ليلو رچنداڻي
ليلي رچنداڻيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي قوم جي قدامت جي باري ۾ ڪافي
ليک ۽ ٻھ چار سھڻا سيبتا ڪتاب لکيا آھن. سندس اھو
وياچر آھي ته سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي دنيا جون قديم
ترين وستون آھن. ائين ھو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
پذيرائيءَ لاءِ پنهنجا نظريا پيش ڪندو رھيو آھي.
سندس انهن نظرين سنڌ توڙي ھند ۾ چڱو خاصو چوٻول
مچايو ھو ۽ کيس سٺي شھرت بخشي.
ليلا رام پٽ ڏيون مل رچنداڻي، ٺارو شاهه ضلعي نواب شاهه ۾ ٢٤
جولاءِ ١٩٢٤ع ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر سائنس آھي.
آزاديءَ کان پوءِ ليلي جو خاندان سردار نگر احمد
آباد ۾ وڃي آباد ٿيو. ليلو نه رڳو ھڪ سٺو ليکڪ
آھي، پر ھڪ سٺو صحافي به آھي. ھن ھندستان جي مختلف
اخبارن ۽ رسالن لاءِ صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون
آھن. ليلو ھڪ محنتي ۽ جفاڪش محقق آھي. وڏي جاکوڙ ۽
محنت سان ڪتاب ۽ ٻيا ليک لکيا اٿس. سندس ڪجهه ڇپيل
ڪتابن جي لسٽ ھت درج ڪجي ٿي:
١- سنڌوءَ جي جھلڪ
٢- سنڌو درشن
٣- سنڌي ٻوليءَ جو وڪاس
٤- سنڌي لوڪ ڪٿائون
٥- سنڌ وياڪرڻ
٦- گلدستو
٧- سنڌي ساھت ۾ مذاق
٨- اڏيرو لال
٩- سنڌي شاعريءَ جي تاريخ
١٠- سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس
ليلي جو سڀ کان اھم ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس‘ آھي، جيڪو
پھريائين ’نئين دنيا‘ رسالي ۾ قسطوار ڇپيو. ھن
ڪتاب ۾ ليلي رچنداڻيءَ پھريائين ته سنڌي ٻوليءَ
جون خوبيون بيان ڪيون آھن، جن جي بنا تي چوي ٿو،
ته سنڌي ٻولي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ ھڪ ممتاز جڳهه
والاري ٿي. خوبيون ھن طرح ڄاڻايون اٿائين:
١- سنڌي ٻولي پراچين انڊو آرين ٻوليءَ جي اوائلي پدن جي اصلوڪي
لمبائيءَ کي حرف علت جي لحاظ کان جيئن جو تيئن
قائم رکيو آھي. مثال طور پراچين انڊو آرين ٻوليءَ
۾ ھڪ اکر ھو ’درگهه‘ جوان ٻولي جي وچين صورت ۾ ڦري
ٿيو ’دگهه‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ٿيو ’ڊگھو‘.
٢- سنسڪرت ۾ ڪوبه ’ڪ‘ اکر ڪونهي، جنهن مطلب ’ته‘ ھجي جيڪو حرف
جملي جو ڪم ڏئي ٿو.
٣- ’ا‘ پڇاڙي رڳو سنڌيءَ ۾ آھي، جھڙوڪ: ھل، وڃ، کلڻ، روئڻ
وغيره.
٤- قديم اکرن جي اچارن کي سنڌي ٻولي جيئن جو تيئن قائم رکيو
آھي.
٥- سنڌيءَ ۾ قديم ’ڻ‘ آواز کي ’ڻ‘ ئي رھڻ ڏنو آھي. جڏھن ته ھندي
۽ ٻين ٻولين ’ڻ‘ کي ’ن‘ ۾ تبديل ڪيو آھي، جھڙوڪ:
سنڌي ٽوڙڻ، ھندي ’ٽوڙنا‘ سنسڪرت ’ستن‘ پراڪرت ’ٿڻ‘
ته سنڌيءَ ۾ به ’ٿڻ‘.
٦- اڪر ترڪ فعل (بنا فاعل فعل) سنڌيءَ ۾ آھي. مثال ’ڊوڙ جي ٿو
ته پگھر ٿئي ٿو‘.
٧- ٻٽو بلواسطھ به صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ آھي. ٻي ٻوليءَ ۾ اھو نه
ملندو. مثال ’خط لکاراءِ‘.
٨- سنڌيءَ ۾ متعدي فعل جون ٽي صورتون آھن.
٩- سنڌيءَ ۾ مجھول ۽ مستقبل پوري طرح ٺھن ٿا.
١٠- سنڌي ٻوليءَ جي ڪھڙي به لفظ جو پھريون توڙي پويون اکر ساڪن
ڪونهي، پر ھر ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ يا ته ڪو حرف
علت آھي يا ڪا اعراب آھي، اھو سنسڪرت ۾ به ڪونهي.
١١- مونث ۽ جمع جوڙڻ مھل وزن جو خيال رڳو سنڌي ٻولي ڪري ٿي.
