هونئن ته سندس ڪلام ۾ يوگ وديا ۽ ويدانيت جي اپٽار
نظر اچي ٿي، مگر سندس غزلن ۾ وري توحيد جي تنوار
پئي بکي. زندگي جا ٽيهتر سال هن دنيا ۾ دم کڻي، 25
سيپٽمبر 1897ع تي پر لوڪ پڌاريائين. کيس هالن جي
شهر ۾ ئي چتا تي چاڙهيو ويو.
آغا تاج محمد
[1904ع ــ 1959ع]
آغا
تاج محمد ولد آغا عبدالمجيد خان پٺاڻ، ضلعي سکر جي
ڳوٺ باگڙجيءَ ۾ 18 صفر المظفر 1323 هه مطابق 16
سيپٽمبر 1904ع تي ڄائو. ننڍپڻ کان ئي نهايت سنجيده
۽ بردبار انسان هو. سندس تعليمي لياقتن ۾ بي- اي،
بي- ٽي ۽ ايم- آر- سي- ٽي جون سندون شامل آهن.
تعليم کاتي ۾ رهندي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرار جي
عهدي تائين پهتو هو، 3 ربيع الثاني 1379 هه مطابق
10 آڪٽوبر 1959ع تي اچانڪ حرڪت قلب بند ٿيڻ سببان
راه رباني ورتائين.
آغا
صاحب کي سنڌي علم ۽ ادب سان والهانه عشق هو. پاڻ
ڪجهه وقت لاءِ ”شاه لطيف ثقافتي ڪاميٽيءَ“ جو سر
گرم ڪارڪن به ٿي رهيو. ازانسواءِ ادبي دنيا کي
چوويهه ڪتاب به ڏنا اٿس، جيڪي گهڻي ڀاڱي درسي آهن،
جن جو موضوع: گرامر، جاميٽري انگي حساب، اخلاقيات؛
سيرت، فلسفه، شهرت ۽ لطيفات وغيره آهي. اهڙيءَ طرح
”آغا“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪيل
اٿس. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ”آغا تاج محمد
اڪيڊميءَ“ نالي سان سندس يادگار حيدرآباد ۾ قائم
ڪيو ويو آهي. نموني طور سندس شعر هيٺ ملاحظه
فرمايو:
”شاه جا ابيات آهن، آيون قرآن جون
جن سان ٿين ٿيون آشڪارا، منزلون فرقان جون
ڇا
چوان ”آغا“ ڀلايون، شاه عاليشان جون
شعر پنهنجي سان ڪيائيون، سنڌ سونهاري کي شاد
شاه صاحب زنده آباد! و زنده باد!! و زنده باد!!!“
آغا
عبدالنبي ”عليگ“
[1903ع – 1976]
شڪارپور جي مردم خيز سر زمين تي پٺاڻ قبيلي ۾، آغا
عبدالنبي ”عليگ“ ولد آغا گل حسن خان دراني، اڱاري
ڏينهن 15 صفر المظفر 1321 هه مطابق 3 جولاءِ 1903ع
تي تولد ٿيو. شروعاتي تعليم شڪارپور مان ورتائين.
سندس والد خيرپور رياست ۾ نائب وزير جي عهدي تي
فائز هو؛ جنهن ڪري هن نينگر مئٽرڪ تائين تعليم
خيرپور ۾ ۽ ايم- اي- او ڪاليج مان انٽر تائين
تعليم وٺي 1924ع ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ ماستر
مقرر ٿيو. فارسي تعليم کيس جهجهي مليل هئي؛ جنهن
ڪري پوري اسڪول ۾ ”پرشن“
(Persian)
پاڙهيندو هو.
ملازمت سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم کي به خانگي طرح
جاري رکيائين. ستت ئي بي - اي پاس ڪرڻ سان مختيار
ڪاريءَ ۾ کڄي ويو. اورچائيءَ سان محنت جو ڦل ملندو
رهيس؛ جنهن ڪري ترقي وٺي بهاول پور ۾ آخر ڪمشنر جي
عهدي تي وڃي رسيو، جتان 1958ع ۾ پينشن تي پهچي،
باقي حياتيءَ جا دم شڪارپور ۾ پورا ڪري، 12 ذوالحج
1396 هه مطابق 19 آڪٽوبر 1976ع تي وفات ڪيائين.
