سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :19

شروعات ۾ شاديءَ جو خيال ترڪ ڪيو هئائين، پر پوءِ سنت نبويءَ جي پيرويءَ کي افضل ڄاڻي، چاليهن ورهين جي عمر ۾، سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ جي همشيره بيبي زليخان سان پهرين شادي ڪيائين؛ جنهن مان: محمد امين، حامد ۽ نور محمد، احمد ۽ چئن نياڻي جو اضافو ٿيو. بيبي زليخان (956هه - 1549ع) ۾ وفات ڪئي؛ جنهن ڪري ٻي شادي چوهاڻ قوم مان ٿيس؛ جنهن مان: ابراهيم، ميران محمد ۽ جلال محمد ڄاوا. ٽين شاديءَ مان: موسيٰ، آدم، هارون، دائود ۽ يوسف پيدا ٿيا؛ پڇاڙيءَ واري (چوٿين) شاديءَ مان کين ڪوبه اولاد نه ٿيو. پاڻ 85 ورهين جي عمر ۾ جمع جي رات 27 ذوالقعد 998هه مطابق 21 نومبر 1589ع تي هالا ۾ وفات ٿي. سندس وصيت موجب غسل جي سعات فقير عبدو ڪيريو کي نصيب ٿي. غسل بعد 71 دفعا جنازه نماز پڙهي ويئي. آخر جمع جي نماز بعد کيس ڳوٺ ۾ هميشہ هميشہ لاءِ آرامي ڪيو ويو. ٻارهن سالن بعد وڏيءَ ليٽ ۾ سندس جسم خاڪيءَ کي ڪڍي، نئين ڳوٺ ۾ دفنايو ويو. جتي سندس عاليشان مقبرو، سندس پوٽاڻ مان پنجين سجاده نشين مخدوم محمد زمان (1205هه - 1790ع) ۾ تعمير ڪرايو هو. سندس ڏاکڻي طرف مخدوم مير محمد جي تربت آهي، جيڪا مير فتح علي خان ٽالپر (1210هه - 1795ع) ۾ تعمير ڪرائي هئي. اتر طرف مير ڪرم علي خان (1222هه - 1807ع) ۾ جامع مسجد جوڙائي آهي. هر سال ذوالحج جي پهرين سومر تي مٿس ميلو وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو آهي، جتي ذڪر و فڪر، مولودن ۽ مداحن جي محفل سان گڏ ”ڏهر“ جي پالوٽ ۽ سماع جي محفل  منعقد ٿيندي آهي.

مخدوم صاحب ”نو لکي گودڙيءَ“  جو مالڪ هو. سندس خيال سنت نبويءَ موجب هئا. طريقت جاذب، سادي ۽ فقيراڻي اُٿڻي ويهڻي هيس. ٺٺ ٺانگر ۽ طمطراق کان بيزار هو. سندس حلقي ۾ امير خواه غريب، دولت مند ۽ حاڪم پڻ هوندا هئا. نذر نياز غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. پوشاڪ سادي ۽ اڪثر سائي يا نير ۾ ٻڏل ڪپڙا پهريندو هو. فقر و فاقو سندس دل جي مرضيءَ موجب هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس گهر ۾ کاڌي لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو، تاهم به شڪر سندس زبان تي هر وقت رهيو. سيد ابوبڪر شاه لڪياروي، سيد علي شيرازي، فقير رشيدالدين، شاه محمد حسين ۽ ميان بهاؤالدين گودڙيو سندس خاص خليفن ۾ شمار ٿين ٿا. پاڻ ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين، جن مان فارسي زبان ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو مثالي حيثيت رکي ٿو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي علمي مهارت ۽ ادراڪ هوس. شاعري به سٺي ڪئي اٿس.

مـــــــــــــدن ڀـــڳـت

[ 1667ع – 1744ع ]

سنڌ جي عظيم انسانن ۾ صوفي سنت، مدن پٽ چيتن تولاڻيءَ جو نالو وسارڻ بالڪل بي انصافي ٿيندي. سندس جنم وسپت 12 جنوري 1667ع تي، تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪوٽ ڪلاڻي  \۾ ٿيو هو. سند پتا ننڍپڻ ۾ ئي ماتا جي بيماريءَ وگهي اکين کان ضعيف هو؛ جنهن ڪري راتيان ڏينهان ڌڻيءَ در وينتي ڪندي، عامل بڻيو هو. شاه حبيب سان بيحد عقيدت هيس. اهڙي نيڪ انسان جي پٺ مان ”مدن“ جهڙو سدا ملوڪ نينگر پر گهٽ ٿيو.

