رايا ييگورووا
ٻولين جا ماھر دنيا جي سڀني ملڪن ۾ موجود آھن. عالمن ساري
ڌرتيءَ جي ٻوليءَ کي انسان ذات جو قيمتي سرمايو
تصور ڪيو آھي. تحقيق ۽ کوجنا ڪري نه رڳو ٻولين جي
باري ۾ نئين نئين معلومات مھيا ڪئي آھي، پر انسان
ذات جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن تي پڻ ٻولين جي اڀياس
ذريعي روشني وڌي آھي. انگريزن پنهنجي حاڪميت وارن
مفادن، ننڍي کنڊ جي ٻولين کي ورسائي، اڳتي آندو ته
جيئن سندن لاڳاپا رعيت سان بهتر کان بهتر رھندا
اچن. بهرحال ٻولين تي کوجنا سڌريل ملڪن جي ڪيترن
علمي مرڪزن ۾ ٿي رھي آھي. ماسڪو جي اڪيڊمي آف
سائنسز جي انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ ايشيائي
۽ آفريڪي ٻولين تي تحقيق ڪري، ڪتاب شايع ڪرڻ جي ھڪ
رٿا ١٩٥٩ع ۾ جوڙي وئي ھئي، جنهن تحت سنڌي ٻوليءَ
تي ھڪ جامع ڪتاب مس آر پي ييگورووا کي لکڻ لاءِ
چيو ويو. مس رايا ماسڪو ۾ رھندي، سنڌي سکڻ جي ڪوشش
ڪئي. سنڌ ڏانهن عالمن کي خطن ذريعي پنهنجا
مونجھارا ۽ مشڪلاتون لکي موڪليون ۽ سنڌ مان عالم
سٺي موٽ ڏيندا رھيا. اھڙيءَ طرح رايا وڏي محنت ۽
مشقت سان سنڌي ٻوليءَ نالي ڪتاب روسي ٻوليءَ ۾
لکيو، تنهن جو انگريزي ترجمو ١٩٧١ع ۾ ماسڪو ۾
ڇپيو. ترجمو ايڇ اي زيپان ڪيو آھي.
ييگورووا نه صرف مذڪوره ڪتاب لکيو، پر روسي ٻوليءَ ۾ ٻه ٽي ٻيا
مضمون سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ لکيا اٿائين. تن جو
احوال ھن ريت آھي:
(1) Form Passive, V Sindhi (Passive from in
Sindhi) Short informations of Inotiative of
peoples of Asia Moscow, 1964.
(2) Prononsinal endities of verb in Sindh. (in
passion) indo-Iranian philology, Moscow, 1964.
(3) Verbal system in Modern literacy sindhi (in
Russian) Disertation, Institute of peoples of
Asia, Moscow, 1966. (1)
مس رايا پير حسام الدين راشدي صاحب سان خط و ڪتابت ڪندي ھئي.
راشدي صاحب ١٩٦٤ع ۾ جڏھن روس جي دوري تي ويو ته
ساڻس ملاقاتون پڻ ٿيون. اھڙو احوال نئين زندگيءَ
جي اپريل ١٩٦٥ع واري پرچي ۾ ڏنل آھي. ڊاڪٽر غلام
علي الانا صاحب ڏانهن پڻ مس رايا خط لکيا ۽ سنڌي
گرامر جي ڪن نڪتن بابت کانئس ڪافي سوال ڪيا. الانا
صاحب مس رايا جي باري ۾ ھڪ ريڊيو ٽاڪ ۾ چيو ته:
”مس رايا سنڌي زبان چڱي طرح پڙھي ۽ لکي سگھندي آھي. ھن سان
ھيستائين خط و ڪتابت سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي وئي آھي.
ھن جو ڪمال انهيءَ ڳالهه ۾ آھي ته ھن ماسڪو ۾ ويٺي
ويٺي جارج اسٽئڪ ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جي گرامرن جي مدد
سان سنڌي زبان سکي آھي. مس رايا لاءِ ڏکيائي اھا
آھي ته ھوءَ ڪي ڪي نج سنڌي لفظ يا فعلن جا صيغا
صاف طرح سمجھي نه سگھندي آھي، ڇاڪاڻ ته ھوءَ ھڪ خط
۾ لکي ٿي، اھي لفظ سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ موجود نه آھن.
ھن کي جيڪي جملا ڏکيا لڳا آھن يا جن جملن جي ھن
وضاحت گھري آھي، انهن مان ڪي ھي آھن:
١- ھلندڙ گاڏيءَ ۾ ڊوڙندي در وٽ پير رکڻ، جيتري جڳهه ھٿ ڪرڻ
لاءِ ڪشمڪش ڪريان ٿو.
٢- پنهنجي مھمانوازيءَ ۾ مجال جو ڪسر رھڻ ڏي.
٣- ھڪ ھٿ دروازي مٿان لڳل تختيءَ ۾ جڪڙيل آھي.
