سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو :7

 

جيرامداس دولترام

ورھاڱي کان اڳ واري سياست ۾ سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جا ٽي مکيھ ڪرتا ڌرتا ھوندا ھئا، جن کي ’ٽمورتي‘ ڪري سڏيو ويندو ھو. ھڪ جيرامداس دولترام، ٻيو ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ ٽيون پروفيسر گھنشامداس. جيرامداس لاءِ جي ايم سيد لکيو آھي، مون وٽ جناح ۽ لياقت علي کان جيرامداس جي وڌيڪ عزت ۽ وقار آھي.(١)

جيرامداس حيدرآباد جي عامل خاندان جو اعليٰ تعليم يافته، قومي ڪارڪن ھو. آزاديءَ بعد ڀارت جي صوبي بهار جو گورنر، راجيھ سڀا جو ميمبر ۽ مرڪزي حڪومت جو وزير به ٿي رھيو. ھو نه صرف ھڪ ڪامياب سياستدان ھو، پر ھڪ قابل محقق ۽ قلمڪار به ھو. سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ ڇپيل آھن، جن مان اڪثر مضمون سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي باري ۾ آھن. سندس مضمون گھڻو ڪري ’ھندواسي‘ رسالي ۾ ڇپبا رھيا آھن.

جيرامداس جي شخصيت اعليٰ، شڪل شاھاڻي، ھلڻ چلڻ جو رعبدار ۽ اکين ۾ چمڪ ھوندي ھئس، محڪم ارادي وارو ۽ ديرينو شخص ھو. لکڻ پڙھڻ جو بيحد شوق ھوندو ھوس، ڪو ڪم ھٿ ۾ کڻندو ھو ته اھو پوري ڪرڻ کان سواءِ سک جو ساهه ڪونه کڻندو ھو. ڪم ڪرڻ جي اٿاهه شڪتي ۽ لگن ھئس، صبح جو ڇھين وڳي کان اڌ رات تائين ڪم ڪندو ھو. اصل ٿڪبو ئي نه ھو. ڪم جو اورچ ھو.(٢)

جيرامداس جن سچا ديش ڀڳت ۽ سماج سيوڪ ھئا، ستيھ سيوا، پريم ۽ تياڳ جي مجسم صورت منهن ۾ مڻيا آواز ۾ مڌرت ۽ نهٺائي ۽ ساڳي وقت آتم وشواس.... پنهنجن لکڻين ذريعي جيرامداس سنڌ جي تاريخ تي چڱي روشني وڌي آھي. سنڌين جو اتساهه، نيڪ نيتي ۽ سورميائي ۽ ڏيساور سان واپار بابت چڱو چوکو مصالحو قلمبند ڪيو اٿائون. شڪارپوري صرافن جي ھنڊين جا حوالا، دور ديسن سان سندن لهه وچڙ، جان جوکي ۾ وجھي اڻانگن رستن جي مسافريءَ جا احوال ڪافي رومانٽڪ نموني ۾ ڏنا اٿائون. ھن سنڌين کي سرويچ ۽ جانباز ڪري سڏيو آھي.(٣)

دادا جيرامداس جي جيون سون چاندي ۽ چمڪندڙ ابرق جي کاڻ جيان ھئي، جيڪي دادا جي سمپرڪ ۾ آيا ھوندا، تن کي ئي ڄاڻ ھوندي ته دادا جي جيون روپي کاڻ، ڪيترن نه گھڻن روپي، ملھائتن موتين ۽ ماڻڪن جي خزاني سان ڀرپور ھئي. دادا نه صرف راشٽر کيتر ۾ وڏو نيتا ھو، پر وڏو پنگتي سڌارڪ ودوان، ساھتڪار ۽ ليکڪ ھو. ڪيترن ئي ساھتڪ ۽ تعليمي ڪانفرنسن ۾ ڪيل سندس عالماڻيون تقريرون ان کيتر سندس اونهي گيان جو پرماڻ آھن، پر سڀ کان وڌيڪ دادا اوچ ڪوٽيءَ جو ھڪ اعليٰ انسان ھو. سندس رھڻي ڪھڻي آچار ويچار ۽ وھنوار ساڌارڻ منش کان گھڻو مٿي ھو، سندس آتمڪ ٻل رشين منين جيئان ھو، جنهن ڪري ڪھڙين به ڪٺناين مان لنگھندي سندس من ذرو به ڪين لڏندو ڌڏندو ھو نه صرف پاڻ، پر جيڪي به ساڻس گڏيا ۽ سندس ھٿ ھيٺ ڪم ڪندا ھئا، تن ۾ اتم وشواس ۽ اتساهه جو روح ڦوڪي منجھن ڪشٽن ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آتمڪ ٻل پيدا ڪندو ھو.(٣)

جيرامداس دولترام جيڪي مضمون ۽ مقالا سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ لکيا آھن، تن جو ڪجهه تفصيل ھيٺ ڄاڻائجي ٿو:

١- يارھين صديءَ جي سنڌي، ھندواسي، جون ١٩٥٧ع

٢- چوڏھين صديءَ جي سنڌي، ھندواسي، جون ١٩٥٨ع

٣- سنڌي ساھتيھ جو اتهاس، ٢٣٠٠ ورھيھ پراڻي سنڌيءَ ۾ پستڪ

٤- ھندواسي، سيپٽمبر ١٩٥٨ع

٥- سنڌي نوسمان جي ايڊٽ ڪيل ڪتاب ’لئنگويجز آف انڊيا‘ ۾ ڇپيل مقالو، مدارس ١٩٥٨ع

٦- سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس، ھندواسي، ڊسمبر ١٩٦١ع

٧- سنڌي ۽ ديوناگري لپي، ھندواسي، آڪٽوبر ١٩٦١ع

٨- سنڌي ڊڪشنرين جو اتهاس، ھند واسي، آڪٽوبر ١٩٦٢

٩- پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي، ھندواسي، ڊسمبر ١٩٦٣ع

١٠- انتر راشٽريھ يورپ و گيان ڪانگريس، سنڌو ۽ سنڌي ھندواسي، ١٩٦٤ع

نئين دھلي ۾ ١٩٥٧ع ۾ منعقد ڪيل آف انڊيا اورينٽل ڪانفرنس ۾ سنڌي حصي جو صدارتي خطبو، جيڪو سندس انتهائي اھم مقالو The Ancestory of Sindhi آھي. ھن مقالي ۾ جيرامداس وراچڊ اپڀرنش جي انهن خصوصيتن کي سنڌي ٻوليءَ جي خصوصيتن سان تفصيل سان ڀيٽ ڪئي آھي، جن جو ذڪر مارڪڻڊيھ ڪيو آھي. جيرامداس ان نتيجي تي پھتو آھي ته سنڌيءَ جا اڪثر لفظ ۽ نحوي بناوتون مارڪدڊيھ جي ڏنل وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل ڪونه آھن. تنهن ڪري پشل ۽ گريئرسن جي ان راءِ کي جيرامداس قبول ڪونه ٿو ڪري ته سنڌو ماٿريءَ جي ھيٺين حصي يعني سنڌ جي مقامي ماڻھن جي ٻولي وراچڊ ھئي، ۽ سنڌي ٻولي وراچڊ مان ڦٽي نڪتي آھي. جيرامداس جي راءِ ۾ ڪا آڳاٽي ٻولي ھئي، جيڪا ويدن واري زماني کان به سنڌوماٿر جي ھيٺين حصي جا ماڻھو ڳالھائيندا ھئا. ان مان موجوده سنڌي ٻولي اسري نسري آھي، جيڪا قديم سنڌيءَ جي روپ ۾ ثانوي پراڪرت جي حيثيت رکي ٿي.(٥)

جيرامداس ھند ۽ سنڌي لاءِ ديوناگري لپي اختيار ڪرڻ جي حمايت ۾ ھو. ديوناگري لپي وارن کي ھمٿائيندو رھيو. ان سلسلي ۾ ڪماري سيتا سامتاڻي لکي ٿي:

’دادا‘ سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ ئي تحريڪ ٿي ھلائي ته سنڌي ديوناگيءَ ۾ لکي ۽ ڪتاب به انهيءَ لپيءَ ۾ ڇپائجن، جيئن اسان جا آئنده جا ٻار عربي لپي نه ڄاڻڻ ڪري، پنهنجي مادري ٻوليءَ کان محروم نه رھن. ھن سڄي ڀارت ۾ ٿي گشت ڪيو، جنهن ڪري کيس خبر ھئي ته ڪيئن سنڌي جنهن به راجيھ ۾ رھن ٿا ته اتي جي نه رڳو راجيھ ڀاشا سکن ٿا، پر ماڌيھ به ڪيترن ھنڌ اھوئي آھي، جنهن ڀاشا جي لپي ديوناگريءَ وانگر ئي آھي. سچ پچ ته اھو رايو سڀني وڏن ليکڪن جھڙوڪ: لعل چند امر ڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، ليلا رام، پريمچند، ڏيارام وسڻمل، دادا شيوڪ ڀوڄراج، نانڪرام لڌاڻي ۽ ٻين انيڪ سنڌين جو ھو. جن کي ذاتي خبر ھئي ته عربي لپيءَ جي برخلاف ھڪ وڏي گواھي ٿا ڏين ته سنڌي ھندن ڪيڏو نه گوڙ مچايو ھو، عربي لپيءَ جي خلاف پوءِ جي ھت اچي اسان جي انهن سڀني سياڻن بزرگن سنڌي ٻارن تي ٻه لپيون نه مڙھي ھڪ ئي ديوناگري لپيءَ جو پرچار ڪيو ته انهن ڪھڙي غلطي ڪئي. ھنن ته ٻارن جو ٻوجهه به گھٽائڻ ٿي چاھيو ۽ پنهنجي اصلوڪي لپيءَ کي آڻي پاڻ کي بدليل حالتن سان ٺھڪائڻ به ٿي چاھيو.(٦)

جيرامداس دولترام ۽ جي ايم سيد جي وچ ۾ خط و ڪتابت جو احوال جي ايم سيد جي ٻن ڪتابن ’اڄ پڻ چڪيم چاڪ‘ ۽ ’ڪجهه خط‘ ۾ ملي ٿو.

