ڪيپٽن جارج اسٽئڪ
ڪيپٽن جارج اسٽئڪ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، سنڌي انگريزي ۽
انگريزي- سنڌي ڊڪشنرين جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
اسٽئڪ سنڌي ڊڪشنريءَ لاءِ جاکوڙ ڪندي، پنهنجي
زندگيءَ جي پرواھه نه ڪئي ۽ نور نچوئيندو رھيو.
آخرڪار اھڙو ڪم ڪندي جان جو نذرانو به پيش ڪيائين.
اسٽئڪ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر ھو ۽ انگريزن جي شروعاتي دور ۾
ئي ھو سنڌ ۾ مقرر ٿيل پھرين عملدارن ۾ شمار ٿئي
ٿو. ھندستاني ٻولين سان دلچسپي ھئڻ ڪري کيس سنسڪرت
ھندي ۽ اردو ٻولين ۾ اڳ ئي مھارت حاصل ھئي. سنڌ ۾
پھچڻ شرط ئي ھن سنڌي سکڻ شروع ڪئي. انگريز حڪمرانن
پاران سنڌي ٻوليءَ کي لکڻ لاءِ ھڪ مقرر ٿيل رسم
الخط کي باقاعده اختيار ڪرڻ واري عمل يعني ١٨٥٢ع
کان اڳ ئي اسٽئڪ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ۽ ڊڪشنريون
لکيون. انهن ڪتابن لاءِ اسٽئڪ سنڌي ٻوليءَ لاءِ
ديوناگري لپي استعمال ڪئي. سنڌ جي ان وقت جي ڪمشنر
بارٽل فريئر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪو ھڪ رسم الخط
اختيار ڪرڻ واري معاملي ۾ به جڏھن ڪيپٽن اسٽئڪ کان
سندس راءِ معلوم ڪئي ته ھن ديوناگريءَ جي حمايت ۾
پنهنجي راءِ ڏني. ان ڪم لاءِ اسٽئڪ ديوناگري پٽي ۾
ڪجهه نقطن وسيلي خاص سنڌي آوازن لاءِ اکر مقرر
ڪيا. اسٽئڪ جي خيال ۾ سنڌي لکاوٽ جنهن کي ھن ھندو-
ڏيکارڻ لاءِ ماترائون جوڙي، ٻوليءَ لاءِ صورتخطيءَ
جو سرشتو مقرر ڪيو. سندس رايو ھو ته اھي اکر عربن
جي سنڌ ۾ آمد کان وٺي سنڌي لکڻ لاءِ استعمال ڪيا
پيا وڃن. اھي براھمي ۽ ديوناگري اکرن سان لاڳاپو
رکن ٿا، جيڪي آريائي نسل وارين ٻولين لاءِ ڪتب
ايندڙ آھن. انهيءَ کان سواءِ ’سنڌي‘ اکر سنڌين جي
پنهنجي علحدي ۽ نرالي لکاوٽ کي ڄاڻن ٿا، جنهن جو
استعمال نه فقط سنڌي ھندو پر سنڌ جا خوجا ۽ ميمڻ
واپاري به تجارتي لکپڙهه ۽ حساب ڪتاب رکڻ ۾ ڪن
ٿا(١). ڪيپٽن اسٽئڪ جي واضح ڪيل ديوناگري لپيءَ ۾
عربي، فارسيءَ جي ڪن جدا جدا آوازن جي حرفن لاءِ
ديوناگري سنڌيءَ ۾ صرف ھڪ حرف ڪتب آندو، جنهن ڪري
ڪافي مونجھارو پڻ پيدا ٿيو. مثال طور ق- ڪ لاءِ ڪھ
