سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو :2

 

ارنيسٽ ٽرمپ

 

ارنيسٽ ٽرمپ ١٣ مارچ ١٨٢٨ع تي جرمنيءَ جي شھرالسفيلڊ ۾ ڄائو. ھن جي والد جو نالو جارج ٿامس ٽرمپ ھو. جيڪو واڍڪي ڪم سان گڏ ھارپ به ڪندو ھو. ٽرمپ جي والده جو نانو سارائي بدير ھو. السفيلڊ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي ۽ ميون جي ڪري مشھور آھي. ارنيسٽ ٽرمپ جنهن گھراڻي ۾ پليو نپنيو، سو ھڪ سادگي پسند ۽ مذھبي خيالن وارو گھراڻو سمجھيو وڃي ٿو. ارنيسٽ جڏھن چئن سالن جو ٿيو ته پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ اسڪول وڃڻ لڳو، جتي نهايت خاموشيءَ ۽ دلچسپيءَ سان پڙھڻ پڙھائڻ کي جاچيندو رھندو ھو. ننڍڙي ارنيسٽ کي نهايت ھوشيار ڏسي، سندس والد کيس ڀر واري ھاءِ اسڪول ۾ موڪليو، جتي ھو لاطيني، يوناني ۽ ٻيون ٻوليون سکڻ لڳو. سترھن سالن جي عمر ۾ ھن امتحان پاس ڪري ورتو. ھن جي والدين کيس پادري بنائڻ جو فيصلو ڪيو ھو. اھڙي پڙھائي لاءِ کيس ڏکڻ جرمنيءَ جي مشھور اداري استيفٽ ڪاليج ۾ داخل ڪرايو، جتي ھن نه صرف مذھبي علمن جو مطالعو ڪيو ھو، پر ڪيترين ٻولين جو اڀياس به جاري رکيو. عبراني، عربي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ خاص دلچسپي ھيس. جرمنيءَ جي حالات مان بد دل ٿي، بعد ۾ ارنيسٽ لنڊن پھتو، جتي ھن مشرقي، ٻولين جو مطالعو ڪرڻ ٿي چاھيو. لنڊن جي ھڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ يوناني ۽ لاطيني ٻولين پڙھڻ بعد ايسٽ انڊيا ھائوس ۾ اسسٽنٽ لائبريرين طور ڪم ڪرڻ لڳو. بالآخر چرچ مشنري وارن جي نگاهه مٿس پئجي وئي، جن ھن جي مختلف ٻولين ۾ دلچسپي ۽ گرامر ۾ ھوشياريءَ جھڙين لياقتن جي مدنظر کيس ھندستان موڪلڻ جي آڇ ڪئي، جتي ھن کي ھندستان جي موجوده ٻولين جا گرامر ۽ لغتون تيار ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو. برطانيا سرڪار به ھن جي اھڙن ڪتابن کي ڇپرائڻ جو واعدو ڪيو. سنه ١٨٥٤ع ۾ ھو پھريائين بمبئي پھتو.

