر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ولد حاجي
غلام حسين، 1350 هه مطابق 11 سيپٽمبر 1931ع تي،
تعلقي سکر جي ڳوٺ ”ماڙيءَ“ ۾ تولد ٿيو. ابتدائي
تعليم شڪارپور مان ورتائين، جتان 1948ع ۾ باقبائل
لڏي، ميمڻ محله لاڙڪاڻي ۾ اچي مستقل رهائش اختيار
ڪيائين.
ملازمت جو آغاز روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيءَ سان
ڪيائين. پوءِ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما پاس ڪري، پي
- ڊبليو - ڊي
(p.w.D)
۾ اوور سيئر ٿيو. انهيءَ دوران
ايم – اي سنڌي ادب ۾ پاس ڪرڻ بعد، 1961ع ۾ اسلاميه
ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ايم – اي ثقافت
اسلامي، ايم – اي مذاهب عالم جو تقابلي مطالعو ۽
”بيان العارفين سنڌيءَ جي ترتيب ۽ اپٽار“ جي عنوان
تحت پي ايڇ – ڊي
(ph: D)
لاءِ ٿيسز لکي، سندون به
ورتائين. هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾
پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي.
سنڌي صاحب ، شروعات ۾ ”فائق“ تخلص سان شاعريءَ طرف
به توجہ ڏنو، پر پوءِ کيس نثر ۾ زياده دلچسپي ٿي؛
جنهن ڪري هن وقت سندس سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ تقريباً
35 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ازانسواءِ ايڪويهه ڪتاب اڃا
قلمي صورت ۾، سندس ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهن. ”تذڪره
الشهباز“، ”تذڪره الشعراءُ سکر“، ڪريم جو ڪلام“،
”ڏور“، ماڻڪ موتي لعل“، ”سکر جي سوکڙي“، ”سنڌي ادب
جو تاريخي جائزو“، سنڌي ادب جو تنقيدي جائزو“،
”جوتيون جواهرن جون“، ”سر ڏهر“؛ ”فڪر لطيف“؛ ”فڪر
بيدل“؛ ”ذڪر اشرف“؛ ”ڏوهاري ڪير“؛ ”ديس ديس جون
ڪهاڻيون“؛ ”اسلاميات“؛ ”اقتصاديات“؛ ”رتيءَ جي
رهاڻ“؛ ۽ ”سنڌي علم ادب اصول ۽ اهڃاڻ“، وغيره سنڌي
ادب ۾ خاصو اضافو آهن. انهن مان ڪجهه درسي طور به
پاڙهيا پيا وڃن.
ازانسواءِ سفرناما ۽ معلومات – سچل جو سنيهو – سنڌ
سماع – ڪليات قادر بخش ”بشير“ – ڪلام غلام محمد
بگائي – سنڌيءَ ۾ نعت نگاري – مولود – ڪلام ”عاصي“
– ڪلام ”خادم“ لاڙڪاڻوي – سنڌي ادب جي تاريخ –
ادبي لغت – بيان العارفين ۽ معجزا وغيره وٽس تيار
پيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ کي هن طرف توجہ ڏيڻ
گهرجي.
