سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 18

 

ڊاڪٽر خالد خان خٽڪ

 

ڊاڪٽر خالد خان خٽڪ جي سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ھڪ ئي خاص خدمت شمار ڪري سگھجي ٿي، سا ھيءَ ته ھن ١٩٧٨ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي مان پي ايڇ. ڊي ڪئي، جنهن لاءِ مقالو لکيائين: ’’سنڌي، پشتو اور اردو کي لساني روابط‘ خالد خٽڪ ١٩٧٣ع کان ١٩٧٨ع تائين حيدرآباد سنڌ ۾ رھيو ۽ الانا صاحب، جبار جوڻيجو صاحب ۽ قاضي خادم صاحب کان سنڌي سکيو. ھن کي سنڌيءَ جي تمام سٺي ڄاڻ آھي. ھو نه صرف سنڌي ڳالھائي سگھندو آھي، پر ھو سنڌيءَ ۾ خط پٽ به لکي ويندو آھي.

خالد وٽان خٽڪ قرق ضلعي جي ھڪ ڳوٺڙي ٽيري ۾ تاريخ ٢٢- ٩- ١٩٤٦ع تي ڄائو. ھن پشاور يونيورسٽيءَ مان ايم اي اردو (گولڊ ميڊل) ايم اي پشتو (فرسٽ ڪلاس فرسٽ) ايم اي اسلاميات (فرسٽ ڪلاس) جون ڊگريون حاصل ڪيون. مٿي ڄاڻايل آھي ته ھن ١٩٧٨ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي ڪئي. تنهن بعد ھن کي مرڪزي سرڪار جي اسڪالرشپ ملي ۽ ھو ١٩٨٢ع ۾ لنڊن روانو ٿي ويو. جتي مشھور علمي اداري اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ لسانيات جي تربيت حاصل ڪئي، ۽ ١٩٨٨ع ۾ پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي، سندس رھنمائي، تاريخي لسانيات جي مشھور پروفيسر ٿيوڊورابائنن صاحبه ڪئي. سندس مقالي جو عنوان ھو، ’پشتو فعل جي حوالي سان پشتو گرامر جو مطالعو‘. خالد خان خٽڪ سن ١٩٦٩ع کان سرحد سرڪار جي ڪاليجن ۾ پھريائين ليڪچرار پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو ۽ ھينئر ايسوسيئيٽ پروفيسر آھي.

ڊاڪٽر خالد خان خٽڪ برطانيا، آمريڪا، ڪئناڊا، جرمني، فرانس، ھالينڊ، بيلجم، ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ، سوئزرلينڊ، آسٽريا، يوگوسلاويا، بلگاريھ، ترڪي، ايران، افغانستان ۽ پولينڊ ملڪ گھمي ڏٺا آھن.

١٩٨٧ع ۾ راقم کي پڻ لنڊن يونيورسٽيءَ جي ساڳئي اداري يعني اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ پڙھڻ جو موقعو مليو. خالد خٽڪ اڳ ئي اتي پڙھي رھيو ھو، مون کي پڙھائيءَ دوران رھنمائيءَ لاءِ ڊاڪٽر ٿيوڊورابائنن صاحب جي حوالي ڪيو ويو. پھرين ھفتي ۾ ئي خالد خٽڪ سان ملاقات ٿي. پوءِ ته ڏاڍيون ڪچھريون ھونديون ھيون، خالد خٽڪ مون کي لسانيات جي گھڻن ئي مسئلن ۽ معاملن تي تمام سٺيون ۽ سھڻيون صلاحون ڏنيون، جيڪي تمام ڪارآمد ثابت ٿيون. آءُ سندس اھي ٿورا ڪڏھن به لاھي نه سگھندس. ميدم بائنن به سدائين سندس تعريف ڪندي ھئي. ھن جي لکيل ٿيسز مان ٽڪرا ڪڍي مون کي پڙھڻ لاءِ ڏيندي ھئي. بائنن صاحب جيئن ته تاريخي لسانيات جي ھڪ نامور پروفيسر ھئي، ھن کي پشتو ۽ سنڌيءَ جي تعلق جي تمام گھڻي ڄاڻ ھئي، خاص ڪري ٻنهي ٻولين تي ٿيل انگريزي اثرات، جيڪي ٻنهي ٻولين تي بلڪل ھڪجھڙائي ٿيل ھئا، ان باري ۾ اڪثر گفتگو ڪندي رھندي ھئي. خالد خٽڪ کي نه صرف اردوءَ تي مڪمل دسترس حاصل آھي، پر ھو سنڌيءَ تي سٺي مھارت رکي ٿو. مون ڏانهن خط سنڌيءَ ۾ لکندو آھي، جيڪو سندس سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ الفت جو ھڪ مظھر آھي. خطن ۾ اڪثر ڪري پنهنجن پراڻن استادن جھڙوڪ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ صاحب ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم کي تمام گھڻي سڪ ۽ قرب سان ياد ڪندو رھندو آھي.