دراني صاحب ”آغا“ ۽ ”عليگ“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ
طرف وک وڌائي آهي؛ جنهن ڪري سندس غزل ۽ نظم سنڌي
ادب ۾ خاصو اضافو آهن. شعر ۾ البته فارسي لفظن جي
ڀرمار آهي، تاهم به رواني ۽ سلاست برقرار نظر اچي
ٿي. ازانسواءِ نثر جي سلسلي ۾ مضمون، فسانا ۽ ناول
وغيره پڻ اهم حيثيت رکن ٿا. ”افڪار عليگ“ (1853) ۽
سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1969ع ۾ ڇپايل ”حريص پتلو“
عرف ”وفا جي ديوي“ بهترين تصنيفون آهن.
آغا
”عليگ“ صاحب عقيدي ۾، پنهنجي وڏي ڀاءُ آغا غلام
نبي عرف ”آغا صوفي“ (1889ع – 1938ع) جيان درازن جي
درگاه جو پوئلڳ هو. سائين سخي قبول محمد (دويم،)
جو نهايت عقيدتمند ۽ سچو مريد هو. رٽائر بعد، سندس
اڪثر وقت صوفين ۽ شاعرن سان گذرندو هو سندس اوطاق
هميشہ علم ادب جي چهچٽي ۾ ٻهڪندي رهي. پاڻ نهايت
مهمان نواز، کل مک ۽ هڪ لا ابالي قسم جو بيپر واهه
مجاهد مرد هو. چوندو هو، ته ”شعر پنهنجي دل کي
وندرائڻ لاءِ قلمبند ڪندو آهيان.“ پاڻ ڪچهريءَ جو
ڪوڏيو ۽ محفل جو مور هو. جيتوڻيڪ فطرتاً بالڪل
سنجيده ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ انسان هو، ليڪن دوستن،
عزيزن، احبابن ۽ سڪ وارن سان مجلس منعقد ڪرڻ ۾
وڌيڪ خوشي محسوس ڪندو هو. شڪارپور جا رهواسي سندس
وڏو قدر ڪندا هئا.
آنربل غلام محمد خان ڀرڳڙي
[1878ع ــ 1924ع]
سنڌ
جي آزاديءَ، خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ ۾ جن بزرگن، عالمن
۽ بي باڪ شخصيتن حصو ورتو هو، انهن ۾ آنربل رئيس
غلام محمد خان ولد خانبهادر ولي محمد خان ڀرڳڙيءَ
جو نالو به سر فهرست آهي سندس ولادت ضلعي ٿرپارڪر،
تعلقي جيمس آباد جي ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ 19 ذوالقعد 1295
هه مطابق 23 جولاءِ 1878ع تي ٿي. ابتدا ئي تعليم
ڳوٺ مان ورتائين. پوءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ به ويو.
آخر عليڳڙهه مان مئٽرڪ پاس ڪري وطن واپس وريو ۽
اچي پنهنجي زمينداري سنڀالڻ لڳو. انهيءَ دوران
شادي به ڪيائين. هوشيار به حد درجي جو هو، جنهنڪري
انقلابي ذهن رکندي، خدا داد ڏنل ڏات سببان آرام نه
آيس. پوءِ 1905ع ۾ انگلنڊ ويو، جتان ٽن سالن ۾
بئريسٽري جو اعليٰ امتحان پاس ڪيائين.
واپسيءَ تي رئيس غلام محمد خان، حيدرآباد ۾ وڪالت
جي پيشي کي اختيار ڪيائين. هي سياسي سجاڳيءَ جو
دور هو، ۽ سياسي جماعتون سنڌ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ
سخت جدوجهد ۾ مشغول هيون پاڻ به آزاديءَ جو ڪوڏيو
هو، جنهنڪري ستت ئي آزاديءَ جي هلچل ۾ پنهنجن
سمورن ساٿين سميت شامل ٿي، تحريڪ کي تقويت ڏنائين.
حالانڪ تحريڪ کي تيز ڪرڻ لاءِ کيس جاني ۽ مالي
قربانيون ڏيڻيون پيون، ايتري تائين جو انهيءَ ڏس ۾
وڪالت جو ڌنڌو به هميشہ هميشہ لاءِ ترڪ ڪرڻو پيس.
