سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 27

 

ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروھي

 

ڊاڪٽر داد محمد خادم بروھيءَ کي لساني جاگرافيءَ جو بهترين ماھر چئجي ته ان ۾ وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ڪيتري عرصي کان ھو سنڌ جي مختلف مخزنن ۾ سنڌي، براھوي ۽ بلوچي ٻولين جي محاورن لھجن، آراڌاين جي باري ۾ مضمون لکندو رھيو آھي. جيڪب آباد جھڙي دور دراز علائقي ۾ علم جو چراغ روشن ڪيو آھي. ھن سنڌيءَ جي مختلف محاورن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا جبل جھاڳيا آھن، ڪشالا ڪڍيا آھن، محاورن جي مطالعي جي شوق کيس پي ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. ھن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ١٩٩١ع ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي، جنهن لاءِ مقالو لکيائين، ’سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو‘. ڊاڪٽر داد محمد جون اھي ئي لساني جاگرافيءَ جون خدمتون سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۾ سندس سڃاڻپ بنجي ويون آھن.

داد محمد ٤ مارچ ١٩٤٠ع تي جيڪب آباد ۾ نيڪ محمد بروھيءَ جي گھر ڄائو. ابتدائي تعليم جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ حاصل ڪئي. نائين ڪلاس کان پي ايڇ. ڊيءَ تائين پرائيويٽ اميدوار طور امتحان پاس ڪندو رھيو. نثر توڙي نظم ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. اڄڪلهه صحافت سان به واسطو اٿس. جيڪب آباد ۽ ڳڙھي خيرو تعلقن جي جاگرافي ٻئي درجي جي نصاب لاءِ لکي اٿائين، جيڪب آباد جي مشھور ھارس اينڊ ڪيٽل شوي موقعي تي سال به سال شايع ٿيندڙ مخزن ۾ ادبي ۽ علمي معاونت ڪندو رھندو آھي. سنڌي اخبار ’کيرٿر‘ ۽ بروھي اخبار ’ايلم‘ جيڪا مستونگ مان نڪرندي آھي، انهن سان منسلڪ آھي.

داد محمد بروھيءَ کي پنجن ٻولين سنڌي، براھوي، سرائڪي، اردو پنجابيءَ تي مھارت حاصل آھي. سندس تحريرون  پنجن ئي ٻولين ۾ ڇپجنديون رھن ٿيون. داد محمد بروھيءَ جا چار مضمون خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي لھجن محاورن جي باري ۾ لکيا آھن. تن جو وچور ھن ريت آھي:

١- سبيءَ جي سنڌي ۽ سندس اھميت، ٽھ ماھي مھراڻ-٣، ١٩٨١ع

٢- اترادي سنڌي ۽ ان جا محاورا، نئين زندگي، ڊسمبر ١٩٧٨ع

٣- سنڌي ٻولي ۽ ان جا محاورا، فيبروري ١٩٨٨ع

٤- لاڙي محاورو ’ڪتاب‘ لاڙ جو مطالعو، ترتيب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ١٩٩١ع

ھنن مقالن پڙھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته داد محمد بروھيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جي اڀياس جو شوق جنون جي حد تائين آھي، سندس مقالن جو علمي حلقن ۾ ڪافي قدر ڪيو ويو آھي.

’سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو‘ ھن عنوان تي ڊاڪٽر داد محمد بروھي پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو لکيو آھي. ھن مقالي جا چار ڀاڱا آھن: پھريون زير مطالعھ ايراضيءَ جو تعارف سنڌ سان ناتا ۽ سنڌي قومون ۽ سندس رسم و رواج ٻئي ڀاڱي ۾ لساني جاگرافي محاورا ۽ ننڍا محاورا سنڌي ٻولي ۽ ان جي لساني جاگرافيءَ جا موضوع شامل آھن. ٽين ڀاڱي ۾ سبي علائقي جي سنڌي محاورن جغرالي ۽ فراڪيءَ جو صوتي ۽ نحوي جائزو ورتو ويو آھي. چوٿين ڀاڱي سبي خطي جي ادب، لوڪ ادب جو لساني جائزو ۽ سنڌي ادب سان تعلق جھڙا موضوع آھن. بروھي صاحب جو ھي مقالو ٥٩٢ صفحن تي مشتمل آھي. تمام گھڻي محنت مشقت جو نتيجو آھي. سنڌ ۾ سنڌ کان ٻاھرين علائقن جي سنڌي محاورن تي معلومات گڏ ڪري، ان جو جائزو پيش ڪيو ويو آھي ۽ ڊائيلڪسٽالاجيءَ جھڙي جديد موضوع تي لسانيات جي مقامي توڙي ٻاھرين عالمن جي ڪتاب جا حوالا ڏئي ھڪ ضخيم مقالو تيار ڪيو آھي.