مس رايا طرفان موڪليل اھڙا مسئلا ڏاڍا دلچسپ آھن، جن جو حل ٽرمپ
يا اسٽئڪ جي وياڪرڻ ۾ موجود نه آھي. مس رايا گھڻي
چاهه سان جديد علم جي روشنيءَ ۾ سنڌي زبان تي
تحقيق ڪري رھي آھي. سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ اھا ھڪ
خوشيءَ جي ڳالهه چئبي.“(٢)
سنڌي ٻوليءَ لاءِ رايا ييگورووا لکيو آھي ته، ”ھند جي ٻولين جي
اترين اولاھين گروهه ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ھڪ نمايان
مقام حاصل آھي.“(٣) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي باري
۾ رايا جو خيال آھي ته تمام آڳاٽي زماني جي ادبي
دستاويزن جي غيرموجودگيءَ باعث قديم سنڌ جي ٻولي ۽
ادب جي مڪمل تاريخ کي جوڙي نه ٿو سگھجي، ڇوته اھڙي
معلومات بيحد ٿورڙي ملي سگھي آھي. قديم شھر موھن
جي دڙي جي کوٽائيءَ سان ظاھر ٿيو آھي ته سنڌ ھڪ
اوائلي ھندستاني تهذيب ۽ تمدن وارو خطو ھئي. سنڌين
کي ان دراوڙي نسل مان سمجھيو ويندو آھي، جنهن سنڌ
۾ قديم تهذيب جو بنياد وڌو، جيڪي بعد ۾ ھندستان جي
ڏاکڻي علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا. بعد ۾ آريائي
قبيلا سنڌو ماٿر ۾ آيا. ملڪ جي آباديءَ ۾ اڳ ئي
رائج ٻوليءَ جي اوسر تي آريائي اثرات پوندا
رھيا.(٤)
سنڌي سرن لاءِ رايا لکي ٿي ته سنڌيءَ ۾ اٺ سر آھن:
ا- آ، اِ- اي، ا- او
جڏھن ته ٻه ٻپدا سر
Dipthongs
چوي ٿي:
او ۽ اي
بهرحال سنڌي سرن جي باري ۾ رايا کي سٺي معلومات آھي ۽ وينجنن
واري حصي ۾ چوسڻن آوازن لاءِ لکي ٿي ته چوسڻا آواز
اھي آھن.
/
ٻ، ڄ، ڏ، ڳ (ترتيب وار ھجڻ
گھرجن/
ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ) چوسڻن آوازن جي
ادائگيءَ جي باري ۾ رايا لکيو آھي ته آواز کوپي ۾
گڏ ٿيل ھوا مڪمل بند ھجڻ بعد پچڪاريءَ جيان ٻاھر
نڪري ٿي.
رايا وڌيڪ لکي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ جي
/ٽ،
ڊ ۽ ڍ آوازن کي ڪڏھن ڪڏھن ٽر، ڊر ۽ ڍر اچاريو
ويندو آھي. حالانڪھ لکڻ وقت رکي لکيو نه ويندو
آھي. سنڌي ٻوليءَ جي ھيءَ خاصيت قديم ھندستاني
اھڃاڻ آھي.(٥)
رايا ييگورووا جي ھن ڪتاب تي ڪوبه جامع تبصرو يا تنقيد منهنجي
نظر مان نه گذريو آھي. ڪتاب ۾ ڏنل ڪيترائي نڪتا
بحث جوڳا آھن. بهرحال رايا جي ڪيل محنت ڏاڍي عمده
آھي.
رايا تفصيل سان سنڌي ٻوليءَ جي صرف، نحو، عدد، جنس حالت، صفتون
توڙي فعلن تي خوب لکيو آھي. آخر ۾ مرڪب ۽ پيچيده
Compound and complex
جملن جو احوال به گھڻي تفصيل
سان ڏنل آھي.
ماسڪو ۾ ويھي، سنڌي ٻوليءَ تي لکيل ھيءُ ڪتاب سنڌ وارن لاءِ سچ
ته ھڪڙي سڪ وندي سوکڙي آھي. رايا ييگورووا سنڌي
ٻوليءَ کي روس ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ روشناس ڪرايو
آھي، اھا خدمت بيحد تحسين لائق آھي.
حوالا:
1- Khubchandani, Lachman, Current trends in
linguistics- sindhi, P-223.
٢- ڊاڪٽر غلام علي الانا، ريڊيو ٽاڪ سلسلو ڏيھي
ادب پرڏيھي اديب (مسودو سنڌالاجيءَ ۾ موجود آھي).
3- yegorova R. P. the sindhi Language P-14
4- Third P-15
5- Ibid, P-24
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
ڊاڪٽر مرليڌر ڪشنچند جيٽلي سنڌي ٻوليءَ جو اديب ۽ محقق آھي.