مثال ’ڇوڪر‘ جو مونث ٿيو ’ڇوڪر‘.
١٢- ضميري پڇاڙيون رڳو سنڌي، سرائڪي ۽ ڪشميريءَ ۾ آھن.
١٣- آئيوٽا جي لحاظ کان سنڌي ٻولي ئي آھي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ مڙئي
آوازن جا اکر آھن. ’ب، چ، ڏ، ڳ‘ اکر صرف سنڌيءَ ۾
آھن. ’ڃ ۽ ڱ‘ جا اچار ته ھندستانيءَ ۾ به
ڪونهن.(١)
ليلي جي رچنا ’سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس‘ تي ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ
لکيو آھي.
ليلي جي اھا راءِ ته سنڌي ٻولي انهيءَ پراچين ٻوليءَ جي وارث
آھي، جيڪا سنڌو سڀيتا جي عروج ۾ ڳالھائي ويندي
ھئي. تاريخي دورن ۾ سميري، سامي ۽ ھند يورپي ٻولين
جي گروھن جون ڪجهه خصوصيتون پاڻ ۾ جذب ڪيون
آھن.... لساني شاؤنزم جي سحر ھيٺ ليلي ۽ سراج
دعويٰ ڪئي آھي ته سنڌي ٻولي ھند آريائي دور واري
سنسڪرت کان به آڳاٽي آھي ۽ سنڌيءَ مان ئي اتر
ھندستان جون سموريون ٻوليون نڪتيون آھن.
(٢) لڇمڻ خوبچنداڻيءَ ھن جي دعويٰ کي بهرحال ڪونه ٿو مڃي.
ليلي رچنداڻيءَ پنهنجو رايو چٽن لفظن ۾ بيان ڪيو آھي. ھو
’سنڌوءَ جي جھلڪ‘ ڪتاب ۾ لکي ٿو:
”سنڌي ته سنسڪرت کان به پراچين ٻولي آھي. پاڻن (پاڻني) کي
انهيءَ ٻوليءَ جو پتو ھو، جا ھن جي رھڻ ۽ ارد گرد
واري ايراضيءَ ۾ مروج ھئي. انهيءَ ٻوليءَ کي ’شد‘
ڪري ئي پاڻن ان کي سنسڪرت جو نالو ڏنو. پاڻن جو
وطن ’سپت سنڌو‘ ايراضيءَ اندر ھو، جو آريھ لوڪن جي
ان وقت جي مکيھ بيٺڪ يعني گنگا جمنا واري ايراضيءَ
کان گھڻو پري ھو. وي ايس اگروال جي راءِ موجب
’پاڻن کي سنڌو لوڪن جي پوري ڄاڻ ھئي‘ ته ڇا اھو
ممڪن نه آھي ته جنهن ٻوليءَ کي ھن شڌ ڪيو، سا سنڌي
ٻوليءَ جي ڪا نزديڪ ٻولي ھئي؟“(٣)
ليلي ھڪ سوال اھڙو اٿاريو آھي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي.
سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جو صحيح اندازو ليلي جي ھن
سوال جي جواب ۾ لڪل آھي. ليلو لکي ٿو:
”موھن جي دڙي جي سڀيتا عيسوي سن کان ٽي ھزار ورھيھ اڳ جي سڀيتا
ھئي. انهيءَ سڀيتا جا اڏيندڙ به ته ڪي شخص ئي
ھوندا؟ انهن کي به ته ڪا ٻولي ھوندي؟ اھي شخص سنڌ
جي سرزمين تي رھندڙ ھئا. انهن کي ’سنڌو‘ سڏيو ٿي
ويو ته ڇا انهن جي ٻوليءَ جو نالو ’سنڌي‘ نه
ھوندو؟“(٤)
ليلا رام رچنداڻيءَ جو ھڪ ڪتاب ١٩٨١ع ۾ ڇپيو، جنهن جو نالو ھو
’گلدستو‘. ھن ۾ ليلي جا ڏهه مضمون شامل آھن، جيڪي
مختلف موضوعن تي لکيل آھن. آخري مضمون ’شاهه جي
ٻولي‘ آھي، جنهن ۾ ھو ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”جيڪڏھن شاهه جي بيتن ۾ ڪن اکرن جو روپ ٿورو بدليل ھجي ته ائين
به سمجھجي ته اھو اکر ڪو ’ڀرشٽ‘ ڪيو ويو آھي. يا
شاهه جي وقت ۾ سنڌي ٻولي پنهنجي معيار تان ڪري چڪي
ھئي. مثال طور سر ڪاموڏ جو ھڪ بيت آھي:
ھيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ پرين مدام،
ڪوڙين ڪاڄ سڌام، اڻ سڌو ڪونه رھيو.