ز، ض، ظ ۽ ج لاءِ س، ص ث لاءِ س- ع، ا لاءِ ا. هه
۽ ح لاءِ هه. ت، ط لاءِ ته. غھ، گ لاءِ گ. خ، ک
لاءِ ک ڦ، ف لاءِ ڦ اکر ڪتب آندا آھن.(٢)
اسٽئڪ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر مارچ ١٨٤٧ع ۾ تيار ڪيو ھو. سو ١٨٤٩ع
۾ بمبئي سرڪار جي حڪم سان ڇپيو. گرامر جي مھاڳ ۾
اسٽئڪ لکي ٿو ته ڪم شروع ڪرڻ وقت پھريائين مون
ھيءُ ويچاريو ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ اکر ڪھڙا ڪم
آڻيان. ان لاءِ چئن رسم الخطن تي غور ڪيم. رومن،
فارسي، گرمکي ۽ ديوناگري. رومن رسم الخط ان ڪري رد
ڪيم ڇوته ان ذريعي مشرقي ٻولين کي لکڻ لاءِ تمام
گھڻيون نيون نشانيون مقرر ڪرڻيون پون ھا. ان کان
علاوه مون نه ٿي چاھيو ته ھڪ نئين الف- بي جي
مونجھارن ۾ پئجي. پارسي اکر به ان بنياد تي رد
ڪرڻا پيا ڇو ته انهن ۾ نوان اضافا تمام گھڻا ڪرڻا
ٿي پيا. گرمکيءَ کان ديوناگري سنڌي ٻوليءَ لاءِ
وڌيڪ موزون سمجھيم ان لاءِ ٻه سبب ھئا. پھريون ته
ديوناگري سان يورپي ماڻھن کي اڳ ئي واقفيت آھي،
ٻيو ته سنڌي ٻولي ۽ اھي ٻوليون جيڪي اڳ ۾ ئي
ديوناگريءَ ۾ لکيون وڃن ٿيون، انهن جو بنياد
ساڳيوئي آھي ۽ منجھن ڪافي ھڪجھڙائي به آھي(٣).
سنڌي ٻوليءَ لاءِ اسٽئڪ لکيو آھي ته ماھرين لسانيات لاءِ سنڌي
ٻولي، ھند جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي دلچسپ ثابت
ٿيندي. خاص طور ضميري پڇاڙين، ٻٽن فعلن، حرف جر
وغيره جو اڀياس دلڪش ثابت ٿيندو ۽ سنڌي ٻولي ھند
جي ٻين ٻولين کان نرالي ڏسڻ ۾ ايندي(٤).
سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي آخر ۾ پنج لوڪ ڪھاڻيون به ڏنيون ويون
آھن. انهن لوڪ ڪھاڻين جي باري ۾ ڊاڪٽر مرليڌر
جيٽلي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪي غلط فھميون دور ڪيون آھن ۽
ڪھاڻين کي اوائلي شايع ٿيل لوڪ ڪھاڻيون قرار ڏنو
آھي ۽ عربي سنڌي الف- بي ۾ ڪھاڻين جو متن ۽ اوکن
لفظن جون معنائون به ڏنيون آھن.
جارج اسٽئڪ تي ھڪ مضمون ۾ آفتاب ابڙو لکي ٿو ته اسٽئڪ پنهنجي
گرامر جي مھڙ ۾ سورٺ راءِ ڏياچ جي آکاڻي ديوناگري
لپيءَ ۾ لکي ثابت ڪيو ته انهي لپيءَ ۾ سنڌي نثر
آرام ۽ آسانيءَ سان لکي سگھجي ٿو(٥).
