مخدوم بلال
باغباني رح
[
1451ع – 1522ع ]
مخدوم بلال ولد مخدوم حسن سمو ، تعلقي سيوهڻ
(دادو) جي ڳوٺ ”ٽلٽي“ ۾ 4 ربيع الاول 856هه مطابق
16 جون 1451 تي تولد ٿيو هو. ننڍپڻ کان ئي نهايت
ذهين ۽ سمجهو هو. اميراڻو ٻار ٿي ڪري، دنيوي علم
طرف گهٽ ۽ ديني علم ڏانهن زياده توجہ ڏنائين.
شروعات ۾ سيد نور حسين شاه بخاريءَ وٽان پهريائين
قرآن پاڪ ناظران ۽ پوءِ حفظ ڪيائين. ڏاتر طرفان
ڏنل ڏات ۽ غير معمولي ذهانت ۽ ذڪائت جي زور تي
ننڍپڻ ۾ ئي ڪافي ڪتاب برزبان ياد ڪري ويو؛ جنهن
ڪري استاد ته ٺهيو، پر مدرسي جا سمورا طالب به کيس
قدر جي نگاه سان نهارڻ لڳا. حق حلال جي روزيءَ
خاطري ڪورڪي ڪم کي ترجيح ڏنائين. سندس جد- امجد
مخدوم ادريس سمو
اصل
ٺٽي جو رهاڪو هو. صوفيانه طبيعت ۽ الله وارن جي
عقيدت ۾ ملڪي معاملات مان منهن ڪڍي، سيوهڻ شريف لڳ
”باغبان“ ۾ اچي رهيو.
اُن
زماني ۾ مخدوم شيخ دانيال جونپري نالي هڪ الله لوڪ
صوفي درويش باغبان ۾ رهندو هو، جيڪو ميران محمد
شاه جونپوريءَ جو خاص خليفو هو. سندس ڪافي معتقد
هئا، جيڪي وٽانئس فيضياب ٿيندا رهيا. اُنهن مخدوم
دانيال تي زور ڀريو، ته ”ڪجهه ڪرامتون ڏيکار!“ مگر
جيئن ته مخدوم دانيال جي منزل محدود هئي؛ ان ڪري
هو خود، خدا وارن جي ڳولها ۾ رڌل رهيو. آخر مخدوم
بلال سمي کي ڳولهي ڦولهي، باغبان ۾ آندائين.
مخدوم بلال باغبان ۾ رهندي، پيٽ قوت کان پالهوٿي،
مطالع ۾ منهن وڌو. هڪ ڏينهن جيئن ئي خلوت خاني ۾
ويٺو هو، ته کيس سخت اڃ لڳي؛ جنهن ڪري مجبوراً
ٻاهر نڪري جيئن ئي اڱڻ تائين مس آيو، ته خواجه خضر
عليه السلام سان ملاقات ٿيس. پوءِ ته وٽانئس
فيضياب ٿي، واصل باالله بڻيو. دستور موجب هڪ لڱا
مخدوم صاحب آڏاڻي ۾ ڪپڙو اُڻي رهيو هو، ته مخدوم
دانيال به وٽس اچي سهڙيو. پاڻ اڇا احوالن ۾ ئي
محدو هئا، ته سيد حيدر شاه سنائي نالي هڪ سائل،
پنهنجي قافلي سميت اچي وٽس نڪتو. مخدوم صاحب ايترو
سارو اٽالو ڏسي، آڏواڻي مان نڪري سندن مرحبا ڪئي.
پوءِ مخدوم دانيال کي چيائين، ته ”جلد ڪر! مهمان
پري کان آيل ٿا ڏسجن، سندن لاءِ ڪو کاڌي جو معقول
انتظام ۽ رهڻ لاءِ ٺڪاڻو ٺاه!!“ حڪم ملڻ سان شيخ
دانيال پنهنجي دوست شيخ ڀرڪڻ جي مدد سان مهمانن
لاءِ خاطر خواه کاڌي ۽ رهڻ جو بندوبست ڪيو.
روايتون آهن، ته مهمانن جي کاڌي لاءِ ٻه وڏيون
ديڳيون تيار ڪرايون ويون. هڪ ۾ طاهري ۽ ٻيءَ ۾ ڪڻڪ
جو ڏارو. کائڻ وقت ٻئي طعام آڏو آندان ويا. پوءِ
جن طاهري کاڌي؛ اُنهن جي مقدر ۾ خداپرستي ۽
دنياداري لکجي وئي؛ ۽ جن ڏارو چٻاڙيو، تن کي
ڪماليت ۽ فقيري حاصل ٿي.
