سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 11

 

پروفيسر علي نواز جتوئي

سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سڀ کان سينئر استاد پروفسر علي نواز جتوئي، سنڌ جو عظيم ماھر لسانيات آھي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لسانيات جي علم جو پايو وجھندر پروفيسر جتوئي صاحب ئي آھي. ايم. اي سنڌيءَ جي نصاب ۾ عام لسانيات ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، لھجن محاورن ۽ رسم الخط جو مطالعو شامل ڪرڻ ۾ سندس دلي ارادن جو گھڻو عمل دخل آھي. سندس لسانيات جون لکڻيون ھند توڙي سنڌ ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺيون وڃن ٿيون.

علي نواز جتوئي صاحب جو تعلق نواب شاهه جي جتوئي خاندان سان آھي. ھو ١١ جولاءِ ١٩١٤ع تي نوان جتوئي ڳوٺ ۾ ڄائو. پھريائين ڪجهه عرصو حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار رھيو. بعد ۾ ١٩٥٣ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. جتان ھن ١٩٧٤ع ۾ بطور پروفيسر رٽائر ڪيو. ان وچ ۾ ١٩٦٣ع ۾ لسانيات ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن يونيورسٽيءَ جي جڳ مشھور تعليمي اداري اسڪو آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز لنڊن ٻن سالن لاءِ ويو. لنڊن ۾ رھائش دوران جتوئي صاحب لسانيات ۾ خاص مھارت حاصل ڪئي. پنهنجن استادن کي ان ڏس ۾ ياد ڪندو آھي، ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ پنهنجن استادن کي عزت بخشڻ لاءِ سندن مان ۾ ڪجهه جملا انگريزيءَ ۾ لکيا اٿائين.

پروفيسر جتوئي صاحب پنشن تي لھڻ کان پوءِ ھوميوپيٿيءَ جو ڪورس ڪيو ۽ ھوميوپيٿڪ علاج جي پيشي ۾ مصروف ڪار رھيو.

علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پروفيسر جتوئي صاحب جون خدمتون خاص طور لسانيات ۽ تصوف ۾ آھن. پاڻ کي صوفيانه رنگ ۾ رکي ڇڏيو ھئائون. سندس ڇپيل ڪتابن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

(١) ميان عبدالرحيم گروھڙيءَ جو سنڌي ڪلام (ترتيب) ٻه ڇاپا

(٢) ديوان حافظ

(٣) سياست نامو

(٤) اخلاق محسني

(٥) سنڌي صحيفو

(٦) غزلن جو غنچو (ترتيب)

(٧) علم لسان ۽ سنڌي زبان ٽي ڇاپا

(٨) ويرون ۽ لھرون

مختلف رسالن ۾ ڇپيل سندس مقالن جو تعداد به چڱو خاصو آھي. لسانيات تي سندس لکيل ڪتاب ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ۽ ٻيا ڪجهه مضمون آھن. علم لسان ۽ سنڌي زبان، لسانيات جي ڏس ۾ سنڌيءَ ۾ ھن کان بهتر ٻيو ڪوبه ڪتاب ڪونه آھي. ھن ڪتاب ۾ لساني ڄاڻ سائنسي بنيادن تي استوار ڪيل معياري، جامع تازه ترين up to date ڏني وئي آھي. ھيءُ ڪتاب لسانيت جي شاگردن توڙي عالمن ۽ محققن جي تمام گھڻي رھنمائي ڪري ٿو. ھر اسم نهايت مناسب مثالن سان سمجھايو ويو آھي. پھرين ڇاپي ۾ ست باب ھئا، جڏھن ته ٻئي ڇاپي ۾ اٺون باب ’ٻولين جي لکڻ جو طريقو‘ به شامل ڪيو ويو آھي. ٻئي ڇاپي ۾ ٻيا به ڪجهه اضافا ۽ ڪجهه ردوبدل به ڪئي وئي آھي. مثال طور Voiced آواز لاءِ اڳين ڇاپي ۾ صوتيدار ۽ voiceless آواز لاءِ بي صوت لفظ ڪم آندا ھئا، جن کي تبديل ڪري ڀڻڀڻا ۽ بيڀڻا جھڙا اصطلاح Terms استعمال ڪيا آھن. ھن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو سنڌالاجيءَ پاران ١٩٩٦ع ۾ پڌرو ڪيو ويو آھي.