مدن ننڍپڻ کان ئي ماٺيڻو ۽ سلڇڻو ڇوڪر هو. پاڻ کي هڪ جيڏن ۾ ڪڏهن به هٺيلو ۽ معتبر نه پئي ڀانيائين؛ ويتر ڀٽ جي آس پاس ڳوٺن ۾ گهمندي ڦرندي صوفين ۽ سنتن جي صحبت مان ڪافي پرايو هئائين. سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، شاه عبداللطيف ڀٽائي رح (1689ع – 1752ع) سان گهڻي سلام دعا هيس. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته هڪ دفعي ڪچهريءَ ۾ مدن، شاه سائين رح سان گڏ ويٺو هو. شاه سائينءَ کيس چرچي ۾ چيو، ته ”محبت جي ميدان ۾ مهتا ڪندين ڪيئن“؟ - مدن ان وقت ته بالڪل خاموش رهيو. آخر شاه صاحب جي زور ڀرڻ تي جواب ۾ صرف ايترو عرض ڪيائين، ته ”سائين! انهيءَ جو جواب اوهان کي ڪنهن مناسب موقعي تي ڏيندس!!“ ڪجهه ڏينهن بعد، درياه جي پتڻ تي سندن ملاقات ٿي. کين پار پهچڻو هو، پر جيئن ته ڪنڌيءَ کان پاٽڻي پڳهه ڇوڙي پتڻ کان پرڀرو هاڪار چڪو هو؛ جنهن ڪري ٻئي ڄڻا بي وس بيٺا هئا. کيس سڏ ته گهڻائي ڪيائيون، مگر هن (پاتڻيءَ) وراڻين، ته ”ٿورو ترسو؛ ٻئي پور ۾ توهان کي اڪاريندس“. مدن، نه ڪا ڪئي هم نه تم، کيسي مان ڪلدار روپيو ڪڍي، وڏي واڪي پاتڻيءَ کي هڪل ڪري چيو، ته ”ٻيلي! اسان ٻنهي کي هن ئي پتڻ ۾ کنيو هل!! اسان توکي پهرين پور ۾ پهچائڻ لاءِ ٻيڻو پتڻ ڏينداسين!!!“ ٻيڻي پتڻ جي لالچ تي پاتڻي پٺتي موٽيو. پتڻ چڙهڻ وقت مدن، ڀٽائي صاحب کي کلي چيو، ته ”سائين! هينئر شايد توهان کي پنهنجي سوال جو جواب ضرور ملي ويو هوندو!!“ شاه سائين مشڪيو؛ جنهن تي مدن جي زبان مان آواز نڪتو، ته

”هٿ جنين جو هيئن پهرين پتڻ سي چڙهيا“

مدن، ”ڀڳت“ سٺي وجهندو هو. انهيءَ ڪري ”مدن ڀڳت“ ڪري سڏبو هو. پاڻ شاه عنايت رضوي رح (1624ع – 1712ع) جو بيحد عقيدتمند هو. اڪثر ڪري وٽس ڪچهري ڪري، شام جو گهر واپس ٿيندو هو.  پاڻ وڏو داناءُ هو، جنهن ڪري اڳ پوءِ جي وڏي سوچ رکندو هو. هميشہ گهرجي چوديواريءَ کان ٻاهر، مڪان اڏي جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. اڪيلائي پسند ۽ هميشہ بندگيءَ ۾ رڌل رهيو. هڪ دفعي ڀٽائي ڀلاري جي ڪچهريءَ مان لطف اندوز ٿي رهيو هو، ته شاه سائين پنهنجن مريدن کان سوال پڇيو، ته ”ابا! الله سائينءَ جو گهر، ڪيڏو وڏو نه هوندو؛ جنهن مان ساري مخلوق اندر ويندي !!“ عقل جي آڌار تي حاضرين مان ڪنهن ڪهڙو، ته ڪنهن ڪهڙو جواب ڏنو. مدن به خاموش ويٺو هو. جان کڻي شاه صاحب جي مٿس نظر پيئي، ته نوڙت وچان ڪنڌ جهڪائي عرض ڪيائين، ته ”قبلا سائين! ڌڻيءَ جي درگاه جو در اجهو ايترو ٿئي ٿو!!“ اهو معقول جواب ٻڌي ڀٽائي صاحب کلي حاضرين کي چيو، ته ”ابا ڏٺو! اسان تڏهن ته مدن کي ڀائيندا آهيون!!“

مدن بذات خود شاعر به هو. هندي ۽ سنڌي زبانن جي وٽس وڏي پرکا هئي. ڪيترائي کيس شش هئا، جن کي سندس ڪلام برزبان ياد هوندو هو. زندگيءَ جون 77 بهارون سنبري، آرتوار 29 نومبر 1744ع تي پرلوڪ پڌاريائين. يادگار طور سندس مڙهي، ڀٽ شاه ۽ ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن وچ ۾ اتر طرف اڄ به قائم آهي.