انهيءَ ماجرا جي جڏهن ٺٽي جي بزرگن کي خبر پيئي،
تڏهن سيد ميرا محمد شاه جونپوريءَ کي اچي ساڙ لڳو.
پوءِ مخدوم صاحب سان روبرو ملاقات لاءِ درياهي سفر
رستي سانباها ڪيائين. جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو، ته
واٽ ويندي پنهنجي عبادت، زهد ۽ تقويٰ جي ناز تي
پنهنجن معتقدن کي حڪم ڪندو رهيو، ته ”خدا رسيده
بزرگ منهنجي ٻيڙيءَ جي رسي ڇڪيندا، حد ٽپائيندا
هلو:“ انهيءَ تي ڪيترن ئي صاحب- دل بزرگن خوف وچان
رسي ڇڪي، پنهنجي پنهنجي حد ٽپائيندا رهيا. آخر
جڏهن سندس ٻيڙو، حيدر شاه سنائيءَ جي حد ۾ رسيو،
تڏهن حيدر شاه ٻيڙيءَ جي رسي ڇڪڻ گواره نه ڪئي ۽
روبرو وڃي کيس چيائين، ته ”اي بزرگ! بهتر آهي، ته
توهان انهيءَ هوڏ تان لهو ۽ واپس وڃو!!“ سيد ميران
محمد شاه، سنائيءَ جي زبان مان اهي الفاظ ٻڌي ويتر
جيئن ئي اڳتي وک وڌائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته حيدر
شاه غصي ۾ اچي چيس، ته ”ميران سيد! آءٌ پنهنجي پير
جو هي پادر اڇلايان ٿو. پوءِ جيڪڏهن ٻيڙيءَ ۾
اونڌو پيو، ته توهان غرق ٿي ويندؤ ۽ جيڪڏهن سنئون
پيو، ته صرف ٻيڙي ٻڏي ويندي!!“.
ميران صاحب کي سنائيءَ جي اڍنگي گفتگو، ڪاوڙ ڪنڊي
تي چاڙهي ڇڏي. پوءِ ته اڳتي وک وڌائڻ بدران واپس
ٺٽي موٽيو. هينئر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، پڪو ارادو
ڪيائين، ته ڪيئن به ڪري مخدوم بلاول کي مارائي
ڇڏجي، نه ته سمورا ماڻهو مون کان ڦري ويندا. اهو
خيال ڪري، موچيءَ کي گهرائي چيائين، ته ”اهڙي ڪا
جتي تيار ڪر؛ جنهن جي تري ۾ قرآن پاڪ جا ورق وجهي،
وڃي مخدوم بلال کي باغبان ۾ تحفي طور ڏئي اچ!“
موچي پهريائين انهيءَ فريمي ڪم کان انڪار ڪيو. پر
پوءِ حاڪمن جي ڊپ کان ڊڄي لاچار هائو ڪئي. پوءِ
ٿورن ڏينهن ۾ جتي تيار ڪري، آڻي مخدوم صاحب کي
ڏنائين. مخدوم بلال، جتي ڏسي موچيءَ کان پڇيو، ته
”ابا! هيءَ جتي آهي!!؟“ موچيءَ هٻڪندي وراڻيو ته
”هائو سائين“. پوءِ مخدوم صاحب ڳوٺ جي موچيءَ کان
اوزار گهرائي، جتي کولائي، منجهانئس ٽوپي جوڙائي؛
۽ مخدوم ساهڙ
جي
مٿي تي وڌي.
موچي، موٽي اچي سموري اکين ڏٺي ماجرا ميران شاه کي
ٻڌائي؛ جنهن جو غصو ويتر چوٽ چڙهيو. پوءِ زبردستي
موچيءَ کان ڪوڙي فرياد قاضيءَ وٽ داخل ڪرايائينس؛
۽ اهڙو اطلاع پڻ نوابن کي به موڪليائين، ته
”باغبان جو بزرگ مخدوم بلاول، جتيءَ ۾ قرآن پاڪ جا
ورق وجهي، پيرن ۾ پائي گهمندو وتي ٿو“. انهيءَ
گواهيءَ لاءِ مٿس ڪوڙا شاهد به بيهاريا ويا.
هوڏانهن ٺٽي جي نوابن، جنهن جو ميران شاه تي مڪمل
ڀروسو هو، تن بنا ڪنهن دير جي باغبان ۾ منزل هئين.
ساڻن سيد ميران شاه، وقت جو قاضي، موچي ۽ هٿرادو
شاهد به آيا.