انهيءَ لکڻ ۾ مبالغو نه ٿيندو، ته جناب پروفيسر
سنڌي صاحب سنڌي زبان ۾ نڪرندڙ ڪا به اخبار يا
رسالو نه ڇڏيو اٿس ؛ جنهن ۾ سندس تحقيقي مقالا ۽
مضامين نه ڇپيا آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر
به آهي. انهيءَ کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي تعليمي
ڪاميٽي تي کيس نمائندگي مليل آهي. طبعاً نهايت
سنجيده ۽ هر ننڍي وڏي لاءِ وٽس دل جي گهراين سان
آجيان آهي. خدا وند کيس خضري عمر عطا ڪري . ”وحيد
منزل، ميمڻ محلو لاڙڪاڻو“ سندس پتو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ
[ولادت 1336 هه = 1917ع]
مشهور سنڌي اديب، مورخ، محقق، مبصر، اهل قلم،
دانشور ۽ بيباڪ شخص، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان ولد
محمد علي خان بلوچ، 1336 هه مطابق 16 ڊسمبر 1917ع
تي، ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ ”جعفر خان
جمال“ ۾ تولد ٿيو. مئٽرڪ 1935ع ۾، بي – اي 1941ع،
ايم – اي ۽ ايل ايل – بي 1943ع ۾ پاس ڪرڻ بعد،
آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشن
(education)
۾ پي ايڇ – ڊي
(ph: D)
حاصل ڪيائين. 1951ع ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو، جتان
1967ع ۾ وائيس چانسلر جي عهدي تان بدلي ٿي، اسلام
آباد ۾ وزارت تعليم جي سيڪريٽريءَ جا فرائض سر
انجام ڏيندو رهيو. هينئر رٽايرڊ ٿيڻ بعد، ثقافتي
شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
سنڌي ادب جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون خدمتون واکاڻ
جوڳيون آهن. خاص ڪري ادب جي تاريخ، لوڪ ادب، سنڌي
لغت، سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ڪلاسيڪي شاعري ۽ لطيفان
وغيره تي سندس ڪيل جاکوڙ ۽ نچوڙيل نور کي سنڌي نسل
صدين تائين ساراهيندو رهندو. جيتري قدر کيس نثر
سان انس آهي؛ اوترو نظم ۾ به گهرو نظر اچي ٿو.
علم جي سلسلي ۾ يورپ ۽ مشرق جي تعليمي ۽ ثقافتي
گڏجاڻين ۾ حڪومت پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪندو
رهيو آهي، سندس علمي خدمتن عيوض حڪومت پاسڪتان
طرفان ”تغمهء پاڪستان“ جو اعزاز به مليو آهي. شال
خداوند ڪريم، سنڌ جي هن سپوت کي وڏي عمر عطا ڪري.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
[1884ع – 1947ع]
شاه جو شارح، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، 8
مارچ 1884ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. مئٽرڪ
1900ع، بي – اي 1905ع، ايم – اي 1907ع، ۽ لنڊن مان
1928ع ۾ پي ايڇ – ڊي
(ph: D)
جي اعليٰ سند حاصل ڪندي؛ تعليم
کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون بجا آڻيندو
رهيو، جتان پرنسپال جي عهدي تان رٽاير ڪيائين.
ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب، علم ادب جي ميدان ۾ گهڻين ئي
خوبين ۽ صفتن جو صاحب هو. انهيءَ لکڻ ۾ شايد وڌاءُ
نه ٿئي، ”ڊاڪٽر صاحب جو هن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد ئي
”علم“ هو“ . فيبروري 11، 1947ع تي سرڳواس
ماڻيائين. سندس لکيل ڪتاب حالانڪ ٿورا آهن، جن جو
تعداد فقط پنج آهي، جيڪي : ”شاه جو رسالو“ (مڪمل
چئن جلدن مان ، ٽي جلد
ڇپجي چڪا آهن)، ”روح رهاڻ“ ، ”نور جهان“ ، (1915ع)
۽ ”لواريءَ جا لعل“ ، (1934).
ڊاڪٽر صاحب جون مذڪوره تصنيفات، موضوع ۽ تحقيق جي
لحاظ کان سنڌي ادب ۾ غير فاني حيثيت رکن ٿيون. خاص
ڪري، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جي مڪمل
شرح ۾ ساڻس اڃا ڪو ٻيو برميچي نه سگهيو آهي. خود
يورپ وارن به سندس محنت کي داد ڏنو هو. شمس
العلماع علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب
(1896 – 1958) به سندس شاگردن مان هو.
رحيم بخش ”قمر“ لاکو
[ولادت 1352هه = 1933ع]
الحاج رحيم بخش ”قمر“ ولد محمد عيسيٰ لاکو، ضلعي
نوابشاه، تعلقي موري جي ڳوٺ ”عمر راهو“ ۾، 1352 هه
مطابق 1933ع ۾ ڄائو آهي. ننڍپڻ کان ئي يتيمي زندگي
سندس مقدر بڻي سندس ابتدائي تعليم جو آغاز،
شڪارپور جي مدرسه ”انوار العلوم“ مان مولانا الحاج
عبدالله صاحب جي رهبريءَ هيٺ ٿيو هو، جتان ذهن ۽
ذڪاءَ جي زور تي، ٻن سالن جي مختصر مدت ۾ عربي صرف
و نحو پوري ڪيائين.