اول ته آکاڻي گرامر جي مھڙ ۾ ڏنل ڪانه آھي، بلڪ پنج ڪھاڻيون
گرامر جي آخر ۾ ڏنل آھن. ٻيو ته ديوناگري اکر جيڪي
اسٽئڪ اختيار ڪيا ھئا، سي ناقص ھئا. جن تي مرليڌر
جيٽلي به تنقيد ڪري چڪو آھي. ھڪ ھنڌ آفتاب ابڙو
لکي ٿو ته اھو خط (ديوناگري) جيڪي سڀني کان وڌيڪ
علمي به ھجي، يورپ جي الف بي سان مشابهه هجي ته
پوءِ ان کي اختيار ڪرڻ ۾ ڪھڙي ڪوتاھي ھئي؟ خبر
ناھي ته ابڙي صاحب کي ديوناگري ۽ رومن (جنهن کي
پاڻ يورپ جي الف بي چوي ٿو) الفابيٽ ۾ ڪھڙي مشابهت
نظر آئي آھي. ائين ضرور آھي ته ٻئي خط کاٻي کان
ساڄي لکيا ويندا آھن. ڇا کاٻي کان ساڄي لکجندڙ
سمورا خط مشابهه ھوندا آھن؟
جارج اسٽئڪ جو ٻيو ڪارنامو ٻه ڊڪشنريون تيار ڪرڻ آھي. ھڪ
انگريزي- سنڌي، جيڪا ١٨٤٩ع ۾ ڇپي. ھن ڊڪشنريءَ ۾
اٽڪل ٻارھن ھزار انگريزي لفظن لاءِ سنڌي ھم معنيٰ
لفظ ڏنل آھن، جن سان ڪن جو ھاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾
واھپو گھٽجي ويو آھي. انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي
تاريخي اوسر جي خيال کان انهيءَ ڊڪشنريءَ کي گھڻي
اھميت آھي.(٦) ٻي ڊڪشنري سنڌي- انگريزي.
اسٽئڪ جي گذاري وڃڻ بعد ١٨٥٥ع ۾ ڇپي. جارج اسٽئڪ ١٨٥٣ع ۾ وفات
ڪئي. ھن ڊڪشنريءَ جي تياريءَ ۾ حيدرآباد جي ٻن
پنڊتن، برھم سچانند ۽ ڄيٺارام به سندس ھٿ ونڊايو.
ڊڪشنريءَ جي ڪم تي رات ڏينهن نور نچوئڻ ۽ سنڌ جي
ناموافق آبهوا ۽ آفيس جي جوابداريءَ سبب اسٽئڪ
صاحب بيمار ٿي پيو ۽ لاچار سنڌي- انگريزي ڊڪشنريءَ
جو ڪم ڪجهه وقت لاءِ روڪڻو پيو. سن ١٨٤٩ع ۾ ھو
موڪل وٺي علاج لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو. ڪجهه عرصي
بعد جڏھن نو بنو ٿيو، تڏھن برطانيا سرڪار کيس
ھندستان ۾ ڪنهن ٿڌي آبهوا واري علائقي ۾ وڏي عھدي
تي مقرر ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر ھن عالم کي سنڌي ٻوليءَ
سان ايترو ته عشق ھو جو ھن انهيءَ سرڪاري آڇ کي
ڌڪاري ڇڏيو. جارج اسٽئڪ کي اندر ۾ اھائي آنڌ مانڌ
ھئي ته اڌ ۾ ڇڏيل ڊڪشنريءَ جو ڪم جلد از جلد مڪمل
ڪريان. انهيءَ ڪري ھو جيئن ئي تندرست ٿيو، ته وري
ساڳئي عھدي تي حيدرآباد سنڌ ۾ موٽي آيو.
سنڌي- انگريزي ڊڪشنريءَ کي مڪمل ڪرڻ ۽ ڇپائڻ لاءِ سخت محنت ۽
مشقت ڪرڻ لڳو. ان لغت جا ھڪ سؤ سٺ صفحا بمبئيءَ ۾
ڇپجي چڪا ته ڊسمبر ١٨٥٣ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ھن
شيدائيءَ جو پراڻ پکيئڙو پرواز ڪري ويو. ان
ڊڪشنريءَ جا باقي صفحا بي ايڇ ايلس ١٨٥٥ع ۾ ڇپائي
ظاھر ڪيا.(٧) ھن به ڊڪشنريءَ ۾ اٽڪل سترھن ھزار
سنڌي لفظ شامل ڪيل آھن. لفظن جي اصليت جھڙوڪ
سنسڪرت عربي ۽ فارسي ٻولين جي دخيل لفظن جي
نشاندھي پڻ ڪيل آھي. لڇمڻ خوبچنداڻي اسٽئڪ جي
ڊڪشنرين کي يادگار قرار ڏنو آھي.(٨)
سنڌي- انگريزي ڊڪشنريءَ جي مھاڳ ۾ بي. ايڇ. ايلس لکيو آھي ته
مون کي يقين آھي ته ڪيپٽن اسٽئڪ جي ھن پورھئي لاءِ
سنڌي ٻوليءَ جا شاگرد جيڪي ديوناگريءَ اکر ڄاڻن
ٿا، سي سندس تمام گھڻو ٿورائتا رھندا ۽ ڊڪشنريءَ
مان لاڀ پرائيندا. مستقبل جا سنڌي لغت نويس پڻ ھن
ڊڪشنريءَ مان چڱو فائدو حاصل ڪري سگھندا. ساڳئي
وقت عام سنڌي ماڻھو پڻ سنڌي ٻوليءَ جي ھن سڀ کان
پھرين لغت نويس کي دل کولي داد ڏيندا.