بالاخر سنڌ پاران بمبئي ڪائونسل تي ميمبر جي حيثيت
مليس. هو وڏن ماڻهن جيان عياش نه هو، بلڪل سنڌين
جو سچو خادم ۽ وطن وارن جو هڏ ڏوکي هو. اهوئي سبب
هو جو وقت بوقت ڪائونسل ۾ سنڌ جي حقن لاءِ سخت
جدوجهد ڪندو لڙندو رهيو.
هي
پهريون شخص هو، جنهن هارين ۽ زميندار جي سک سهنج
لاءِ سنڌ ۾ جديد اوزار مهيا ڪيا ۽ ڦٽين ٽاڻڻ جا
ڪارخانا به سنڌ ۾ برپا ڪرايا. تعليم طرف به سندس
وڌيڪ ڌيان هو؛ انهيءَ لاءِ ته ملڪ مان ناخواندگي
گهٽجي. انهيءَ سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج
برپا ڪرائڻ ۾ پاڻ بمبئيءَ جي گورنر کان منظوري وٺي
آيو هو. ازانسواءِ تعليم جي راهه ۾ غريب ۽ مسڪين
شاگردن کي ڳجهه ڳوهه ۾ وضيفا ڏيئي، سندن همت
افزائي ڪندو رهيو. حيدرآباد مان پنهنجي ذمي
”الامين“ نالي هفتيوار اخبار به جاري ڪرايائين.
مطلب ته رئيس صاحب، امير هوندي به غريبن جو مددگار
يتيمن جو يار ۽ بي سهارن جو سهارو بڻيو رهيو. ريل
گاڏيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ هوندي به ٿرڊ ڪلاس ۾
عام ماڻهن سان گڏ سفر ڪندو هو. سندس ڪيترا ئي هندو
خواه مسلمان دوست هئا، جن مان سيٺ هرچندراءِ
وشنداس ۽ سيٺ غلام چاڳلا جا نالا نه وسارڻ جهڙا
آهن- 1920ع ۾ کيس ”آل انڊيا خلافت ڪانفرنس“ جو صدر
پڻ چونڊيو ويو. رات ڏينهن جي مسلسل محنت سببان،
پاڻ 1924ع ۾ سخت بيمار ٿي پيو. حالانڪه بمبئيءَ
مان به معالج گهرايا ويا، مگر افسوس! کيس موت مهلت
نه ڏني، جنهن ڪري 17 شعبان 1343 هه مطابق 9 مارچ
1924ع تي حيدرآباد ۾ راه رباني ورتائين. سندس
جنازي پٺيان هزارين هندو ۽ مسلمان سرد آهون
ڀريندا، ريلوي اسٽيشن تائين ويا، جتان ريل رستي
کيس ڊينگاڻ ڀرڳڙي پهچائي دفنايو ويو.
رئيس ڀرڳڙي صاحب، هڪ خود دار انسان هو. وڏي ۾ وڏي
ماڻهوءَ جي به ڪڏهن ڪاڻ نه ڪڍيائين، حالانڪ پاڻ تي
قيد جا ڪپڙا به چاڙاهيائين؛ مگر پنهنجي اصولن تي
آخري دم تائين قائم رهيو. وقت جا انگريز آفيسر به
کانئس ڪو کائيندا هئا.
ابوالفضل سيوهاڻي
[1551ع ــ 1605ع]
هندستان جي نامور مغل بادشاهه اڪبر جي نون 9 رتنن
(خاص درٻارين) مان، ملا فيضي جو ننڍو ڀاءُ
”ابوالفضل“ ولد شيخ مبارڪ به هڪ ٿي گذريو آهي .
957 هه مطابق 1551ع ۾ آگري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم
پنهنجي والد بزر گوار وٽان ورتائين. ارڙهن ورهين
جي عمر ۾ (1569ع ۾) پنهنجي وڏي ڀاءُ جي رفاقت سان
اڪبر اعظم جي درٻار ۾ پهتو، جتي شروعات ۾ مير منشي
ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.
ابوالفضل، ڀاءُ جيان عربي ۽ فارسي زبانن ۽ علم
تمدن جو وڏو ڄاڻو؛ بهادر، ذهين ۽ صاحب- طرز فنڪار
هو. خاص ڪري جنگي ڪارنامن ۾ سندس مٽ نه هو.
