سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 9

 

سراج

سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندر سنڌ جو ڏاھو، دانشور، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ماھر لسانيات سراج علمي دنيا ۾ ھڪ ممتاز حيثيت رکي ٿو. سنڌي ٻوليءَ تي لکيل سندس ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي ھنڌين ماڳين ھاڪ آھي. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ھن جا ڪيترا مضمون، مقالا ۽ ڪالم رسالن، مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آھن. سراج نهايت سنجيده ۽ پروقار شخصيت جو مالڪ آھي. اعليٰ انساني قدرن ۽ قوم پرست آدرشن ۾ پختو ويساه رکندڙ سراج سنڌي ادب ۾ ھڪ نهايت اوچو پد ماڻيندڙ ليکڪ آھي.

سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ ٢٤ آڪٽوبر ١٩٣٣ع تي ٽنڊوڄام تعلقو حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس تعليم بي. اي آنرس، ايل ايل بي ۽ ايم آھي. ١٩٥٣ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري شروع ڪيائين. ١٩٥٥ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ١٩٥٧ع ۾ انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر ٿيو. پوءِ ڪافي وقت روزانه ’ھلال پاڪستان‘ جو ايڊيٽر رھيو. سراج شاعري به ڪئي آھي، ڪھاڻيون، ناول ۽ ناٽڪ به لکيا اٿائين، سندس مکيھ تصنيفون ھيٺ ڄاڻائجن ٿيون.

١- ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، ٢- سنڌ جي اقتصادي تاريخ، ترجمو، ٣- چونڊ آمريڪي افسانا، غلام رباني سان گڏ، ٤- اي درد ھلي آ، ڪھاڻيون، ٥- سنڌي ٻولي- تحقيق، ٦- پڙاڏو سوئي سڏ، ناول، ٧- مرڻ مون سين آءُ، ناول، ٨- اٺون ماڻھو- ڪھاڻيون، ٩- منهنجي دنيا ھيڪل وياڪل، ١٠- تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، ١١- منهنجي دنيا مرگهه ترشنا.

سراج جو ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ١٩٦٤ع ۾ ڇپيو. ھن ڪتاب ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ اڳ قائم ڪيل مفروضن ۽ دليلن کي رد ڏنو ويو آھي ۽ نئون نظريو پيش ڪيو ويو آھي. سراج جي اکرن ۾ ته؛ باوجود ان ڳالهه جي ته سنڌي سنسڪرت کان به گھڻي آھي ۽ ھڪ طرح سان سنسڪرت ۽ ان سان لاڳاپيل تمدن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان اسريا آھن...

ٻوليءَ جي سامھون ۽ تاريخدانن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي تمدن سان بلڪل ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ پئي ڪيو آھي. ٻي ڳالهه جنهن منهنجي ذھن ۾ مترڪا ھڻڻ شروع ڪيا، سا اھا ته سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جو مائٽاڻو لاڳاپو ته آھي، پر ائين نه جيئن اسان وٽ زبان زد آھي. دراصل ڳالهه ته مرڳوئي ابتي آھي. سنڌي جيڪڏھن ڪن سنسڪرت لفظن جي مرھون منت آھي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو ان کان به وڏو قرض آھي. سنسڪرت ھڪ طرح سان سنڌيءَ جي ڄائي آھي. سڌي طرح نه سگھي، اڻ سڌي طرح سھي.(١)

سراج پنهنجي نظريي جو بنياد سنڌي تمدن ۽ موھن جي دڙي جي سنڌي ٻوليءَ کي بڻايو آھي. باب ٻئي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مقام متعين ڪرڻ لاءِ ٻاھرين ۽ اندرين شاھدين تي انحصار ڪيو اٿائين. ٻاھرين شاھديءَ مان مراد خود سنڌيءَ جي پنهنجي اندروني نحوي بناوت ان کي ڪھڙين ٻولين سان ٿي ملائي.(٢)

ڪتاب جي ٻن آخري بابن ۾ موھن جي دڙي مان مليل مھرن تي اڪريل انڊس اسڪرپٽ کي پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انڊس اسڪرپٽ ۾ لکيل ٻوليءَ کي پروٽو سنڌي قرار ڏنو ويو آھي. نشانين کي نه صرف صوتي قدر ڏنا آھن، پر ڪجهه مھرن جون پڙھڻيون به ڏنيون آھن. انڊس اسڪرپٽ کي حل ڪرڻ لاءِ گذريل ٻن ڏھاڪن ۾ ڪافي پيش رفت ٿي آھي. تڏھن به سراج صاحب جي ڏنل حل جي اھميت پنهنجي جاءِ تي موجود آھي. سراج جي نظريي کي ايم ايڇ پنهور پنهنجي ھڪ مضمون ۾ ھڪ گول دائري واري شڪل ڪڍي سمجھايو آھي. دائري جي وچ ۾ سنڌوماٿريءَ جي تهذيب واري ٻولي لکيل آھي ۽ ٽن طرفن کان سندس پيش قدمي ۽ ڦھلاءُ ڏيکاريل آھي. سي ھي آھن: ١-ھند يورپي ٻوليون، ٢- ھند آريائي ٻوليون، ٣- ميسو پوٽيما تهذيب ۽ ھند ايراني ٻوليون پنهور لکيو آھي:

In his (Siraj) opinion Indus civilization was earliest and people from here period I all directions carrying with their culture and language.(3)

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سراج جو ھيءُ نظريو قبول نه ڪيو ۽ نئين زندگيءَ جي جون ١٩٦٥ع واري پرچي ۾ تنقيدي مضمون لکيو. الانا صاحب جي راءِ ۾: ”ھيءَ نظريو ڪو نئون نه آھي، ڀيرومل ۽ گنگارام سمراٽ ساڳي راءِ پيش ڪري چڪا آھن.... ھن ڪتاب ۾ ڪي مفروضا توڙي دليل ۽ صوتياتي تبديل توڙي صوفي صوتي ڦيري گھيري (Morphophoeinc change) جا اھڙا ظني جواز  پيش ڪيا ويا آھن، جن ۾ اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته موجوده سنڌي سنسڪرت کان آڳاٽي سنڌو ماٿر جي قديم زبان آھي، جنهن مان سنسڪرت نڪتي آھي.“(٤)

سراج جولاءِ ١٩٦٥ع واري نئين زندگيءَ ۾ پنهنجي طرفان وضاحت ڪئي: ”’سنڌي ٻولي‘ ڪتاب ۾ مون آرين جي وجود کان ئي انڪار ڪيو آھي، ان ڪري انهن جو سپت سنڌو ۾ موجود ھجڻ يا نه ھجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.... آءُ آرين جي وجود کان ئي انڪاري آھيان ته پوءِ ڪاڪي ڀيرومل ۽ منهنجي نظريي ۾ لاڳاپو ڪٿان آيو.“(٥)

وڌيڪ لکي ٿو ته:

”الانا صاحب سڱن جي نالن ۾ اضافي متصل ضميري پڇاڙيون ڏيئي مثال نقل ڪيا آھن، جن کي علم صرف Morphology جي اصولن پٽاندر اندرين تبديل چئجي ٿو. ان کان پوءِ صاحب مضمون منهنجو دليل به نقل ڪيو آھي، جنهن ۾ مون ماءُ آدرشي زماني جو اھڃاڻ ثابت ڪيو ھو. عجب ته اھو آھي ته سمورو دليل نقل ڪندي به ھيءُ يار چوي ٿو ته منهنجي راءِ ظني آھي.“(٦)

سنڌي ٻوليءَ جي ھن انوکي نظريي تي ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ پنهنجي راءِ ڏني آھي. خوبچنداڻيءَ لکيو آھي: ”سراج پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ موھن جي دڙي مان مليل مھرن کي پڙھڻ جي دعويٰ ڪرڻ بعد ان تي لکيل ٻوليءَ کي جديد سنڌيءَ سان ملائيندي قديم سنڌي ٻولي قرار ڏنو آھي. حالانڪھ قديم تحريرن جي ماھرن پاران ان لکت جي معمي کي صحيح طور اڃا حل نه ڪيو آھي. سراج ۽ رچنداڻي جي لکڻين ۾ گمراهه ڪن تصورات ذريعي جديد سنڌي لفظي ذخيره جي فونيشي ۽ سميري زبانن سان ڀيٽ ڪندي دعويٰ ڪئي آھي ته انهن قديم ٻولين تي سنڌيءَ جا گھرا تاثرات موجود آھن. نوح ڪريمر جي ’دلمون‘ جي باري ۾ ڏنل بيان جي آڌار تي ۽ لفظ ’فونيشي‘ جو بنياد ’پني‘ يا ’واڻيو‘ ڄاڻائي نتيجو اخذ ڪيو ويو آھي ته فونيشي زبان موھن جي دڙي واري قديم سنڌيءَ مان نڪتل آھي. لساني شاؤنزم جي سحر ھيٺ سراج توڙي رچنداڻي ليڪا لتاڙي دعويٰ ڪئي آھي ته سنڌي ماٿر جي سڀيتا ۽ آرين جي آمد کان اڳ واري نالي ۾ نهال پروٽو سنڌيءَ مان اتر ھند جون سموريون ٻوليون ڦٽي نڪتيون آھن.“(٧)