ڪيپٽن جارج اسٽئڪ سچ پچ ته سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ۽ ڊڪشنريون لکي
شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آھن.
حوالا:
١- مرليڌر جيٽلي ’اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪھاڻيون‘ ١٩٩٠ع، ص-
٢٤.
٢- ساڳيو ڪتاب، ص -٣٧.
3- Stack, George; Grammar of Sindhi Language.
Introduction ovi publisher.
4- Ibid P-vii.
٥- آفتاب ابڙو ’جارج اسٽئڪ‘ سنڌيڪا پڌرنامو، ٣
فيبروري، مارچ ١٩٩٢ع.
٦- مرليڌر جيٽلي، ’اوائلي شايع ٿيل لوڪ ڪھاڻيون ١٩٩٠ع، ص-٣٢.
٧- ساڳيو ڪتاب، ص-٢٧.
8- Khubchandani, Lachmen, Current trends in
Linguistics- Sindhi. P-16.
جان بيمس
جان بيمس ننڍي کنڊ ۾ ھڪ انگريز اعليٰ عملدار طور آيو ھو. انڊين
سول سروس ۾ ھو ڪمشنر جي عھدي تائين پھتو. ھو ھڪ
ماھر لسانيات طور ياد ڪيو ويندو آھي. ھن جا ٻه
ڪتاب گھڻي اھميت جا حامل آھن. ٻنهي ڪتابن ۾ سنڌي
ٻوليءَ جو ذڪر اڪثر ھنڌن تي موجود آھي. سندس ٻنهي
ڪتابن مان پوءِ جي عالمن ڪيترائي حوالا به ڏنا
آھن. سندس ڪتابن جا نالا ھي آھن:
(i) Compration Grammar of Modern Arya Languages
of India 3 vols. (1872-79)
(ii) Qutations of Indian Philology (1867)
ٻئي ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا آھن، جڏھن ته
سنڌيءَ ۾ صرف ھڪ ڪتاب
Qutations of Indian Philology
ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ترجمو
ڪري، سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ١٩٩٤ع ۾ شايع
ڪرايو آھي.
جان بيمس پنهنجي متعلق لکي ٿو ته، ”آءٌ ھڪ عام رواجي انگريز
آھيان“. حالانڪ سندس زندگيءَ جي احوال مان معلوم
ٿئي ٿو ته ھو غيرمعمولي صلاحيتن جو مالڪ ھو ۽
ڪاميابين ۽ ڪامرانين ھن جا قدم چميا. منهنجي خيال
۾ بينه گال ۾ ھن کي ائين ياد ڪيو ويندو، جيئن سنڌ
واسي سر جان جيڪب کي سندس ڀلاين جي عيوض ياد ڪندا
آھن. جيئن جان جيڪب جي نالي پويان اڏيل شھر جيڪب
آباد ھن جي ھردم ياد ڏياريندو رھندو آھي. تهڙيءَ
طرح بنگال ۾ پرانا جي شھر کان چار ميل پري جان
بيمس جو اڏايل نئون سڌريل شھر بيمس گنج ھن جي ياد
تازه ڪرائيندو رھندو آھي.
جان بيمس انگلينڊ جي شھر گرين وچ ۾ ٢١ جون ١٨٣٧ع تي ڄائو.