انهيءَ بيت ۾ ’جل‘ کي ’جر‘ ۽ ’ڪاريھ‘ کي ’ڪاڄ‘ (رلوپ ٿيل ۽ يھ
ڦري ڄ ٿيل) ڪيو ويو آھي. حقيقت ۾ پھرين ’ر‘ جو
اپيوگ ئي وڌيڪ ھو. اھڙي تصديق ويدڪ ٻوليءَ مان ملي
ٿي. ’جر ٿر‘ لفظ پھرين اچن ٿا ۽ پوءِ اھي ٿيا ’جل
ٿل‘. اھڙيءَ طرح شاهه اوائلي لفظ ئي ڪم آندا آھن ۽
ٻوليءَ جي اصليت تي روشني وڌي آھي.“(٥)
’گلدستو‘ نالي واري ڪتاب ۾ ليلي اوائلي سنڌين جي رھڻي ڪھڻي ۽
عجيب رسمن تي به روشني وڌي آھي. ’سدا سونهارا
سنڌي‘، سنڌي سور وير، نرتيھ ڪلا ھوجمالو، سنڌي
سنگيت ڪلا، سنڌي ڪافي، سنڌي دوھو، سنڌ جو جوڳي مت
جي عنوانن تحت مضمون لکيا اٿائين. ڪيترن ئي مناسب
ھنڌن تي شاهه جا بيت آندا اٿائين. تنهن ڪري به
ھيءُ ڪتاب نهايت ڳڻن ڀريو ۽ ڪارائتو ٿي پيو آھي.
ليلي رچنداڻيءَ جو ڪتاب ’سنڌي ساھت ۾ مذاق‘ ١٩٨٢ع ۾ ڇپيو. ھن
ڪتاب ۾ سنڌي ساھت ۾ مذاق جي موضوع تي منڍ کان
١٩٤٧ع تائين جو احوال موجود آھي. ڪتاب نهايت دلچسپ
۽ تحقيقي انداز ۾ لکيل آھي. وڏي جفاڪشيءَ سان لکيو
ويو آھي. ڪتاب ۾ ڏنل عنوان ھن ريت آھن: ساھت ۾
مذاق، مذاق جي شروعات، سنڌيءَ ۾ مذاقي ساھت، آڳاٽو
مذاقي ساھت جھونو مذاقي نثر، شاهه جي وقت مذاقي
ساھت، ميرن جي زماني ۾ مذاقي ساھت، ڳوٺن ۽ شھرن
لاءِ مذاقي بيت، جديد ساھت ۾ مذاق، انگريزن جي دور
۾ مذاق، سنڌي ساھت جا ستارا، ناٽڪن ۾ مذاق، مذاقي
سنڌي ڪھاڻيون. ورھاڱي کان اڳ جي مذاقي شاعري، لوڪ
ساھت ۾ مذاق وغيره. ھڪ ھنڌ ليلي لکيو آھي:
”شاهه جون ڪي سٽون جي ٽوڪ جي نموني چوڻيون ڪري، اڄ تائين به ڪم
پيون اچن، انهن مان ڪي ھي آھن:
١- اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي
٢- لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾
٣- لکيو منجهه للاٽ، قلم ڪياڙيءَ نا وھي.“(٦)
شھرن جي حوالي سان ليلي ڪجهه ڏاڍا مذاقي بيت گڏ ڪري ڪتاب ۾ ڏنا
آھن. مثلا:
١- روھڙي جي روه تي ننڍو وڏو ڊوه تي.
٢- سيوھاڻي چريا، ڀتر ڍوئن گھر ۾
٣- گڏهه ڏني ھينگ ته ڀريا ٿيا ڀينگ
٤- ٺٽ مٺياڻي، ھڪ بجي، دالي پوٽا دنگ کڻي
٥- ڪنڊياري ۾ ڪنڊ گھڻي، ننڍي وڏي جنگ گھڻي
٦- شرم ويو شڪارپور، لڄ ويئي لاڙڪاڻي
٧- حيا ويو حيدرآباد مان، ساڃهه موڪلايو ساھتيءَ مان
٨- لاڙ آھي ساڙ
٩- شڪارپوري نيت بري.“(٧)
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عظمت ۽ قدامت جي باري ۾ وڏي ھام ھڻڻ وارو
اديب ليلو رچنداڻي، سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ وارن
سٺن محققن مان ھڪ آھي. سندس لکڻين کي سنڌي ٻوليءَ
تي تحقيق ڪرڻ وارو ڪنهن طور به نظرانداز ڪري نٿو
سگھي، توڙي جو ليلي سان گھڻا محقق متفق نه به آھن
ته به سندس جاکوڙ ھرطرح سان جس لھڻي ٿي.
حوالا:
١- ليلو رچنداڻي، ’سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس‘، ١٩٦٢ع، صفحو
٩- ١٣
٢- Khubchandani, L.M. Current trends in Linguistics
٣- ليلو رچنداڻي، سنڌوءَ جي جھلڪ، ١٩٦٤ع، صفحو ٨٢
٤- ليلو رچنداڻي، حوالو ساڳيو، ڪتاب صفحو ٨١- ٨٢
٥- ليلو رچنداڻي، گلدستو، ١٩٨١ع، صفحو ١٤٨- ١٤٩
٦- ليلو رچنداڻي، سنڌي ساھت ۾ مذاق، ١٩٨٢ع، صفحو ٤٠
٧- ليلو رچنداڻي، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٥٦- ٦٠ |