جيرامداس دولترام ھند ۽ سنڌين کي ورسائڻ لاءِ وسان ڪين گھٽايو. سنڌ مان لڏي ويل سنڌين لاءِ جيرامداس جي شخصيت ھڪ وڏو آٿت ۽ آسرو ھو. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي سلسلي ۾ ١٩٥٧ع جي دھلي جي اورنٽيئل ڪانفرنس جو صدارتي خطبو ھڪ اھم ۽ يادگار طور ليکيو ويندو. سنڌي ٻوليءَ جو ھي ناميارو ماھر فيبروري ١٩٧٩ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

 

حوالا:

(١) جي ايم سيد، ’ڪجهه خط‘، ١٩٨٥ع، صفحو ٢٦٩

(٢) سشيلا جي لعلواڻي، مضمون ’يادگيريءَ جي درسنيءَ تان ھندواسي، ٢٤ فيبروري، ١٩٨٠ع، صفحو ٣

(٣) مينگراج تلريجا، مضمون ’دادا جيرامداس‘، ھندواسي ٢٤ فيبروري، ١٩٨٠ع، صفحو ٤

(٤) ڪملا ھيرانند، مضمون ’دادا جي جيون جا ڪي سونهري ورق‘، ھند واسي، ٢٤ فيبروري، ١٩٨٠ع، صفحو ١٥

(٥) Khubchandani, lachman, Current trends in Linguistic-Sindhi, P-217

(٦) ڪماري سيتا سامتاني مضمون ’دادا جيرامداس دولترام جو قدر ڪنهن ڪيو‘، ھندواسي، فيبروري ١٩٨٠ع، صفحو٣

 

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اھم ۽ نامور محقق آھي، جنهن سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، ثقافت، آثارقديمھ ۽ لوڪ ادب جي مختلف موضوعن تي خوب لکيو آھي. ڊاڪٽر بلوچ جا علمي ڪارناما سنڌي ادب ۾ ھڪ ادبي اٿل مثل آھن.(١)

سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ڪم قابل قدر آھي. ھونئن ته ڄڻ بلوچ صاحب جون سموريون ڪاوشون سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جي ميدان ۾ ئي آھن. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ- جامع سنڌي لغات، لوڪ ادب جون تحريرون ۽ سنڌي صورتخطي ۽ خطاطيءَ جھڙا ڪتاب لسانيات جي ڏس ۾ سندس خداداد لياقتن جو مظھر آھن.

سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجو نظريو ١٩٦٢ع ۾ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘ ۾ ڏنو، جنهن ڪتاب کي وڌائي ١٩٨٠ع ۾ شايع ڪيو ۽ نالو ڏنو ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ‘. ١٩٩١ع ۾ ان ڪتاب ۾ مزيد اضافو ڪري عنوان ڏنائون، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘. سندس سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل واري نظريي کي جتي ڪافي مڃتا ملي چڪي آھي. اتي ڪجهه وارو وار به ٿيو آھي. بهرحال ڊاڪٽر بلوچ جي خيال ۾ سنڌي ٻولي سڌوسنئون سنسڪرت مان نڪتل ناھي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آھي. لھندا، ڪشميري ۽ اترئين سنڌو ماٿر جي داردي ٻوليون ان جون ڀينر آھن. بود و باش جي لحاظ سان اھي مڙئي سنڌو ماٿر جون آڳاٽيون ھند آريائي ٻوليون آھن.

پر سٽاءَ ۽ تاريخي ارتقا جي لحاظ سان اھي ھن برعظيم جي ٻين ھند آريائي ٻولين کان نراليون آھن، ڇاڪاڻ ته انهن جي بناوت ۽ اوسر ۾ ھند ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين کي دخل آھي... آثار قديمھ مان مليل مواد ۽ معلومات جي بناءَ تي چئي سگھجي ٿو ته، ’سنڌ جي قديم ٻولي‘ غالبا ڪا سامي زبانن جي سٿ مان ھئي، جنهن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان قديم زماني ۾ سنڌ جي ٻوليءَ تي گھڻي ۾ گھڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو ۽ ان بعد پالي پراڪرت ذريعي سنسڪرت جو اثر پيو.(٢)

١٩٥٠ع ۾ ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ بلوچ صاحب پنهنجي انهن خيالن جو اظھار ڪري چڪو ھو، ته سنڌي سنسڪرت مان پيدا ڪانه ٿي آھي ۽ نه ئي وري اپڀرنش مان، بلڪ سنڌو ماٿر جي ڪنهن اوائلي آريھ ٻوليءَ مان نڪتي آھي. ڊاڪٽر بلوچ جي ان نڪتي ’سنڌي زبان سنسڪرت کان اڳ واري ٻوليءَ جي شاخ آھي‘. ھن ۾ ڪشنچند جيٽلي، جيرامداس دولترام ۽ ٻيا عالم تسليم ڪري چڪا آھن، ۽ سنڌي عالمن جھڙوڪ: ڊاڪٽر الانا، سراج، پروفيسر علي نواز جتوئي، ايم ايڇ پنهور پنهنجن نظرين ۾ ٻيا ڪجهه اعتراض ته ڪيا آھن، پر سنڌي ٻولي سنسڪرت اصل نسل مان نه ھجڻ تي متفق آھن.