جتان ڪراچيءَ روانو ٿيو. ڪراچيءَ ۾ ھن سنڌي سکڻ شروع ڪئي. حيرت انگيز طور تي تمام جلد سنڌي پڙھڻ ۽ سمجھڻ لڳو. ڪراچيءَ جي آبهوا ارنيسٽ کي ڀانءَ نه پئي ۽ ھو ناچاق ٿي پيو. مشن وارن ھن کي فلسطين علاج لاءِ موڪليو، اتي ھو جرمن قانصلر جارج روزن وٽ رھيو، جيڪو پاڻ ھڪ وڏو عالم ھو. ھو مثنوي مولانا روم کي جرمن ۾ ترجمو ڪري چڪو ھو. جيروشلم ۾ رھندي، ارنيسٽ جي ملاقات سوئس رھواسڻ ’پالين لنڊر‘ سان ٿي. جنهن سان اتي ١٨٥٦ع ۾ شادي ڪيائين. شادي بعد ھو پنهنجي ونيءَ سميت ڪراچي موٽي آيو. ١٨٥٧ع ۾ کين ھڪ پٽ ڄائو. پالين پٽ ڄڻڻ جي ٽن ڏينهن بعد گذاري وئي. ننڍڙي پال کي کڻي ارنيسٽ سوئيزرلينڊ آيو، جتي ڪجهه عرصو رھڻ بعد اسسٽنٽ گارٽ شھر جي وسيمائن ليوسيءَ سان ٻي شادي ڪئي، جرمنيءَ ۾ ھن کي قرار نه آيو ۽ انڊيا ھليو آيو. ڪراچيءَ مان ٿيندا ھو پشاور پھتا. پشاور ۾ ھن پشتو ۽ ڪافي ٻولين جو مطالعو ڪيو. پشاور ۾ رھندي ڏيڍ سال جي عرصي بعد ھو وري بيمار ٿي پيو. ١٨٦٠- ١٨٦٣ع تائين اسٽٽگارٽ ۾ رھيو. ٻيا ڇهه سال ھو جرمنيءَ جي ننڍڙي شھر ڦلينگن ۾ رھيو، جتي ھن پنهنجي گڏ ڪيل معلومات کي يڪجا ڪيو ۽ تحقيقي مقالا لکيا، ان دوران کين چار ٻار ڄاوا، ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئر، ١٨٧٠ع ۾ برطانوي سرڪار کيس سکن جي مذھبي ڪتاب ’آدي گرنٿ صاحب‘ جو ترجمو ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا ھن وڏي خوشيءَ سان قبول ڪئي. ’آدي گرنٿ‘ جو ترجمو ڇپيو، جنهن ڪري ھن کي دنيا ڀر ۾ مشھوري ملي. ١٨٧٣ع ۾ ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ ھو سامي زبانن جو پروفيسر مقرر ٿيو. حبشي، عربي ۽ ٻين سامي زبانن جو ھو وڏو ماھر تسليم ڪيو ويو. گھڻو پڙھڻ ۽ لکڻ سبب ھن جي اکين جو نور موڪلائي ويو، جنهن تي ھن کي تمام گھرو صدمو رسيو ارنيسٽ ٽرمپ جا آخري ڏينهن ذھني مريضن جي ھڪ اسپتال ۾ گذريا. ٥٧ سالن جو ھيءُ عظيم اسڪالر ٥ اريل ١٨٨٥ع ۾ ھيءُ جھان ڇڏي ويو.

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب نه صرف ’شاهه جو رسالو‘ سڀ کان پھريائين ترتيب ڏيئي ڇپايو، بلڪھ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق پڻ ڪئي. ان سلسلي ۾ ٻه ڪتاب ۽ ٽي تحقيقي مقالا لکيا، تن جو سن وار تفصيل ھن ريت آھي:

(1) Sindhi reading book in soncrit and Arabic characters Indian, 1858.

(٢) ١٨٦١ع ۽ ١٨٦٢ع ۾ جرمن رسالي ۾ ٻه مقالا ڇپيا ويا.

(٣) ١٨٧٢ع ۾ سندس جڳ مشھور گرامر ڇپيو، جنهن جو عنوان آھي:

Grammar of Sindhi Language, compared work sancrit Bakgit and cognate Indian vernaculars.

(٤) ١٨٨٦ع ۾ جنرل آف رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جي جلد ٢١ ۾ مقالو ڇپيو، ان جو عنوان ھو:

Grammar of Sindhi Language.

سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جا رايا نهايت عالمانه ۽ فاضلانه آھن، قابل قدر آھن ۽ تحسين جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ قائم ڪيل سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ھي رايا اڄ به ڪنهن حد تائين درست تسليم ڪيا پيا وڃن، پر سندس مکيه نقطھ نظر ته سنڌي ٻولي نج سنسڪرتي ٻولي آھي يا سنسڪرت ئي سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو آھي، اڄ ماھرين لسانيات جي نظر ۾ درست ڪونهي.

ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب جي گرامر ۾ ئي ڪيترا اھڙا اشارا ملن ٿا، جن ۾ ھن صاحب سنڌي ٻوليءَ جي جداگانه حيثيت ۾ نرالپ کي نروار ڪيو آھي. ٽرمپ فرمائي ٿو:

”سنڌي ٻوليءَ جي جيڪڏھن اسين سندس ڀينر ٻولين سان ڀيٽ ڪنداسين ته سنڌي ٻوليءَ کي انهن ۾ پھرين جاءِ ڏيڻي پوندي. سنڌي قديم پراڪرت کي وڌيڪ ويجھي آھي. بنسبت اڄوڪي مرھٽي، ھندي، پنجابي ۽ بنگاليءَ جي. سنڌي ٻوليءَ گرامر جي بناوتن جي جھجھائي اھڙي ته محفوظ رکي آھي، جنهن تي سندس ڀينر ٻوليون ريس ڪن ٿيون.“ (١) وري ھڪ ٻئي ھنڌي چوي ٿو:

”قديم پراڪرت مان نڪرڻ ۽ تبديليءَ دوران سنڌي ٻولي اٽل ۽ محڪم رھي آھي. جڏھن ته ٻيون ھم جنس ۽ ھم نسل ٻوليون تمام گھڻي تبديليءَ جون شڪار ٿيون، تنهن ڪري سنڌ ھڪ آزاد ۽ خودمختيار ٻولي بڻجي چڪي آھي، جيڪا حالانڪ ڀينر ٻولين سان گڏ ھڪ ئي ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتي آھي. پر ته به انهن کان گھڻو مختلف آھي.“ (٢)

ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب نه صرف سنڌي ٻوليءَ جو تقابلي گرامر لکيو آھي، پر ھن صاحب ريڊنگ بوڪ اڳ ۾ تيار ڪيو، جيڪو ١٨٥٨ع ۾ ڇپايو ويو. جنهن ۾ ھن صاحب ديوناگري لپيءَ سان گڏ عربي لپيءَ ۾ پڻ سنڌي ٻولي کي متعارف ڪرايو آھي. مخصوص سنڌي آواز (چوسڻا آواز)/ب/، /ڏ/، /ڄ ۽/، /ڳ/ تي پڻ ڊاڪٽر ٽرمپ کوجنائون ڪيون ۽ انهن آوازن جي ڀرپور تشريح ڪئي.

سنڌي ٻوليءَ جي لپي ڪھڙي ھئڻ گھرجي؟ ان سلسلي ۾ ٿيل روداد بعد سنڌي ٻوليءَ لاءِ ١٨٥٣ع ۾ عربي، فارسي الف بي جوڙي وئي ۽ اسڪولن ڪاليجن ۾ رائج ڪئي وئي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي جون سموريون ضرورتون پوريون ڪانه ٿي ڪري، اھڙو بي ريا قسم جو رايو ٽرمپ صاحب ڏنو آھي:

”سنڌ اھو علائقو آھي، جيڪو سڀ کان پھريائين مسلم حملھ آورن جي زد ۾ آيو. جتان ھندو عنصر ۽ سنسڪرت ساھت جا اثرات زائل ٿي ويا، تنهن ڪري ئي چيو ويندو آھي ته سنڌ اھو ملڪ آھي، جتي ھندن واريون ذاتيون ۽ برھمڻ موجود نه آھن. مسلمانن جڏھن مقامي ٻولي جي ادب کي عربي نظام تحرير ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا اسلام جي اثر ھيٺ لازمي ھئي، تڏھن کين معلوم ٿي ويو ته عربي نظام سنڌي ٻوليءَ جي آوازن لاءِ اڻ پورو آھي، تنهن ڪري عربي اکرن ۾ اضافي نڪتا ڏئي، ان کوٽ جي پورائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنهن طريقي سان ھيءُ عمل ڪيو ويو، سو اطمينان بخش ڪونه ھو، تنهن ڪري ئي مذڪوره عمل اڌ ۾ ئي رھجي ويو.“(٣)