مدن، جيتوڻيڪ هندو هو، مگر پالڻهار کي پيارو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته هڪ ڏينهن مالها کڻي مسجد ۾ ويو ۽ ڪنڊ ۾ ويهي بندگي ڪرڻ لڳو. مڄاڻ جهرڪين ڇت ۾ آکيرو ٺاهيندي اتفاق سان مٿس ڪک ڪيرايا. ملا به قرآن پاڪ پڙهي رهيو هو؛ جنهن سموري ماجرا اکين سان پئي ڏٺي. ڪکن ڪرندي مدن ڇرڪ ڀريو ۽ مٿي نهاريو. خدا جي قدرت سان اُهو جهرڪ ۽ جهرڪي اچي پٽ تي پيا ۽ مري ويا. ملا کي اها ڳالهه البته ڏکي لڳي؛ جنهن ڪري خاموشي ٽوڙي، وات ڪري چيائينس، ته ”واڻيا! ڪوڙ ٿو بڪين!!“ تنهن تي مدن وراڻيو، ته ”ملا صاحب! برابر جهرڪين ڪک اڇلايا، برابر مون به مٿي نهاريو ۽ برابر جهرڪيون به اچي پٽ پيون ۽ مري ويون.... اهو ضرور آهي، ته ڌڻي پنهنجن پيارن تي ڪک به پيو نه سهندو آهي. شايد مالڪ کي اها ڳالهه نه وڻي آهي، جو هي ڪم ٿيو آهي!!“ بس، پوءِ ته ملا لڄي ٿي، اچي مدن کي ڀاڪر پاتو.

هڪ دفعي ڀٽائي صاحب پنهنجن مريدن کان سوال پڇيو، ته ”رب کي ڪهڙي شيءَ پسند آهي؟“ مريدن بنا سوچ ۽ ويچار جي وراڻيو، ته ”قبلا! مرشد جي ذات“. تنهن تي شاه سائينءَ کين مدن ڏانهن موڪليو. مدن جواب ۾ وراڻيو، ته ”گڏهيون ۽ ڏيڏر“. مريد مٿس تپي باه ٿي ويا؛ ۽ شاه سائينءَ کي پڻ اهڙي اڍنگي جواب ٻڌائڻ کان ڪيٻائڻ لڳا. پر پوءِ اخلاقي قدرن کي آڏو رکي، منجهانئن هڪ مريد اُٿي، مدن جو جواب، شاه سائينءَ کي ٻڌايو. شاه صاحب جواب ٻڌي خوب خوش ٿيو. مريدن جون وايون بتال ڏسي، شاه صاحب کين واضح ڪندي فرمايو، ته ”ابا! رب سان گڏ ”هنيون“ (دل) ۽ ڏيڏر مان مراد آهي ”ڏي“ به ۽ ”ڏر“ (ڊڄ) به.... توهان ته اجايو مدن کي گهٽ وڌ پيا چئو، وڃو ۽ وڃي کانئس معافي وٺي اچو!“.

مسڪين جهان خان کوسو

[ 1909ع – 1980ع ]

مارئيءَ جي ملڪ ”ٿر“ لاءِ محبت رکندڙ ۽ حب الوطنيءَ جو عديم النظير دنيا آڏو مثال پيش ڪندڙ، مسڪين جهان خان ولد بجار خان بن رئيس مير حسن خان  بن خانبهادر سردار خان بن شهيد شادي خان کوسو بلوچ، هڪ عظيم انسان ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 12 صفرالمظفر 1338هه مطابق 9 جولاءِ 1909ع تي ننگرپارڪر ۾ ٿي هئي. ننڍپڻ کان ئي رحمدل، سلڇڻو ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ هو.

”کوسا“ ۽ ”مسڪين“! سچ پچ ته متضاد صفتون آهن، ڇاڪاڻ جو کوسا، حالانڪ پئسي پنجڙ ۾ مسڪين (غريب) به ڇو نه هجن، بلڪ طبيعت ۾ هو مسڪين ٿي هرگز نٿا سگهن!! کوسا، کٽل ته به ”خان“ جي ڏک ڏيندا. پير ۾ جتي نه به هوندن، تاهم به جوش ۾ سيٽيل ضرور نظر ايندا. سندن گهر ۾ ڀل چار ڏينهن دانگي نه به چڙهي، مگر سندن ٻاهر ڳالهائڻ جو انداز اميراڻو پيو معلوم ٿيندو. وات جي کڙڪي ۾ هو اهڙا ته کرا آهن، جو اڳلو کين ائين سمجهندو، ته ”مڙسن جو شايد لک تي مٿو ٿو ڌوپي!!!“ مطلب ته کوسن جي ٻاهرين بناوت اهڙي ته ڀرجهلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جو سندن اندر کوکلي هجڻ جي هوند کڙڪ به محسوس ڪري نه سگهبي آهي. مگر هت ته قصوئي انهيءَ جي برعڪس آهي، ته جهان خان جهڙو جوڌو جوان؛ جنهن کي پوليس جي ملازمت به ورثي ۾ مليل هجي، تنهن جي طبيعت ۾ ايتري قدر ته حسين امتزاج موجود ملي، جو سندس سيرت، بلوچن جو ناز بڻجي پوي. خدا ڄاڻي ڪهڙي اچي دل ۾ پيس؛ جنهن کان پاڻ کي ئي جوانيءَ ۾ ئي ”مسڪين“ سڏائڻ لڳو.