ڊاڪٽر بلوچ جي ھن راءِ تي سخت اعتراض ڪيا ويا ته ’اسان جي ھاڻوڪي زبان جي لفظن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته جيئن اڳ تيئن الفاظ حروف صحيح سان بيٺل ھئا. يعني ته منجھن حروف علت بلڪل ڪم گھٽ ھئا يا مورڳو نه ھئا(٣). ڪابه ٻولي بنا سرن wowels (حرف علت) جي ٿي نه ٿي سگھي، تنهن ڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب جي ٽئين ايڊيشن ۾ پنهنجي راءِ ترميم ڪندي لکيو آھي ته، ’اسان جي ھاڻوڪي زبان جي لفطن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته جيئن اڳ تيئن الفاظ حروف صحيح سان بيٺل ھئا ۽ ڊگھا حروف علت کان سواءِ الفاظ جھڙوڪ به، ته، نه مک، نٿ، ڪڪڙ، مڪڙ، گدڙ، شايد انهيءَ تاريخي اصليت ڏانهن اشارو ڪن ٿا.‘(٤)

جتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن فراخدليءَ جو اھو مظاھرو ڪرڻ فرمايو آھي، اتي ھن راءِ تي پڻ نظرثاني ڪرڻ جي گنجائش موجود آھي ته ’لفظن جي اھڙي بيھڪ ۽ بناوت جي ماضي جي مطالعي مان ڀانئجي ٿو ته عربيءَ جي اثر کان اڳ سنڌي الفاظ اڪثر حروف صحيح جا مرڪبات ھئا. يعني ته سنڌي ٻوليءَ جا آڳاٽا لفظ سرن کان سواءِ ئي ٺھندا ھئا. ونجن پاڻ ۾ ملي لفظ يا پد ٺاھيندا ھئا. ائين ڪونه آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻن وينجن جو گڏ ھجڻ تمام گھٽ ملي ٿو. بلڪ سنڌي ٻوليءَ جي خصوصيت آھي ته ٻين ٻولين مان اڌارا ورتل لفظن ۾ جيڪڏھن ٻه وينجن گڏ آھن ته اتي وچ ۾ ھڪ سر ملائي ڇڏڻو ٿو پوي، مثال طور:

بسڪٽ مان بسڪوٽ

بَلب مان بِلبُ يا بُلف

ائپرل مان اپريل

پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب ٻن وينجنن جي گڏ ھجڻ وارن پدن جا مثال ڏنا آھن: ٿيو، ڪيا، پريم فريم، قياس، ٽرين، نرس، پرس، ھرج.(٥)

ڪل ٩ لفظن مان ٧ لفظ سنڌي ٻوليءَ جا ئي نه آھن. صرف ٻه پھريان لفظ سنڌيءَ جا آھن. ٻيا ھندي، انگريزي ۽ فارسيءَ جا آھن. سنڌيءَ وينجن جھڳٽا يعني Consonant closter جي موضوع تي ڪم ڪرڻ جي گھڻي گنجائش آھي.

بلوچ صاحب جي راءِ ۾ آڳاٽي وقت ۾ ڊگھا سر بلڪل ئي گھٽ ھئا يا ڪين ھئا. ائين به درست نه آھي. عرب دور کان اڳ جي زماني جا ڪجهه لفظ چچنامي جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ ڏنا آھن تن ۾ ئي ڪافي ڊگھا سر موجود آھن. مثلا ڪاڪا، چنا، لوھاڻا، موک، وڪيو، ڪاڪو ۽ ساوندي وغيره لفظن ۾ آ، اي ۽ او ڊگھا سر موجود آھن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب آثار قديمھ مان مليل مواد ۽ معلومات جي آڌار تي چيو آھي ته سنڌ جي قديم ٻولي غالبا سامي زبانن جي سٿ مان ھئي. آثار قديمھ مان مليل ڪيتريون لکڻيون ۽ ٻيو ڪيتروئي سامان مليو آھي، جنهن مان قديم سنڌ جي ماڻھن جي تهذيب ۽ ثقافت تي ڪافي روشني پوي ٿي. سڀ کان اھم سنڌو سڀيتا جون اھي مھرون آھن، جن تي سنڌو رسم الخط Indo Script ۾ قلمبند ٿيل تحريرون آھن. ھنن تحريرن جي باري ۾ ويجھڙائيءَ ۾ ڪافي تحقيق ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آھي. يورپ توڙي ھندستان پاڪستان ۾ ڪجهه پڙھڻيون به سامھون آيون آھن. ڊاڪٽر بلوچ موجب ’سنڌيءَ جو خمير سنڌ جي سرزمين ۾ تيار ٿيو‘. سنڌو ماٿر جي تهذيب به ته سنڌ جي ڌرتيءَ تي وجود ۾ آئي. ان جي تحرير کي سنڌي ۽ سنڌ جي ٻولي سڏڻ ۾ ظاھر ظھور تضاد موجود آھي. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ آغاز جو سرو اتان شروع ٿئي ٿو.

