شمس
العلماءُ مرزا قليچ بيگ
[
1853ع – 1929ع ]
سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ اعليٰ پايي جو شاعر،
شمس العلماءُ
مرزا قليچ بيگ ولد فريدون بيگ
، 4
محرم 1270 هه مطابق 1853ع ۾، ضلعي حيدرآباد سنڌ جي
ڳوٺ ”ٽنڊي ٺوڙهي“ ۾ ڄائو. سندس والد ان وقت ايران
کان لڏي، سنڌ ۾ آيو هو. سندس ابتدا ٿي تعليم ڳوٺ
جي مدرس ۾، آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن
پاڪ ناظران پڙهي پورو ڪيائين. پوءِ حيدرآباد شهر
مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. پڙهڻ سان گڏ
راڳ، سرندي، ستار وڄائڻ، راندي کيڏڻ، شاعري ۽ لکڻ
پڙهڻ جو شوق جا ڳيس. خوشطبعني به حد درجي جو هو.
سندس ذهانت انهيءَ حد تائين هئي، جو سنڌ اسڪولن
کان انگريزي ڪلاسن تائين اول نمبر ايندو رهيو.
پاڻ
ڪجهه وقت بمبئيءَ جي ايلفسٽن ڪاليج ۾ به پڙهيو،
جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين.
واپسيءَ تي ڀائرن جي منشا موجب روينيو کاتي ۾
ملازمت جو آغاز ڪيائين. سرڪاري ملازمت ۾ ڪلارڪيءَ
کان ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهتو. رٽاير ڪرڻ بعد،
مرزا صاحب مطالعي کي چهٽي ويو؛ ۽ ڪافي ڪتاب لکي
رات ڪيائين. ايتري تائين جو، سنڌي ادب جي خدمت
ڪندي، پنهنجو آرام به ڦٽائي ڇڏيائين. اڪثر
واندڪائيءَ ۾ قبرستان، قبن ۽ دڙن ڏانهن ويندو هو.
آخري وقت ۾ زماني جي ڏوجرن کان صدما رسيس؛ جنهن
ڪري بي آرامي، غمگيني، ملولائپ ۽ مايوسيءَ ۾
وڪوڙجي، 76 ورهين جي ڄمار ۾، 1348 هه مطابق 3
جولاءِ 1929ع تي وفات ڪيائين. کيس ٽنڊو ٺوڙهي جي
”بلند شاه جي قبرستان“ ۾ آرامي ڪيو ويو.
هي
ذهين، سنجيده، صلح پسند ۽ آورچ انسان، طبعاً رلڻو
ملڻو، حاضر جواب ۽ خوشطبعي هو. سنڌي شاعريءَ جي
سلسلي ۾ سندس مڪمل ديوان آهي؛ جنهن کي سنڌي ادبي
بورڊ 1956ع ۾ شايع ڪيو آهي. سندس شاعرانه
سگهڙپائيءَ جو گاهي بگاهي اهڙن واقعن ۽ خاص
موضوعات تي روانيءَ سان قلم هليو آهي؛ جنهن مرزا
صاحب کي ”قادر الڪلام“ بڻائي ڇڏيو. سندس شعرن ۾
لفظن جي سهوليت ۽ قافين جي آرزاني، اَنوکا وزن ۽
اُنهن جي آساني، طرز - اَدا ۾ سلاست ۽ رواني،
اندروني ترنم ذريعي پيدا ڪيل خوش الحاني ۽ سندس
طبعي ظرافت ۽ خوش بيانيءَ وارين خوبين سندس ڪلام
کي پيارو ۽ دلپذير بڻائي ڇڏيو آهي.
نظم
کان علاوه نثر ۾ به مرزا صاحب پاڻ ملهايو آهي.