بروھي صاحب محاورا ۽ ان جا ننڍا محاورا جھڙي موضوع تي ٻي ڀاڱي ۾ ھاڪيٽ جي حوالي سان لکيو آھي: فرانس، اٽلي، جرمني ۽ انگلينڊ جي ھر ڳوٺ يا ٻن ٽن ڳوٺن جي گروھن کي پنهنجو مقامي محاورو آھي. اھي حالت ۾ محاورن جي صحيح طور تعين ڪرڻ مشڪل نه بلڪ ناممڪن آھي، تنهن ڪري محاورن جي صحيح طرح شناخت ۽ تقسيم ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جي واضح فرقن ۽ علائقن جي واضع حدبندين کي ڪسوٽي بٽائي محاورا مقرر ڪرڻا پوندا، جنهن مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھي محاورو ھن علائقي ۾ ڳالھايو وڃي ٿو.(١)

لساني جاگرافيءَ جي جديد اصولن تحت ڪنهن خطي جي محاورن ۽ ننڍن محاورن جي کوج لڳائڻ جي سلسلي ۾ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ نئين سر ڪم ٿيو آھي. اڳوڻا مقرر ڪيل وڏا محاورا پنهنجون حدبنديون وڃائي ويٺا. اھڙي جاکوڙ واري ڪم جو ھڪ مثال اسان جي اڳيان آھي. سو آھي اڀرندي آمريڪيءَ جو تفصيلي لفظي ذخيرو وسيلي تيار ڪيل نقشي کان اڳ اتي ٽي مکيھ لھجا تصور ڪيا ويندا ھئا: (١) نيو انگلينڊ، (٢) ڏکڻ اوڀر آمريڪا، (٣) باقي بچيل سموري حصي کي مڊل آمريڪا اھا تقسيم صوتي ۽ صرف تفاوتن جي بنياد تي ٿيل ھئي، پر لفظن جي ذخيري سان تيار ٿيل نقشي مان ٽي مکيھ محاورا بلڪل مختلف انداز ۾ اڀري آيا، جن جا نالا رکيا ويا: (١) اتر، (٢) وچولو، (٣) ڏکڻ ساڳئي وقت ٻيا ارڙھن ننڍا لھجا پڻ معلوم ڪيا ويا.(٢)

داد محمد جي راءِ تي ڪافي نڪتا بحث جوڳا آھن، مثال طور: ماڇي محاورو اتراديءَ جو ننڍڙو محاور ٿي سگھي ٿو يا نه؟ جي نه ته ڇو؟ بلوچستان جي سبي علائقي ۾ به محاورا سنڌيءَ جا ٻڌايا ويا آھن. ١- جغدالي، ٢- فراڪي ٻنهي محاورن ۾ ڪافي مماثلت پڻ موجود آھي ته پوءِ اھي ٻئي محاورا ھڪ وڏي محاوري سبي يا سيوي وغيره جا ننڍا محاورا ڇونه ٿي سگھن ٿا؟ کيتراني محاورو سنڌي ٻوليءَ جو محاورو آھي يا مورڳو سرائڪي يا ھندڪو ٻوليءَ جو؟ جنهن کي گريئرسن به لھندا جو محاورو قرار ڏنو آھي. ڪھڙن بنيادن تي گريئرسن ان کي لھندا جو محاورو سڏيو آھي ۽ کيتراڻي کي سنڌيءَ جو محاورو قرار ڏيڻ لاءِ داد محمد وٽ ڪھڙا دليل آھن؟

ڊاڪٽر داد محمد خادم بروھيءَ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف محاورن ۾ نوان آواز پڻ جانچيا آھن، جن کي موجوده الف بي ۾ ڪابه جاءِ نه ڏني وئي آھي، سندس خيال ۾ اھڙا حرف ڪل ١٢ آھن.(٣)

سنڌي الف ب اڳ ۾ ئي ٥٢ اکرن تي مشتمل آھي، جنهن ۾ ڪن وسرگ آوازن کي ته شامل ڪيو ويو آھي، جھڙوڪ: ڦ، پ، ٿ، ڌ، ٺ، ڍ، چ، جهه، ک ۽ گ، پر، لهه، نهھ، ڻهه، مهه ۽ ڙهه کي الف بي ۾ نه رکيو ويو آھي.