 

ٻئي طرف واڻڪي لپي جنهن ۾ ھندو واپاري پنهنجون ڪاروباري ضرورتون پوريون ڪندا ھئا. سا لپي پڻ سنڌي ٻوليءَ جون ضرورتون بنهه پوريون ڪري ڪانه سگھندي ھئي، تنهن لاءِ ٽرمپ صاحب لکيو آھي:

”سنڌ ۾ رائج واڻڪا اکر سنڌي ٻوليءَ جي ادبي مقصدن لاءِ قطي ناموزون آھن، ڇوته وقت جي وھڪري سان اھي اکر نهايت بيڊولا ۽ چچرجي چڪا آھن ۽ ساڳي وقت سنڌي سرن ۽ وينجسن سرشتي لاءِ بلڪل اڻ پورا آھن. واڻيا پنهنجن ئي بندين ۾ لکيل لفظ ڪجهه عرصي بعد صحيح پڙھي نه ٿي سگھيا. سنسڪرت الف بي کان وڌ ٻي ڪابه الف بي سنڌي ٻوليءَ لاءِ موزون ڪونه آھي. ڇوته سنڌي ٻولي سنسڪرت ۽ پراڪرت جي حقيقي ڌيءَ آھي. سنسڪرت جا اکر سنڌي آوازن لاءِ نهايت مناسب آھن، پر ملڪ جي مذھبي تنگ نظرييءَ سبب سنسڪرت الف بي رائج ڪرڻ لاءِ رنڊڪون پيدا ڪيون وينديون.“(٤)

سنڌي ٻوليءَ جي محاورن (Dialects) تي پڻ ڊاڪٽر ٽرمپ ڌيان ڏنو آھي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا مکيه محاورا، اترادي، وچولو، لاڙي ۽ ٻيا ڄاڻايا اٿس. اترادي محاورن لاءِ سندس چوڻ آھي ته:

”اترادي محاورو بلڪل اصولي حالت ۾ رھيو آھي ۽ لاڙ جي ڀيٽ ۾ ھن محاوري اوچارن کي نج حالت ۾ رکڻ لاءِ مڇڏائپ ۽ سخت جان اختيار ڪئي آھي. پوپٽي ھيراننداڻي صاحبه جو پڻ ساڳيو رايو آھي. ھوءَ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ‘ ۾ لکي ٿي:

”حقيقت ۾ شڪارپوري (سنڌي ٻوليءَ جي اترادي Dialect جو ھڪ Sub-Dialect آھي) سنسڪرت کي وڌيڪ ويجھي آھي، ان ڪري ان جي ٻوليءَ جو طريقو ائين ٿيو آھي ’ھو وو‘ چوڻ بدران جڏھن اھي ’اھي ويو‘ ٿا چون تڏھن صحيح آھن. ڇاڪاڻ ته ’وڃڻ‘ مان ’ويو‘ ئي ٿيندو.“(٥)

ڊاڪٽر ٽرمپ جون سنڌي ٻوليءَ ۽ گرامر تي ٿيل خدمتون اڻ مٽ يادگار آھن ۽ سنڌ جي رھواسين لاءِ فخر جو باعث آھن.

سنڌي ٻوليءَ جي محسن ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ تي بنيادي ڪم ڪيو آھي، جنهن ڪري ھو سنڌي لسانيات جي کيتر ۾ سدائين زنده جاويد رھندو.

 

حوالا:

١- ارنيسٽ ٽرمپ، گرامر آف سنڌي لئنگويج، ١٨٧٢ع، ص-١.

٢- ساڳيو ڪتاب، ص-٢.

٣- ساڳيو ڪتاب، ص-٢

٤- ساڳيو ڪتاب، ص-١

٥- پوپٽي ھيراننداڻي، سنڌي ٻولي، ص-٣٣.