پڙھائيءَ دوران ننڍي ھوندي، ھن ٻولين ۾ دلچسپي رکي
۽ سنسڪرت ٻوليءَ جو انعام کٽيو. سن ١٨٥٨ع ۾ ھو
انڊين سول سروس ۾ کنيو ويو ۽ ھندوستان روانو ٿيو.
لنڊن کان ڪلڪتي جنهن جھاز ۾ سفر ڪيائين، تنهنجو
نالو به ’بنگال‘ ھو. ڇھن ھفتن جي سفر دوران ھن کي
ٻه اسپيني ھمسفر مليا، جن کان ھن اسپيني سکڻ شروع
ڪئي. ڪلڪتي تائين پھچندي ھن چڱي خاصي اسپيني ٻولي
سکي ورتي. جان بيمس ڪلڪتي ۾ سن ١٨٥٨ع ۾ پھتو ھو.
ھي زمانو انگريزن لاءِ نهايت خطرناڪ ھو، ڇوته
١٨٥٧ع واري آزاديءَ جي تحريڪ کي تازو ڪچليو ويو
ھو. ڪيترن ئي ماڻھن کي سخت سزائون ڏنيون ويون
ھيون. تنهن ڪري مقامي ماڻھن ۾ تمام گھڻو تاءُ ھو.
ڪلڪتي ۾ سڀ کان پھريائين ھن ھندي ۽ بنگالي ٻولين ۾
مھارت حاصل ڪئي ۽ اھڙو امتحان به پاس ڪيو. امتحان
بعد ھن جي پھرين مقرري پنجاب جي شھر گجرات ۾ ٿي.
ھن سان شادي ڪرڻ لاءِ ھن جي مڱ، ايلسن انگلينڊ مان ھلي دھلي
پھتي. دھليءَ ويجھو ھن جي شادي ١٠ ڊسمبر ١٨٥٩ع تي
ٿي گذري.
جان بيمس پنهنجي زندگيءَ جو احوال
Memories of Bengal Civilian
جي نالي سان لکيو آھي. ھي ڪتاب
تازوئي ڇپايو ويو آھي. ھن پنهنجو احوال ١٨٧٩ع
تائين لکيو آھي. بعد ۾ ھن ڪتاب لکڻ بند ڪيو، ڇوته
ھن پنهنجن ڏکين ڏينهن جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجھيو
آھي. ان احوال کي سندس ڏوھٽي ڪرسٽوفر ڪڪ مڪمل ڪيو
آھي.
سن ١٨٥٨ع ۾ جڏھن بيمس ھندستان روانو ٿيو ھو ته سندس عمر ٢١ سال
ھئي ۽ ھن جي منهن تي مڇن جي ساول آيل ھئي. اھڙي
موقعي تي سندس ڪڍرايل ھڪ تصوير به ڪتاب ۾ ڏني وئي
آھي. اٽڪل ڏھن سالن جي عرصي بعد جڏھن انگلينڊ موڪل
تي ويو ته ھن جي چھري تي ڏاڙھي ۽ مڇون ۽ اکين تي
سونهري فريم واري عينڪ ھيس. ھو جڏھن پنهنجي گھر
پھتو ته سندس والده به کيس ڪونه سڃاتو.
جان بيمس ھندستان جي شھرن گجرات (پنجاب) انبالھ، لڌيانه، شاهه
آباد، پرانا، چمپاران، بالسور، ڪٽڪ، چٽاگانگ،
بردوان ۽ ڀاڳلپور ۾ اعليٰ عھدن تي فائز رھيو.
سموري سروس دوران ھو صرف ٻه دفعا انگلينڊ وڃي
سگھيو. ھن جي شادي ايلسن سان دھليءَ ويجھو ٿي ھئي،
تنهن مان کيس اٺ ٻار ٿيا. ھن جا پٽ جيئن ئي پڙھڻ
لائق ٿيا ته انهن کي ھن انگلينڊ موڪلي ڏنو. آخري
سالن ۾ ھنن فيصلو ڪيو ته ھن جي فيملي انگلينڊ وڃي.
