عبدالله ”اثر“ چانڊيو
[
1976هه – 1920ع ]
لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ۾ مولوي عبدالله ”اثر“ ولد
مولوي الله ڏنو چانڊيو، اهم حيثيت رکي ٿو. سندس
ولادت تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ٻيڙو چانڊيو“ ۾
1339هه مطابق 4 جولاءِ 1920ع تي ٿي آهي. ابتدا ۾
قرآن پاڪ، مولانا محمد عمر جان چشمويءَ وٽان
پڙهيائين. اهڙيءَ طرح مولوي
غلام الرسول
عباسيءَ وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي سکيا به ورتائين.
پاڻ نهايت ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري اُستاد به
سندس حافظي ۽ هوشياريءَ جا مداح هئا – 1936ع کان
پرائمري اُستاد بڻيو. شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽي جي خاص مهربانين سان ترقي
وٺي اي – ڊي – آءِ – ايس
(A,D.I.S)
ٿيو. ايم – اي سنڌي ادب جي
سلسلي ۾ راقم الحروف سان به سندس ڏيٺ ويٺ ٿي. شعر
و شاعري، لاڙڪاڻي جي ادبي محفلين ۽ سگهڙن جي
ڪچهرين مان قرب حاصل ڪندي؛ ”تارڪ“، ”شيدا“،
”اَثيم“، ”نظام“، ”نياز“، جعفري، ”خادم“ لاڙڪاڻوي
۽ ”دلگير“ دريانيءَ جن جي صحبتن مان خاصو استفادو
حاصل ڪيائين.
”آثر“ تخلص سان سنڌي زبان کان علاوه فارسي ۽
اردوءَ ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿس. اِنهيءَ سلسلي ۾،
سنڌي زبان ۾ ٻه ”ديوان“ به مرتب ڪيائين؛ جنهن مان
سندس ”نعتيه ديوان“ سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
پاڻ شعر گاهي گاهي جوڙيندو هو؛ جنهن ڪري اڪثر
ٿورڙائي ۾ گهڻا ئيءَ جو راز سمايل معلوم ٿيندو
آهي. سندس نظم وطن عزيز جي محبت سان سرشار نظر اچن
ٿا، جن ۾ عوامي رنگ، ديس جي پرڪشش نظارن ۽ خالص
ڏيهي مجاورن سان ڏٽيل ڏسجن ٿا.
سندس ذات ڏانهن گهڻيون ئي اُميدون وابسته هيون،
مگر افسوس جو کيس موت مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري سکر
ريلوي اسٽيشن تي، هڪ اچانڪ حادثي دوران، 1396هه
مطابق 26 ڊسمبر 1976ع تي رب کي پيارو ٿيو. سندس
ڇڏيل تصنيفات ۾: ”سيرت سعدي“، ”جام ڪوثر“ ۽
”سامونڊي سوداگر“ آهن. ازانسواءِ نظم، بيت،
ڪافيون، رباعيون ۽ قطع تاريخون ڪثرت سان ملن ٿيون.
مشهور عربي قصيدن ”بانت سعاد“ ۽ ”البرده“ جا پڻ
منظوم سنڌي ترجما به ميدان تي آندائين. لاڙڪاڻي ۾
”بزم سچل“ جو صدر به ٿي رهيو.
عبدالڪريم ”گدائي“
[
1978ع – 1901ع ]
سنڌ
جو جهونو اديب، ڪهٺه مشق شاعر ۽ قومي ورڪر، محترم
عبدالڪريم ولد بجار خان لاشاري بلوچ، 24 شوال
1319هه مطابق پهرين جنوري 1901ع تي، ڪريم آباد
تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي
تعليم ٺل مان وٺي، جيڪب آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ جو
امتحان پاس ڪري، 1918ع ۾ پوسٽ کاتي ۾ ملازم بڻيو.