ڪورٽ قائم ٿي، جنهن ۾ مخدوم صاحب کي آڏي پڇا لاءِ
پڻ آندو ويو. مخدوم صاحب سموري ماجرا سڻي، موچيءَ
کان صرف ايترو پڇيو، ته ”ابا! تنهن جي ٺاهيل جتي
مان پيرن ۾ پاتي هئي!!؟“ موچيءَ هٻڪندي ”هائو“
ڪئي. انهيءَ تي مخدول بلال ٿڌو ساه ڀريندي، قاضيءَ
کي چيو، ته ”آءٌ ٻيو ڪجهه به چوڻ نٿو چاهيان ....
۽ خدا جي رضا تي راضي آهيان .... بس، توهان پنهنجو
ارادو پورو ڪريو!“ قاضي، جيڪو مخدوم صاحب تي آيو
ئي ڏوهه ثابت ڪرڻ هو؛ تنهن ٺهه پهه مٿس ڪفر ۽
الحاد جي تهمت ڏيندي وراڻيو، ته ”مخدوم صاحب کي
انهيءَ عظيم گناه عيوض، شرعاً لوهي گهاڻي ۾ جيئرو
پيڙايو وڃي!“
بس
حڪم ملڻ جي دير هئي. سمورا سانباها ٿي ويا. فتويٰ
موجب مخدوم صاحب کي لوهي گهاڻي ۾ وڌو ويو.
پهريائين سندس پير پيڙيا ويا؛ جنهن تي مخدوم صاحب
جي اکين مان آب اچي ويو .... سندس زبان مان هي
الفاظ نڪتا، ته ”هينئر انهن ظالمن جون ڀاڙان پٽجي
رهيون آهن. جڏهن چيلهه کان مٿي پيڙجڻ لڳو، ته سندس
صبر جو پيالو لبريز ٿيو؛ جنهن ڪري پاڻ کان زبان
مان هي الفاظ نڪري ويا، ته ”شڪر الحمد لله! جو مون
کي اڄ شهادت نصيب ٿي آهي!!“ آخري باغبان ۾ وقتي
سياست سببان، 71 ورهين جي ڄمار ۾، سومر جي شام جو،
پهرين محرم الحرام 929هه مطابق 2 جنوري 1522ع تي
مخدوم صاحب شهادت جو جام نوش فرمايو. سندس چڪنا
چور جسم کي مٽ ۾ وجهي، اتي ئي دفنايو ويو.
”بيشڪ الله وارن جي رنگ کان مئل دليون به زنده ٿيو
پون“ – سندس عقيدتمندن ۽ همعصرن جو ڳاڻاٽو ڪري نٿو
سهگجي. البته مخدوم شيخ ڀرڪيو، مخدوم عربي ڌياڻو،
مخدوم اسحاق هالائي، مخدوم عبدالرشيد هالائي،
مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم صدو لانگاه بٺوري، شيخ
ڀريو گنجو ٽڪر، قاضي قاضن، قاضي عبدالله درٻيلوي
باغباني شيخ عبدالله متقي درٻيلوي، مولانا سعيد
درٻيلوي مولانا محمد يونس سمفقندي ، سيد صفائي
بکري رح، مخدوم محمد فخر پٽو ڪاهاني، امير غياث
الدين رضائي سبزواري بکري، مير ابو سعيد پيراني
بکري، مخدوم عبدالعزيز محدت ڪاهاني ۽ مولانا شيخ
مبارڪ پاٽائي رح جا نالا هن ڏس ۾ وساري نٿا سگهجن.
اهڙيءَ طرح سندس شاگرد رشيدن جي فهرست به نهايت
طويل آهي؛ جن مخدوم صاحب جي پيغام کي جاري رکيو؛
اُنهن مان راهو سيوهاڻي، مخدوم حيدر سنائي، مخدوم
ساهڙ لنجار ۽ مخدوم رڪن الدين جرار پوٽو متعلوي
سر- فهرست آهن.
مخدوم بلال رح، عربي، فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ ترڪي
زبانن جي خاصي ڄاڻ رکندو هو. خاص ڪري فارسيءَ ۾
سندس رباعيون به چيل آهن. پاڻ ڄام تغلق (وفات
857هه = 1454ع) کان مرزا شاه حسن ارغون (وفات
962هه = 1554ع) جو زمانو پئي سنڀريو. سندس حياتي4
۾ ٻن مذهبي تحريڪن: ”مهدوي تحريڪ“ ۽ ”بلالي
تحريڪ“ جنم ورتو هو. سندس سلسلي طريقت ”قادري“ هو؛
۽ ڪافي ڪرامتون کانئس سرزد ٿيون.