بالخصوص ناول، ڊرامي (ناٽڪ)، ادب، تنقيد ۽ صرف و
نحو جهڙن اهم موضوعن تي، تقريباً ساڍا ٽي سوُ کن
ڪتاب قلمبند ڪيا اٿس. انهيءَ لکڻ ۾ هرگز وڌاءُ نه
ٿيندو، ته ”سنڌي ادب جي سلسلي ۾ مرزا صاحب جهڙو
ٻيو عالم اڃا پيدا نه ٿيو آهي.“
شهيد الله بخش سومرو
[
1900ع – 1943ع ]
شڪارپور جي مشهور سياسي شخصيت، الله بخش ولد حاجي
محمد عمر سومرو، 19 صفرالمظفر 1318 هه مطابق 31
آگسٽ 1900ع تي تولد ٿيو. ابتدائي تعليم کان
سيڪنڊري تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. آخر 1919ع ۾
”هو پفل ائڪيڊمي هاءِ اسڪول“ مان مئٽرڪ جو امتحان
پاس ڪري، پنهنجي پيءُ سان گڏ جاين، سرڪاري رستن ۽
زمينن وغيره جي ٺيڪن ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. اهوئي سبب
هو، جو هي خاندان ”مستريءَ“ جي لقب سان سڏبو هو.
الله بخش، اسڪول جي زماني کان وٺي ڦڙت ۽ راندين جو
شوقين هو. ازانسواءِ تقريرن ڪرڻ ۾ به سندس مٽ ڪو
ڇڊو لڳندو هو. مئٽرڪ بعد پڙهائي ڇڏي ڏنائين. سندس
طبيعت خوش اَخلاقي ۽ فراخدليءَ طرف زياده مائل
هئي، ان ڪري قومي ڪمن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ لڳو. پوءِ
ته عام و خاص جا ڪم ڪرڻ سندس مشغلو بڻجي پيو.
انهيءَ سببان ماڻهن ۾ سندس مقبوليت وڌڻ لڳي؛ جنهن
ڪري ”سياست“ ۾ بهرو وٺڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو، جو
23 ورهين جي عمر ۾ ئي، هي صاحب، جيڪب آباد
ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي لوڪلبورڊ سکر جو ميمبر چونڊجي
ويو.
هينئر ته سومري صاحب جي سياسي زندگي چمڪي اُٿي؛
جنهن ڪري 1923ع ۾ ضلعي سکر جي لوڪلبورڊ جو
پرنزيڊنٽ ؛ ۽ 1926ع کان 1936ع تائين ”بمبئي
ڪائونسل“ جو ميمبر به ٿي ڪم ڪيائين 1930ع ۾ سخت
ٻوڏ کان شڪارپور کي بچائڻ لاءِ، پاڻ جنهن
جانفشانيءَ ۽ قومي جذبي تحت ڪم ڪيو، تنهن کيس سنڌ
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امير بڻائي ڇڏيو، جو خود انگريزن به
کيس انهيءَ صله ۾ ”خانبهادر“ جو خطاب ڏنو. 1936ع ۾
سنڌ جي علحدگيءَ واري تحريڪ ۾ ”متحد پارٽيءَ“ جو
صدر ٿيو. آخر 1938ع ۾ سر غلام حسين هدايت الله
(1878ع- 1948ع) جي وزارت جو خاتمو آڻي، پاڻ سنڌ جو
وزيراعليٰ بڻيو – 1939ع ۾ سکر جي مسجد منزل گاه
تان هندو – مسلم فساد سندس تختا ڪڍي ڇڏيا؛ جنهن
ڪري سنڌ ۾ ”مسلم ليگ“ قائم ٿي.
جيئن ته الله بخش سومرو؛ قومي جذبو رکندڙ انسان
هو. کيس عهدي جي ڪا به ڪاڻ نه هئي، تاهم به غريبن
۽ مسڪينن جا هڙ هيلا هلائي ڪم ڪندو پئي آيو. آخر
سندس قسمت جي ستاري ٻيهر چمڪو ڏنو، ۽ ڪانگريس ۽
هندو ميمبرن جي ڀرپور تعاون سان سنڌ وزارت
ٺاهيائين – 1942ع ۾ ”آل انڊيا ڪانگريس“ پاران،
انگريزن خلاف آواز اُٿيو، ته
”انگريزو ! هندوستان ڇڏي وڃو!!“،
جنهن ۾ پاڻ نهايت ئي تندهيءَ سان بهرو ورتائين.
ايتري قدر جو 26 سيپٽمبر 1942ع تي انگريز سرڪار کي
هڪ عريضو لکي، اُن سان گڏ ”خانبهادر“ ۽ ”او – بي –
اِي“
(O.B.E)
جا لقب به واپس ڪيائين. پوءِ
ته تڏوهڪي انگريز گورنر خار وچان سندس وزارت کي
ختم ڪري ڇڏيو.