سنڌو لکت جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سنڌي ٻولي رسالي جي اپريل- جون ١٩٩٤ع واري پرچي ۾ ھڪ مقالو لکيو، جنهن جو عنوان آھي، ’سنڌو تهذيب جي ’سنڌو لکت‘ جي ڀاڃ. بلوچ صاحب جو ھيءُ مضمون نهايت ڪارائتو آھي. سنڌو لکت جي حل جي باري ويچار ڏنل آھن. سنڌو لکت جي ڀاڃ (حل) جي سلسلي ۾ اڳ ۾ ٻين جي مفروضن Hypothesis جو جائزو ورتو آھي. مضمون جي آخر ۾ ڪجهه چونڊ لفظ ڏنا آھن، جن جو تعلق فارسي، عربي، پالي، سنسڪرت يا تاريخي دور واري ڪنهن معلوم ٻوليءَ سان نه آھي ۽ آڳاٽي وقت کان ھن مھل تائين رائج آھن. سندن خيال آھي ته ٿي سگھي ٿو ته انهن مان ڪي سنڌو لکت واري قديم سنڌ جي ٻوليءَ جا ھجن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ جي نئين ايڊيشن ۾ ڪيتروئي نئون مواد شامل آھي. ادب جي شھپارن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ پڻ قيمتي معلومات ڏنل آھي. دراصل ھي ٻه ڌار ڌار موضوع آھن: ھڪ آھي ٻوليءَ جي تاريخ ٻيو آھي ادب جي تاريخ، پر بلوچ صاحب ٻنهي کي يڪجا ڪري ڇڏيو آھي. ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ٻوليءَ ۾ آيل تبديلين جي واقع ٿيڻ جي سببن جي اپٽار ڪرڻي ھوندي آھي. ٻين ٻولين سان تعلق ۾ اچڻ بعد ٿيل اثرات جو مطالعو ڪرڻو ھوندو آھي. اھڙا اثرات ٻوليءَ جي صوتيات، صرف ۽ نحو تي مرتب ٿين ٿا.

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب ۾ عربيءَ مان تعلق ۾ اچڻ بعد جيڪي اثرات سنڌي ٻوليءَ تي پيا، انهن جو ذڪر ڪندي لکيو آھي:

”(١) ٻوليءَ ۾ مرڪزيت پيدا ٿي. (٢) ٻوليءَ جي نفسياتي ڪيفيت بدلي، (٣) ٻوليءَ جي لغت ۾ واڌارو ٿيو، (٤) سنڌي الف بي جي سٽاءَ، صورتخطي ۽ صرف نحو تي اثر پيو، (٥) گرامر جي جزن تي عربيءَ جو اثر پيو، (٦) ٻوليءَ جي علم ادب جو بنياد پيو.(٥)

نئين واڌاري واري معلومات ۾ سنڌي ٻوليءَ جو تعلق فارسي ۽ ھند جي ٻين ٻولين سان ٿيڻ بعد جا اثرات بيان ڪرڻ لازمي ھئا. ڪتاب جي ٻنهي نون بابن جي آخر ۾ ڏنل نتيجا ظاھر ڪيل آھن:

(الف): گھڻن منظومين جي ٻولي آڳاٽي آھي ۽ ممڪن آھي ته اھي ڏھين صدي ھجري (٩٥٠ ھجريءَ ڌاري يا اڃا به اڳ) ۾ تصنيف ٿيا ھجن. بيان جون ڪجهه سٽائون حرف ۽ ظرف توڙي جري ۽ اضافي ترڪيبون قاضي قادن ۽ ميين شاهه ڪريم جي بيتن ۾ آندل لفظن، حرفن ۽ ترڪيبن کان به وڌيڪ انوکيون ۽ آڳاٽيون لڳن ٿيون.(٦)

(ب): ١- مادري زبان ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ جا بنياد مضبوط ٿيا.

(٢) سنڌي درسي نصاب جو بنياد مضبوط ٿيو.

(٣) مختلف موضوعن تي فارسيءَ بدران سنڌيءَ ۾ ڪتاب تاليف ٿيا.

(٤) تصنيف ۽ تاليف مان گڏ ڪتابن جي ترجمن جو سلسلو شروع ٿيو.