”مسڪين“ ، 1937ع کان ملازمت ترڪ ڪرڻ بعد، غريبن جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ايتري تائين جو مهينن جا مهينا مسڪينن جي مدد لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو. پوءِ ڀل ٻچا پيا سندس صورت لاءِ ترسن. سندس گهر موٽڻ جو سبب، مٽ مائٽ جو موت يا زوري غريبن جي گهيري مان کنڀي کڻي اچڻ هوندو هو. ورنه پاڻمرادو موٽڻ مشڪل هوس. پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو؛ جنهن ڪري 9 رمضان المبارڪ 1400هه مطابق 23 جولاءِ 1980ع تي وفات ڪيائين.

دنيا ۾ ڪيترائي قومي ڪارڪن، سوشل ۽ پبلڪ ورڪر ٿي گذريا آهن، مگر مسڪين کوسي جهڙا جذباتي ۽ جنون رکندڙ ورلي لڀندا. مسڪين، هڪ اعليٰ ۽ بهادر بلوچ خاندان جو چشم چراغ هو. ميراڻي دور ۾ سنڌ ۽ مارواڙ جي هڪ وڏي حصي تي کين حڪومت حاصل هئي. مسڪين کوسي جي ٿر لاءِ محبت انهيءَ اعليٰ ۽ ارفع دائري ۾ داخل ٿي چڪي هئي؛ جنهن ۾ مارئيءَ جو بي چين ۽ ڀٽڪيل روح ورهين کان وٺي ٿر جي ڀيانڪ ڀٽن جو واس وٺندو رهيو آهي. انهيءَ عفت ماب ۽ اعليٰ ڪردار، غيرتمند مارئيءَ جي روح کي يقياً تسڪين ڏني هوندي؛ جنهن سندس حب الوطنيءَ جي جذبي کي زنده جاويد رکڻ لاءِ ”مسڪين“ جهڙو مرد مجاهد، سندس ئي ڏاڏهي ڏيهه ۾ پاڻ پتوڙيو هو. انهن ئي نيڪين عيوض کيس ”ٿر جو گانڌي“ به سڏيندا هئا. ٿر ۾ رهندڙ اقليتي فرقا ته کيس ”پير“ ڪري سمجهندا هئا.

مفتي غلام عمر جتوئي رح

[ 1833ع – 1935ع ]

لاڙڪاڻي جو لعل، سونو جتوئيءَ جو لقمان، صاحب – تقويٰ ۽ اُستاد – تحريرات، عمدت العلماءُ ابوالفيض غلام عمر ولد محمد صادق جتوئي رح، 4 شوال 1249هه مطابق 2 ڊسمبر 1833ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ سونو جتوئيءَ ۾ تولد ٿيو. سندس والد بزرگوار متقي ۽ باشريعت شخص هو.

اٺن ورهين جي ڪسنيءَ ۾ غلام عمر، آخوند نور محمد چني وٽان قرآن پاڪ ناظران پڙهي، اباڻي ڪرت ”ڪڙمت“ ڪرڻ لڳو. ڪافي وقت کيتيءَ جو ڪم ڪيائين. هڪ ڏينهن جيئن ئي پنهنجي زمين تي ڪم ڪري رهيو هو، ته مخدوم محمد عثمان رح  نالي شخص اچي وٽ نڪتو ؛ ۽ هدايت ڪندي چيائينس، ته ”مونکي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي طرفان اوهان لاءِ ارشاد ٿيو آهي، ته جيئن ته اوهان هينئر بلوغت کي رسيا آهيو؛ تنهن ڪري کيتيءَ کي ڇڏي، ميهڙ ۾ رهڙي شريف آخوند مولانا محمد صالح مهيسر وٽان وڃي درس وٺو!“.

مخدوم صاحب جي پيغام پهچائڻ سان غلام عمر، ميهڙ جو رخ رکيو؛ ۽ رهڙي شريف پهچي، فارسيءَ جا ڪتاب پڙهڻ لڳو. رات ڏينهن جي لڳاتا جستجو بعد سندس استاد کيس، فخرالعلماءُ مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح (1850ع – 1920ع) جن جي مدرسي مان عربي زبان جا ڪتابن پڙهڻ لاءِ ارشاد فرمايو. پوءِ پاڻ پاٽ پهچي، ڏهن ورهين جي وقفي اندر فارغ التحصيل ٿي، دستار – فضيلت ٻڌائين. مخدوم پاٽائي جي هدايت موجب ٻيهر رهڙي شريف موٽي، درس و تدريس ڏيڻ لڳو.  هڪ سال جي انهيءَ مشق بعد کيس اجازت ملي، ته ”هاڻي توهان بالڪل خبردار ٿي چڪا آهيو، بهتر ائين ٿيندو، ته اوهان واپس ڳوٺ وڃي ديني ڪم کي پايهء تڪميل پهچاءِ!“ استادن جي متفق اجازت سان مولوي غلام عمر، سونو جتوئيءَ ۾ ”مدرسه دارالفيض“ قائم ڪري درس و تدريس ڏيڻ لڳو.