سومرو صاحب، وزارتي عهدو ڇڏي، هميشہ هميشہ لاءِ
ڪراچيءَ مان اچي شڪارپور ۾ رهيو، جتي زندگيءَ جا
دمڙا کڻندي، 22 شعبان 1262هه مطابق 14 مئي 1943ع
تي، صبح جي وقت، جيئن ئي بگيءَ تي چڙهي، نيو
فوجداري روڊ سان بيگاريءَ طرف پئي ويو، ته
فوجداريءَ جي سامهون، ڪن نامعلوم شاهينگن کيس
ريوالور جو نشانو بڻائي، سندس اَنت آڻي ڇڏيو. هن
اوچتي شهادت دوستن کي ته ٺهيو، پر دشمنن کي به غم
آلوده بڻائي ڇڏيو.
شهيد الله بخش، سنڌ جو عظيم فرزند هو؛ جنهن سنڌ ۽
سنڌين لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙيو. سندس ڏنل
قربانيون اسان ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون.
شهيد هوش محمد شيدي
[
1807ع – 1843ع ]
سنڌ
جو عظيم فرزند، شهيد هوش محمد عرف ”هوشو شيدي“ ولد
دوست محمد قنبراڻي، اصل آفريڪا جو رهاڪو هو؛ ۽
”حبشي خاندان“
سان
سندس تعلق هو. سندس ولادت 1322 هه مطابق 1807ع
ڌاري، دارالاسلام شهر ۾ ٿي. سندس وڏا گهاٽن جهنگلن
۾ جهوپڙيون جوڙي، زندگي گذاريندا هئا. هاٿي، ببر
شير، گينڊا، شتر مرغ، زيبرا، زراف، ۽ باندر وغيره
پڪڙڻ سندن خاص مشغلو هو. هتان جا ماڻهو زرخريد
وڪامندا هئا.
هوش
محمد به اُنهيءَ رواج مطابق چند ڊالرن تي وڪاڻو.
آخر زر خريد غلام (ٻانهو) بڻجي، سنڌ ۾ مير صوبدار
خان ولد مير فتح علي خان وث پهتو
مير
فتح علي خان، سنڌ ۾ ميراڻي صاحبيءَ جو پايو وجهندڙ
هو.
جيئن ته هوش محمد، هڪ ٻانهو ٿي سنڌ ۾ آيو هو، ان
ڪري نمڪ حلاليءَ جو واضح ثبوت ڏيندي، پنهنجي
زندگيءَ جو مول مقصد، ”پنهنجي آقا (مالڪ) تان پاڻ
قربان ڪرڻ“ بڻايو هو. مير صوبدار خان، اُن وقت
انگريزن سان سازباز هو، جا ڳالهه هوشوءَ کي پسند
نه آئي؛ جنهن ڪري مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ حيلا
هلائي، مير شير محمد ماڻڪاڻيءَ وٽ وڪامي ويو.
تاريخ شاهد آهي، ته سنڌ جا سردار، ميريا حاڪم
هميشہ پنهنجي پڳ پڌري ڪرڻ لاءِ جنگيون جوٽيندا
رهيا آهن. اهڙي ئي منصب سان مير شير محمد ماڻڪاڻي
به دٻي جي جنگ ۾ للڪار ڪئي. پوءِ ته ڪافي ڪونڌر
ڪسندي ڏسي، پڙ ڇڏي وٺي ڀڳو. سندس ڀاڄ بعد، هوشو
ميدان تي نڪري آيو. هوشوءَ کي ڪنهن به قسم جي لالچ
ڪانه هئي؛ جنهن ڪري هن سنڌ کي پنهنجو ديس ڄاڻي،
ڌارين جي هٿ ڏيڻ نه پئي چاهيو. نتيجو اهو نڪتو، جو
انگريزن جي توبن آڏو بيهي، ڪيترن ئي ڪونڌرن جا ڪنڌ
ڪپي ڇڏيائين. سندس ساٿي به هڪ هڪ ٿي ميدان خالي
ڪندا رهيا. پوءِ پاڻ وڏي واڪي اِئين چوند رهيو، ته
”مر
ويسون، سنڌ نه ڏيسون“.