ازانسواءِ علمي صلاحيتن سببان نثر نويسيءَ ۽ تاريخ
جي فن ۾ به بي مثال هو. انهن ئي خوبين سببان اڪبر
بادشاهه وٽ زياده پيارو هو. اڪبر به کيس دوستن کان
وڌيڪ ڀاءُ ڪري ڀائيندو هو. ايتري قربت حاصل ڪندي،
پاڻ شهنشاهه اڪبر اعظم جي دور- حڪومت جي مڪمل
قانوني ۽ مذهبي تاريخ، ٻن ضخيم جلدن ۾ ”اڪبر نامو“
۽ ”آئين اڪبري“ - نالن سان لکي پوري ڪئي.
انهن کان سواءِ سندس فارسي مضامين ٽن جلدن ۾ به
قلمبند ٿيل آهن. پاڻ ڀاءُ جيان قادر الڪلام شاعر
هو. سندس فارسي شاعريءَ جو ”ڪشڪول“ نالي مڪمل بياض
آهي؛ جنهن ۾ پنهنجي شعر کان سواءِ، ٻين شاعرن جي
شعرن جو پڻ انتخاب ڏنو اٿس. اهڙيءَ طرح ”جامع
لغات“ نالي سان به ڪتاب مرتب ڪيائين. انهن مڙني
ڪتابن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪتاب سندس قلم مان
نڪتل آهن. سندس قلم ۾ رواني ۽ تيزي ايتري قدر ته
هئي، جو عام طرح سان ائين چوڻ ۾ ايندو هو، ته
”اڪبر جي تلوار کان ابوالفضل جي قلم ۾ وڌيڪ تاثير
آهي.
اڪبر بادشاهه وٽ عالمن ۽ فاضلن جو وڏو قدر هوندو
هو. هو برک شخصيتن کي گهٽ نه ڀائيندو هو. اهو ئي
سبب هو، جو ابوالفضل جهڙي وڏي علمي شخصيت جو وٽس
قدر هو. 993هه (1585ع) ۾ شهنشاه طرفان ”هزاريءَ“
جو خطاب مليو. ستت ئي پنهنجي ذهانيت، عقلمندي ۽
ديانتداريءَ سببان ”ٻه هزاريءَ“ جو لقب به حاصل
ڪري ورتائين.
ابوالفضل، قلم جي جوت سان گڏو گڏ هڪ سٺو جنگي جوڌو
به هو. سندس بهادري ۽ شجاعت ايتري قدر ته مشهور
هئي، جو ”اسير ڳڙهه“ (1053 هه = 1594ع) ۽ ”دکن“
(1006 هه = 1597ع) جي لڙاين ۾ به اڳواڻيءَ جا
فرائض سر انجام ڏنائين. سندس طبيعت غريبن ۽ بي
سهارن لاءِ آتي هوندي هئي. حالانڪ قدرت کيس وڏي
درجي تي رسايو هو، مگر سندس سيني مان سکڻن، سڃن ۽
ستايلن جي سار نه وئي. پاڻ هر وقت هيڻن جو همراهه
۽ بي سهارن جو سهارو بڻيو رهيو.
درٻاري معاملن ۽ اميرن جي ڪچهرين مان فرصت وٺندي
اڪثر وقت مطالع ۾ صرف ڪندو هو. بادشاهي مان ۽
مرتبي جي ويجهو رسندي به خلق جي خدمت جو اونو
رکندو هو. اميراڻن ويس وڳن ۽ طعامن تي، درويشاڻي
لباس ۽ فقيراڻي مانيءَ کي اڪثر ترجيح ڏيندو هو.
سندس آخري عمر سورن ۽ عذابن ۾ گذري جڏهن جهانگير
جو الهه آباد تي حملو ٿيو، تڏهن اڪبر جي سپاه جي
اڳواڻي ڪندي جهانگير جي فوجي اڳواڻ نرسنگهه ديو
سان منهن مقابل ٿي، ميدان ۾ ڪڏي پيو. هوڏانهن ٽي
هزار سپاه هيو، مگر ان جي مقابلي ۾ ابوالفضل کي
بالڪل ٿورڙا ماڻهو هئا؛ تاهم به مڙس ٿي ميدان
ملهايائين.