سال ١٨٩٠ع کان ١٨٩٣ع تائين ھندستان ۾ ٽي سال ھو
اڪيلائيءَ جو عذاب ڀوڳيندو رھيو.
ھن جي سروس دوران ھونئن ته ڪافي واقعا ٿي گذريا جن کي ھن قلمبند
ڪيو آھي. پر ھڪ واقعو اھڙو ٿي گذريو جنهن سبب ھن
کي ڪافي ڏک ڏسڻا پيا. سن ١٨٧٧ع ۾ ھن کي پبلڪ ڪميشن
۾ پيش ٿي تعليمي پاليسيءَ تي پنهنجو رايو ڏيڻ لاءِ
چيو ويو. حالانڪ رايو ڏيڻ لاءِ ھو ٻڌل نه ھو. پر
پوءِ به ھن اتي جيڪي چيو اھو ھن پنهنجي نيڪ نيتيءَ
سان چيو. پر ھن جو نظريو ھن جي ئي خيال ۾ رجعت
پسندانه ھو. نتيجي ۾ ھن تي ٻه ڀيرا شديد حملا ٿيا
۽ ھو زخمي به ٿي پيو. جان بيمس سن ١٨٩٣ع ۾ نوڪريءَ
تان رٽائر ٿي انگلينڊ پھتو، جتي ھن پنهنجا آخري
ڏينهن سمر سيٽ ۽ ڪليوڊن شھرن ۾ گذاريا. ھو سن
١٩٠٢ع ۾ پنجھٺ ورھين جي عمر ۾ گذاري ويو.
جان بيمس جو ”ڪمپيريٽو گرامر آف ماڊرن آرين لئنگويجز آف انڊيا“
جو پھريون جلد ١٨٧٢ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو. جنهن ۾ ھن
سنڌي، پنجابي مرھٽي، گجراتي ۽ بنگالي ٻوليون شامل
ڪيون. ھن ڪتاب بيمس کي علمي حلقن ۾ روشناس ڪرايو.
ھن ڪتاب جي باري ۾ جڳ مشھور ماھر لسانيات جارج
گريئرسن لکيو آھي:
منهنجي لاءِ ڏاڍي ڏکي ڳالهه ٿي پئي آھي ته ھن گرامر جي ڪھڙي
ساراهه ڪريان. ڇوته ھن ڪتاب جي علميت کي داد ڏجي
يا جھڙيءَ طرح چٽائيءَ سان نتيجا اخذ ڪيا ويا آھن،
انهن کي داد ڏجي..... ھن تي ھندن جي وديا جي ديوي
’سرسوتيءَ‘ جي ڪا ديا ٿيل ٿي ڏسجي، ھن جي تحقيق ۽
علميت ئي ھن جي سڃاڻپ آھي ۽ ھو ھن علم جي ميدان ۾
سرفھرست مڃيو وڃي ٿو(١).
جان بيمس پنهنجي ڪتاب جي باري ۾ پاڻ به چيو آھي ته ھيءُ ڪتاب
جيئن ئي لنڊن ۾ ڇپيو. برطانوي ۽ ھند جي ماھرن ڏاڍا
دلچسپ تبصرا ڪيا ۽ ڪتاب کي ڪيترين يونيورسٽين نصاب
طور مقرر ڪيو. ھن ڪتاب مون کي چڱي موچاري مشھوري
به ڏني(٢). جان بيمس جو ھيءُ ڪتاب ھند آريائي
ٻولين جي اڀياس جي ڏس ۾ ھڪ اھم ڪارنامو آھي ۽
مذڪوره ٻولين جو پاڻ ۾ گھرو رشتو چٽائيءَ سان ثابت
ڪيو ويو آھي.(٣)
جان بيمس نه رڳو ھندي سنسڪرت، بنگالي ۽ ٻين ھندستاني ٻولين جو
ماھر ھو، پر ھن کي جرمن، اسپيني، فرينچ وغيره
ٻولين تي پڻ دسترس حاصل ھئي. ھن جي لکيل آتم ڪٿا
مان پتو پوي ٿو ته ھو سنڌ ۾ ڪونه آيو ھو، پر سندس