هوڏانهن فرنگين جي سڀني ڦندن سان منهن ڏيندو آيو.
آخر نستو ٿي پيو؛ ۽ 24 جمادي الاول 1259هه مطابق
25 مارچ 1843ع تي ميدان–جنگ ۾ مارجي ويو.
هوشو، سنڌ ۾ اچڻ سان سنڌي بڻجي ويو هو. کيس سنڌ
مان وڌ ۾ وڌ پيار هو. اهوئي سبب هو، جو پاڻ دل و
جان سان پڇاڙيءَ تائين وڙهندو رهيو، پر سنڌ دشمنن
جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو. هوڏانهن انگريزن،
بهادري جي ڪري سوڀ ڪانه پاتي هئي، بلڪ هٿيارن
وسيلي پنهنجي طاقت کان ڪم پئي ورتو.
شيخ
عبدالمجيد سنڌي
[
1889ع – 1978ع ]
شيخ
عبدالمجيد سنڌي
ولد
ديوان ليلارام، آچر جي ڏينهن 8 ذوالقعد 1306 هه
مطابق 7 جولاءِ 1889ع تي ٺٽي ۾ ڄائو هو. سندس وڏا
قانونگو عامل ڪٽنب جي نرياڻي پاڙي مان هئا، جيڪي
اَصل سيوهڻ شريف جا رهاڪو هئا، جتان لڏي ٺٽي ۾ وڃي
آباد ٿيا. اُتي شيخ صاحب مئٽرڪ تائين تعليم وٺي،
پهريائين مسٽر ڏيپچندا اوجها نالي وڪيل وٽ منشي
ٿيو. پوءِ ذهني انقلاب
سببان پنهنجن (هندن) کان ڪافي وقت ڀرپور رهيو.
اِنهيءَ سلسلي ۾ کيس ڪڏهن ڪراچي، ته ڪڏهن حيدرآباد
۾ به رهڻ جو موقعو مليو. آخر پاڻ لاءِ حالتون
سازگار سمجهي، حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو.
اُنهن ڏينهن ۾، سنڌ جي قومي ورڪر ۽ سخي مرد، رئيس
غلام محمد ڀرڳڙي (1878ع – 1924ع) پنهنجي ذاتي خرچ
سان ”آلامين“ اَخبار جاري ڪرائي هئي؛ جنهن ۾ شيخ
صاحب کي ايڊيٽر ڪري رکيائين. سندس ذهانت کان متاثر
ٿي رئيس، پنهنجو سياسي صلاحڪار (سيڪريٽري) ڪري
مقرر ڪيو؛ جنهن ڪم کي 1914ع کان 1916ع تائين نهايت
ئي سهڻي نموني سان نباهيائين. هي اُهو دور هو،
جنهن ۾ مشهور انقلابي اڳواڻ، مولانا عبيدالله
سنڌيءَ (1872ع – 1944ع) فرنگين کان ڇوٽڪاري لاءِ،
ملڪي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سرگردان هو. هڪ طرف جنگ
جو نقارو پئي وڳو ۽ ٻئي طرف مولانا جي تحريڪ تيز
هئي. آخر مولانا چند ساٿي ساڻ ڪري، هندستان جي
سياسي اڳواڻن سان خط و ڪتابت ڪرڻ لاءِ، افغانستان
جي سرحد تي وڃي پهتو. مولانا صاحب هڪ خط سلڪ جي
ڪپڙي تي لکي، قاصد هٿاران قميص اندران سبرائي
روانو ڪيو؛ ۽ واٽ تي پڪڙ جي پيو. پوءِ ته تمام
واسطيدارن سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌي به سوگهو ٿي
پيو. پورا ٽي ورهيه قيد ۾ ڪاٽيندي، 14 فيبروري
1919ع تي آزاد ٿيو.
هينئر شيخ صاحب باقاعده سياست ۾ بهرو وٺندي، شهر
شهر ۾ تقريرون ۽ جلسا ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح پوريءَ
سنڌ ۾ انقلاب جو ڀيڙ ڀڙڪائي ڇڏيائين. ستت ئي مٿس
”خلافت هلچل“ جي سلسلي ۾ ڪيس به هلڻ شروع ٿيا؛ ۽
وقت بوقت پاڻ تي قيد جا ڪڙا به چاڙهيائين؛ مگر بعض
نه آيو ۽ ويتر وڌندو رهيو. وقفي ملڻ سان ”الوحيد“
۾ پڻ شموليت اختيار ڪيائين.