وڙهندي وڙهندي آخر بي وس ٿي پيو ۽ سندس بدن به
زخمن سان چور ٿي پيو، جنهن ڪري زخمن جو تاب نه سهي
54 ورهين جي عمر ۾؛ جمع جي ڏينهن، پهرين ربيع
الاول 1014 هه مطابق 1605 تي راه رباني ورتائين.
ظالم نرسنگهه ديو سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري، جهانگير
ڏانهن موڪليو، باقي سندس ڌڙ گواليار کان ڇهه ميلن
جي مفاصلي تي ”انتري“ نالي ڳوٺ ۾ دفنايو ويو.
امام بخش ”خادم“ بدوي
[1861ع – 1918ع]
سنڌي ڊرامي جو پهريون ليکڪ، امام بخش ”خادم“ ولد
محمد بچل بدوي، اعليٰ پايي جو شاعر ۽ بهترين نثر
نويس ٿي گذريو آهي. سندس ولادت شڪارپور جي مردم
خيز سر زمين تي 1278 هه مطابق 1861ع ۾ ٿي. پاڻ
سنڌي ماستر هو. آخوند محمد قاسم ”قاسم“ هالائي
(1816ع – 1881ع) جي نظر فيض اثر هيٺ شعر چوڻ شروع
ڪيائين. سيد فاضل شاه ”فاضل“ ۽ فضل محمد ”ماتم“
سندس همعصر ۽ گهرا دوست هئا.
نثر
جي سلسلي ۾ ”هير رانجهو“ نالي ڊرامو 1879ع ۾
قلمبند ڪيائين، جيڪو سنڌي زبان ۾ پهريون ڊرامو
سڏيو وڃي ٿو. سندس نثر جو مڪمل مجموعو به آهي،
جيڪو ”ڪليات خادم“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ
1958ع ۾ شايع ڪيو آهي؛ جنهن کي سندس لائق فرزند
لطف الله بدوي مرحوم مرتب ڪيو هو.
”خادم“ زندگيءَ جون ستونجاه بهارون ڏسي، 1337 هه
مطابق 1918ع ۾ هن دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن
راهي ٿيو.
امرتراءِ ”سام“ جئسنگهاڻي
[جنم ـــ 1903ع]
ديوان امر تراءِ ”سام“ پٽ حشمتراءِ جئسنگهاڻيءَ ،
ضلعي لاڙڪاڻي؛ تعلقي رتيديري جي ڳوٺ طيب ۾ 3 جون
1903 تي جنم ورتو آهي. ابتدائي تعليم طيب جي سنڌي
اسڪول ۽ رتيديري جي اي - وي اسڪول مان ورتائين.
جڏهن پنجين ڪلاس ۾ شڪارپور جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا
ورتائين، تڏهن جلد ئي قطع تعلقات هلچل شروع ٿي،
اتي شري ليلا رام ڦيرواڻيءَ جي صحبت ۾ ”هلچل“ جو
سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان اڀريو.
سندس سچائي ۽ سشيلتا کان ساڌو واسواڻي صاحب ۽ ميسو
پال رچرڊ خوب متاثر ٿيا. ميسو پال رچرڊ اصل فرانس
جو رهاڪو هو ۽ هن ننڍي کنڊ ۾، شملي کان 50-60 ميل
دور هماليه پهاڙ جي ڳوٺ ”ڪوٽڳڙه“ ۾ رهندو هو. انهن
ٻنهي جي هن نينگر تي شفقت رهي پوءِ ته رچرڊ جي
دعوت تي سير سفر ڪندي، انگلنڊ، فرانس، مصر، شام،
آلجيريا، فلسطين، اتر آفريڪا ۽ سئٽزرلينڊ جو واس
به ورتائين.
انهيءَ ڪمسن عمر ۾ ديوان صاحب، رچرڊ ۽ ساڌو
واسواڻي صاحب جي رهبريءَ تحت تاريخ ۽ ادب ۾ وڏي
ڄاڻ حاصل ڪئي انگريزي زبان ۾ جملي 14 ڪتاب لکيائين
سندس تحريرن تي يورپ ۽ برصغير وارن خوب تبصرا ڪيا.