سندس ناماچار نه صرف ھند جي علمي ادبي حلقن ۾ آھي،
پر سنڌ جي علمي ادبي دنيا ۾ به سندس نالو روشن
آھي. جيٽلي موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق
ڪندڙ انهن چند اسڪالرن مان ھڪ آھي، جن لسانيات جي
موضوع تي مخصوص تربيت حاصل ڪئي آھي. ھو صاحب نه
صرف ھندي، سنسڪرت ۾ ايم. اي ڪيل آھي، پر لسانيات ۾
پي. ايڇ ڊي آھي، جيڪا ڊگري ھن پونا يونيورسٽيءَ
مان ١٩٦٥ع ۾ حاصل ڪئي. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان
ھو، ’سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي بناوت‘. جيٽلي صاحب
دھلي يونيورسٽيءَ جي لسانيات جي شعبي ۾ سنڌي سيڪشن
جو سربراهه پڻ رھيو آھي.
مرليڌر جيٽليءَ جو جنم ٧ نومبر ١٩٣٠ع تي ٿيو، سندس والد صاحب
پنڊت ڪشنچند جيٽلي ھڪ وڏو ودوان، اسڪالر، ٻوليءَ
جو ماھر ۽ مشھور ليکڪ آھي. سندس ڪيتريون ئي
تحريرون منظرعام تي اچي چڪيون آھن. سندس ٻه ڪتاب
ته خاص طور تعريف لائق آھن: ھڪڙو، ’سنڌي لپيءَ جي
نشانين جي حياتي‘ ۽ ٻيو ڪتاب ھندي ۾ لکيل آھي،
’سنڌي ڀاشا ڪاسمڪ شپت پريچيھ‘، جيڪو ١٩٥٨ع ڌاري
ڇپيو. ان ڪتاب کي شري جيرامداس، دولترام ۽ ننڍي
کنڊ جي معروف ماھر لسانيات سنيتي ڪمار چيٽرجي پڻ
تمام گھڻو ساراھيو آھي.
مرليڌر جيٽليءَ جي تحقيقي ڪم جو وچور ڪجهه ھن طرح آھي:
١- سنڌي ساھتيھ جو اتهاس: اٺين صدي عيسويءَ کان وٺي ١٩٧٠ع
تائين، سنڌي ساھتيھ جو وڪاس.
٢- ’لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي‘، سندس جيون چرتر ۽ رچنائون.
٣- ھوتچند مولچند گربخشاڻي، سندس جيون چرتر ۽ رچنائون، موتي
لالا جوتواڻيءَ سان گڏ ايڊٽ ڪيل.
٤- اتهاسڪ آکاڻيون: ھنديءَ مان ترجمو ڪيل.
٥- ميگھدوت: ڪاليداس جي مشھور سنسڪرت شاعريءَ جي سمجھاڻي.
٦- اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪھاڻيون: جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر
١٨٤٩ع ۾ ڇپيل سنڌي لوڪ ڪھاڻين جو تنقيدي جائزو.
٧- سنڌي پھاڪا: ڀارتيھ ڪھاوت ڪوش ايڊيٽر وسناٿ دنڪسر نرواڻيءَ
جي ڊڪشنريءَ ۾ پندرھن سؤ کن چونڊ سنڌي پھاڪا،
انگريزيءَ ۽ ھنديءَ ۾ ترجمي سان گڏ.
٨- سنڌي وياڪرڻ: ٽن ڀاڱن ۾ سترامداس سائل ۽ پرسي گدواڻيءَ سان
گڏ لکيل، گجرات سرڪار جو ڇپايل.
٩- ھندستاني فار دي ٽئرسٽ: انگريزيءَ ۾.
١٠- ڀارتيھ ساھتيھ ڪوش: پروفيسر نگيندر جي ڊڪشنريءَ ۾ چونڊ سنڌي
لکيڪن ۽ ڪتابن جي ھنديءَ ۾ ڏنل واقفيت.
١١- ينستر مانو: ’مشيني ماڻھو‘ ڪتاب جو ھنديءَ ۾ ترجمو
١٢- مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيل سؤ کن تحقيقي مضمون
سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ ارتقا جي مختلف مرحلن جي باري ۾ جيٽلي
صاحب جو رايو آھي ته:
”ھاڻوڪيون جيڪي آريائي ٻوليون آھن، سي سنسڪرت مان نڪتل آھن.
ائين چوڻ نه گھرجي، پر حقيقت اھا آھي، جيڪو مون
اڀياس ڪيو آھي يا ٻيا جيڪي عام، ڀاشا وگياني يا
لسانيات جا ماھر آھن. چٽر جي، بابو رام سڪسينا،
سديشورما، انهن جو خيال آھي ته ھاڻوڪيون آريائي
ٻوليون سنسڪرت مان نڪتل نه آھن، پر انهن جي
سمجھاڻي ھن طرح ڏني آھي ته اسان جي ڀارت ۾ پراڻن
ويدن واري زماني ۾ جيڪي جدا جدا آريائي ٻوليون
ڳالھايون وينديون ھيون، انهن مان جيڪي سنڌ ۽ پنجاب
واريون آريائي ٻوليون ھيون، انهن مان ڪابه ٻولي،
جنهن جو وڪاس ٿيو، ڊولپمينٽ ٿي، ان اسٽينڊرڊ
لئنگويج جو روپ اختيار ڪيو، اھا ھئي ويدن جي
سنسڪرت. پوءِ انهيءَ سنسڪرت ۾ اڳتي ھلي ڦيرو آيو،
جنهن کي ڪلاسيڪل سنسڪرت چئجي ٿو، جيڪا رامائڻ ۽
مھاڀارت، اتر ڀارت جي مکيھ ٻولي ۽ لٽرري ٻولي ھئي.