”ڪوڙين ڪن سلام اچيو آتڻ اُن جي“ – مصداق صاحب جي
مزار تي روزانو وڏو رنگ لڳو پيو هوندو آهي. خاص
ڪري ماه پهريون جمعو وڏيءَ ڌام ڌوم سان لڳندو آهي،
جتي هزارين عقيدتمند، خدا جا خلقيل، اهل - دل الله
وارا ذڪر، فڪر، سمع ۽ سماع جي محفلين رچائيندي،
پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندا آهن. لاڙڪاڻي جي
زميندار، محبوب خان وڳڻ، روضي سان لڳ هڪ عاليشان
مسجد شريف ٺهرائي آهي. هن وقت هن درگاه جي
نگهباني، مخدوم ڀرڪڻ جي اولاد جي سپرد آهي، جيڪي
پاڻ کي ”ملڪ“ سڏائين ٿا. ماضي قريب ۾ سنڌ سرڪار
سندس ديدار فرحت آثار جي سهوليت لاءِ ”مخدوم هالٽ
ريلوي اسٽيشن“ قائم ڪئي آهي، جيڪا مخدوم صاحب جي
روضي جي بالڪل سامهون آهي.
مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح
[
1850ع – 1920ع ]
شيخ
الوقت حضرت عارف باالله مخدوم حسن الله ”فقيہ سنڌ“
ولد وهب الله المعروف عزت الله پاٽائي رح بن مخدوم
عبدالواحد سيوستاني، 1267هه مطابق 1850ع ۾ تولد
ٿيو. شروعات ۾ پنهنجي چاچي، مخدوم فضل الله صديقي
(المتوفي 1290هه) وٽان درس ورتائين. ان کان پوءِ
مولانا نور محمد ميڪڻ (المتوفي 1296هه) ۽ سندس وڏي
فرزند مولانا گل محمد (المتوفي 1306هه) وٽان رهيل
ڪتاب پورا ڪري، دستا فضيلت ٻڌائين. سندس هم سبق
دوستن ۾: مولانا عطاءُ الله فيروز شاهي، مولوي
محمد حسن حيدرآٻادي ۽ مولوي محمد هاشم ڳڙهي
ياسينويءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا.
پاڻ
هڪ بهترين عالم، متڪلم، مناظر، زبردست محقق ۽ فقيہ
هو. سندس روحاني تربيت تاج العلماءُ ميان غلام
صديق ميڪڻ شهدادڪوٽي رح (1842ع – 1905ع) جن وٽان
ٿي هئي. سموري زندگي درس و تدرس ۽ فتويٰ نويسيءَ ۾
گذاريائين. ديني مسئلن توڙي تحريرن ۾ سندس ثاني ڪو
ڇڊو هو.
سندس شاگردن جو حقلو نهايت وسيع هو؛ جن مان مخدوم
معين الدين سيوستاني رح، سونو جتوئيءَ جو بزرگ ۽
جيد عالم عمدت العلماءُ ابوالفيض مفتي غلام عمر
جتوئي رح، مولوي محمد صديق سيتائي، مخدوم محمد
دائود درٻيلائي، سيد شهاب الدين هالاڻي، پيرزادو
غلام مجدد مٽياروي ۽ مولوي خير محمد جوڻيجو
پاٽائيءَ جا نالا قابل - ذڪر آهن.
مخدوم صاحب کي ٻه ڀيرا حج بيت الله شريف جي زيارت
نصيب ٿي هئي. انهيءَ سفر دوران ڪيترن جيد عالمن
سان ڏيٺ ويٺ وڌايائين. حنفي عقيدي ۾ بالڪل پختو هو
؛ ۽ ساڳئي وقت مماتيءَ وارن بزرگن کان مدد وٺڻ جو
قائل هو. نقشبندي طريقي ۾ ذڪر سان گڏ قرآن مجيد و
الفرقان مجيد؛ دلائل الخيرات ۽ قصيده برده شريف جو
روزانو ورد ڪندو هو. پيش امام ٿيڻ بدران پنهنجن
شاگردن پٺيان نماز پڙهندو هو. لاڙڪاڻي تعلقي جي
ڳوٺ، سونو جتوئيءَ پنهنجي شاگرد رشيد مفتي غلام
عمر جتوئي رح (1833ع – 1953ع) جن وٽ گهڻُ ايندو
هو. اهل بيت جو ادب ۽ اصحاب سڳورن جو ثنا خوان هو.
هڪ اندازي مطابق، پاٽائي بزرگن جي هن آخري فقيہ جو
روح پر فتوح (1339هه مطابق 1920ع) ۾ عالم الارواح
ڏانهن راهي ٿيو.