(٥) موضوع جي علمي ڄاڻ ۽ ادب سان گڏ عربي ۽ فارسي توڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ مھارت سببان ھن دور ۾ سنڌ جي عالمن جو تحقيقي معيار بلند رھيو ۽ سندن تجرباتي ۽ تحقيقي نتيجا سنڌيءَ ۾ شايع ٿيا.

(٦) نثر جو آغاز ٿيو.

(٧) سنڌي الفاظ ۽ صرف و نحو (گرامر) مطالعي ھيٺ آيا. ٻوليءَ جي ابتدائي سکيا لاءِ دوايھ ۽ ٽھ وايا مرتب ٿيا. سنڌيءَ ذريعي فارسي عربي ۽ سنڌي گرامر جو مطالعو ڪيو ويو.

(٨) سنڌي الف بي جا گھڻي ۾ گھڻا حرف ساڳي ھڪ ئي صورت ۾ لکجڻ لڳا.

(٩) سنڌي صورتخطي وڌيڪ سالم صورت ۾ رائج ٿي، سنڌي لغات بابت تحقيقي مواد شايع ٿيو.

(١٠) سنڌيءَ جي روايتي ادبي ذخيري ۾ تفصيلي توڙي تخليقي نگاهه کان واڌارو ٿيو.

(١١) سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعريءَ جي عمارت اڏجي راس ٿي وڏا ديده ور داناءَ شاعر ساماڻا (٨)

بلوچ صاحب جي محنت قابل داد آھي. نئون مواد ادبي تاريخ ۾ نهايت اھم آھي. ٻوليءَ جي تاريخ يعني ٻولين ۾ آيل تبديلين جو احوال، مختصر ڏنل آھي. اھڙين تبديلين جو رخ ڪھڙو آھي ۽ سو به نه ڄاڻايو آھي. تاريخ جي وھڪري ۾ آيل ٻولين جون چئن قسمن جون تبديليون تصور ڪيون وڃن ٿيون:

(١) لغوي

(٢) آوازي يا صوتي

(٣) معنوي

(٤) صرفي ۽ نحوي

جڏھن زبانن ۾ ڦيرو ايندو آھي، تڏھن الڳ الڳ آوازن جو سوال ناھي، جيڪي ٻين انفرادي آوازن سان تبديل ٿين ٿا، مگر ساري سرشتي جو سوال آھي، جنهن جو نمونو بدلجي وڃي ٿو، جنهن جي جاءِ ٻي سٽاءَ وار سرشتو والاري ٿو، تنهن ڪري ڪنهن به ٻوليءَ جي تاريخي تحقيق لاءِ ضروري آھي ته ان جي مختلف دورن ۾ ان جي سٽاءَ جي سموري سرشتي جو پورو پورو جائزو بياني لسانيات موجب وٺجي.(٩)

بلوچ صاحب جي مذڪوره ڪتاب ۾ ادب جي ڇنڊڇاڻ ته خوب ڪئي وئي آھي، جڏھن ته ٻوليءَ جو تاريخي تجزيو گھٽ ڪيو ويو آھي، جنهن جي حقيقت ۾ بيحد گھڻي ضرورت ھئي. ادب جي تاريخ لکڻ واري صاحب مٿان ھڪ وڏي ذميواري عائد آھي ته ھو غير جانبداريءَ سان ۽ سچائيءَ سان ادب پارن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ۽ ھر قسم جي تعصبن کان بالاتر ٿي، سوچ جي عمل کي اڳتي وڌائي. موجوده دور ۾ سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ ھڪ ٽمورتيءَ تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آھي. اھا ٽمورتي آھي شاهه، سچل ۽ سامي. ترقي پسند ۽ لبرل اديبن، دانشورن ۽ محققن پاران جتي شاهه ۽ سچل جي سوانح ۽ ڪلام تي جاکوڙ ڪري، تنقيد ۽ تحقيق جا نوان نوان پھلو سامھون آندا آھن، اتي ساميءَ جي سلوڪن تي نئين انداز سان نظر وڌي وئي آھي. ويجھڙائيءَ ۾ ھند ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ تي گڏيل سيمينار به منعقد ٿيا آھن.