چئن سالن بعد اُتان استعفا ڏئي، خان صاحب بهادر
خان کوسي جي پٽن: مير شاهل خان ۽ مير سڪندر خان جن
جو خانگي طرح ”ٽيوٽر“
(Tutor)
مقرر ٿيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ لطف الله بدويءَ جي
صحبت مان سخن جي ميدان تي ”گدائي“ تخلص سان پاڻ کي
پڌرو ڪيائين.
1932ع کان نهايت ئي بيباڪيءَ سان ”تحريڪ آزاديءَ“
واري هلچل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، ٺل ڪانگريس
ڪاميٽيءَ“ جو سيڪريٽري پڻ منتخب ٿيو. پوءِ ته
فرنگين (انگريزن) خلاف خوب نظم لکڻ لڳو. ورهاڱي
بعد ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ ۾ شموليت اختيار ڪيائين؛
۽ عوامي شعر لکڻ شروع ڪيائين. ”4– مارچ تحريڪ“
توڙي ”ون يونٽ“ خلاف به خوب آواز اُٿاريائين. سندس
تصنيفات حالانڪ ايتريون گهڻيون ناهن، مگر ”ٿورا
ڪڻا ٿالهيءَ ۾ ڀلا“ – مصداق ”خانڳڙهه کان جيڪب
آباد تائين“ (1965ع – تاريخ)، ”ساڻيهه جا سور“
(1965ع – شاعري)، ”پکڙا ۽ پنهوار“ (1975ع – شاعري)
۽ ”پيماني تي پيمانو“ سنڌي ادب ۾ بهترين ڪتاب
تسليم ڪيا پيا وڃن. هيٺ ”عريبن جي عيد“ عنوان سان
سندس هڪ نظم مان چند مصرعون نموني طور ڏجن ٿيون:-
خدايا تون دنيا جو داتار آهين – جيارين يا مارين
ته مختيار آهين!؛
اڙين ۽ اڌينن جو آڌار آهين – چون ٿا، ستر پوش ستار
آهين!.
تون ڄاڻين ٿو سڀ ڪجهه، چئي ڇا ٻڌايان ؟
خوشيون عيد واريون، ڪٿان اڄ ملهايان ؟
نه ٻچڙن کي چولو، نه عورت کي چادر – نه پنهنجي بدن
تي، لنگوٽي برابر!؛
نه پٽڪو مٿي تي، نه پيرن ۾ پادر – سندم ڏوهه ڪهڙو
آ خلاق – اڪبر!.
گهرن ۾ اميرن جي کانا پچن ٿا – حويليءَ ۾ خونچا،
اچن ۽ وڃن ٿا؛
ننڍا ۽ وڏا سڀ، خوشيءَ ۾ نچن ٿا – ڏسي ٻار پنهنجا
مونکي وٽ پون ٿا.
اوهانجا عجب راز باريڪ يا رب – تون رزاق سڀ جو،
اهو ٺيڪ يار رب!؛
رهين ٿو جي شهرڳه جي نزديڪ يا رب – ته منهنجي
دنيا، ڇو آ تاريڪ يا رب؟
ڪڏهن ڪا خوشين جي به تمهيد ٿيندي ؟
اسان جي به يا رب ڪڏهن عيد ٿيندي ؟
عثمان علي ”اَنصاري“
[
1901ع – 1962ع ]
عثمان علي ولد هدايت علي انصاري، 14 محرم الحرام
1318هه مطابق 21 آڪٽوبر 1901ع تي شڪارپور ۾ ڄائو
هو. سندس والد (ولادت 1870ع) سهارنپور ضلعي جي جنت
آباد (آنبهٽه) ڳوٺ جي رهاڪو هو؛ ۽ پوليس کاتي ۾
ملازم هو، جتان سيوهڻ شريف ۾ رهندي، انسپيڪٽر جي
ڪرسيءَ تان، 1901ع ۾ رٽاير ڪيائين. سندس والده
ميرپور ماٿيلي جي رند خاندان مان هئي.