پاڻ ڪجهه وقت لاءِ ڪراچيءَ مان ”New
Age“
نالي هڪ انگريزي رسالو به ڪڍيائين. ازانسواءِ اتان
”اڪبر آشرم“ نالي هڪ تحريري رٿا پڻ مرتب ڪيائين؛
جنهن کي هند خواه سنڌ جي اديبن خوب ساراهيو، 1934ع
۾ رسالي جي سرپرستي مستر آرٿرينگ جي حوالي ڪندي،
ڳوٺ طيب طرف وريو؛ ۽ ٻيهر پنهنجي زمينداري ڪم کي
نئين سر اڀاريائين. انهيءَ عرصي ۾ ڪڙمين ۽ ڳوٺاڻن
۾ سوشل يعني پنگتي سڌاري جون ڪوششون جاري رکيائين.
ورهاڱي دوران سندس عزيز و اقارب هندستان لڏي ويا.
مگر هيءُ محب وطن انسان پنهنجي وطن جي مٽيءَ کي
مٿاهون ڀائيندي، هتي ئي رهي پيو. سندس جيون ساٿي،
لاڙڪاڻي جي مشهور ڊاڪٽرياڻي سرلا ديوي هئي، جا
1973ع ڌاري پر لوڪ پڌاري.
”سام“ تخلص سان سندس سنڌي، هندي، سرائڪي، فارسي،
اردو ۽ انگريزي شاعري ملي ٿي. خاص ڪري سنڌي
شاعريءَ ۾ سندس مڪمل ديوان به آهي، جيڪو 1934ع
ڌاري هندستان مان پڌرو ٿيو. سندس ٻيو ڇاپو 1973ع ۾
”اڪبر آشرم پبليڪيشن لاڙڪاڻه“ طرفان پڻ منظر عام
تي اچي چڪو آهي.
اهڙيءَ طرح فارسي شاعريءَ ۾ سندس مڪمل ديوان به
مرتب ٿيل آهي؛ جنهن مان ڪجهه غزل سندس ماهوار
رسالي ”رهاڻ“ ۾ به ڏنل آهن؛ ۽ باقي قلمي صورت ۾
وٽس موجود آهن. ”سام“ صاحب شاعريءَ جي سلسلي ۾
غزلن کان علاوه نظم، ڪافيون، رباعيون، قصيدا،
وايون ۽ ڀڄن به چيا آهن. سنڌي نثري تصنيفات ۾:
”پينوءَ جي سوغات“ ، آتم باغ“ ؛ ”تون ۽ مان“ ۽ ”دل
جو جام سدا ڀرپور“ وڏو داد حاصل ڪري چڪا آهن.
زندگيءَ جون آخري گهڙيون، شهر لاڙڪاڻي جي محلي علي
گوهر آباد ۾ گذاري رهيو آهي.
اياز حسين ”اياز“ قادري
[ولادت ــ 1924ع]
قادري خاندان جو هي روشن چراغ، جناب اياز حسين
”اياز“ ولد فقير غلام سرور قادري، 1343 هه مطابق
19 جنوري 1924ع تي ”ميان جي ڳڙهي“ محلي، لاڙڪاڻي
شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان وٺي،
ڪراچيءَ ڏانهن اعليٰ تعليم لاءِ ويو، جتان ايم- اي
۽ ايل ايل- بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ملازمت
دوران ايس- ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار جي حيثيت
سان آغاز ڪيائين. هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي
سنڌي شعبي ۾ پروفيسر آهي.
سنڌي علم ادب سان کيس والهانه محبت رهي آهي. خاص
ڪري شاعري ته کيس ورثي ۾ ملي آهي. ”اياز“ تخلص سان
پنهنجو شروعاتي شعر ”اديب سنڌ“ ۾ ڇپرائيندو رهيو.
هينئر ته سندس شمار سنڌ جي تعليمي ماهرن، محققن،
اعليٰ اديبن، بهترين شاعرن سٺن افسانه نگارن ۽
دانشورن ۾ ٿئي ٿو.
نظم کان علاوه نثر ۾ به قادري صاحب جا ڪافي ڪتاب
قلمبند ٿيل آهن، خاص ڪري افسانا ۽ ڪهاڻيون، سنڌي
زبان ۾ لافاني حيثيت رکن ٿيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾
بلو دادا، الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاه، ساٿي، مٽيءَ
لڌو مان ۽ مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي (ٽن جلدن ۾)
آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به آهي اڄ ڪالهه
پي ايڇ- ڊي لاءِ تحقيقي مقابلي لکڻ ۾ رڌل آهي.