”سنڌي پشتو اور اردو ڪي لساني روابط“ نالي واري ٿيسز تي خالد خٽڪ تمام گھڻي محنت ۽ جفاڪشي ڪئي آھي. افسوس ته ھيءَ ٿيسز اڃا ڇپي ڪانه آھي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ ھڪ ڪاپي موجود آھي. ضرورت ان امر جي آھي ته ھن ٿيسز کي ڇپائي پڌرو ڪيو وڃي، ته جيئن سنڌي، اردو ۽ پشتو ٻولين تي ٿيل ھن سھڻي ڪم کان عالم، فاضل توڙي عام ماڻھو ھن مان لاڀ پرائي سگھن.

ڊاڪٽر خالد خٽڪ پنهنجي پي ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ لکي ٿو، سنڌي پشتو ۽ اردو ٽئي آريائي ٻوليون آھن، جيڪي ھڪ مشترڪ ٻولي ’آريڪ‘ مان نڪتيون آھن. انهن مان اردو ۽ سنڌيءَ جو ھند آريائي شاخ سان تعلق آھي ته جڏھن ته پشتو جو نالو ھڪ طرف ھند آريائي شاخ سان آھي. ٻي طرف ھند ايراني شاخ سان پڻ گھرو تعلق آھي.(١)

گويا سنڌي ۽ پشتو جو نسلي اشتراڪ ئي اھڙو آھي، جو ٻنهي ٻولين لاءِ چئي سگھجي ٿو ته ٻئي ٻوليون ھند آريائي ۽ ھند ايرانيءَ جي وچ واريون ڪڙيون آھن. حقيقت ۾ اسين جڏھن خارجي اثرن جو اڀياس ڪنداسين ته واضع ٿيندو ته سنڌي ۽ پشتو ھڪ ئي ٻوليءَ مان نڪتل ٻوليون آھن ۽ ھڪجھڙن اثرات کي قبول ڪندي، موجوده منزل تائين پھتيون آھن، مگر بعد جي خارجي سياست ٻنهي کي ھڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري انهن جي وچ ۾ فرق وڌندو ويو. تاھم بنيادي اشتراڪ اڄ به نمايان آھي.(٢)

اڳتي ھلي ڊاڪٽر خالد پنهنجو رايو ڏنو آھي:

”بنيادي طور ٽئي ٻوليون، سنڌي اردو ۽ پشتو ڳالھائڻ وارا ھڪ ئي تهذيب ۽ تمدن جي لڙھيءَ ۾ پويل آھن. تاھم ٽنهي ٻولين پنهنجي انفراديت برقرار رکي آھي، جنهن مان سندن سڃاڻپ ٿي سگھي ٿي.(٣)

سنڌي اردو ۽ پشتو جي صرف ۽ نحو جو ڍانچو ھڪ ئي آھي. لفظي ذخيري ۾ لفظن جو انبار به ھڪجھڙو ئي آھي. ڳڻپ ۽ ماپ تور ۾ مڪمل ھڪجھڙائي آھي. ٽنهي ٻولين جو رسم الخط ھڪ ئي آھي. البت مخصوص آوازن لاءِ عربي اکرن ۾ مختلف اضافا ڪيل آھن.(٤)

ڊاڪٽر خالد خان خٽڪ جي ھيءَ ٿيسز سندس سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جي حوالي سان ھميشھ ياد رھندي.