عثمان عليءَ، ابتدائي تعليم شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي مان
حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ جهونا ڳڙهه به ويو –
1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي – اي جي پهرين
ڊگري ورتائين. پوءِ 1925ع ۾ انگلنڊ مان ايم – اي ۽
جرنلز ۾ ڊپلوما وٺي، واپس وطن وريو، ۽ تعليم کاتي
۾ هيڊ ماستر جي عهدي کان ڊائريڪٽر جي عهدي تان
1957ع ۾ رٽاير ڪيائين. پوءِ پاڻ علم جي شغل کي لڳي
ويو؛ جنهن ڪري نوڪريءَ جي زماني جا اَڌورا پيل
ڪتاب لکي راس ڪيائين، جيڪي ”درس عمل“ (اَخلاقيات –
1936ع)، ”گمراه دوست“ (ناول ترجمو – 1939ع)،
”اَدبي انتخاب“ (مضمون ۽ ڪهاڻيون – 1944ع)، ”رسالو
سچل سرمست“ (1948ع)، ”يوناني فلسفو“ (ترجمو –
1951ع)، ”رسالو سچل سرمست“ (1958ع)، ”جرم وفا“
(ترجمو ناٽڪ)، ”پنج ڪهاڻيون“ ۽ ”سنڌي نثر“ آهن.
نثر سان سندس خاص دلچسپي رهي آهي. پاڻ نهايت ئي با
اَخلاق ۽ سنجيده شخص هو.
متذڪره ڪتابن کان علاوه سندن ڪافي معلوما تي مقالا
به سنڌي رسالن، اَخبارن ۽ مختلف مئگزين ۾ پڻ شايع
ٿيندا رهيا آهن.
انصاري صاحب جن جون علمي ۽ ادبي خدمتون نهايت ئي
وسيع آهن. کيس ٻين زبانن مان ترجمن ڪرڻ جو زياده
شوق هو. سندس لکڻي نهايت پراثر، عام فهم، دلچسپ،
وڻندڙ، سليس ۽ شائسته رهي آهي – 9 ربيع الـآخر
1382هه مطابق 2 سيپٽمبر 1962ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات
ڪيائين. سندس وفات سنڌي زبان لاءِ ناقابل - تلافي
نقصان آهي. آخري وقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي
سيڪريٽري ۽ سم- ماهي ”مهراڻ“ جو مئنيجنگ ايڊيٽر به
ٿي رهيو.
علامه آءِ - آءِ - قاضي
[
1886ع – 1968ع ]
سر
زمين سنڌ جو عظيم فرزند، علامه امداد علي امام علي
قاضي صاحب جي ولادت حيدرآباد شهر ۾ 21 ربيع الاول
1304هه مطابق 18 اپريل 1886ع تي ٿي هئي. سندس وڏا
اصل دادو ضلعي جي پاٽ ڳوٺ جا هئا. علامه صاحب جي
شروعاتي تعليم نهايت خبرداريءَ سان ٿي. پاڻ جڏهن
مئٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ته سندس
والد بزرگوار کيس وڌيڪ تعليم ڏيارڻ خاطر ولايت
ڏانهن اُماڻيو. لنڊن پهچي، اُتان جي بهترين ۽ قابل
استادن کان فلسفي، نفسيات ۽ اقتصاديات ۾ سٺي تعليم
حاصل ڪئي. ان کان علاوه خانگي طرح علم الحيات ۽
طبعيات جو پڻ چڱو اڀياس به ورتائين.
1810ع ۾ جرمنيءَ جي شهر مان ”ايلسيا“ نالي هڪ جرمن
خاتونءَ سان شادي رچايائين. سندس زال هڪ قابل،
بلند پايي جي اديبه ۽ شاعره هئي. بس، پوءِ ته ٻنهي
جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت ٿي. قاضي صاحب پڻ هڪ بلند
شخصيت هجڻ سان گڏوگڏ وڏو عالم، محقق ۽ دانشور هو.