ھاڻ اسان ان حساب سان چئون ته سنڌي ٻولي سڌوسنئون
سنسڪرت مان نڪتل نه آھي، پر اھا سنڌ علائقي ۾ جيڪا
اوائلي پراڪرت ڳالھائي ويندي ھئي، جنهن مان ڪا
ٻولي ڊيولپ ٿي، جيڪا سنسڪرت يا ويدڪ سنسڪرت ٻولي
بڻي ته اسان کي مڃڻو پوندو ته ھاڻوڪي سنڌي ٻولي ان
مان نڪتل آھي. ھاڻ اسان اھا ڳالهه ھن طرح سمجھائي
سگھون ٿا ته اھا موجوده آريائي زبان آھي. اسين
ڀيٽي ڏسون ته ٻين آريائي ٻولين جھڙي آھي، سنڌي
بيسڪ وڪئبلري
Vocabulary
کڻو، ان مان بدن جي عضون جا
نالا ڳڻپ جا نالا، ھڪ ٻه ٽي چار، رشتن جا نالا ۽
ٻيا فعل ته اھي بنيادي شبد آھن، الفاظ آھن، جيڪي
ھڪ ڪور نيوڪلس ٺاھين ٿا، اھي شبد جيڪڏھن ڀيٽيون ته
اھي سڀئي آريائي ٻولين، ھندي، بنگالي، مراٺي،
گجراتي، آسامي، پنجابي انهن سان ملي اچن ٿا، جي
فونو ٽيڪٽڪس
Phontactics
ٿين ٿيون. مثلا: سنسڪرت ۾
’ھنسته‘ آھي، سو ھنديءَ ۾ ’ھاٿ‘ ٿي ويو ۽ سنڌيءَ ۾
ھٿ ٿي ويو ۽ پنجابيءَ ۾ ’ھاٿ‘ ڪوٺجي ٿو. ساڳيءَ
طرح سنسڪرت ۾ ’آنگ‘ پنجابي ۾ ’اک‘ ته سنڌيءَ ۾
’اک‘ آھي. اھڙي نموني سان اھي فارمولا سمجھائي
سگھون ٿا، ڪھڙي نموني ٻوليءَ جي تبديلي ٿي آھي.
مثلا: ھن وقت سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آھي ته، ’ٻارھين
ڪوھين ٻولي ٻي‘. ھن وقت سنڌ ۾ جدا جدا ٻوليون
(لھجا يا محاورا) ڳالھائجن ٿيون. پندرھين ويھين
ڪوھين تي لھجي ۾ فرق اچي وڃي ٿو. انهن مان لاڙي،
ڪڇي، لاسي، سرائڪي، ڍاٽڪي، ساھتي پرڳڻي ۽ حيدرآباد
جي جيڪا ٻولي آھي، سا آھستي آھستي ڊيولپ ٿي ھڪڙو
فارم اختيار ڪيو. گذريل صديءَ ۾ انهيءَ ٻوليءَ کي
واھپي ۾ آندو ويو ڇاڪاڻ جو ننديرام سيوھاڻي،
ڪوڙومل، اڌارام ٿانورداس، جيڪي به درسي ڪتاب
ٺاھيندڙ ھئا، سي گھڻو ڪري ساھتي پرڳڻي جا ھئا. سنڌ
۾ جيڪي ٻوليون (لھجا) ڳالھايون وڃن ٿيون. انهن مان
’وچولي ٻولي‘ ادبي ٻولي ٿي اڀري آئي.(١)
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ جا ڪجهه مضمون سنڌ ۾ ڇپيا آھن، تن ۾ به
اڪثريت انهن تحقيقي مضمونن جي آھي، جيڪي سنڌي
ٻوليءَ جي باري ۾ تحرير ڪيل آھن. وچور ھن طرح آھي:
١- سنڌيءَ ۾ نام
(Noun)
جي گرداني بناوٽ، مھراڻ-٢،
١٩٦٨ع
٢- سنڌيءَ ۾ فعل ٿڙن
(Verb stem) جي بناوٽ، مھراڻ-٢، ١٩٧٩ع
٣- سامي ۽ سندس سلوڪن جا ڇاپا، نئين زندگي، اپريل ١٩٨٨ع
٤- شاهه جي رسالي ۾ ’ڪيڪاڻ‘ لفظ جي پڙھڻي ۽ معنيٰ، مھراڻ-١،
١٩٨٩ع
٥- ’شاهه، سچل ۽ سامي‘، ڀارتي ڀڳتي ڪاويھ ڌارا جي سلسلي، سھڻي،
١٩٩١ع
٦- سنڌي لفظن جي اوسر، ماھوار پيغام، مئي، جون ١٩٩٢ع
مرليڌر جيٽليءَ جي خيال ۾ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ جيڪي آريائي ٻوليون
ڳالھايون وڃن ٿيون، تن ۾ سنڌيءَ کي مکيھ درجو حاصل
آھي. ڀاشائي بيھڪ جي خيال کان منجھس ڪجهه اھڙيون
خاصيتون آھن، جيڪي ٻين ڪيترين ئي ڀارتيھ آريا
ٻولين ۾ نه ٿيون ملن.(٢) ڊاڪٽر ستيش ڪمار روھڙا جي
ڪتاب ’سنڌالاجي‘ ۾ شامل ٿيل جيٽلي صاحب پنهنجي
مضمون ۾ اھڙين گھڻن ئي خاصيتن جو تفصيل سان ذڪر
ڪيو آھي. خاص طور تي سنسڪرت جا مثال ڏئي، ٻڌايو
اٿس ته سنڌي سنسڪرت ۾ پراڪرتي ٻولين کي ڪافي ويجھو
آھي.