روزنامه ”الوحيد“ جي وسيلي مسلمانن ۾ خوب جوش
جاڳايائين. سندس قلمي ڪاوش کان متاثر ٿي، ڪيترائي
هندو پڙهيل نوجوان، مسلمان ٿيا. پوءِ ته مير الله
بخش خان ٽالپر، قاضي خدا بخش، قاضي عبدالرحمان،
مولانا دين محمد وفائي، شيخ عبدالسلام ۽ دين محمد
عليگ جهڙا سرگرم ڪارڪن هڪ پليٽ فارم تي ڪٺا ڪري،
کليءَ طرح ”خلافت تحريڪ“ ۾ حصو وٺڻ جو عزم ڪيائين.
اِنهيءَ سلسلي ۾ مولانا شوڪت علي ۽ مولانا محمد
علي ”جوهر“ جن سان به سندس ڏيٺ ويٺ ٿي. پوءِ ته
وقت بوقت هندستان جي وڏين وڏين گڏجاڻين ۾ کيس ڪوٺ
به ٿيندي رهي، جتي شيخ صاحب موقعي مطابق خوب آواز
اُٿاريو.اِنهيءَ سلسلي ۾ پاڻ ڪيئي دفعا انگريز
حڪومت خلاف اڪيلي سر احتجاج به ڪيائين.
شيخ
صاحب کي خدا پاڪ ذهانت سان گڏ تقرير جو ڏانءُ به
ڏنو هو. سندس زبان مان لفظ نڪرن ئي مس، ته عوام جي
دلين ۾ آگ جا اُلا ڀڙڪي پئي اُٿيا. خود هندستان جا
وڏا وڏا ليڊر به سندس محد بڻيا. آخر مسلمانن جا
سعيا ساب پيا؛ جنهن ڪري پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ
کي هڪ آزاد خود مختياري ملي. گڏيل هندستان ۾ جيڪا
قانون ساز اسيمببيءَ جي چونڊ ٿي، تنهن ۾ آزاد
پارٽي ٺاهي، خوب بهرو ورتائين.
–
1940ع ۾ علحده ٿي ويو. آخر ڪن حاسدن سياسي
چالبازين کان ڪم وٺي، شيخ صاحب کي 1943ع ۾ مسلم
ليگ تان مجبوراً مستعفي ڪرايو. مگر پڇاڙيءَ تائين
پاڻ خدمت – خلق لاءِ پتوڙيندو رهيو.
هيءَ دنيا بي بقا آهي. ڪهڙا به من موهيندڙ ماڻهو
هجن، مگر آخر سندن خاڪي پتلو مٽيءَ ۾ ملڻو آهي.
شيخ صاحب به زندگيءَ جا 89 ورهين پورا ڪري، اربع
11 جمادي الثاني 1399هه مطابق 24 مئي 978ع تي
حيدرآباد ۾ راه
رباني
ورتائين. کيس وصيت مطابق شيخ الاسلام مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي رح (1680ع – 1760ع) جي ڀرسان، مڪليءَ
(ٺٽي) جي تاريخي قبرستان ۾ جاءِ ڏني ويئي. پاڻ نه
رڳو هڪ سياستدان هو، پر هڪ سٺو مقرر، اديب، صحافي،
عالم دين ۽ بهترين انسان هو. اهڙي مدلل ۽ جوشيلي
تقرير ڪندو هو، جو ٻڌندڙ خوب متاثر ٿيندا هئا.
ساڳئي وقت عام ڪچهرين ۾ پڻ اهڙا بحث مباحثا ۽ عمدا
دليل پيش ڪندو هو، جو هر هڪ سندس فهم فراست علمي ۽
سياسي واقفيت ۽ قابليت تي واه واه ڪندو هو. ”فتح
اسپين“ (1929ع)، ”حضرت عمر بن عبدالعزيز“ (1933ع)،
”ڪراچي سنڌ کي ملڻ گهرجي“، ”المرتضيٰ“، ”تاريخ
جواهر“ ۽ ”حضرت علي ۽ عمر“– سندس ڇڏيل تصنيفون
آهن. محمد انور، محمد خالد ۽ محمد طارق سندس نرينه
اولاد آهي.