شاديءَ کان پوءِ هڪ سال جي مختصر عرصي اندر انگلنڊ
مان بئريسٽريءَ جي ڊگري وٺي، وطن واپس وريو.
وطن
۾ مئجسٽريٽ ۽ سيشن جج جي عهدن تي به فائز رهيو.
ڪجهه عرصي لاءِ انتظامي ڪائونسل جو ”هوم ميمبر“ به
ٿي رهيو – 1951ع کان 1959ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ
جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. رٽاير ڪرڻ بعد پنهنجي
گهر واريءَ سميت سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب لکڻ لڳو.
علامه صاحب شروع کان ئي محنتي ۽ ديانتدار هو.
پنهنجي نيڪ نيتيءَ کي ثابت رکندي، سچائيءَ ۽
صفائيءَ سان روز شب اوجاڳا ڪاٽيندي، حضرت شاه
عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي تي سندس ڪيل تحقيق،
هڪ لازوال ڪارنامو آهي؛ جنهن کي 1961ع ۾ سنڌي ادبي
بورڊ شايع ڪرايو آهي.
جناب قاضي صاحب پنهنجي وقت جو هڪ جيد عالم ۽ مڃيل
فيلسوف هو. پاڻ سموري زندگي قرآن پاڪ، امام غزالي
رح جي فڪر ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي قولن
موجب گذاري هئائين. اسلام جي اُصولن تي هلڻ ۽ وطن
جي محبت جو ڪوڏيو هو.
علامه صاحب صحيح معنيٰ ۾ علم جو درياه هو. سنڌ
خواه هند، بلڪ ولايت وارا به کانئس بيحد متاثر ٿيا
– 1967ع ۾ سندس گهر واريءَ رحلت ڪئي؛ پوءِ ته پاڻ
کي اڪيلو سمجهي جهري پيو؛ انهيءَ ڳڻتيءَ جي ڳاراڻي
سندس هنيانءُ هيڻو ڪري وڌو؛ جنهن ڪري 27 شعبان
1388هه مطابق 1968ع جي 17 اپريل جي سج ۾ وفات
ڪيائن. کيس سنڌ يونيورسٽي جي احاطي اندر، مسجد
شريف جي ڀرسان دفنايو ويو.
سنڌ
جا سمورا پڙهيل ماڻهو علامه صاحب جي وڏي تعظيم
ڪندا هئا. پاڻ حد کان زياده خود دار، نازڪ طبيعت،
اُصولن جو پڪو ۽ واعدي جو بالڪل سچو هو. ٻين سان
ڀلائي ڪرڻ سندس گڻ هو. ڪڏهن به ڪنهن جو ٿورو کڻڻ
پسند نه ڪندو هو. سندس زبان ۾ ايتري قدر ته ميٺاج
هوس، جو هڪ واري به جيڪو ساڻس مليو ٿي، سو ساري
زندگي کيس ياد ڪندو رهي ٿو. هندستان ۽ پاڪستان جا
وڏا وڏا اديب، شاعر ۽ دانشور به سندس شخصيت جو
اعتراف ڪندا هئا؛ اُنهن مان: علامه ڊاڪٽر سر محمد
اقبال، ڊاڪٽر ذاڪر حسين (هندستان جو اڳوڻو صدر)،
مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ ۽ جارج برناڊشا وغيره ته
سندس خاص مداح هئا. سنڌ ۽ سنڌين کي هميشہ ذات تي
فخر رهندو.
فقير دادن جويو
[
1906ع – 1979ع ]
تذڪره الشعراءُ لاڙڪاڻي جي سلسلي ۾، فقير دادن ولد
ميان ڌڻي بخش جويو جو نالو نه وٺڻ سراسر ڀل چئبي.
سندس ولادت 19 شوال 1323هه مطابق 21 جولاءِ 1906ع
تعلقي واره جي ڳوٺ ”ميان داد چنجڻيءَ“ ۾ ٿي آهي.