مولانا غلام عمر صاحب پنهنجي ڳوٺ ۾ توڪل علي الله سان گوڏو ڀڃي پنهنجن طالبن کي نهايت ئي ڪاميابيءَ سان فيض رسائيندو رهيو. سندس شاگردن جو تعداد هڪ هزار کان به زياده چيو وڃي ٿو، جن مان مولانا دين محمد وفائي مرحوم، مولانا محمد قاسم مشوري، مولانا تاج محمد عاريجائي، مولانا محمد احمد کوکر، مولانا دوست علي جتوئي، مولانا عبدالباقي همايوني، مولانا غلام حسين وليدائي مرحوم، مولوي محمد يوسف صوڀو ديرو (خيرپور ميرس)، مولانا عبدالرحيم جتوئي، مولوي مولابخش ”فنائي“ (ملا ابڙا – ڏوڪري)، مولوي عزيز الله جتوئي خاران (بلوچستان)، مخدوم روشن الدين صديقي پاٽائي، سيد اصغر شاه بقاپوري ۽ مولانا سيد نظام الله امروٽيءَ جا نالا قابل - ذڪر آهن. وٽائنس ايران، افغانستان، بلوچستان، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات کان به ڪيترائي عالم سڳورا اچي فيضياب ٿيا.

مفتي صاحب جيد عالم، بزرگ ۽ ولي الله هو. صوم صلواة جو پابند، سحر خيز، اشراق ۽ صلوات تي مواطبت رکندڙ هو. هر جمعي تي فجر جي نماز بعد قبرستان وڃي، بزرگن جي روحن کي ختما بخشيندو هو. پاڻ شريعت جي هتڪ حرمت تي سخت غصو کائيندو هو؛ ۽ بدعتي ۽ بدمذهب ماڻهن کان ڌڪار هوندي هيس. صوفياءِ – ڪرام جي عزت ۽ صالحن جي صحبت کي افضل ڄاڻندو هو. حديث جو ماهر ۽ فقہ حنفيءَ جو وڏو ڄائو هو. سندس قلم مان فارسي، عربي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪافي ڪتاب نڪتل هئا، جيڪي زماني جا انقلابن ۽ پوين جي لاپرواهيءَ سان اڄ ناپيد آهن. التبه ”صاحب – فتويٰ“ ۽ ”تحريرات“ قلمي صورت ۾ سندس پونيرن وٽ ڪٻٽن جي زينت بڻيل آهن.

پاڻ پنهنجي مطالعي، ذهن ۽ ذڪاءَ ذريعي طبابت ۾ به خاص دلچسپي ورتائين؛ جنهن ڪري انهيءَ ۾ خاصي مهارت حاصل ٿيس. حسن اخلاق سان گڏ باطني رعب سان يزداني هو. وٽس وقت جا وڏا وڏا آفيسر خواه جابر زميندار به هيٺ پٽ تي اچي ويهندا هئا. شاعر به سُٺو هو. جوانيءَ ۾ مولود ۽ مداحون به چيائين. هي حڪمت جو ستارو، هڪ سؤ ويهه ورهين جي دراز عُمر ۾، 29 شوال 1323هه مطابق 2 فيبروري 1923ع تي هميشہ هميشہ لاءِ غروب ٿيو؛ ۽ پوين ۽ پيارن شاگردن کي داغ- مفارقت ڏيئي ويو. کيس ڳوٺ جي مدرسي ۾ آرامي ڪيو ويو. پاڻ پٺيان نرينه اولاد ۾: فضل الله ۽ وهب الله ڇڏيائين. سندس خاص صحبتي: مولانا عبدالله جان سرهندي ۽ مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رح چيا وڃن ٿا.

مــــــــــلا فـــيضي

[ 1547ع – 1598ع ]

مغل سلطنت جي نامياري بادشاه، اڪبر اعظم جي درٻار ۾ اڪثر جيد عالم، ودوان، شاعر، فنڪار، طنز و مزاج جا خالق ۽ صاحب – دل صوفي بزرگ موجود هوندا هئا. انهن ۾ سندس نون (9) رتنن مان ابوالفضل سيوهاڻيءَ جو وڏو ڀاءُ، ملافيضي ولد شيخ مبارڪ  به هڪ هو. سندس ولادت شير شاهه سوريءَ جي ڏينهن ۾، 14- شوال 954هه مطابق 12 اپريل 1547ع تي ٿي هئي. ابتدائي استاد شيخ حسين مروزي هوس؛ ۽ پنهنجي والد بزرگوار وٽان به درس ورتو هئائين. انهيءَ نسب مان ملافيضيءَ کي فارسي، عربي، هندي ۽ سنسڪرت زبانن تي مهارت حاصل هئي.