شيخ
مبارڪ اياز
[
ولادت 1342هه – 1923ع ]
ادبي دنيا جي هن مشهور ماڻهوءَ، مبارڪ اياز ولد
غلام حسين شيخ، 1342هه مطابق 23 مارچ 1923ع تي
شڪارپور ۾ جنم ورتو آهي. بي - اي، ايل ايل - بي
تائين ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪري، وڪالت جو پيشو
اختيار ڪيو اٿس؛ ۽ سکر ۾ مستقل رهي ٿو. هڪ معاهدي
تحت، چار سال سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر
رهي، 17 اپريل 1980ع تي وري وڪالت ڏانهن رخ رکيو
اٿس.
اياز صاحب جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن؛ جن ۾ نظم
زياده آهي. هڪ ڳاڻيٽي مطابق سندس جمعي تصنيفات 18
آهن؛ جن جو تعارف هن ريت آهي:-
”سفيد وحشي“ (1942ع – ڪهاڻيون)، ”اڳتي قدم“
(1947ع– ڪهاڻيون)، ”سنڌي ڪهاڻيون“ (1954ع)، ”پنهل
کانپوءَ“ (1954ع ڪهاڻيون)؛ ”ڀوُنر ڀري آڪاس“
(1962ع – شاعري)، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (1963ع –
شاعري)، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ (1963ع – خط)،
”رسالہ شاه عبداللطيف“ (لطيفيات 1963ع – منظوم
اردو ترجمو)، ”بقول اياز“ (علم ادب 1965ع –
تقريرون)، ”بوءِ گل – ناله دل“ (شاعري 1966ع –
اُردو)، ”جل جل مشعل جل جل“ (1967ع – شاعري)، ”هيت
گيت اُڃايل مورن جا“ (1968ع – شاعري)، ”رت آئي
ڳاڙهن ٻيرن جي“ (1968ع – شاعري)، ”ڪي جو ٻيجل
ٻوليو“ (1970ع – شاعري)، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ (1972ع –
شاعري)، ”وڄون وسڻ آڻيون“ (1973ع – شاعري)، ”ڪف
گلفروش“ (شاعري) ۽ ”عطائي آيو“ (شاعري)
حالانڪ سندس شاعري جديد رجحانن جون حدون اورانگهي
ٿي. ازانسواءِ تصوف ۽ ويدانيت تي به ڀرپور ٺٺول
ڪئي اٿس. لفظن جو غلط استعمال سندس ڪلام ۾ ڪثرت
سان نظر اچي ٿو. تاهم به سنڌي ۽ اُردو شاعريءَ ۾
خيالن جو اضافو ضرور چئي سگهجي ٿو. منجهس فني
پختگي ۽ فني صلاحيتون ضرور آهن. هو لفظن جي
جادوگريءَ کان قاريءَ کي خوب متاثر ڪرڻ ۾ وڏي
مهارت رکي ٿو. ريڊيو ۽ ٽي – ويءَ تي به سندس ڪلام
ڳايو وڃي ٿو. المقصد ته ”اياز“ هر صنف شاعريءَ تي
طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس سنڌي ڪلام مان نمونو هيٺ
ڏجي ٿو:-
تنهنجي تات تڳاءُ، تنهنجي توهه جيان پيو.
مون
کان پو منهنجا پرين، سڏ نه هوندو ساءُ.
پنڌ
تڪيندو پيرڙا، واڪا ڪندو واءُ.
لڪن
۾ پيو لڙڪندو، منهنجو لونءَ لڳاءُ.
ڪهڙي پر ايندين پرين، ڪنهن کي سڌ سماءُ.
تنهنجي توهه جيان پيو.