ابتدائي تعليم ڳوٺ محراب سنديلي مان، ماستر صاحب
خان شاهاڻيءَ وٽان ورتائين. ست درجا سنڌي پاس ڪري،
وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوشش ڪانه ورتائين. جوانيءَ ۾ کيس
مجازي ميخ سوگهو ڪري ورتو. پوءِ ته ناڪاميءَ
سببان، شاعري ڪرڻ لڳو. اِنهيءَ سلسلي ۾ لالو راونڪ
جي فقير روشن ضمير، هدايت علي نجفي ”تارڪ“ (1860ع
– 1939ع) کي پنهنجو اُستاد ڪري ورتائين. روحاني
رهبر لاءِ فقير خير محمد ”خوش“ هيسباڻي بلوچ
(1809ع–1877ع) کي وڃي ڳولهي لڌائين.
دادن فقير، بيڪ وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو.
خاص ڪري عوامي شاعريءَ ۾ سندس ثاني ڪو ڇڊو هو.
مزاحيه به حد درجي جو هو. سڄي عمر ڪنوارو رهيو.
پڇاڙيءَ ۾ کيس ڇن (هرنيا=Hernia)
جي مرض وڪوڙي وڌيس؛ جنهن ڪري مفلسيءَ سببان ڪو به
خاطر خواه علاج ڪرائي نه سگهيو. نتيجي آخر موت جي
منهن ۾ آڻي اُڇليس؛ ۽ 72 ورهين جي ڄمار ۾، 26
ذوالقعد 1399هه مطابق 19 آڪٽوبر 1979ع تي سومهڻيءَ
ٽاڻي، راڌڻ اسٽيشن لڳ راه رباني ورتائين. افسوس !
جو نه سندس پونيرن مان ڪو بچيو هو؛ ۽ نه وري سندس
ڪو اوهي واهي ٿي بڻيس!! سلطان جويو ۽ غلام قادر
سولنگي سندس شاگرد پرگهور لهندا پئي آيا. سندس
مٽيءَ پنوڙو، راڌڻ اسٽيشن لڳ، شهر واري ”گهڙي پير
قبرستان“ ۾ ٿيو.
هن
مقبول عوامي شاعر، نظم، مرثيا، دوها، غزل،
رباعيون، بيت، قطعا ۽ منقبت وغيره جهجها چيا آهن.
کيس موسيقيءَ جي به وڏي ڄاڻ هئي. ادبي محفلين جو
مور هو. نهايت ترنم سان شعر آلاپي، حاضرين کان خوب
داد حاصل ڪندو هو. سندس ڪلام اڄ به عام و خاص جي
زبان تي جهر جهنگ ۾ جهونگاريو پيو وڃي. سندس هڪ
طويل نظم مان چند مصرعون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون:-
جن توتان فدا تن من کي ڪيو – ڏس تن جو تدارڪ ڪير
ڪري؟
جيئرا ته ملن جيئرن سان ٿا – مردن جو تدارڪ ڪير
ڪري؟
هڪ ناهه مرض جو ماٺ ڪجي – هت حاجت ناهي حسابن جي،
زخمن جو تدارڪ ڪير ڪري – زهرن جو تدارڪ ڪير ڪري؟
سنگتي نه رهيو ساٿي نه رهيو – پانڌي نه رهيو ڪانڌي
نه رهيو،
لاوارث لاش ٿيو عاشق جو – مدفن جو تدارڪ ڪير ڪري؟
دل ڀي نه رهي جان ڀي نه رهي – جنهن صورت ۾ تون ڀي
نه رهين،
تنهن صورت ۾
”دادن“
ڇا ڪري – دان جو تدارڪ ڪير ڪري؟
فقير ڇتو سانگي
[
1822ع – 1892ع ]
ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ ”محبوب جي
بنگلي“ ۾ فقير محمد ڇتل ولد محمد بچل سانگي،