منهنجي خيال ۾ وسرگ آوازن وارن حرفن کي الف بي جي پٽيءَ ۾ ئي نه ھئڻ گھرجي ۽ هه ملائي لکڻ گھرجي، جيئن دنيا جي ٻين ٻولين ۾ آھي، بين الاقوامي صوتياتي الف بي ۾ به Raised-h ڪم آندي ويندي آھي.

’هه‘ ملائڻ جو طلب (هه) آواز جو وسرگائيءَ سان ڪو تعلق ھرگز نه سمجھڻ گھرجي. وسرگائي ڏيکارڻ جي ھڪ ئي يڪسان uniform طريقو ھئڻ گھرجي. ’ر‘ گڏيل آواز ت، ڊ ۽ ڍ حرف به سنڌيءَ جي ڪن محاورن ۾ ملن ٿا. ساڳئي لفظن ۾ معياري ۽ لاڙي محاورن ۾ ’ر‘ آواز کان سواءِ ملن ٿا، تنهن ڪري ٽر، ٺر، ڍر آوازن وارن حرفن کي سنڌي الف بي ۾ شامل ڪرڻ مناسب ڪونه ٿيندو. ’ڙ‘ آواز به فارسي ٻوليءَ جو آھي. بروھي صاحب ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي لغت جي حوالي سان ازدھا ۽ مازندران لفظ ڄاڻايل آھن، پر مذڪوره لفظ به ته فارسيءَ جا دخيل لفظ آھن. ڌارين ٻولين جا ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ۾ Loan Words طور داخل ٿيا آھن. انهن ۾ ڪيترائي آواز اھڙا آھن، جيڪي سنڌيءَ جي صوتياتي سرشتي ۾ موجود نه آھن، تن کي سنڌي صوتياتي نظام موجب اچارڻو پوندو. مثلا سنسڪرت جو /ڪش / آواز سنڌيءَ ۾ /ڇ/ بڻجي ويو ’لڪشمن‘ بدلجي لڇمڻ ٿيو آھي، اھڙا ٻيا به ڪيترائي مثال آھن، تنهن ڪري /ر/ آواز سنڌي صوتياتي نظام ۾ شامل نه ھئڻ سبب الف بي ۾ شامل نه ڪرڻ گھرجي. دراصل سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪھڙا صوتيا (Phoneme) آھن. صوتياتي ڇيد ڪري (inimal pairs) جنهن کي ڊاڪٽر الياس عشقي قليمي جوڙا ڪي سڏي ٿو.(٤) انهن کي ڌيان ۾ رکي ڏسجي ته پوءِ اھڙن صوتين کي الف بي ۾ جاءِ ملندي آھي نه ھر آواز کي، جيڪي ڪنهن ڏورانهين محاوري ۾ موجود ھجن. آواز ۽ صوتئي ۾ تمام گھڻو فرق آھي. اھو فرق ئي ان ڳالهه جو بنياد بڻجي ٿو. ھڪ صوتئي جا ھڪ کان وڌيڪ آواز ته ٿي سگھن ٿا، جيڪي ھڪٻئي جي بدران ڪم اچي سگھن ٿا. ’صوتئي‘ کي پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب سھڻي نموني سمجھايو آھي ۽ صوتياتي ڇيد به چڱي طرح ڪري ڏيکاريو آھي. منهنجي راءِ ۾ موجوده الف بي ۾ سڌارو آڻڻ جي ضرورت جي پيش نظر ان ۾ ڪمي ته آڻي سگھجي ٿي، پر اضافو ڪرڻ سان سڌاري بجاءِ مونجھارا پيدا ٿيندا.

بهرحال داد محمد خادم بروھيءَ جون لساني جاگرافي ۾ ڪيل خدمتون قابل ستائش آھن.

 

حوالا:

١- داد محمد خادم بروھي، ’سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي مھاورن جو لساني جائزو‘، صفحو ١٨٢

2- Hocket, charles, A Course in Modern Linguistics, 1960, P-476

٣- داد محمد خادم بروھي، سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو، صفحو ٢٤٧

٤- الياس عشقي، مضمون ’شاهه جي شاعريءَ ۾ فن جي اپٽار‘، سھ ماھي مھراڻ-١-٢، ١٩٩٢ع، صفحو ٢٨٢

٥- علي نواز جتوئي ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘، ١٩٨٣ع، صفحو     ٧٥

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org