ملا فيضي، فارسي شاعريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر عربي زبان تي کيس وڏو درڪ حاصل هو. اهوئي سبب آهي، جو اڪثر تذڪرن ۾ سندس نالو بحيثيت ”شاعر“ جي گهٽ؛ ۽ ”برک عالمن“ ۾ سندس شمار زيادهه نظر اچي ٿو. اڪبر بادشاه چتور تي ڪاه ڪرڻ وقت (1567ع ۾) سندس شاعريءَ جو چرچو ٻڌو هو، جتان کيس گهرائي پاڻ وٽ صلاحڪار مقرر ڪيو. پوءِ ته پاڻ، اڪبر اعظم جي ڪارنامن تي وڏا وڏا شعر چوڻ شروع ڪيائين؛ ۽ صلاحيتن سببان ستت ئي پنهنجو مقام بادشاه تائين ويجهو ڪري ورتائين. اڪبر جي به ساڻس ايتري ته محبت ٿي، جو پهر پلڪ به کيس پاڻ کان پري رکي نه ٿي سگهيو. ساڳئي وقت سندس ذهن ۾ ذڪاءَ مان استفادو حاصل ڪندي، راڄڌاني مسئلن بابت پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو پاڻ اڪبر بادشاه جي ٻئي نمبر پٽ ”مراد“ جو استاد به ٿي رهيو.

ملا فيضيءَ جا هونئن ته تمام گهڻا ڪتاب لکيل هئا، جيڪي زماني جي ستم ظريفيءَ سببان اڄ ڏسڻ لاءِ به ملي نه ٿا سگهن. البته علم رياضيءَ متعلق هندي زبان جي ”ليلا وتي“ جو ”مرڪز ادوار“ ۽ سنسڪرت زبان جي ”مها ڀارت“ جو ”موارد الڪلام“ نالن سان ڪتاب قابل – ذڪر آهن، پاڻ نه صرف شعر و شاعريءَ ۽ لکپڙه ۾ ڀڙ هو، بلڪ سندس مذاحيه لطيفا به نهايت سبق آموز ۽ دلچسپ آهن؛ جن کي 1599ع ۾ سندس ڀاڻيجي نور الدين محمد بن عبدالله گڏ ڪري ”لطائف فياضي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ عام ڪيا هئا. نو هزار شعرن تي مشتمل ”طباشير“ نالي سندس ڪلام جو مجموعو پڻ مرتب ٿيل آهي. ازانسواءِ ”قصيدن جو ديوان“ سندس علمي ڪاوش ۾ شامل آهي.

هن ڪريم النفس ۽ مخبر سنڌي انسان کي گهڻي ڪم ڪرڻ سببان پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ بستري تي سمهاري ڇڏيو. وڏا وس ڪيائين، مگر حاذقن جي حڪمت به کيس ڪو فرق نه ڏيکاريو. اڪبر به سندس مزاج پرسيءَ لاءِ وٽس ايندو رهيو. آخر 51 ورهين جي عمر 17 ربيع الثاني 1007هه مطابق 5 آڪٽوبر 1598ع تي پنهنجن عزيزن، دوستن ۽ مدح خوانن کان هميشہ هميشہ لاءِ موڪلائي، خدائي سڏ تي رهندو رهيو. سندس لاڏاڻي تي پوري هندستان ۾ غم جي لهر ڇانئجي وئي. خاص ڪري اڪبر بادشاه کي ته سندس ناقابل – تلافي نقصان رسيو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته ملا فيضيءَ جي ذاتي ڪتبخاني ۾ چاليهه هزار ڇهه سؤ ڪتاب موجود هئا. سندس آخري آرامگاه آگري ۾ آهي.


(2) – اُنهن مان بيبي مريم نالي هڪ نياڻي، مٽياروي سادات سيد عبدالله شاه ولد سيد محمد يعقوب شاه جي نڪاح ۾ ڏنائين؛ ۽ باقي ٽي، پنهنجن عزيزن ۾ آجيون ڪيائين [ماهوار ”الرحيم“ (سيپٽمبر – آڪٽوبر 1976ع)، صفحو 28].

(1) – مخدوم ابراهيم، جيڪو ”سلطان ادهم“ جي نالي سان مشهور هو. فقيري طبيعت ۾ وڏو غوث ٿي گذريو آهي. سندس آخري آرام گاه خيرپور ميرس ۾ ٽڪرين تي واقع آهي.

(2) – ”ڏهر“ عام طرح سان ” ڏاڍيءَ مٽيءَ وارا سڌا ميدان“ سڏبا آهن، جيڪي ٿر علائقي ۾ واريءَ جي ٻن ڀٽن (دڙن) جي وچ تي پيل ماٿري يا سخت مٽيءَ واري پٽ کي چئبو آهي. هت ”ڏهر“ مان مراد ”مرشد جي مداح“ آهي. خود سر تاج العشراءُ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح به انهيءَ مراد سان ”سر ڏهر“ ڳايو آهي.

(1) – ”سماع“، صوفين جو مخصوص رقص (ناچ) آهي؛ جنهن کي ذڪر ۽ شعل جو طريقو ڄاڻندا آهن. خاص ڪري نقشبندي طريقي وارا ”سماع“ کي زياده ترجيح ڏيندا آهن. البته سهروردي سلسله وارن وٽ به ”سماع“ کي خاصي اهميت حاصل رهي آهي. صوفين جي لغت موجب ”سماع“ انسان جي من جي ميراڻ ميٽي، ڌوٻيءَ جي ڪپڙي جيان اڇو ۽ اُجرو ڪري ٿيو- ”سماع“ ۾ بيت (ڏوهيڙا) پڙهيا ويندا آهن، جيڪي ”اوٺاڻي“ ۽ ”لاهڻي“ چئبا آهن، جن جو لازمي وراڻو ”لاالله الاالله“ هوندو آهي [سنڌي انسائيڪلو پيڊيا – ميمڻ عبدالغفور سنڌي (قلمي 1980ع) صفحو 433].