غالباً 21 شوال 1238هه مطابق 14 سيپٽمبر 1822ع تي
ڄائو هو. ابتدائي تعليم ”پيٽهڙي جي مدرسي“ مان
ورتي هئائين. ڳوٺ دودائي (تعلقو لاڙڪاڻو) جي صوفي
سيد عبدالرسول شاه رحه جو معتقد هو. مجازي عشق جي
لپيٽ ۾ ايندي به ثابت قديم رهيو. سنڌي ۽ سرائڪي
شاعريءَ ۾ ڪوُنتل ڪڏايو اٿس. باالخصوص ”ڪافي“ ۽
”مناظري“ جي فن ۾ ڪمال درجي تي پهتو هو. ”حقي ۽
چلم جو جهيڙو“ خاصي شهرت رکي ٿو. سندس شاعري حسن و
عشق ۽ مجازي رنگ ۾ ”تصوف“ تي مبني آهي. سنڌي 52
اکرن تي ”غزلن جو ديوان“ به ترتيب ڏنو هئائين،
جيڪو اڄ بالڪل ناپيد آهي. ڳوٺ دڙي، تعلقي ميرو خان
۾، 4 ذوالقعد 1311هه مطابق 12 آگسٽ 1892ع تي راه
رباني ورتائين. هيٺ سندس هڪ ڪافي نموني طور ڏجي ٿي
:-
ڏاڍي مام ڪيا مستانا، ڪنهن غرض گداءُ ڪرن.
توڏا توڪل شاه جي ميان، ٿيڙا رند روانا.
سالڪ هئڙا سمجهه جا ميان، درد ڪيا ديوانا.
جوان ٻڍا توڙي ريش سفيدي، يا ڪي ڦرن يگانا.
هادي بخشين حال حقيقت، منجهه خلق خزانا.
”ڇتا“ شائق شوق مون ميان، ملهائن مئخانا.
فقير ڇتو، واقعي ئي هڪ عديم المثال شاعر آهي. هو
عوامي شاعرن جيان پنهنجي جذبات ۽ احساسات جي اظهار
لاءِ پاڻ کي اکرن ۽ لفظن جو پابند نٿو بڻائي، بلڪ
اُنهن کي پنهنجي منشا جي تابع رکي ٿو. سچ پچ اها
ڏاتر طرفان ڏنل ڏات آهي، جا استاد شاعرن کي به
نصيب نه ٿيندي آهي. ”ڇتي“ جهڙا شاعر صدين کان پوءِ
پيدا ٿيندا آهن. سندس ڪلام جهجهو آهي، البته هت
آيل ڪجهه سنڌي ۽ سرائڪي شعر کي ”ڪليات ڇتو فقير
سانگي“ جي نالي سان، صوفي مولا بخش سانگيءَ 1973ع
۾ عام ڪيو آهي.
فقير عبدالخالق ”غمدل“ دايو
[
1887ع – 1972ع ]
عبدالخالق عرف ”غمدل فقير“ ولد پير بخش دايو، ضلعي
سکر، تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ ”پير بخش ڪچا“ ۾ تاريخ
2 ذوالقعد 1305هه مطابق 14 مئي 1887ع تي ڄائو.
سندس والد خيرپور جي والي، مير علي مراد خان وٽ
ملازم هو. ننڍپڻ ۾ ئي يتيمي زندگي بسر ڪرڻي پيس.
ابتدائي تعليم پني عاقل جي مدرسي مان، قرآن پاڪ
پڙهي، عربي ۽ فارسيءَ جا به ڪجهه ڪتاب پورا
ڪيائين. سمجهه سوائي ٿيڻ سان، روهڙيءَ جي رانول،
فقير قادر بخش ”بيدل“ رح جي درگاه تي حاضري ڏيڻ
لڳو. جتان کيس اَمر ٿيو، ته ”ڪنهن سچي رهبر جي
تلاش ڪر!“ پوءِ ته سنڌ جو چپو چپو گهمندي، آخر ڏتل
ابڙي، نبي شاه وڳڻ، ڳڙهي ياسين، لاڙ ۽ ڀاڳ ناڙيءَ
تائين به ويو، مگر اڃا کيس اُهو هادي (مرشد) هٿ نه
آيو.