سنڌ ۾ به محترم سائين محمد ابراھيم جويي جو ھڪ پر مغز مقالو ڪتابي صورت ۾، ’شاهه، سچل ۽ ساميءَ‘ جي عنوان سان ڇپيو آھي. ساميءَ جي فن توڙي فڪر تي نوان مقالا لکيا ويا آھن، جن ذريعي ويدانت ۽ تصوف جي موضوعن کي اجاگر ڪيو ويو آھي. ڊاڪٽر بلوچ جي ذاتي راءِ قابل احترام آھي، پر تاريخي اعتبار کان ساميءَ جو سنڌي ادب ۾ ھڪ اھم مقام آھي، ساميءَ لاءِ بلوچ صاحب لکيو آھي: ’ڀائي چئنرا ۽ لنڊ کي جيتوڻيڪ ’سامي‘ جي نالي سان مشھور ڪيو ويو آھي، مگر نڪو ھو سامي نست (سوامي) ھو، نڪي عام سامين واري رنگ ۽ لباس ۾ ھو. ھو ھڪ سيٺ ھو، واپار ۾ مشغول رھيو. سڄي جواني واپار ۾، سود، لوڀ ۽ مايا جي موه ۾ صرف ڪيائين. ڀائي چئنراءِ جي ٻوليءَ تي ڌرمي پستڪن واري سنسڪرتي زبان جو رنگ چڙھيل آھي... سندس ويچارن تي گھڻي ڀاڱي ھندو ھت جي ’چوراسي جنم‘ وارو اوسيئڙو ڇانيل آھي. سنڌ جي سڀني وڏن شاعرن جي برعڪس ڀائي چئنراءِ جا بيت ۽ سلوڪ نڪي سنڌ جي قصن داستانن جي عام روايت سان وابسته آھن ته نه ڪي وري سنڌ جي عوامي زندگيءَ يا سنڌ جي ماحول سان لاڳاپيل آھن.(١٠)

ساميءَ لاءِ مذڪوره راءِ دل آزاريءَ جو باعث بڻجي سگھي ٿي. ساميءَ جو ادبي مقام متعين ڪرڻ دوران سندس ھندو ھجڻ جو سوچڻ، ھڪ وڏي ناانصافي چئبي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ھڪ اھم ڪارنامو جامع سنڌي لغات تيار ڪرڻ آھي. جامع سنڌي لغات جيڪا اٽڪل چاليھن سالن جي عرصي ۾ تيار ٿي ڇپجي منظر تي آئي آھي، سا صرف لغت ئي نه آھي، پر ان جي حيثيت ’انسائيڪلوپيڊيا‘ جي آھي. ان جو واضح دليل ھيءُ آھي ته مذڪوره جامع لغات ۾ نه صرف اسم، فعل ۽ صفتون وغيره شامل آھن، پر ھن ۾ اھي اسم خاص به شامل آھن، جن جو تعلق گھني ڀاڱي سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، ادب، ثقافت وغيره سان به آھي. ان ڪري ان جي حيثيت انسائيڪلوپيڊيا جھڙي آھي. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران انگريزيءَ ۾ ھڪ مني آڪسفورڊ انسائيڪلوپيڊيا ڊڪشنري ڇپايل آھي. ته ھن ۾ جيڪي خوبيون موجود آھن. جامع لغات ۾ به اھي سموريون خوبيون موجود آھن. مثلا: ھر لفظ جو صحيح اچار، مختلف معنائون، سندس پاڙ مصدر ۽ ان ٻوليءَ جي نشاندھي، جنهن جو ھيءُ لفظ آھي. جامع لغات ۾ ادبي ۽ مروج سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق سان جاکوڙ ڪيل آھي. سنڌ جي مختلف خِطن ۾ ڪارڪن مقرر ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي سمورن معروف لھجن/ محاورن جي لفظن کي لغت ۾ شامل ڪيو ويو آھي. ھر لفظ جي شروع واري اکر جي باري ۾ پڻ معلومات پھريائين ڏني وئي آھي، سا پڻ ساراھڻ جوڳي آھي. مٿال طور ’گ‘ جي شروعات ۾ ’گ‘ لاءِ لکيل آھي: سنڌي الف بي جو ايڪيتاليھون اکر، فارسيءَ جو ڇويھون، ابجد موجب سندس عدد ويهه ڪاف عجمي يا ڪاف پارسي.(١١)

مني آڪسفورڊ انسائيڪلوپيڊيا ڊڪشنريءَ ۾ اکر ’م‘ جي شروعات ۾ ڏنل داخلا ھن طرح آھي:

P, P-16th letter of modern English and 15th of ancient Roman Alphabet, corresponding to Greek pi an resposesnting a voiceless Labial stop. (12)

ھن ۾ فرق ھيءُ آھي ‘p’ اکر جنهن آواز جي نمائندگي ڪري ٿو، ان لاءِ لکيو ويو آھي ته ھيءُ آواز ببڀڻو ھلڪو ٻه چپائون ڌوڪڻو وينجن آھي. اھڙي معلومات جامع لغات ۾ نه ڏني ويئي آھي. جيئن ته ھاڻ جامع لغات جي ٻي ايڊيشن جي تياري ۽ اشاعت جي راهه روشن ٿيل آھي ۽ اھا ذميواري به بلوچ صاحب سنڀالي آھي.(١٣) ايندڙ ايڊيشن ۾ ھر اکر جنهن آواز جي نمائندگي ڪري ٿو، ان جو مخرج ۽ آواز جو گروه، وسرگائي ۽ ڀڻڀڻائي وغيره ڄاڻائجي ته گھڻو بهتر ٿيندو. جامع سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۾ ھڪ يادگار ۽ فخر لائق ڪارنامو آھي.