خداوند کيس خضري عمر عطا ڪري.
بـــــودلـــــو بــهــــار رح
[1238ع – 1298ع]
حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح جي خاص خدمتگارن
مان، ملتاني درويش مخدوم بودلو سڪندر عرف ”بودلو
بهار“ ولد ديندار خان چنيهو، وڏو عالم ۽ متقي
انسان ٿي گذريو آهي. سندس جنم 602 هه مطابق 1238ع
۾ ”اچ شريف“ (ملتان) ۾ ٿيو ننڍپڻ کان ئي صوفي
بزرگن جي صحبت ۾ رهندي، الله وارن جو طالبو رهيو.
جوانيءَ ۾ سندس ملاقات، سيد محمد عثمان مروندي رح
(1187ع – 1299ع) سان ٿي؛ جنهن حڪم ڪيس، ته سنڌ طرف
سيوهڻ شريف ڏانهن هليو وڃ، جتان توکي منزل ملندي.
بودلو سڪندر، ڦوه جوانيءَ ۾ ئي سيوهڻ شريف پهتو.
شروعات ۾ ديني درس ڏيندو رهيو، پر پوءِ حال کان بي
حال ٿي، دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي، راتيان ڏينهان
روحاني رهبر جو متلاشي رهيو. انهيءَ ذڪر فڪر واري
ڪيفيت ۾ اڪثر اگهاڙو رهيو.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته سيوهڻ ۾، سڪندر اعظم
(356ق-م/323ق-م) جي ٺهرا يهل قلعي جي ٻاهران هڪ
گهاٽي کٻڙ جي وڻ هيٺان، جيئن ئي پنهنجي شغل ۾ رڌل
رهيو، ته راجا جيسر (جيڪو ”چرٻت راجا“ جي نالي سان
مشهور هو) ، جي ڌيءَ سينا، ماڙيءَ مان کيس ڏٺو -
جا ڳالهه واٽهڙن وائکي ڪري ڇڏي. پوءِ ته راجا
جيسر، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، ڳوٺ جي ظالم ”حنود
ڪاسائيءَ“
کي
گهرائي، سندس ٻانهن حوالي ڪئي.
حنود، مست بودلي کي دعوت جي بهاني دوکي سان گهر
نيئي، ڪهي ڇڏيو. مڄاڻ ڪو انهيءَ ڏينهن ، لعل شهباز
سائين به اچي سيوهڻ ۾ سهڙيو. تنهن جيئن جو بودلي
کي سڪ مان وڏي واڪي سڏ ڪيو، ته بودلي جا هڏا ۽
ماس، جيڪي ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، پاڻ ۾ ملي ويا.
پوءِ ته سندس رڳ رڳ مان ”جي مرشد“ جو آواز پئي
نڪتو. هي واقعو 694 هه (1298ع) جو آهي.
روايت آهي ته حنود، جيڪو گوشت ماڻهن ۾ ٻوٽيون
ٻوٽيون ڪري وڪيو هو، ان کي ڪن ماڻهن کاڌو هو. جڏهن
لعل سائينءَ جي امر سان بودلي جو سمورو جسم ٺهي
ويو، ته مٿي تي ٿورو گوشت کٽل هو، جيڪو ماڻهن کاڌو
هو. لعل سائينءَ کي اها ڳالهه پسند نه پئي؛ جنهن
ڪري انهن گوشت کاڌل ماڻهن جي مغز مان اهي ٻوٽيون
ٺڪاءُ ڪري ٻاهر اچي بودلي جي جسم سان مليون. چون
ٿا، ته انهن جي مغز ۾ اها کڏ رهجي ويئي، جيڪا اڃا
سندن نسل در نسل ۾ هلندي پئي اچي.
قلندر سائينءَ کي البته مٺيان لڳي، مگر ظاهري طرح
صبر کان ڪم وٺي: بودلي کي قلعي جي اترين طرف ڪوٽ
جي ڀرسان دفنايائونس.
بودلو، قلندر لعل شهباز جي پيارن طالبن مان هڪ هو.