هڪ
ڏينهن جيئن ئي بيزاريءَ وچان پنهنجو انت پئي
آندائين، ته ڪنهن خواب ۾ چيس، ته ”غمدل نه ٿيءُ !
هڪدم درگاه تي واپس ور، اسان تنهنجو انتظار
ڪنداسين!!“ اِنهن لفظن سندس اندر ۾ آگ ڀڙڪائي ڇڏي،
پوءِ ته تڙي کڙي اُٿي هليو؛ ۽ ستت ئي ڳڙهي ياسين
پهچي، قلندر شاه کي هٿ ڪيائين. اُن ڏينهن کان پوءِ
پاڻ کي ”غمدل فقير“ سڏائڻ لڳو.
جوانيءَ ۾ کيس شاعريءَ جو شوق به ٿيو؛ جنهن ڪري
صوفين جي سماع ۽ صحبت مان ”ڪافيون“ چوڻ لڳو. سندس
ڪلام ۾ سلاست ۽ رواني جهجهي انداز ۾ ملي ٿي. حسن و
عشق ۽ تصوف جا نڪتا سندس ڪلام جو روح آهن – 1948ع
جي آگسٽ مهيني ۾ ماڻهن جي مٺ محبت جي جاچڻ جي
بهاني، رتيديري شهر ۾ بقالڪو دوڪان ڪڍيائين. آخر
65 ورهين جي ڄمار ۾، پهرين ربيع الثاني 1392هه
مطابق 15- مئي 1972ع تي رتيديري ۾ ئي انتقال
ڪيائين. کيس مرشد قلندر شاه جي پيرانديءَ کان ئي
دفنايو ويو. سندس يار- غار فقير غلام علي ”مسرور“
بدوي هو؛ جنهن سان سندس روح رهاڻيون ٿينديون
رهيون.
پاڻ
پٺيان به فرزند رشيد ڇڏيائين؛ جن مان ننڍو پٽ
پرائمري استاد آهي، جيڪو سندس درگاه جو متولي به
آهي. هر سال سندس ياد ۾ ميلو منعقد ٿيندو آهي، جتي
پري پري کان صوفي فقير اچي پنهنجا جوهر جرڪائيندا
آهن.
غمدل فقير جو ڪلام سنڌيءَ کان سواءِ اردو، هندي،
پارسي ۽ سرائڪي زبانن ۾ به ملي ٿو. سندس سنڌي ڪلام
سه - حرفين، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. ازانسواءِ
سنڌي زبان ۾ الف – ب وار سندس مڪمل ”ديوان“ به
جوڙيل آهي، جيڪو سندس پوين وٽ قلمي صورت ۾ محفوظ
آهي. هيٺ سندس هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:-
”عمر مارو پاڻ ۾ پيئن پڪ وٽيون،
ويهن واري وچ ۾، وٺي ويڙهه وٽيون،
ڌڙيون ڳنڌائن دادليون، سيلها وار وٽيون،
اوڍن لويون اُن جون، وجهي لعل وٽيون،
تنهنجي وڳن سان نه وٽيون،
”غمدل“
ڀريون پنهنجون.“
فقير عثمان سانگي
[
1778ع – 1860ع ]
فقير عثمان ولد خيرمحمد سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي جي
ڳوٺ ”ڄاماڻي سانگي“ ۾، 16 صفرالمظفر 1193هه مطابق
24 نومبر 1778ع تي تولد ٿيو. ننڍپڻ کان ئي نهايت
ذهين ۽ ماٺيڻو هو. اڪثر ڪري والد جي وٽ ۾ ويهي،
هدايت جون راهون معلوم ڪندو رهيو. پيءُ جو مٿس
ايترو ته گهرو ۽ گهاٽو اثر پيس، جو عربي، فارسي ۽
سنڌي زبانن تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيائين. ويتر صوفين جي
صحبت کيس ”تصوف“ جي واٽ به ڏيکاري. باطني فيض وٺڻ
لاءِ، پاڻ نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ، مخدوم
خواجه عبدالحي رح جو وڃي پوئلڳ ٿيو؛ جنهن جي صحبت
۾ رچي ريٽو ٿيو. سندس پير ڀائي، فقير خيرمحمد
”خوش“ هيسباڻي بلوچ به هو؛ جنهن جي صحبت ۾ شعر چوڻ
شروع ڪيائين. فقير نانڪ يوسف، فقير ڇتو سانگي،
فقير دريا خان قريشي، فقير موهن آهوجا ۽ فقير هاسا
رام آهوجا سندس گهڻگهرا هئا.