طبيعت موزون هئڻ سببان، شاعريءَ ۾ خاصي ڪاميابي
حاصل ڪري ورتائين. الله جي فضل سان اڄ ”قمر“ تخلص
سان سندس شمار سنڌ جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو. بيت،
وايون، ڪافيون، غزل، گيت، نظم، قصيدا، مولود،
رباعيون، دوها، قطعا، مثنويون، مسدس، مخمس، ۽
مستزاد سندس طبع آزمائيءَ هيٺ رهيا آهن. غزلن جي
سلسلي ۾ سندس مڪمل ديوان به آهي، جيڪو ”ديوان قمر“
جي نالي سان، 1967ع ۾ پڌرو ٿيو آهي؛ جن مان ”دربار
- مدينه“، ”جمال المصطفيٰ“، ”فضائل القرآن“،
”دربار - ڪربلا“، ”آخرت جي پوک“، ”جواهر القمر“؛
”چنڊ تنهنجي ذات“؛ ”خطبات روح الاسلام“؛ ”ڳاڙيندي
ڳوڙها“؛ ”تندون جي طلب جون“ ۽ ”کڻي نيڻ خمار مان“–
سنڌي ادب ۾ نمايان آهن. هن وقت پاڻ گلزار مسجد
نوابشاه ۾ خطيب آهي. سنڌ جي تقريباً هر سنڌي اخبار
۽ رسالي ۾ سندس اشعار ڪثرت سان شايع ٿيندا رهن ٿا.
”قمر“ صاحب جي شاعريءَ ۾ جذبات جي فراوالي؛ ولوله
انگيزي ۽ انسان ذات سان بي پناه محبت جو عنصر پڻ
نظر اچي ٿو. سندس شاعري حوصله مند جوانن لاءِ
تعميري انقلاب جي دعوت آهي. باوجود ان جي؛ سندس فن
رس رهاڻ ۽ ذوق جماليات کان خالي ناهي. انهن لفظن
لکڻ ۾ شايد ڪو مبالغو نه ٿئي؛ ته ”قمر“ صاحب سنڌ
جو عموماً ۽ لاڙ جي لانگهن جو خصوصاً هڪ بهترين
شاعر عمار ٿئي ٿو. سندس بيتن تي مشتمل ”رسالو“ به
تربيت ڏنل آهي؛ جيڪو اڃا ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهي.
نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”اول الله تعاليٰ؛ وحده لا شريڪ؛
خالق ! پنهنجي خلق جو ؛ جو مالڪ آه مليڪ؛
ٺاهيو عالم ٺيڪ ؛ جوڙڻهاري جوڙ سان.“
”سڄڻ آيو سهنج ٿيا ؛ هينئر ٺريو هانءُ ؛
مير محمد مصطفيٰ ؛ نوي جنهن جو نانءُ ؛
اَبو ؛ اَمڙ ۽ آنءُ ؛ صدقي سڄڻ تان ٿيون.“
رشيد احمد لاشاري
[1922ع – 1970ع]
سنڌ زبان جا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر آهن، جن
کي ”علم عروض“ جي قواعد و ضوابط توڙي ”ڪلاسيڪل
شاعريءَ“ جي فن تي مڪمل دسترس حاصل آهي. اهڙن پختن
شاعرن ۾، رشيد احمد ولد مير زرڪ خان جو به شمار
ٿئي ٿو. سندس ولادت ڳوٺ ”مال گذار“ تحصيل نصيرآباد
، ضلعي سبي (بلوچستان) ۾ 19 شعبان 1341هه مطابق 8
اپريل 1922ع تي ٿي آهي. ابتدائي چار درجا 23 شوال
1147 هه مطابق 21 مارچ 1734ع تي سنڌ جي ريگستاني
علائقي، ضلعي ٿرپارڪر ۾، عمرڪوٽ لڳ هڪ ڀٽ ۾ تولد
ٿيو آهي، جتي گولارن ۽ گگرين ۾ نپجي ڀڙ ٿيو هو. هن
ابتدائي تعليم، لائق اتادن جي نظر فيض اثر هيٺ
حاصل ڪئي؛ جنهن جو نتيجو سندس ڪلام ۾ آيل فني
پختگي ۽ رواني چيو وڃي ٿو.