(2) – انهن ڏينهن ۾ ”سروري سلسله“ سان 9 لک ماڻهو وابسته هئا؛ جنهن ڪري مخدوم صاحب ”نو لکي گودڙيءَ“ وارو ڌڻي سڏبو هو.

(1) – برصغير ۾ قرآن پاڪ جو هي پهريون فارسي ترجمو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي نگراني ۾ شايع ٿي رهيو آهي.

(2) – هي ڳوٺ 1887ع ۾ درياه جي پائيندڙ ۾ نابود ٿي ويو.

(1) – روايتون آهن، ته مدن ڀڳت جو شاه سائين رح سان گڏ ويهڻ، مريدن کي پسند نه هو. گهڻائي اعتراض ڪيائيون، مگر شاه سائين رح کين چيو، ته ”ابا! مدن درويش فقير آهي!! الله تعاليٰ وٽ ذات پات جو ڪو ڀيد ناهي!!!

(1) – هڪ ڏينهن شاه عنايت جي ڪچهريءَ مان ايترو ته مزو اچي ويس، جو سج لهڻ جو به پرو نه پيس. پوءِ ته اونده ٿينديئي، جان کڻي ڳوٺ ورڻ لاءِ سنسري نڪتو، شاه عنايت چرچي طور چيس، ته ”مدن! تنهنجي ڳوٺ واري جهنگ ۾ شينهن ٿو رهي.... تون هن ڪمهلي وقت نه وڃ .... اڄ رات رهي پؤ ته ڪي روح رهاڻيون ڪريون!!“ مدن، جيڪو روز جو هيراڪ هو؛ تنهن ڪري آرام ڪٿي ٿو اچي. هلڻ کان اڳ چيائين، ته:

”جنهنجي رات تنهنجو ڏينهن - جنهنجو مدن تنهنجو شينهن“

(2) – هڪ دفعي شاه عبداللطيف ڀٽائي رح پنهنجن مريدن کان پڇيو، ته ”مان ڇا آهيان؟! ۽ مدن ڇا آهي!؟“ مريدن وراڻيو، ته ”قبلا سائين! توهان مرشد آهيو ۽ مدن واڻيو آهي!!“ معقول جواب نه ملڻ تي کين مدن ڏانهن موڪليائين. مدن کان ته هو اڳ ئي عاري هوا، مگر مرشد جو چوڻ موٽائي نه سگهيا پوءِ جيئن تيئن ڪري کانئس سوال جو جواب پڇيائون، ته ”لطيف ڪير آهي؛ ۽ تون ڪير آهين؟ مدن ٺهه پهه جواب ۾ چين ته ”لطيف، ”ڌوڙ“ آهي ۽ مان ”ڇائي“ آهيان!“ – مريد گستاخي سمجهي مٿس ڏمريا. مگر ڪن سنجيده ماڻهن جهيڙي جي نوبت ٽاري، ڀٽائيءَ تائين موٽائي آندو. جواب ٻڌي ڀٽائي صاحب کلي خوش ٿيو؛ ۽ حاضرين کي چيائين، ته ”ابا! مدن برابر سچ چيو آهي؛ ڇاڪاڻ جو منهنجو جسم آخر مٽيءَ (ڌوڙ) ۾ لٽبو ۽ مدن جو بت خاڪ (ڇائي) ٿي پوندو!!“

(1) – رئيس مير حسن، سنڌ پوليس ۾ انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز هو؛ ۽ لاڙڪاڻي ۾ (1821ع ۾) شهيد ٿيو هو. [مسڪين جهان خان کوسو – محمد بخش ”مجنون“، 1967ع، صفحو 28].

(2) – بلوچن ۾ ”کوسا“ مشهور ذات ليکجي ٿي. هو سنڌ ۾ ڪلهوڙن سان گڏجي آيا هئا. وڏا جنگجو ۽ بهادر سڏجن ٿا. ڪلهوڙن جي زوال بعد (1872ع ۾) سنڌ ڇڏي مارواڙ ۽ ڪڇ جي صحرائي حصن ۾ ٺڪاڻا ٺاهي رهڻ لڳا. تتيءَ ٿڌيءَ جا عادي ۽ بهادريءَ جا بهترين جوهر ڏيکاريندي، ٿر ۾ پنهنجو ناماچار ڪڍيائون.