مخدوم ضياءُ الدين رح
[
1677ع – 1757ع ]
مخدوم ضياءُ الدين ولد مخدوم هارون غالباً 1088هه
مطابق 1677ع ۾، ”ڳوٺ ورياء“، تعلقي ڀتي (جون -
چاچڪ) ۾ ڄائو هو. علمي ڏات کيس ورثي ۾ ملي هئي.
سندس جد- امجد شيخ شهاب الدين سهروردي رح (وفات
632هه) بغداد (عراق) جو رهاڪو هو؛ جنهن پونير
مخدوم الياس بن مخدوم عجائب، سومرن جي صاحبيءَ ۾
اُتان لڏي سنڌ جي ٺٽي شهر ۾ پهتو. سمجهه ڀري ٿيڻ
سان مخدوم عنايت الله (وفات 1114هه) جي نظر فيض
اثر هيٺ فضيلت ۽ ڪماليت جي درجي تي وڃي پهتو.
حليم سڀاءُ، سادگي اختيار ڪندڙ، وقت جي عالمن ۽
فياضن ۾ ناميارو ٿيو. خاص ڪري سلوڪ جي واٽ ۾ ڪيترن
ئي پانڌيئڙن کي حق جي منزل تائين رسائي ڇڏيائين؛
جنهن ڪري ٺٽي ۾ باڪمال بزرگ ۽ باعمل عالم سڏجڻ ۾
آيو. ستت ئي پنهنجو مدرسو قائم ڪري، درس و تدريس
ڏيندو رهيو. وٽانئس ڪيترائي عالم ۽ فاضل پڙهي
نڪتا. سنڌ جي بزرگ هستي ۽ يگانو عالم، مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي رح تي به سندس ئي صحبت جو اثر ٿيو –
1171هه مطابق 1757ع ۾، 80 ورهين جي ڄمار ۾ خدا جي
سڏ تي راهي ٿيو. پٺيان سندس فرزند ميان يار محمد
سندس گاديءَ تي وٺيو، جيڪو پڻ پيءُ جيان صالح
پرهيزگار شخص هو.
مخدوم صاحب، مولوي ابوالحسن ٺٽوي رح جي فني طرز تي
هڪ ڪتاب لکيو، جنهن کي ”ضياءُ الدين جي سنڌي“ سڏجي
ٿو. مذڪوره ڪتاب ۾ روزي ۽ نماز جي طريقن کان علاو
ٻارن جي تربيت متعلق به نظر ۾ مواد وڌائين، جيڪو
فني لحاظ کان پختگيءَ کان ڪي قدر خالي نظر اچي ٿو.
نموني طور سندس سنڌي هيٺ ڏجي ٿي:-
فرض آهي ماءُ پيءُ تي سعي سوڌي ڀت،
ته موڪلي مڪتب ۾ صغير وڏي ست،
ته طابع ٿئي طبيعت جو مومن وڏي مت،
راتو ڏينهن ٻالڪ ڪري نماز پرت،
ڏهين ورهين جو جي ٿئي، ته ان ماري،
ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي،
جي غافل ٿئي نماز ۾ ڪڏهن اسارو،
ته هڻج هڪلج اُن کي متان اُو ٿئي اُمارو،
پڄي ڏات نماز جي سوڌو سنوارو،
سکج سنڀهج سانجهرو رات ۽ ڏينهاڙو،
ڪهه ڪلمو نبي اتي ته ٿئي مسلم موچارو.
اهو
مضمون نثر ۾ هن ريت رقمطراز ڪيو اٿس:-
[ماءُ پيءُ تي سوڌي ڀت سعي فرض آهي، ته صغير (کي)
وڏي ست (واري) مڪتب ۾ موڪلي، (انهيءَ لاءِ) ته
(هو) تابع (۽) طبيعت ۾ وڏيءَ مت وارو مومن ٿئي ۽
اهو ٻالڪو رات ڏينهن نماز سين پرت ڪري. (مائٽ کي
گهرجي ته ٻار) جي ڏهن ورهين جو ٿئي، ته ان کي
(نماز نه پڙهڻ جي صورت ۾) مر ماري (مار ڏئي) ۽
ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي. جي (ٻار) ڪڏهن نماز
(پڙهڻ) ۾ غافل ۽ اسارو ٿئي، ته ان کي هڻج ۽ هڪلج
متان اُمارو ٿئي، (انهيءَ) لاءِ سوڌو سنوارو نماز
جي ڏات کي پڄي. رات ۽ سانجهرو سنڀهج ۽ سکج، حضرت
نبي (صلعم) جن تي ڪلمو ڪهه ته، موچارو مسلم ٿئن].
|