سنڌ جي هن عظيم انسان ، سنڌي زبان سان گڏ عربي ۽
فارسيءَ جي به چڱي ڄاڻ حاصل ڪئي هئي. ازانسواءِ جو
ڌپور ۽ جيسلمير ۾ هنديءَ جي عام استعمال سان،
هنديءَ کي به هٿان نه ڇڏيائين. سمجهه ڀري ٿيڻ سان،
پنهنجي ماسات ”راڄي ليکي“ جي معرفت ڪلهوڙن جي
درٻار ۾، ميان دين محمد وٽ ملازمت ورتائين. اهڙيءَ
طرح ميان نور محمد، ميان غلام شاه، ميان سرفراز ۽
ميان عبدالنبيءَ جن جي حڪومت جا ڏينهن پئي سنڀريو.
ميان غلام شاه کي ته سندس طبيعت وڻيل هئي؛ جنهن
ڪري کيس ترقي ڏئي ”توشا خاني“ جو منتظم مقرر ڪيو
هوس، جيڪو ان زماني ۾ معمولي عهدو نه هو.
فقير صاحب طبيعت جو نرم ۽ هر غريب خواه امير لاءِ
يڪسان نظر رکندڙ هو. زماني طور ڪنهن ڳالهه کان
متاثر ٿي، ملازمت جا لڳت لاڳاپا لاهي، جهوڪ
ميرانپور ڏانهن رخ رکيائين، جتي ساه نه کنيو. پاڻ
بيڪ وقت نثر نويس به هو، ته شاعر به. اردو، سنڌي
سرائڪي ۽ پنجابي زبانن ۾ ڪثرت سان لکندي: ڪليات
گدا، مثنوي نل دمينتي، شڪنتلا، لطيف باغ جو سير،
يوسف زليخان (قصو) سچل سرمست رسالو ۽ شاه سائين رح
جي ڪيترن ئي سرن جون تفصيلي شرحون پڻ قلمبند
ڪيائين.
شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”ڪافيءَ“ تي ڪمال حاصل هوس.
سندس نثر خواه نظم ”اديب سنڌ“ رسالي کان وٺي، سنڌي
زبان جي هر رسالي ۾ بنا ناغي شايع ٿيندو رهيس.
سندس ڪلام جو وڏو ذخيرو موجود آهي ، پر افسوس! جو
اڄ تائين سنڌي ادبي بورڊ جو ايڏانهن توجہ نه ويو
آهي. ڏسون، سندس ”ڪليات“ پڌري ٿئي به ٿي يا نه !!
روحل فقير
[1734ع – 1804ع]
سنڌي ۾ ڪيترائي اهڙا باڪمال انسان ٿي گذريا آهن،
جن علم ۽ فيض جا واهڙ وهائي، پنهنجو وارو وڄائي
ويا. اهي هن دنيا ۾ اهڙيءَ طرح اٿيا ويٺا، جو سندن
نانءُ ناموس، صدين کان زنده رهندو اچي ٿو. انهن
عالمن ۽ الله لوڪن ۾ ڪنڊڙيءَ جي ڪلتار، روحل فقير
جو نالو به ڳڻيو وڃي ٿو.
سنڌ جو صوفي شاعر، روحل فقير ولد فقير شاهن
زنگيجو،
ان زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ”اسڪرپٽ
رائيٽر“ به ٿي رهيو – 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾
باقاعده
ملازمت اختيار ڪيائين، پر جيئن ته سندس ماحول ساز
گار نه هو؛ انهيءَ ڪري 1959ع ۾ مجبوراً نوڪري ڇڏڻي
پيس – 1960ع ۾ ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ سان
وابستگي اختيار ڪيائين، پر پوءِ اتي به رهي نه
سگهيو ۽ ڊسمبر 1962ع ۾ انهيءَ اداري کان به علحدگي
اختيار ڪيائين. ڪجهه وقت ڪراچيءَ مان نڪرندڙ
هفتيوار ”ناخدا“ جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. بعد ۾،
عبدالله هارون ڪاليج کڏه (ڪراچي) ۾ سنڌيءَ جو
ليڪچرار مقرر ٿيو – 1969ع ۾ کيس ڪاليج کان رخصت
ملي؛ تنهن کان پوءِ روزانه ”مهراڻ، (حيدرآباد) ۾
شموليت اختيار ڪيائين.