سنڌ حڪومت پاران جيئن ئي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو، تيئن ئي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ٿيو. پنهنجي ايامڪاريءَ دوران ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ٻوليءَ جي شاندار خدمت ڪئي، ۽ ڪيترائي مفيد ۽ اھم ڪتاب اٿارٽيءَ پاران ڇپرايا. سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو سنڌيءَ ۾ نالو ’سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو‘ به پاڻ تجويز ڪيو اٿائون. اٿارٽيءَ پاران ڊاڪٽر بلوچ جا ھيءُ ڪتاب شايع ڪرايا ويا آھن:

(١) سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي

(٢) سنڌ جي مڇي

(٣) سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو ذخيرو

ڊاڪٽر بلوچ جو ڪتاب ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘ سنڌي ٻوليءَ جي الف بي جي ارتقا جي ڏس ۾ ھڪ عاليشان ڪتاب آھي. مقدمي ۾ مختصر طور تي سنڌي ٻولي، سنڌي الف بي، سنڌي صورتخطي ۽ سنڌي خطاطيءَ جي ابتدا ۽ اوسر تي روشني وڌي وئي آھي. ڪيترن ئي قيمتي ۽ ناياب قلمي ڪتابن جي خاص خاص صفحن جا عڪس ڏنا ويا آھن. جن جي ڪري ھن ڪتاب جي زبيائش ۽ زينت ڏسڻ وٽان آھي.

سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل جي باري ۾ مختصر طور ڊاڪٽر بلوچ لکيو آھي: سنڌي ٻولي ڏکڻ ايشيائي ننڍي کنڊ جي قديم ترين ٻولين مان ھڪ آھي. تاريخي طور تي اھا سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ٻولي آھي. جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي ڪنهن مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اسري. ’مئن جي دڙي‘ واري قبل از تاريخي دور جي ٻوليءَ کي ’سنڌ جي ٻولي‘ چئي سگھجي ٿو، پر سنڌي ٻولي گھڻو پوءِ اسري، عيسوين پنجين صديءَ کان يارھين صديءَ واري عرصي ۾. يعني راءِ گھراڻي، برھمڻ گھراڻي ۽ پوءِ عرب- اسلام حڪومتن واري دور ۾ سنڌ اندر سياسي ۽ انتظامي مرڪزيت جي ڪري، سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ھلندڙ ’مقامي محاورن ۽ ٻولين‘ ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي ۽ ھڪ عام فھم سنڌي ٻولي اسري. ٻوليءَ جي تمدني سرمائي ۾ واڌارو ٿيو ۽ ٻوليءَ جي سٽا، صورتخطي ۽ صرف نحو تي اثر پيو.(١٤)

سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ھن مختصر بيان ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ٻوليءَ جو ’سامي سٿ‘ مان ھجڻ جو ذڪر ڪونه ڪيو آھي. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ڏنل سندس اڳين راءِ ته سنڌي ٻوليءَ جو تعلق ’سامي صفت‘ ۽ ’سامي سٿ‘ وارين زبانن سان آھي. جو اشارتا به ذڪر نه ڪرڻ مان گمان غالب ٿئي ٿو ته شايد پاڻ پنهنجي راءِ ترميم آندي اٿائون.

ھن ڪتاب ۾ سنڌي رسم الخط، سنڌي صورتخطيءَ سان گڏوگڏ سنڌي خطاطيءَ جي اوسر تي پڻ روشني وڌي وئي آھي. پاڻ لکيو اٿائون: ”سنڌ ۾ خطاطيءَ جي فن جي تاريخ ڪوفي رسم الخط سان شروع ٿي. ان بعد ٤ صدي ھجريءَ کان نسخ خط رائج ٿيو، جيڪو پوءِ سنڌي صورتخطيءَ جو خاص خط بڻجي ويو.“(١٥)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب موجوده دور جي سنڌي علم ادب ۾، لسانيات، لوڪ ادب، لغت، لطيفيات، تحقيق ۽ تنقيد جي ڏس ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آھن. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ھن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو سنڌي عالم آھي.

 

حوالا:

(١) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘، صفحو ٢٩٨

(٢) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، صفحو ١٩

(٣) حوالو، ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢٢٢

(٤) حوالو، ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢٧٢

(٥) علي نواز جتوئي، علم لسان ۽ سنڌي زبان، صفحو ٨٤

(٦) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٨٦-

 ٧٢

(٧) حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢٧٠

(٨) حوالو، ساڳيو ڪتاب، صفحو ٤٧٦

(٩) علي نواز جتوئي، علم لسان ۽ سنڌي زبان، صفحو ١٧٩

(١٠) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، صفحو ٤٧٢

(١١) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جامع سنڌي لغات، جلد-٥، صفحو ٢٧٥

(١٢) The Mini Oxford Encyclopedia Dictionary, 1989, P-1238

(١٣) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘، جلد-٥، صفحو (و)

(١٤) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘، ١٩٩٣ع، صفحو٨

(١٥) حوالو، ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٦

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org