’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ جو پھريون باب زبان ۽ علم زبان جي تعريف ۽ وضاحت آھي، جنهن تي جڏھن ڪتاب ڇپيو ھو ته سراج ڪجهه اختلاف ڪندي، تنقيد ڪئي ھئي. سراج جي خيال ۾:

”’ٻوليءَ جي علامتن کي‘ پاڻ مرادو اختيار ڪيل سڏڻ سان انساني ٻوليءَ جو اھو سماجي جواز ئي ختم ٿي ويو ته ٻولي انسانن جي ھڪ ٻئي سان نياپي سنيھي ڏيڻ يا ھڪ ٻئي تائين پنهنجن خيالن پھچائڻ (Communication) جي ڪري وجود ۾ آئي... اھا ڳالهه خيال ۾ رکي وڃي ته اھي لفظ ھڪ خاص معنيٰ ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ نه عام رواجي معنيٰ ۾ فاضل مصنف انهن ٻنهي لفظن کي اھڙي نموني ۾ ترجمو ڪري ويو آھي، جو ڄڻ ان ڳالهه جي ڪا اھميت ئي ڪانهي ۽ ان ۾ عقل ھلائڻ جو سوال ئي ڪونهي. (Arbitrary) جو عام سنڌي ترجمو پاڻ مرادو ڪرڻ ئي غلط آھي. لساني موضوع جي حوالي سان ان جو صحيح مقصد ھي آھي ته مختلف ٻولين جا آواز کڻي ھڪجھڙا ھجن، ڇاڪاڻ ته ڳالھائڻ ۽ اچارڻ جو سماجي ذريعو آھن، پر جڏھن مختلف ٻولين جي حقيقتن کي ڀيٽبو ته انهن جي علامتن ۾ اختلاف ۽ فرق نظر ايندا. انهن اختلافن ۽ فرقن کي سامھون رکي چئجي ٿو ته ھڪ ٻئي جي ڀيٽ ۾ اھي علامتون ھرھڪ ٻوليءَ جون نج پنهنجون گھڙيل ۽ پاڻ وھيڻيون علامتون آھن. فقط ان خاص محدود دائري ۾ ٻولين جون علامتون پاڻ وھيڻيون Arbitrary يا روائتي conventional آھن.“(١)

ڪتاب جو ٻيو باب ’صوتيات‘ وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان لکيل آھي. حالانڪھ ھيءَ سموري معلومات جتوئي صاحب سٺ واري ڏھاڪي ۾ پيش ڪئي ھئي. پر اڄ به اھا سائنسي طور درست معلوم ٿئي ٿي. آوازن جي ڪلاسن کي ھاڻي ڪجهه وڌيڪ ئي تفصيل سان بيان ڪيو وڃي ٿو. مثال طور: چوسڻن آوازن کي جتوئي صاحب داخلي ڌماڪيدار سڏي ٿو. انهن جي اچارڻ جو احوال بيحد مختصر ۽ اڻ پورو ڏنو ويو آھي. (٢) ھاڻي چوسڻ آوازن تي جان بورڊي، خوبچنداڻي ۽ نهالاڻي کوجنا ڪري تفصيل سان روشني وڌي آھي.(٣)

نئين تحقيق موجب وسرگ آوازن جا ٻه قسم ھڪ Aspirated ٻيو Breathy آھي، جڏھن ته جتوئي صاحب جي وقت ۾ Breathy sounds کي به وسرگ آواز سڏيو ويندو ھو. اھڙيءَ طرح صوتياتي ڇيد ھونئن ته جتوئي صاحب تمام سٺيءَ طرح سمجھايو آھي، پر Miniral pairs واري نظريي تحت صوتياتي ڇيد ڪرڻ گھرجي.