جيٽلي صاحب جا ٻه مضمون ’سنڌيءَ ۾ نام جي گرداني بناوٽ‘ ۽
’سنڌيءَ ۾ فعل ٿڙن جي بناوٽ‘، ٽماھي مھراڻ ۾ ڇپيا
آھن. ٻئي مضمون نهايت تفصيل سان لکيل آھن. وڏي
جاکوڙ سان عمده تحقيق ڪيل آھي. ’نام‘ لفظن جي ان
ڪلاس کي سڏيو اٿس، جن ۾ اسم، ضمير ۽ ڦرندڙ شماري
انگ اچي وڃن ٿا، ڦيري يا گردان جي نقطھ نظر کان
سنڌيءَ ۾ ٻن قسمن جا لفظ ڄاڻايا اٿس: (١) ڦرندڙ
مثال طور: ڇوڪرو، پنج، مان، سٺو، لکيو، لکندو. (٢)
اڻ ڦرندڙ مثلا: نه، ھا، يا اڄ، خوش، صفا، وڌيڪ،
اڙي، ڦرندڙ، لفظ ٻن قسمن ۾ ورھائجن ٿا. نام
(Noun)
۽ فعل
(verb) حالت
(Case)
۾ ڦرندڙ لفظن کي ’نام‘ سڏجي ٿو ۽ ضمير
(Peron)
۾ ڦرندڙ لفظن کي ’فعل‘ سڏجي ٿو.(٣)
سنڌي فعلن لاءِ لکي ٿو ته، سنڌي فعلن جي بناوٽ ٻين انڊو آريائي
ٻولين ۾ فعلن جي بناوٽ کان وڌيڪ پيچيده آھي.
مذڪوره مضمون ۾ فعل ٿڙن
erm stem
جي بناوٽ جو تشريحي مطالعو
جديد لسانيات جي اصولن پٽاندر ڪيو ويو آھي. ھي ٻئي
مضمون جيٽلي صاحب جي سنڌي ٻوليءَ تي ماھرانا دسترس
جو چٽو ثبوت آھن. سندس قرب وارو پورھئو، بلاشڪ داد
لھڻي.
سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ جو ھڪ
ڪتاب ’اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪھاڻيون‘ تازو ئي
دھليءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو آھي. ڪتاب جي اھميت جي
مدنظر سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد پاران ١٩٩٠ع ۾ ھن
ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن سنڌ ۾ پڻ ڇپايو ويو آھي. ڪتاب
۾ اھي پنج لوڪ ڪھاڻيون ڏنيون ويون آھن، جيڪي ڪيپٽن
جارج اسٽئڪ پنهنجي ڪتاب، ’اي گرامر آف سنڌي
لئنگويج‘ جي آخر ۾ ڏنيون آھن. ھي ڪتاب ١٨٤٩ع ۾
ڇپيو ھو. ڪتاب ۾ ڏنل لوڪ ڪھاڻيون پھريون سنڌي لوڪ
ڪھاڻيون آھن، جيڪي ڇاپي جي صورت ۾ سڀ کان اڳ ۾
ظاھر ٿيون، جيڪي اصل ۾ ديوناگري رسم الخط ۾ ڏنل
ھيون. سنڌي ادب جي عالمن ۽ تاريخدانن کي اسٽئڪ جو
گرامر ھٿ نه اچڻ سبب غلط ۽ اڻپورا بيان ڏنا آھن،
جن جي درستگي جيٽلي صاحب ھيءُ ڪتاب لکي ڪئي آھي.