رشيد احمد، نهايت اورچ ۽ ذهين انسان هو. رات ڏينهن
جي سخت محنت کيس آخر هيڻو ڪري ڇڏيو. هينئر دم
ڪشيءَ جي آرزو به وڌي ويس؛ جنهن ڪري حيدرآباد جي
سول اسپتال ۾ داخل ٿي، علاج جي آڌر تي زندگيءَ جي
سفر کي اڳڀرو ڪندو رهيو. تان ته 25 ذوالحج 1390 هه
مطابق 19 سيپٽمبر 1970ع تي هن فاني جهان مان گذر
ڪري ويو. پاڻ هڪ اڻ ٿڪ اديب ۽ زود نويس شاعر هو.
بيماريءَ هوندي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ لاڳيتو لکندو
رهيو. سندس علمي فياضيءَ ۽ مالي مجبورين مان ڪيترن
کي فائدو رسيو.
افسوس جو ايڏي ساري اورچ (محنتي مڙس)، دنيا ۾ سک
جو اردو، مال گذار ۾ پڙهيو، والد جي وفات بعد
پنهنجي مامي حمزه خان ۽ چاچي عبدالعزيز خان جي نظر
هيٺ ڪنڌ ڪوٽ (جيڪب آباد) ۾ پرورش پاتائين، جتي
سوڀو خان اوڳاهي اسڪول مان؛ ماستر عاربي خان
اوڳاهي وٽان سنڌيءَ جي سکيا ورتائين. آخر 1936ع ۾
ورنيڪيولر سنڌي فائينل امتحان پاس ڪيائين.
رشيد احمد، شور ڪوٽي بزرگ، حضرت سلطان باهو رح
1627ع – 1690ع) جي درگاه جو معتقد هو، افغانستان
جو سير به ڪيو هئائين – 1941ع کان ٺيڙهيءَ جي
مدرسي مان فارسي پڙهڻ شروع ڪيائين. عربيءَ لاءِ
سندس استاد : مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ، مولانا
عبدالحڪيم، مولانا حبيب الله ٺيڙهوي ۽ مولانا فقير
محمد صاحب ڪنڌ ڪوٽي هئا.
1944ع ۾، تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان
پير پاتائين. ملازمت دوران سنڌي جي چپي چپي گهمڻ
جو موقعو به مليس. ڪاليج جو ٻيو سال پورو ڪري، شمس
العلماءُ علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي
مهربانيءَ سان 1949ع ۾، اردو ٽيچر حيدرآباد ۾ مقرر
ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1953ع ۾ مئٽرڪ به پاس
ڪيائين. ڪجهه وقت لاءِ ”ريسرچ اسسٽنٽ“ جي عهدي تي
”سنڌي لغت“ جي شعبي ۾ به ڪم ڪيائين – 1956ع ۾ هڪ
ڊگهي بيماريءَ سببان ۽ ڪن ٻين ذاتي سببن ڪري نوڪري
ڇڏي، ڪراچيءَ جي فلمي دنيا ۾ داخل ٿيو، جتي فلمي
آکاڻيون، مڪالما ۽ گيت وغيره پڻ لکڻ لڳو
.
شاه عنايت الله صوفيءَ جو وڃي مريد ٿيو. پاڻ مرشد
جي سڪ ۾ پنجويهه ورهيه مٽيون ڀريندو رهيو. آخر سخت
مجاهدن ۽ رياضتن بعد، سندس من جي مراد پوري ٿي؛ ۽
کيس اندر جو سوجهرو مليو. پوءِ ڪجهه وقت جهوڪ ۾
ترسي، مرشد کان موڪلائي هلڻ لڳو، ته صوفي صاحب
فرمايس، ”اَبا ! اسان تنهنجي رهڻ لاءِ اها جاءِ
مقرر ڪئي آهي، جتي توکي خود بخود روڪ ٿئي:!“
|