فقير صاحب جو سنڌيءَ کان سواءِ اُردو ۽ هنديءَ ۾
شعر چيل آهي. سندس سنڌي ڪلام ڪافين، غزلن ۽ بيتن
تي مشتمل آهي؛ جنهن کي راقم الحروف (ميمڻ
عبدالغفور سنڌي) مرتب ڪيو آهي. شعر ۾ ”عثمان“ ۽
”عثمانا“ تخلص استعمال ڪيو اٿس. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته
سندس غزلن جو هڪ ”ديوان“ به مرتب ٿيل هو، جيڪو
زماني جي خرد برد ڪري اڄ بالڪل ناپيد آهي. 21 رجب
المرجب 1277هه مطابق 12 فيبروري 1860ع تي راه
رباني ورتائين. هن هيٺ سندس ڪلام جو نمونو نروار
ڪجي ٿو:-
اڳهين ته عشق مون ڄاتو هو، سر تي آيم تڏهن سڃاتو.
عشق اول آسان ثي ڀانيم – هوش عقل سڀ انهيءَ وڃايم؛
پوءِ رڳو پاراتو هو.
خبر عشق جي اڳ نه پيڙي – ته پوءِ ڪندو ڪامون سان
اهڙي؛
ڄاڻ نه اڳ مونڄاتو هو.
وره وڄايو نينهن نغارو – وسري ويو وجود ئي سارو؛
عشق اصل اوراتو هو.
ڇاتيءَ ۾ جڏهن پاتم جهاتي – لاالله جي وهي وئي
ڪاتي؛
ليئڙي ۾ ليئو پاتو هو.
عشق آويرا آهي
”عثمانا“
– بره ۾ بيشڪ وتن ديوانا؛
نينهن لڳو تن ناتو هو.
فقير غلام علي ”مسرور“ بدوي
[
1893ع – 1953ع ]
شڪارپور جي خمير مان، فقير غلام علي ”مسرور“ ولد
ميان رحيم بخش بدوي، 15 رمضان المبارڪ 1311هه
مطابق پهرين جنوري 1893ع تي جنم ورتو آهي. ابتدائي
تعليم جا مرحلا پنهنجي والد بزرگوار وٽان پورا
ڪيائين، جيڪو اُنهن ڏينهن ۾ خيرپور ميرس ۾ هيڊ
ماستر هو.
غلام علي ننڍپڻ کان ئي ذهين هو. سنڌي چار درجا
پورا ڪري ڪراچي مدرسته الاسلام ڏانهن انگريزي پڙهڻ
لاءِ ويو. اُتي مولوي محمد عثمان ”فقيہ“ نالي
اُستاد وٽان علم عروض جي سکيا به ورتائين. پوءِ ته
”فقيہ“ جي فيض مان، ”مسرور“ تخلص سان شعر و
شاعريءَ طرف وک وڌائڻ لڳو. کيس انگريزي ٻوليءَ سان
دلچسپي نه هئي؛ جنهن ڪري جلدئي شڪارپور واپس اچي،
پنهنجي چاچي امام بخش ”خادم“ (1861ع – 1918ع) وٽ
سنڌي ورنيڪيولر فائينل جي تياري ڪرڻ لڳو.
|