مذڪوره پنجن ڪھاڻين مان ھڪڙي ڪھاڻي يعني راءِ ڏياچ
جي ڪھاڻي اسٽئڪ جي گرامر تان کڻي اڌارام ٿانورداس
ميرچنداڻي ١٨٦١ع ۾ ڇپرائي ھئي. ڀل سببان تاريخ
نويسن ائين سمجھيو ته ھيءُ ڪھاڻي اڌارام ئي ڪيپٽن
اسٽئڪ کي لکي ڏني ھئي. مرليڌر جيٽليءَ جي تحقيق
موجب جارج اسٽئڪ ٤٩- ١٨٤٨ع ۾ جڏھن پنهنجو گرامر
لکي تيار ڪيو، ان وقت اڌارام جي عمر تيرھن، چوڏھن
ورھيھ مس ھئي. اڌارام ٻيون ڏهه ڪھاڻيون گڏ ڪري،
١٨٦١ع ۾ ڇپايو ھيون. انهن ۾ اسٽئڪ جي گرامر واري
ڏاھرين جي ڪھاڻي به شامل ڪئي، تنهنجو مطلب ته
اڌارام وٽ اسٽئڪ جو گرامر موجود ھيو.(٤)
ھن ڪتاب ۾ جيٽلي صاحب جارج اسٽئڪ جي باري ۾ معلومات ڏيڻ سان
گڏوگڏ سندس گرامر ۽ ٻين رچنائن جي باري ۾ معلومات
ڏني آھي. ان کان علاوه ١٨٤٣ع کان ١٨٥٣ع تائين،
سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ رسم الخط مقرر ڪرڻ ۽ اٿاريل
مسئلن تي پڻ روشني وڌي آھي.
جيٽليءَ جي تحقيق موجب اسٽئڪ جي نظر ۾ سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ الڳ
الڳ لکاوٽ جا نمونا ھئا. انهن مان ڪنهن به لکاوٽ
کي سڌاري سنڌي لکڻ لاءِ ڪوبه مقرر سرشتو تيار نه
ڪيو ويو ھو، ان حالت ۾ جارج اسٽئڪ لاءِ مکيھ سوال
اھو پيدا ٿيو ته ھو سنڌي گرامر ۽ ڊڪشنريءَ ۾ سنڌي
ٻولي لکڻ لاءِ ڪھڙو رسم الخط اختيار ڪري، آخر گھڻي
ڳڻ ڳوت بعد ھن پنهنجن ڪتابن ۾ ديوناگري اکرن ۾
گھربل تبديليون ڪري، انهن کي سنڌي لکڻ لاءِ
استعمال ڪيو. انهيءَ فيصلي جا مکيھ سبب جارج اسٽئڪ
اھي ڄاڻايا آھن ته:
”سنڌي آريائي نسل جي ٻولي آھي، جنهن لاءِ اھا لکاوٽ وڌيڪ موزون
آھي.
ٻيو ته ھندستان ۽ سنڌ ۾ جيڪي به يورپي عملدار سرڪاري عھدن تي
آھن، اھي گھڻو ڪري ديوناگري اکر اڳي ئي ڄاڻائن ٿا،
جيئن ته انهن ڪتابن تيار ڪرڻ جو مکيھ مقصد يورپي
آفيسرن کي سنڌي سيکارڻ آھي، انهيءَ ڪري ديوناگريءَ
۾ سنڌي لکڻ ڪري، کين ٻولي سکڻ ۾ سھولت ٿيندي.“(٥)
ڊاڪٽر مرليڌر ھن ڪتاب ۾ اسٽئڪ جي گرامر واريون پنج ئي ڪھاڻيون
سنڌي رسم الخط ۾ جيئن جو تيئن سواءِ ٿورن لفظن جي
درستيءَ جي ڏنيون آھن. پنج ڪھاڻيون ھن ريت آھن:
١- ٻن زالن جو ٻارن تان جھڳڙو ڪرڻ ۽ قاضيءَ جو فيصلو ڪرڻ
٢- ٻي ڪھاڻي ٻن شخصن جي آھي، جيڪي ھڪ ٻڍيءَ وٽ ناڻو ڌراوت رکي
وڃن ٿا ۽ پوءِ اچي ساڻس جھڳڙو ڪن ٿا. نيٺ قاضي
انهن جو فيصلو ڪري ٿو.
٣- ٽين ڪھاڻي انهن ڏاھرين جي آھي، جيڪي واڻين جي دڪان تي ڀڳڙا
وٺڻ وقت دڪان جي منيءَ ۾ ڦاٿل ڇوڪري کي ڇڏائڻ جو
صحيح طريقو نٿا سوچي سگھن.
٤- چوٿين ڪھاڻي شھزادي امل ماڻڪ ۽ حسين پريءَ جي آھي.
٥- پنجين راءِ ڏياچ جي لوڪ ڪھاڻي آھي، انهيءَ ۾ نثر سان گڏ آخر
۾ نظم به آھي.
جيٽلي صاحب لوڪ ڪھاڻين جي لفظ جي ڀنڊار وياڪرڻ جي جھونن روپن،
جملن جي بيھڪ ۽ ڪھاڻين جي عبارت تي پڻ ڀرپور روشني
وڌي آھي. آخر ۾ ڪھاڻين ۾ آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ
ٻڌائي آھي، لفظن جي اصليت پڻ ٻڌائي آھي ته، لفظ
سنسڪرت، پراڪرت يا فارسيءَ جا آھن.
اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪھاڻيون ڪتاب جيٽلي صاحب جي ھڪ بهترين
تحقيقي ڪاوش آھي، جنهن مان بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته
جيٽلي صاحب ھڪ اعليٰ درجي جو محقق ليکڪ ۽ دانشور
آھي.
مرليڌر جيٽلي سترامداس سائل ۽ ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ سان گڏ سنڌي
وياڪرڻ (٣ حصا) لکيو آھي، جيڪو گجرات راجيا شالا
پائيھ پستڪ منڊل گانڌي نگر پاران ڇپيو ويو آھي.
مونکي ٻه حصا درجو اٺون ۽ درجو نائون پڙھڻ جو
موقعو مليو آھي. ھي وياڪرڻ تمام ڪارائتو آھي.
شاگردن لاءِ ته بيحد اھم آھي. جديد انداز ۾ لکيل
آھي، شروع ۾ ٻوليءَ جي باري ۾ پڻ سٺي ڄاڻ ڏني وئي
آھي. ٻوليءَ جي وصف ھنن اکرن ۾ ڪيل آھي:
”ٻولي اچاريل ۽ سماج جي رواج موجب اختيار ڪيل آوازن جو ھڪ اھڙو
مقرر سرشتو آھي، جنهن جي ذريعي ساڳئي ٻولي
ڳالھائيندڙ ماڻھو ھڪ ٻئي سان وھنوار ڪن ٿا.“(٦)
ھندستان ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن کي پڙھڻ سان لڳندو آھي ته ھنديءَ جي
اوپرن لفظن جي ٽنب ڪيل ھوندي آھي، پر ھن وياڪرڻ جي
ھڪ خوبي ھيءَ به آھي ته مثالن ڏيڻ وقت نه صرف نج
سنڌي لفظن جا مثال ڏنا آھن، پر ان سان گڏ مروج
ھندي ۽ سنسڪرت لفظ ته آھن ئي، پر فارسي ۽ عربيءَ
جا سليس لفظ جيڪي مڪمل طور سنڌيءَ ۾ ضم ٿي چڪا
آھن، اھي به ڏنا ويا آھن. اھڙو مثال وياڪرڻ درجو ٨
جي صفحي ١٠٣ تي ملي ٿو.
ناستڪ، انڊلٺ، ڪسرت شالا، وديا رٿي، لوڪ پريھ ديش دروھي، لفظن
لفظن سان گڏ حليم، مسافرخانو، قبرستان ۽ امانت
جھڙا لفظ به ڏنل آھن. سنڌي وياڪرڻ درجو ٩ ۾ البت
سنڌي واري حصي ۾ ڏنل سمورا مثال ڏکيا ۽ ھندي ۽
سنسڪرت اصليت وارا ڏنل آھن، سي ھي آھن: ويدانت،
ستياگره، وديارٿي، ھريڇا، پريڪشا، جوڳندر، ستيش،
گروپديش، نريندر، پرميشور، مھيندر، مھيش،
پروپڪسار، مھوتسو، اتيارچار، سواگت، ٿي سگھي ٿو ته
ڀارت ۾ رھندڙ سنڌين لاءِ ھينئر اوپرا بڻجي ويا
آھن. ھيءُ عمل غالبا، سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ۽ ويجهه
جي ٻن مختلف رخن جي نشاندھي ڪري ٿو، ھڪ رخ سنڌ جي
سنڌي ٻولي. ٻيو رخ ھند جي سنڌي ٻولي. جن جي وچ ۾
وقت جي وھڪري سان اوپرائپ ۽ اجنبيت آھستي آھستي
وڌندي پئي وڃي، جيڪو شايد سنڌي ٻوليءَ جو الميو
ھجي.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ جون سموريون تحريرون ھٿ ڪرڻ ھڪ بيحد ڏکيو
ڪم آھي، ڇوته اھي گھڻي ڀاڱي ھند ۾ ڇپيون آھن. سندس
لکيل ڪتاب ۽ مضمون، جيڪي به ھٿ اچي سگھيا آھن، تن
کي سامھون رکندي ھڪ ڳالهه ھيءَ به ظاھر ٿئي ٿي ته
جيٽلي صاحب ھڪ بهترين سوانح نگار آھي. ساھتيھ
اڪيڊميءَ پاران ڇپيل ’لالچند امر ڏنومل‘، ڪتاب ۾
لالچند جي زندگيءَ جو مڪمل احوال ۽ سندس ڇپيل توڻي
اڻ ڇپيل رچنائن جو بيان ڪيو اٿس. ڪتاب لکڻ لاءِ
ڪيڏا ڪشالا ڪيا اٿس، ان لاءِ لکي ٿو ته:
”جيڪي رچنائون شريمتي ديوي (لالچند جي نياڻيءَ) وٽ موجود ھيون،
سي به گھڻي خوشيءَ سان ڏنائين، پر قسمت ۾ اڃان ڪاڻ
ھيم، لالچند جون باقي رچنائون ملن ئي نه، نيٺ ھڻي
ڌڻي ڪا ڪٿان ته ڪا ڪٿا جھرڪيءَ جيڪان ڪک پڻ گڏ ڪري
ھيءُ آکيرو اڏيو اٿم.“(٧)
سوانح نگاريءَ جي حوالي سان جيٽلي صاحب جي ھڪ تحرير ١٩٩٠ع ۾ ڇپي
آھي، ’شاهه جون آکاڻيون‘. ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ
جي ڪتاب ۾ ٽئي ڀاڱا شامل ڪيل آھن. ڪتاب جي شروع ۾
٦٨ صفحن تي مشتمل ڄيٺمل جي حياتي ۽ رچنائن جو
احوال ڏنل آھي، جيڪو مرليڌر جي محنتن جو ثمر آھي.