لکيل گرامر مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي باري ۾ ھن کي سٺي ڄاڻ ھئي. ھن پنهنجي آتم ڪھاڻي
صرف پنهنجن پوين کي پڙھائڻ لاءِ لکي ھئي، پر ھن جي
ھيءَ آتم ڪھاڻي گھڻي دلچسپ آھي ۽ وڪٽورين دور جي
ھندستان جي حالات جي بهترين عڪاسي ڪيل آھي. ھن
پنهنجي ڄمڻ واري ڏينهن جو ذڪر ڪندي لکيو آھي ته
پنهنجي ڄمڻ کان چند ڪلاڪ اڳ گرين وچ جي رايل نيول
اسپتال ۾ سندس ماءُ دري کولي ٻاھر نهاريو. عين ان
وقت لنڊن جي سينٽ بال گرجا جا گھنڊ زور زور سان
وڄڻ لڳا ۽ بادشاهه وليم چوٿين جي وفات جو اعلان
ڪيو ويو ھو ۽ ان سان گڏ ئي راڻي وڪٽوريا جي تخت تي
ويهڻ جو اعلان ٿيو. جان بيمس لکي ٿو ته آءُ اڄ
جڏھن سٺ سالن جو ٿيو آھيان ته به ھز ميجسٽي ڪوئين
وڪٽوريا اڃا تخت نشين آھي.(٤)
جان بيمس ھڪ اعليٰ درجي جو ماھر لسانيات ھو، حالانڪھ ھن پنهنجا
ڪتاب گذريل صديءَ جي آخري ڏھاڪن ۾ لکيا آھن ته به
ھن جي ڏنل معلومات ڀروسي جوڳي آھي.
جان بيمس ھندستاني ٻولين جي باري ۾ پنهنجو نظريو ھن ريت پيش ڪيو
آھي. جڏھن آريا قوم جا ماڻھو ھندستان ۾ اچڻ شروع
ٿيا، ان وقت به ھتي مختلف نسلن جا ماڻھو رھندا ھئا
۽ آرين جي اچڻ کان اڳ ئي آباد ٿيل ھئا. انهن مان
ڪي آفريقا مان آيل نيگرائيڊ به ھئا، جن جو نسل
انڊمان ٻيٽ تي ملي ٿو. فلسطين مان پروٽو آسٽرائيڊ
آيا ۽ اتر ھندستان جي ڪجهه حصن ۾ آباد ٿيا. ھي
ماڻھو غالبن عراق جي رستي آيا. ھو پنهنجي ئي تمدن
جي رنگ ۾ رڱيل ھئا. انهن مان ڪي گروهه ھندستان،
چين ۽ انڊونيشيا طرف نڪري ويا. تقريبا ساڍا ٽي
ھزار ورھيه قبل مسيح ۾ دراوڙي نسل جا ماڻھو
ھندستان آيا. ھي ماڻھو به وچ ايشيا جي علائقن مان
آيا. انهن ھڙاپا ۽ موھن جو دڙو ۽ تقريبا ٽي ھزار
ورھيه قبل مسيح ۽ ھڪ عاليشان تمدن جو پايو وڌو. ھي
ماڻھو سموري ھندستان ۾ ڦھلجي ويا ۽ جڏھن آريا آيا
ته ٻنهي قومن ھڪ ٻئي جا اثرات قبول ڪيا. اڄ
ھندستان ۾ ھند آريائي ٻولين کان پوءِ دراوڙي
ٻوليون ئي گھڻي اھميت رکن ٿيون، جن مان ڪيترين
ٻولين جو ادب اعليٰ درجي جو آھي ۽ ترقيءَ تي گامزن
آھي.(٥)
جان بيمس ھندستاني زبانن جا ٽي تاريخي دور بيان ڪيا آھن:
١- قديم ھند آريائي دور، آرين جي اچڻ کان وٺي اٽڪل ٦٠٠ ق- م
تائين تقريبا ٩٠٠ ورھيه.
٢- وچون ھند آريائي دور ٦٠٠ ق- م کان ١٠٠٠ع تائين تقريبا ١٦٠٠
ورھيه.