 

 

سر رالف للي ٽرنر

سنسڪرت ۽ ٻين ھندستاني ٻولين جو وڏو ڄاڻو ۽ مشھور برطانوي ماھر لسانيات، آر ايل ٽرنر اسان جي ڏيهه ۾ پنهنجين ڊڪشنرين جي حوالي سان سڃاتو ويندو آھي. ٽرنر ٻه ڊڪشنريون اھڙيون ترتيب ڏنيون آھن، جن ۾ سنڌيءَ جو حصو به شامل آھي، سي ھي آھن:

1-A comparative and Etymelogical Dictionary of Napali Language 1931.

2- A comparative Dictionary of Indian Aryan Languages (1980-66) II Fascicules.

ھند آريائي ٻولين جي تقابلي مطالعي جو ھيءُ ھڪ بي مثال ڪارنامو آھي. لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي خيال ۾ ٽرنر صاحب جو ھيءُ ڪم Land Mark سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.(١)

رالف ٽرنر ١٨٨٥ع ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو جارج ٽرنر ھو. ھو صاحب به عالم ۽ پڙھيل شخص ھو. ھن ڪيمبرج سان ايم اي ڪئي ھئي ۽ ھن کي آرڊر آف برٽش ايمپائر جو اعزاز مليل ھو. رالف ٽرنر وليم ھاورڊ جي نياڻي ڊورٿي رورس سان ١٩٢٠ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان ھن کي ھڪ پٽ ۽ ٽي ڌيئر ڄايون. رالف ٽرنر جي تعليم ۽ تربيت پرسي گرامر اسڪول ۽ ڪرائيسٽ ڪاليج ڪيمبرج ۾ ٿي. پڙھائيءَ دوران ھن ڪيترائي انعام حاصل ڪيا. پڙھائيءَ دوران ھن مشرقي ٻولين جو موضوع پڻ کنيو ۽ برادر ٽن ميموريل سنسڪرت پرائز به کٽيو ھو. ١٩١٢ع ۾ ڪرائيسٽ ڪاليج جو فيلو ٿي رھيو، تنهن کان پوءِ ھو انڊين ايڊيوڪيشنل سروس ۾ شامل ٿيو. ١٩١٣ع ۾ بنارس جي ڪوئينس ڪاليج ۾ سنسڪرت جو ليڪچرر مقرر ٿيو. ١٩١٤ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ولسن فلالاجيڪل ليڪچرار مقرر ٿيو. ١٩١٩ع تائين انڊين آرمي رزرو آفيسر ٿيو. ١٩٢٠ع ۾ بنارس ھندو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آف انڊين لنگئٽڪس طور خدمت سرانجام ڏنائين. وري ١٩٢٢ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ولسن فلالاجيڪل ليڪچرر ٿيو. ڪجهه عرصو لنڊن يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز ۽ ڊائريڪٽر جي عھدي تي پڻ فائز رھيو. سر رالف ٽرنر رايل ايشاٽڪ سوسائٽيءَ جو ميمبر سوسائٽي ڊي لنگئسٽڪس پئرس جو ميمبر، لنگئسٽڪ سوسائٽي آف انڊيا جو ميمبر ۽ جپسي لور جو ميمبر پڻ رھيو.

رالف ٽرنر جا مکيه ڪتاب ھن ريت آھن:

1- Gujrati Phonology.

2- Position of Romani in Indo-Aryan.

3- A Comparative and Etymological Dictionary of Napoali Language.

4- Gavimath and Palkingdu Inseriptions of Asoka.

سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ڇپيا آھن، جيڪي ھيٺ ڏنل جرنلن ۾ شايع ٿيا.

١- انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا

٢- ڪلاسيڪل ريويو

٣- جرنل آف رايل ايشاٽڪ سوسائٽي

٤- انڊين ائنٽيڪيوري

٥- جرنل آف لنڊن فلالاجيڪل سوسائٽي

٦- بليٽن آف اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز

سنڌي ٻوليءَ تي رالف ٽرنر ٽي مقالا خاص طور لکيا آھن، تن جي وچور لڇڻ خوبچنداڻيءَ ترتيب ڏني آھي.