گربخشاڻيءَ جي رسالي تي ڄيٺمل پاران ٿيل تنقيد جو
احوال به خوب ڏنو اٿائين. ڄيٺمل جي سموري زندگيءَ
کي چند صفحن تي اختصار جي صورت ۾ پڻ پيش ڪيو اٿس.
ڊاڪٽر مرليڌر جي ٻولي نهايت سليس، سھڻي ۽ وڻندڙ آھي. ھن کي سنڌي
ٻوليءَ تي دسترس حاصل آھي. سنڌيءَ جا نج لفظ عربي
۽ فارسيءَ جا سھڻا ۽ سلوڻا لفظ جيڪي سنڌيءَ ۾ رائج
ٿي چڪا آھن، تن کي بخوبي استعمال ڪري ٿو، سندس
تحرير جو ھڪ نمونو پيش ڪجي ٿو.
سنڌ جي ڌرتي صدين کان وٺي صوفي درويشن جي ڌرتي رھي آھي. انهيءَ
ڪري ئي ھندن خواهه مسلمانن ۾ مذھبي ڪٽرپڻو گھٽ ھو.
ٻين مذھبن جي اصولن کي سمجھڻ جو ھنن ۾ گھڻو شوق
ھو، انهيءَ ڪري سنڌين جو نظريو وسيع ۽ سھن شيل
رھيو آھي. ڪيترائي سنڌي ھندو، مسلمانن جي پيرن ۽
درويشن جا اڃان به مريد آھن.(٨)
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ھڪ بلند پايي جو محقق آھي، سندس کوجنا مڪمل
صورت ۾ سامھون ايندي آھي، ھو يڪسوئيءَ سان لکندو
رھي ٿو، سندس تحقيقي معيار کي سنڌ جي عالمن ۾ قدر
جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر مرليڌر ١٩٨٦ع ۾ سنڌ ۾ آيو ھو ته ساڻس ملاقات به نصيب ٿي
ھيم. خان محمد پنهور صاحب جي جاءِ تي گڏجي ماني
کائڻ جو موقعو به مليو. معلوم ٿيو ته جيٽلي صاحب
ويشنو آھي، صرف ڀاڄيون واپرائي، گوشت ۽ مڇيءَ کان
پاسو ڪندو آھي. ١٩٨٩ع ۾ سچل انٽرنيشنل ڪانفرنس جي
موقعي تي به جيٽلي صاحب سنڌ ۾ آيو، پر ھن ڀيري
منهنجو ساڻس مکا ميلو نه ٿي سگھيو. سنڌ، سنڌي ٻولي
۽ سنڌي ادب سان صحبت رکندڙ ھن سڄڻ وٽ دھليءَ ۾
سنڌي ڪتابن، رسالن ۾ مخزنن جو ھڪ بهترين ذخيرو
موجود آھي. اھڙي معلومات انهن خوشنصيبن ڏني آھي،
جيڪي وٽانئس ٿي آيا آھن.
جيٽلي صاحب ١٩٩٦ع ۾ به سنڌ ۾ آيو ۽ ڪافي ڪچھريون به ٿيون.
حوالا:
١- ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سان ڳالهه ٻولهه، مھراڻ-١، ١٩٩١ع، صفحو
١٨٢
٢- مرليڌر جيٽلي (مضمون) ’سنڌي ٻوليءَ جون خاصيتون‘، ڪتاب،
سنڌالاجي، ايڊيٽر ڊاڪٽر ستيش ڪمار روھڙا، صفحو ١٨
٣- مرليڌر جيٽلي (مضمون)، ’سنڌيءَ ۾ نام جي گرداني بناوٽ‘، ٽھ
ماھي مھراڻ-٢، ١٩٦٨ع، صفحو ١٦١
٤- ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، اوائلي شايع ٿيل، سنڌي لوڪ ڪھاڻيون،
صفحو ١٢ ۽ ١٣
٥- حوالو ساڳيو، صفحو ٢١- ٢٢
٦- سترامداس سائل، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ پرسو گدواڻي، سنڌي
وياڪرڻ درجو ٨، ١٩٨٥ع، صفحو-١
٧- مرليڌر جيٽلي، لالچند امرڏنومل، ١٩٨٥ع، صفحو-٦
٨- حوالو ساڳيو، صفحو-١٣ |