پد يعني Syllable جي سٽا، جيڪا جتوئي صاحب ڏني آھي، ان تي به بحث جي گنجائش موجود آھي. منهنجي خيال ۾ وسوو (و- وينجن، س- سر) يعني cvcc سٽا C= Consonanl, V= vowel وارو پد سنڌيءَ ۾ نه آھن. جتوئي صاحب مثال ڏنا آھن: نرس، پرس ۽ ھرج ھي تي لفظ سنڌيءَ جا نه آھن. پر دخيل لفظ (Loan words) آھن. اھڙيءَ طرح ووس و ccvc جا مثال ڏنا ويا آھن. پريم، فريم، ٿيوم، قياس، ٽرين وغيره. ھي مثال به سنڌي ٻوليءَ جا نه آھن. سواءِ ٿيوم جي پد جي حد يعني boun- Syllable daly ھونئن ئي متنازعھ معاملو رھيو آھي. لساني ڍنگ ۽ ڍار ۽ سنڌي يعني ادغام جتوئي صاحب تمام سٺيءَ طرح سمجھايا آھن، صرفيات جي باب ۾ پڻ جتوئي صاحب جي محنت قابل داد آھي. جڏھن ته نحويات جي ڏس ۾ ڪافي ڪجهه پيش رفت ٿي آھي. ان جي پيش نظر جتوئي صاحب واري معلومات ھاڻي پراڻي ٿي چڪي آھي. سنڌي نحويات تي نئين سر نظر وجھڻ جي ضرورت آھي. ڪتاب جا آخري ٻه باب، تاريخي لسانيات ۽ ٻولين جي لکڻ جو طريقو جتوئي صاحب جي ھن ڪتاب جي جان آھي ۽ تمام وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ جو نتيجو آھن، سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل لاءِ جتوئي صاحب جو خيال آھي ته: سنڌي زبان جي بڻ بنياد معلوم ڪرڻ لاءِ اڄ تائين ڪنهن به لسانياتي اصولن موجب ڪوشش ڪانه ڪئي آھي. رڳو ڊاڪٽر ٽرمپ انهن لساني اصولن موجب ڪوشش ڪئي، جي ھن وقت ترميم ٿي چڪا آھن. ڇوته سنڌي زبان سنسڪرت مان ڄائي آھي، سو جديد لسانياتي اصولن موجب نه ڄاڻايو آھي، جيڪڏھن سنڌي زبان سنسڪرت مان نڪتي آھي ته پوءِ ٻنهي ٻولين جي بنيادي روزمره وارن لفظن کي جاچي ڏسڻو پوندو ته اھو ذخيرو ساڳيو آھي؟ جي نه ته پوءِ اھي ڪھڙا لفظ آھن، جي سنسڪرت ۾ آھن ۽ سنڌيءَ ۾ نه آھن ۽ انهن جي بجاءِ سنڌيءَ ۾ جيڪي لفظ آھن، سي پوءِ پارسي عربيءَ مان ته نه آھن، پر جي اصلوڪا ۽ آڳاٽا آھن ته پوءِ سمجھبو ته سنڌي زبان سنسڪرت مان نه نڪتي آھي، بلڪھ ڪنهن آڳاٽي زبان مان نڪتي آھي. اسان کي معلوم آھي ته نج آڳاٽن لفظن جو ذخيرو ھزارن ۾ آھي، جن جو سنسڪرت سان ڪو واسطو ڪونهي، انهن جو وجود ثابت ڪري ٿو ته سنسڪرت کان به ڪا آڳاٽي زبان ھئي، جنهن جا ھيترا سارا لفظ اڄ به اسان وٽ موجود آھن.“(٤)

ٻولين جي لکڻ جو طريقو ڪتاب جي آخري باب ۾ آمريڪي ريڊ انڊين جي لکڻين کان وٺي ڪونيفيرس، موھن جي دڙي جي لکيت روشني، جپاني ۽ ڪوريائي ٻولين تائين جي لکڻين جا مثال ڏئي، رسم الخط جي ارتقا ۽ اوسر تي ڀرپور روشني وڌي وئي آھي. جديد دور جي ڪيترين الفابيٽ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي آھي. جتوئي صاحب لکي ٿو ته:

اڄڪلهه جيڪي به تحريرون موجود آھن، تن مان ھنن ٽن کان سواءِ ٻين سڀني جا نمونا صوتي نظام موجب ناقص آھن: لاطيني سنسڪرت ۽ عربي زبانن جون تحريرون سندن صوتي نظام موجب آھن ۽ بلڪل درست آھن. باقي ٻيون سڀ غير درست آھن. انگريزي زبان جي تحرير بري طرح ناقص آھي ۽ سڀ کي معلوم آھي ته k But بَٽِ ته Put پٽ، C جو آواز انگريزيءَ ۾ ڪٿي (ڪ) آھي ته ڪٿي (س) جڏھن ته يورپ جي ٻين ڪيترين ٻولين ۾ (چ) آھي. اسان جي سنڌيءَ ۾ /ث/ س/۽ /ص/ اکرن جو آواز ساڳيو آھي، مگر عربيءَ ۾ الڳ الڳ.(٥)

ھن باب ۾ ھڪ ڳالهه جي شديد ڪمي محسوس ٿئي ٿي، سا ھيءَ ته موجوده سنڌي الف بي لاءِ ڪم ايندڙ عربي فارسي رسم الخط مخدوم ابوالحسن کان ١٩٥٣ع تائين، ڪيئن ڪھڙيءَ طرح اسري نسري آھي، ۽ ٻيو ته سنڌ ۾ رائج ٻيا به ڪيترائي رسم الخط مثال طور: خواجڪي، ھٽائي، خداوادي، ٺٽائي ۽ ديوناگري وغيره به آھن، تن جو ذڪر ڪرڻ گھربو ھو. ٿي سگھي ٿو ڪتاب جي طوالت باعث ائين ڪيو ويو ھجي، پر سنڌيءَ جي شاگردن لاءِ اھڙي معلومات نهايت مفيد ثابت ٿيندي.

ھن ڪتاب جي لکڻ دوران جتوئي صاحب لساني ڄاڻ لاءِ ڪيترائي نوان نوان اصطلاح ٺاھيا آھن، جن کي ڪتاب جي آخر ۾ ’لسانيات جا مخصوص الفاظ‘ (Linguistic Glassary) جي سري ھيٺ، ڇھن صفحن تي ڄاڻايا ويا آھن: ھي ٽرمس (Terms) تمام ڪارائتا، ٺھڪندڙ ۽ پنهنجي معنيٰ ۽ مفھوم ۾ تيز آھن. انهن مان ڪيترائي علمي دنيا ۾ مڪمل طور ڦٻي چڪا آھن.

جتوئي صاحب جو ھيءُ ڪتاب لساني ڄاڻ جو ڀنڊار آھي ۽ جديد سنڌي لسانيات جي ميدان ۾ پيڙهه جي پٿر جي مثال آھي. ھن ڪتاب جي اھميت سدائين رھندي. ھن ڪتاب جي باري ۾ ھند جو مشھور ماھر لسانيات لڇمڻ خوبچنداڻي لکي ٿو ته: ”ھي ڪم تحسين لائق خدمت (Notwortlay contribution) آھي.“(٦)

پروفيسر جتوئي صاحب جي ھن ڪتاب کي نه صرف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ساراھيو آھي، پر ھند ۽ سنڌ جي ٻين عالمن به ھن ڪتاب جي تعريف ڪئي آھي. بقول ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي زبان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ ھيءُ ڪتاب رھنمائي ڪندو. سچ ته ھن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي، صرفيات، نحويات، معنيات، توڙي تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي مختلف رخن کان روشني وڌي وئي آھي.

سنڌي ٻوليءَ جون اھڙيون خصوصيتون نروار ڪيون ويون آھن، جيڪي ھن کان اڳ نظرن کان اوجھل ھيون. ھي ڪتاب لکي، جتوئي صاحب ڪمال جو ڪم ڪري ڏيکاريو آھي، جنهن جو جس ھو ھر طرح لھڻي.

جتوئي صاحب ٢٩ سيپٽمبر ١٩٩٦ع تي ھن فاني دنيا مان موڪلائي ويو.

 

حوالا:

١- سراج مضمون، ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ نئين زندگي، ١٩٦٨ع، صفحو ٣٢- ٣٣

٢- پروفيسر علي نواز جتوئي، ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘، صفحو ٦

3- Khubchandani, Lachman, Current trends in linguistics- sindhi, P-6.

٤- پروفيسر علي نواز جتوئي، ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘، صفحو ١٩٣

٥- ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢١٧

6- Khubchandani, Lachman, linguistic studies in Sindhi, simba, 1973, P-9

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org