(1) Sindhi recursives or voiced stops preceoded by glatal closure BSOAS, 1923.

(2) Cerebratipation in Sindhi JRAS, 1924.

(3) Some problems of sound charge in Indo Aryan (Poona), 1960.

پروفيسر سر رالف ٽرنر تمام وڏو قابل، عالم ۽ فاضل شخص ھو. ھو پنهنجي مشھور ڪتاب ڪميپريٽو ڊڪشنري آف انڊو آرين لئنگويجز ۾ لکي ٿو:

ھن ڊڪشنريءَ جي لفظن جا بنياد عام طور اھا ساڳئي صوتياتي صورت رکن ٿا، جيڪا آرين جي ھند ۾ اچڻ وقت زيراستعمال ھئي ۽ ٻين ٻولين ۾ به نسبتا اھڙا لفظ موجود آھن، جيئن ته سنسڪرت ٻولي علمي ادبي ماڌيم طور تاريخ جي ھڪ طويل دور مان گذري آھي، تنهن جو لفظي ذخيرو اندروني طور تي اوسر ڪندو رھيو، پر اھڙو ذخيرو ٻاھران به ويدڪ دور جي مقامي طور ڳالھائيجندڙ ٻولين مان پڻ داخل ٿيندو رھيو، توڙي جو انهن ٻولين جون نحوي ۽ صوتياتي صورتون گھڻي حد تائين تبديل ٿي چڪيون آھن. ڪلاسيڪل سنسڪرت جو ڪيتروئي لفظي ذخيرو وچين ھند آريائي دور ۾ ساڳئي صورت ۾ ملي ٿو. ويدڪ زماني جي لفظي ذخيري ۾ سنسڪرت جي ذخيري کان علاوه جديد ھند آريائي ٻولين ۾ ھڪجھڙن اڻڄاتل لفظن جو وڏو تعداد موجود آھي، جنهن تي دراوڙي يا منڊا اصل نسل جو گمان ڪري سگھجي ٿو. اھڙن لفظن کي پڻ ھن ڊڪشنريءَ ۾ مناسب جاءِ ڏني وئي آھي.(٢)

ھن ڊڪشنريءَ جو مواد گڏ ڪرڻ ۾ سر رالف ٽرنر کي چاليهه سالن جو عرصو لڳي ويو.

ٽرنر ھڪ مقالي ۾ لکيو آھي ته، مکيه انڊو آرين ٻولين جيڪي ھن گروه ۾ شامل آھن سي ھي آھن. پنجابي، ھندي، سنڌي ۽ ڪنهن حد تائين بنگالي آريائي ٻولين جو لفظن ۾ Stress جھيلار پڻ تبديل ٿي وڃي ٿو. اھڙو مثال ھن ڏنو آھي. گوپالا سنسڪرت جي اکر ۾ گو ۽ پا ۽ لا ٽنهي تي زور Stress ڏنل آھي ته گجراتي جي گوال لفظ ۽ واو تي زور ڏنل آھي ۽ ھنديءَ جي کوالا ۽ واءِ لاءِ ٻنهي تي زور ڏنل آھي. جڏھن ته سنڌيءَ جي ڳوار ۾ واو تي زور ڏنل آھي. ٽرنر صاحب پنهنجي ھڪ مضمون ۾ سنڌيءَ جي ٽر ۽ ڊر جي گڏيل آوازن جو پڻ ذڪر ڪيو آھي.(٣)

 

ٽرنر جا لکيل ڪجهه ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ ۾ موجود آھن.

 

حوالا:

1- Khubchandani Lachhman, Current Trends Linguistics.

2- Turnor, R.L. Comparative Dictionary of Indo-Aryan languages, Fasc. 1- 1962, p. (a).

٣- ميرمحمد ڀيو ’آرل ايل ٽرنر (مسودو) ريڊيو ٽاڪ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪيل تقرير.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org