٣- جديد ھند آريائي دور ١٠٠٠ع کان موجوده دور تائين تقريبا ١٠٠٠
ورھيه.(٦)
جان بيمس سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جي باري ۾ پنهنجي ڪتاب
ڪمپيريٽو گرامر آف ماڊرن آرين لئنگويجز آف انڊيا
جي جلد پھرين ۾ لکي ٿو:
سنڌ ۾ ھندو سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ اٽڪل ٻارھن تيرھن قسمن جون لپيون
ڪم آڻيندا آھن، جن مان ڪيتريون ھڪ ٻئي کان گھڻيون
مختلف آھن. تازوئي سنڌيءَ لاءِ عربي اکر استعمال
ڪرڻ شروع ڪيا ويا آھن، جيڪي سنڌي آوازن جي
ادائگيءَ لاءِ غلط ڍنگ ۾ ڪم آندا ويا آھن. سنڌي
ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپي پڻ تجويز ڪئي وڃي ٿي، پر
اصل ۾ مان سمجھان ٿو ته ڪي به سنڌي ديوناگري لپي
بلڪل ڪم ڪونه ٿا آڻين. (٧) سنڌي ٻوليءَ جي لھجن جي
باري ۾ بيمس جو چوڻ آھي ته سنڌي ھنن لھجن ۾ ورھايل
آھي:
(الف) مٿين سنڌ جي سرائي (ب) ھيٺين سنڌ جي (ج) ملتان ۽ اچ جي
(د) ڪڇ جي ڪڇي. گويا سنڌي، سنڌونديءَ جي ھيٺين حصن
جي ماٿرين ۾ ملتان کان ساحل تائين ڳالھائي ويندي
آھي. اوڀر ۾ راجپوتانا جي ھندي ٻولين سان ملي ٿي ۽
اولهه ۾ بلوچي ٻولين سان ملي ٿي. جيتري وسيع
علائقي ۾ ھندي ڳالھائي وڃي ٿي ڪابه ٻي اوترو ڪانه
ٿي ڳالھائي وڃي. ھنديءَ جي اولھائين حد سرھند جي
ويجھو قرار ڏئي سگھجي ٿي. ساڳي وقت پنجابيءَ سان
گڏوگڏ ڏکڻ اولهه طرف پٽيالا ۽ بهاولپور جي ريگستان
مان ٿيندي جيسلمير جي ويجھو سنڌوءَ سان وڃي ملي
ٿي.(٨)
جان بيمس جيئن ته ١٨٥٩ع ۾ پنجاب جي شھرن گجرات ۽ لڌيانه وغيره ۾
رھيو، تنهن ڪري سندس معلومات ان زماني ۾ جيڪا کيس
ملي ھئي، ان موجب سنڌيءَ جي حد ملتان ۾ اڄ کان
عربي سمنڊ تائين ڄاڻائي اٿس، جيڪا بهرحال ڪنهن
حدتائين درست تسليم ڪري سگھجي ٿي.
جان بيمس ھند پاڪ ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي اڏيل شھر بيمس گنج ۽ ننڍي
کنڊ جي ٻولين تي پنهنجي لکيل ڪتابن جي حوالي سان
سدا ياد ڪيو ويندو.
حوالا:
1- Goriasion, G. A. Linguistic Survey of India
1920.
2- John Beams. Memoiss of a
Bengal Civilization 4891. P-216.
3- Khubchandani, La ehhman, current trends in linguistics
vol. v. P-17,
4- John Beams, memors of a Bangal Civilion. P-26.
٥- جان بيمس ’آئوٽ لائينس آف انڊين فلالاجي‘، اردو
ترجمو سيد احتشام حسين، ١٩٤٨ع، ص- ٣٠- ٣١.
٦- حوالو ساڳيو، ص -٣٤.
7- John Beams, Compatative Grammar of Modern
Aryan Languages of India vol.I, 1872.
٨- جان بيمس، ’آئوٽ لائينس آف انڊين فلالاجي‘،
اردو ترجمو، ص ٧٠- ٧٨. |