کانئس ڪيتريون ئي ڪرامتون سرزد ٿيون. بودلائي
فقيرن جي طريقت سان وابسته آهي. سيد علي سرمست
(جنهن جي مزار قلندر لعل شهباز جي روضي جي ٻاهران
موجود آهي)، سندس وزير هو. بودلي جي مزار تي پٿر
جو ڪٽهڙو جڙيل آهي. سندس مريد ڳاڙهو ويس پهريندا
آهن، جيڪي هر روز پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي، قلندري ڌمال
قائم ڪندا آهن. بيک مڱڻ وٽن عيب آهي. البته ڪيترا
زائرين، خادمن ۽ مجاورن جي نيت سان کين نذرانا به
ڏئي ويندا آهن، جن مان هو گذر سفر ڪندا آهن.
مست بودلي سڄي عمر ۾ شادي ڪانه ڪئي ۽ مجرد رهيو.
سندس نالي پٺيان سيوهڻ شريف ۾ ”بودلي جي ڪافي“ به
سڏجي ٿي.
تمر فقير
[1737ع – 1814ع]
سنڌ جي صوفي شاعر، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي
خاص فقيرن ۾ تمر فقير ولد فقير صحبت علي سالارو جو
نالو به وسارڻ جوڳو نه آهي. سندس وڏا تعلقي هالا ۾
ڀٽ شاهه کان پنجن ميلن جي وڇوٽيءَ تي، کنڊوءَ لڳ،
ڳوٺ بلند شاه سالار ۾ رهندا هئا. فقير صحبت علي ۽
سندس ڀاءُ فقير محبت علي، ڀٽائي صاحب جا خاص
عقيدتمند هئا.
فقير صحبت عليءَ کي پڇاڙيءَ تائين اولاد ڪانه ٿي.
آخر 1150 هه مطابق 1737ع ڌاري، شاه سائين رح جي
اجازت سان حج بيت الله شريف جي زيارت تي سگهرو
سنبريو. ان زماني ۾ سفر جون سهوليتون گهٽ هيون؛
جنهن ڪري قافلي سان رلجي پيو. مڃاڻ ڪا سندس گهر
واري اميد ڀري هئي. خدا جي قدرت سان سفر ۾ سنڀار
ٿيس؛ جنهن ڪري مجبورا ”مسافريءَ دوران هڪ کجيءَ
هيٺان مائي صاحبه پير لڌا ۽ کيس مرشد جي دعا سان
هڪ خوبصورت پٽ، دائيءَ جي هٿن کان آئيءَ جي هنج ۾
رسيو. سندس نالو ”علي“ رکيائون.
خير خوبيءَ سان جڏهن سفر پورو ڪي وطن واپس وريا ۽
سڌو مرشد جي قدم بوسيءَ لاءِ شاهه سائينءَ وٽ آيا.
پوءِ ته پنهنجو پنڌ ڪندڙ پٽ اچي، سندس جهوليءَ ۾
اڇلايائون. شاهه سائينءَ فقير صحبت عليءَ جي نينگر
کي گود ۾ آڻي کانئس نالي جي دريافت ڪئي، جنهن تي
ننڍڙي نينگر ٺهه پهه وراڻيو، ته ”سائين! منهن جو
نالو ”حاجي علي“ آهي!!“ تنهن تي پاڻ فرمايائون، ته
”ابا! اسان جي وڏي ڏاڏي ۽ مرشد جو نالو ”علي
المرتضيٰ رضه“ آهي !!“ ان ڪري تنهنجو نالو بدلائي
”تمر“ ٿا رکون !!! انهيءَ ڪري جو تون کجيءَ هيٺان
ڄائو آهين. ڄمڻ وقت عرب جي عورتن خوشيءَ وچان جيڪا
لولي ڳائي هئي، اها هن ريت آهي: ”فوق المطعر، تحت
التمر، لبن البقر – هات الله هات الله“ (معنيٰ:
مٿان مينهن، هيٺان کجور، ڳئونءَ جو کير – ڏي الله،
ڏي الله).“ سندس والدين اهو ٻڌي دنگ رهجي ويا ۽ ان
وقت جي صداقت ۾ يقين رکي، ڪنڌ ڌوئڻ لڳا. انهيءَ
ڏينهن کان پوءِ مٿس ”تمر“ نالو مشهور ٿي ويو.
|