Memoirs on the therr & parker-Capt:Stanley Napier Raikes: 1856, P.P68[

(1) – اڪثر هٿ ۾ گيڏيو (ٿري لڪڻ) هوندو هوس. مليشيا جو لباس سندس جسم جي سونهن سمجهبو هو. وٽس ”سماجڪ سڌار جذبو“ پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو. پٺ پڌري اٿس. کيس زندگيءَ ۾ ته سک نصيب نه ٿيو، پر مرڻ وقت به سندس ڪو اوهي واهي نه ٿيو. ڄامشوري اسپتال ۾ (وارڊ 6) لاوارثن جيان باقي حياتيءَ جا سج ڳڻيندي، آخري 70 سالن جي عمر ۾ ”مسڪين“ موڪلايو. اها ڪيڏي نه قومي بي حسي آهي، جو برابر ٻه ڏينهن سندس لاش اسپتال جي سرد خاني ۾ پيو رهيو. آخر ڊاڪٽرن جي ذاتي دلچسپي، ٿرپارڪر جي انتظاميه تائين پهچائي، کيس سپرد خاڪ ڪرايو ويو. وٽس ورثي ۾ 1930ع کان روزانه اخبارن جا مڪمل فائيل رکيل آهن. کيس ”ٿرپارڪر جي گشي تاريخ“ سڏجي ته بيجاءِ نه ٿيندو.

(1) – مخدوم محمد عثمان مٽياري رح پنهنجي وقت جو باخبر عالم، محدث ۽ فقيہ هو. سندس ولادت غالباً 1235هه (1819ع) ۾ ۽ وفات 1336هه (1917ع) ڌاري ٿي آهي. پاڻ صحيح بخاريءَ جي ٻن جلدن جي شرح به لکي هئائين.

(2) – ”رهڙو شريف“، تعلقي ميهڙ (دادو) ۾ هڪ قديم ڳوٺ آهي، جيڪو ميهڙ شهر کان اتر – اوير ڪنڊ تي، 5 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. تاريخي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي ڳوٺ ديري غازي خان جي شهر ستپور جي هڪ ”راه رو“ (رستي ويندڙ) درويش ۽ ناهري بزرگ، مولانا عبدالله ولد ميان حبيب الله ميهسر عرف ”ڪاڇو فقير“، ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾، 1132هه (1719ع) ۾ آباد ڪيو هو. هن وقت منجهس ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ آدم رهي ٿو. ڳوٺ ۾ ڪسابن کان ديني درسگاه قائم آهي؛ جنهن ۾ ايران، عراق، افغانستان، هندستان، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان طالب اچي علم جي اُڃ اُجهائي، ديسان ديس پکڙجي ويا آهن [سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن – ميمڻ عبدالغفور سنڌ، 1978ع، (قلمي) صفحو 162].

(1) – چوڻ ۾ اچي ٿو، ته هن مدرسي ۾ ايترا ته طالب هئا، جو سندن فرحين (پٽين) لکڻ لاءِ وڏو مس جو مٽ ڀريل هوندو هو؛ جنهن کي ”ڪارو مٽ“ سڏيندا هئا. سندن ڏينهن ۾ ڪن شاگردن جي شرارت سببان مٽ ٻه اڌ ٿي پيو؛ جنهن تي شاگردن واويلا مچائي ڏني. جڏهن اها خبر مولانا غلام عمر صاحب کي پيئي، تڏهن پنهنجي ڊگهيءَ پڳ مان ڳپل ڦاڙي، اهڙيءَ طرح ته پنهنجن هٿن سان ويڙهيائين، جو ڪيترن سالن تائين ڪم ڏيندو رهيو.

(1) – شيخ مبارڪ ناگوري ولد شيخ خضر (ولادت 911هه = 1505ع) اصل ايراني باشندو هو. زماني جي انقلابن کيس سنڌ ۾ آندو، جتي سيوهڻ شريف ۾ رهندي ڳچ عرصو گذاريائين. برک عام ۽ مدرس هو.

(1) – پاڻ قرآن پاڪ جو غير منقوطه (بي نقطه) تفسير قلمبند ڪيو هئائين، جيڪو سندس لازوال ۽ مثالي ڪارنامو آهي [دائرة المعارف اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، لاهور (جلد 15)، 1975ع، 1088].

(2) – ملا فيضيءَ، اڪبر بادشاه جو پاڻ تي ايترو راز ڏسي، 1569ع ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ ابوالفضل (6 محرم الحرام 957هه = 14 جنوري 1551ع/4 ربيع الاول 1014هه = 22 آگسٽ 1605ع کي به درٻار ۾ آندو.

(3) – اڪبر بادشاه سندس ڏاهپ کان متاثر ٿي، 1591ع ۾ کيس احمد ننگر ۽ خان ديش پرڳڻن ۾ سفير به مقرر ڪيو هوس.

(1) – هڪ اندازي مطابق سندس تصنيفات جو تعداد 101 چيو وڃي ٿو؛ جنهن کي سندس وفات بعد اڪبر بادشاهه پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هو [دائرة المعارف اسلاميه (اردو) – دانشگاه پنجاب، لاهور (جلد 15)، 1975ع، صفحو 1089].

(2) – ڪن ڪتابن ”لاهور“ ڄاڻايو آهي (والله اعلم باالصواب).

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org