١٩٨٨ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي ھئي، لسانيات واري سيشن جي صدارت سراج ڪئي ھئي. صدارتي خطبي ۾ سراج پنهنجي دل جي ڳالهه ورجائي. ھن چيو: ’مون پارپولا ۽ ٻين اھڙن عالمن انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪيو آھي ته توڙي جو اسان سندن انهن ڪوششن کي ساراهه جوڳو سمجھون ٿا، جيڪي ھو موھن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙھڻ جي ڪم لاءِ ڪري رھيا آھن. ته به ھو اھا غلطي ڪن ٿا، جو سمجھن ٿا ته اھا زبان دراوڙي ٻوليءَ جھڙي ڪا زبان آھي. بدقسمتيءَ سان انهن ان مڪان تي ويچار ڪونه ڪيو آھي ته سنڌي زبان الڳ ۽ قديم زبان آھي. ھو ته انهيءَ مضبوط امڪان تي غور ڪندا رھيا آھن ته دراوڙيءَ جھڙي ڪا زبان اڳ ۾ وڏي زبان ھئي، جنهن مان ھاڻوڪي سنڌي زبان ڦٽي نڪتي آھي... اھا منهنجي پنهنجي تحقيق ھئي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ھو ته اھڙا مفروضا ۽ خيال اندروني توڙي بيروني شھادتن ۽ تهذيبي گواھين جي سراسر خلاف آھي. مون پنهنجي تحقيق ۾ اھو به ڏيکاريو ھو ته خاص خاص صرفي توڙي نحوي شھادتون اھو ثابت ڪن ٿيون ته سنڌي آريائي دور کان اڳ جي زبان آھي ۽ ويدن کان به اڳ جي آھي. مون ھڪ عارضي نظريو ڏنو ھو. اھو نظريو سنڌي زبان جي اصل يا بنياد جو نظريو ھو، انهيءَ نظريي جو بنياد تي مون عارضي ڪوشش اھا به ڪئي ھئي ته ان خيال کان موھن جي دڙي جي ٻوليءَ جي نشانين جو مطلب معلوم ڪريان. اميد ته اھا ھئي ته ڪو لسانياتي طور تي مضبوط عالم منهنجي نظريي مان مدد وٺندو ۽ پوءِ ڪانه ڪا بهتر جوڳائتي تحقيق پاڻ به ڪندو، جنهن مان سنڌي زبان جي اصل جي باري ۾ معلومات ملي سگھندي. پر منهنجي اھا معصوم اميد پوري ڪانه ٿي ۽ منهنجو اھو عارضي نظريو اڄ سوڌو عارضي آھي ۽ ان جي باري ۾ ڪابه ڳالهه واضح ٿي نه سگھي آھي.(٨)

سراج جو انوکو نظريو ته پنهنجي جاءِ تي نهايت اھم ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آھي، سنڌي ٻوليءَ جون انوکيون خصوصيتون چوسڻن آوازن جو سيٽ (ٻ، ڏ، ڄ، ڳ) نڪاون آوازن جو سيٽ (م، ن، ڻ، ڃ، ڱ) صوتيات ۽ نحويات جون عجيب ۽ ڀن ڀن خصويتون سنڌي ٻوليءَ کي ممتاز حيثيت بخشين ٿيون. دنيا ڀر جي عالمن جي اڳيان مڪمل ثبوتن ۽ دليلن سان لساني ۽ غير لساني يعني علم الانسان، آثار قديمھ، Epigraphy قديم تحريرن جي علم ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي عظمت ۽ قدامت ثابت ڪرڻ لاءِ ھيءُ نظريو پيش ڪرڻ لائق آھي. ھن ڏس ۾ سنڌ جا اديب دانشور توڙي ماھرين لسانيات سنڌي ٻوليءَ تي آيل ڏکين ڏينهن جي مدنظر سنڌي ٻوليءَ جو مان مٿانهون ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ مصروف آھن. اھڙي اڻانگي راهه جي پانڌيئڙن جي قافلي ۾ سراج ڄڻ ھڪ علمبردار اڳواڻ جي روپ ۾ سڀ کان اڳ اڳ ھلي رھيو آھي. سراج پنهنجي ھن نظريي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجھد جي حوالي سان سنڌي لسانيات جي دنيا ۾ ھميشھ ياد ڪيو ويندو.

 

حوالا:

١- سراج، سنڌي ٻولي، پيش لفظ، ١٩٦٥ع

٢- ساڳيو ڪتاب، صفحو-٢

(3) M.H, Panhwar, Language of Sindh between sis of Aarmsi and full of mansura is 5000 years ago to 1025 A.A. Arther in Book Calturnal Heritage of Sindh ED Dr. Abdul Jabbar Junejo and Mohammad Qasim Bughio 1988.

(٤) الانا، غلام علي، ’سنڌي زبان جا چند مسئلا‘ مضمون نئين زندگي، جون ١٩٦٥ع، صفحو ٢٤- ٢٢

(٥) سراج ’سنڌي ٻوليءَ جا چند مسئلا‘ مضمون نئين زندگي، جون ١٩٦٥ع، صفحو ٢٢

(٦) ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢٢

(7) Khubchandani, Lachman, Current penls in Linguistics, Sindhi. P-218

(٨) سراج ’لسانيات واري اجلاس جو صدارتي خطبو‘ نئين زندگي اپريل، ١٩٨٨ع، صفحو ١٩- ٢٠

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org