صوفي شاه عنايت شهيد رح
[
1655ع – 1718ع ]
شاه
عنايت صوفي ولد مخدوم فضل الله، 1056هه مطابق
1655ع ۾، ٺٽي ۾ تولد ٿيو. سندس جد- امجد مخدوم صدو
لانگاه بٺوري پرڳڻي جي شهر نصريه جي وڏن مشائخن
مان هو. ننڍپڻ کان ئي شاه عنايت جي طبيعت ماٺيڻي
هئي. صوفي طريقي ۾ سني مذهب رکندڙ هي بزرگ جهوڪ
(ميرانپور) ۾ رهندو هو. سندس وڏا بغداد شريف کان
هجرت ڪري اُچ شريف (پنجاب) ۾ رهندي، مشهور غوثيه
درگاه جا مريد ٿيا، جتان درس و تدريس ۽ شرعي
احڪامن جي فروغ لاءِ سنڌ ۾ وارد ٿيا.
شاه
عنايت حق گو، باشريعت، ڪامل اُستاد، ولي الله، صاف
دل ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. حق جي حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪافي سير سفر ڪيائين؛ جنهن ڪري حيدرآباد دکن
۾ سيد عبدالملڪ شاه جو معتقد ٿيو. ڪجهه وقت مرشد
جي خدمت ۾ رهي، خوب رياضتون ۽ مجاهدا ڪيائين.
زماني جي علم لاءِ شاهه غلام محمد قادريءَ کي رهبر
ڪري ورتائين. مرشد جي اجازت سان شاهجان آباد ۾
فقيري فڪر جي گاديءَ تي ويٺو، جتان پوءِ ٺٽي ۾
آيو.
شاه
عنايت ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهي، ميرانپور (جهوڪ) طرف
ويو. اُتي پيري مريديءَ جو سلسلو شروع ڪيائين.
سندس اِنهيءَ وڌندڙ عقيدت کان تر جي بااثر
زميندارن ۽ وڏن ماڻهن کي سخت مٺيان لڳي. اُنهن مان
نور محمد پليجو ۽ حمل بن لاکو جت ۽ بلڙيءَ جي بزرگ
جي پوٽي سيد عبدالواسع جا نالا ورتا وڃن ٿا. اُنهن
پاڻ ۾ ساز پاز ٿي فقيرن سان اُچائڻ شروع ڪيو.
نتيجو آخر سر - عام خونريزيءَ قتل ۽ غارت تي وڃي
پهتو؛ جنهن ۾ فقيرن جو وڏو اَٽالو بي گناه ڪسجي
ويو. آخر ڳالهه وڌي ويئي؛ جنهن ڪري شاه صاحب پاڻ
به شهادت جو جام نوش فرمايو. هي واقعو 17
صفرالمظفر 1130هه مطابق 1718ع ۾ ٿيو. ان وقت مغل
سلطنت جي زوال جو زمانو هو.
شاه
شهيد صوفي رح نه فقط تصوف جي تصور کي ڏيهان ڏيهه
پکيڙيو، بلڪ ادبي ميدان ۾ پڻ پنهنجو ناموس نروار
ڪيو. فارسي شاعريءَ کان علاوه سندس سنڌي ڪلام فڪر
انگيز آهي. سندس ڪلام نهايت پاڪيزه ۽ پراثر آهي.
پاڻ قرآن پاڪ، حديث، تفسير ۽ تصوف وغيره ۾ ماهر ۽
عربي توڙي فارسيءَ جي به وڏي ڄاڻ هيس.
شاه
عنايت پهريون سنڌي شاعر آهي؛ جنهن تمثيل نگاريءَ
کان ڪم وٺندي، سنڌ جي نيم تاريخي قصن، ڪهاڻين ۽
رومانوي داستانن جي وسيلي روحاني رمزون، اِلاهي
اسرار ۽ تصوف جا باريڪ بين نڪتا سمجهايا آهن.
حقيقت ۾ شاه شهيد صوفي رح جو سمورو ڪلام تصوف جي
رنگ ۾ رتل آهي؛ جنهن ۾ روحاني گفتا ۽ فقيري
هدايتون رقمطراز ٿيل آهن. سندس انقلاب انگيز ڪلام
مان جن پرت جو پاڻي پيتو، تن مان فقير جان الله
شاه روهڙائي رح، حضرت سچل سرمست درازي رح، فقير
قادر بخش ”بيدل“ رحه، سيد رکيل شاه رح ۽ سيد چيزل
شاه بادشاهن جا نالا ورتا وڃن ٿا.
سندس آخري آرام گاه بلڙي شريف کان ٽن ميلن جي
مفاصلي تي، ”جهوڪ شريف“ ۾ آهي، جتي هر سال 17
صفرالمظفر تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي.
هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:-
آڌر
نڌر اُڀري، ڪوجهي ڪميڻي؛
تنهن سان ٻاروچل ٻاجهون ڪيو، هوت ڏسي هيڻي؛
اگهائي ”شاه عنايت“ چوي، تنهنجي نڪر نيڻي؛
جا هي ور جي وهيڻي، تنهنکي محب مليو مهاڙ ۾.
صوفي قبول محمد (ثاني) درازي رح
[
1842هه – 1925ع ]
درازن ۾ ”فاروقي درگاه“، سنڌ جي وڏين خانقاهن ۾
شمار ٿئي ٿي – 93هه (711ع) ۾ محمد بن قاسم سان
ميان شهاب الدين نالي هڪ بزرگ گڏجي سنڌ ۾ آيو هو؛
۽ سيوهڻ ۾ رهڻ لڳو. سندس پشت مان ميان ابو سعيد
لڏي اچي راڻيپور (خيرپور ميرس) جي ڀرسان اچي ويٺو؛
۽ اُتي ئي وفات ڪيائين.
سندس نائين پيڙهيءَ ۾ خواجه محمد حافظ المعروف
ميان صاحبڏنو (1697ع – 1788ع ۾ پيدا ٿيو. کيس ٻه
فررزند: ميان عبدالحق (اول) ۽ ميان صلاح الدين
هئا.
ميان عبدالحق، پيءُ جي پڳ سنڀالي. کانئس پوءِ سخي
قبول محمد (اول)، خواجه نظر محمد- خواجه نجم الدين
۽ سخي قبول محمد (ثاني) هن درگاه جا مدار المهام
(جاءِ نشين) ٿيا.
سخي
قبول محمد (ٻيو) ولد خواجه نجم الدين، 22 ربيع
الاول 1258هه مطابق 27 آگسٽ 1842ع تي درازن ۾ ڄائو
هو. سنڌي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم راڻيپور ۾
پنهنجي عزيز مولوي عبدالقادر وٽان ورتائين – 1855ع
۾ پاڻ اڃا يارهن سالن جو مس ٿيو، ته سندس والد
وفات ڪري ويو؛ جنهن ڪري درگاه جي ذميواري سندس
حوالي سونپي وئي. پوءِ ته پڙهڻ ڇڏي، رات ڏينهن خدا
جي ذڪر اَذڪار ۾ رڌل رهيو.
خداوند سندس درجو بلند ڪيو هو؛ جنهن ڪري
پرهيزگاريءَ سببان ستت ئي بزرگيءَ کي وڃي رسيو.
ڪيترائي سندس فيض مان مستفيض ٿيا. پاڻ وڏن جي
پيروي ڪندي، درگاه جون حدون نه اورنگهيائين. شريعت
جو پابند ۽ حق سچ چوڻ ۾ ڪنهن کان به نه ڊڄندو هو.
حلال رزق کائيندو هو؛ ۽ هميشہ پنهنجي طالبن کي
حرام کان منع ڪندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ کانئس ڪافي
ڪرامتون به سرزد ٿيون.پاڻ شهنشاه - عشق حضرت سچل
سرمست رح جي صوفيانه تعليمات کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر
نه ڇڏيائين. وٽس هر مذهب جا ماڻهو بنا ڪنهن جهجهڪ
جي ايندا هئا.
هي
نوراني چهري واري بزرگ، مٿي تي سائي دستار ٻڌندو
هو. سفيد چاپهين ڏاڙهي ۽ اکيون بادامي هونديون
هيس. سندس دعا مستجاب هوندي هئي. اڪثر ڪري دعا جي
وقت مٿي (آسمان طرف) نهاريندو هو. سندس ”سخاوت“
مشهور هئي. سومر جي رات 23 ذوالقعد 1343هه مطابق
15 جون 1925ع تي وفات ڪيائين. کيس روضي اندر آرامي
ڪيو ويو. اولاد ۾ چار فرزند: ميان محمد بچل، ميان
محمد پريل، ميان صاحبڏنو ۽ ميان رستم علي هيس، جن
۾ پهريان ٻه سندس حياتيءَ ۾ ئي رخصت وٺي ويا هئا.
سندس گادي ميان صاحبڏني (ثاني) سنڀالي.
|