 

حوالا:

١- خالد خان خٽڪ، سنڌي پشتو اور اردو ڪي لساني روابط، پي ايڇ. ڊي ٿيسز، سنڌ يونيورسٽي، ١٩٧٨ع، صفحو ٣٦

٢- خالد خان خٽڪ، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو ٥٤

٣- خالد خان خٽڪ، حوالو ساڳيو، صفحو ٤٣٧

٤- خالد خان خٽڪ حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو ٤٤٥


 

 

عمر چنڊ

 

عمر چنڊ سنڌي ٻوليءَ جو ماھر آھي، ھن جديد لسانيات جي تعليم آمريڪا مان حاصل ڪئي. سنڌيءَ ۾ لسانيات جي موضوع تي لکيل سندس اھم ڪتاب ’لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون‘  سٺي مقبوليت ماڻي آھي. عمر چنڊ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڊيوڪيشن فيڪلٽي ۾ پروفيسر جي عھدي تي رھيو، پر اڄڪلهه برونا دارالسلام جي ڪنهن اداري ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رھيو آھي.

عمر چنڊ ضلعي سانگھڙ جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ نئون آباد تعلقي سنجھوري ۾ ڄائو. سندس ڄم جي تاريخ (سرڪاري ڪاغذن مطابق) ٢١- ٩- ١٩٤٤ع آھي، جڏھن ننڍو ھو ته ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾ ڪو سرڪاري اسڪول نه ھئڻ ڪري، حاجي امام بخش مڱڻھار کان ھٽ تي وڃي سبق وٺندو ھو. نيٺ ٿر مان ھڪڙو ماڻھو ھٿ ڪيائون استاد اميد علي، جنهن وٽ سنڌي ۽ قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪندو رھيو. تان جو ’ويل لڪل ھمزة‘ الخ ياد نه ڪرڻ ڪري استاد اميد عليءَ کيس ڪڪڙ بڻايو، تنهن تان ڪاوڙجي مڪتب ڇڏي ويو. ڀرسان ھڪ ڳوٺ ھو، جنهن کي نواب جو ڳوٺ چوندا ھئا، اتي استاد ربڏني شيديءَ ٻارن کي پڙھائڻ شروع ڪيو. ھو به اتي پڙھڻ لڳو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ اھو اسڪول به بند ٿي ويو. ۽ قضا الاھي وري استاد اميد علي جي مڪتب ۾ اچڻو پيس. جتي پھچڻ شرط وري ڪڪڙ بڻجڻو پيس. اڃا ڪڪڙ ٿي بيٺو ھو ۽ پٺن تي ڪنهن سرون پي رکيس ته ريل گاڏيءَ مان ھڪڙو ماڻھو اچي لٿو. اھو ھو استاد غلام مصطفيٰ، جنهن چيو ته ھتي سرڪاري اسڪول منظور ٿيو آھي ۽ اڄ کان آئون ھتي اسڪول جو ماستر آھيان. ننڍڙي عمر چنڊ جي ڄڻ لله ٻڌي، پٺن تان سرون به لٿيون ته پڙھائي به شروع ٿي. قرآن مجيد سو ياد نه ڪيائين. پر پھريون درجو سنڌي پورو ڪيائين ته قرآن به پڙھي پورو ڪيائين. ٽئين درجي ۾ استاد ھن کي ٽئين ۽ چوٿين پرائمريءَ جو گڏي امتحان ڏياريو. تنهن بعد انگريزي پڙھڻ لاءِ انگريزي اسڪول جي تلاش شروع ٿي. ھن جو نانو محمد عثمان ھن کي ۽ ھن جي مامي عبدالرئوف کي پھريائين حيدرآباد جي نورمحمد ھاءِ اسڪول ۾ وٺي آيو. وري اتان کان نواب شاهه جي اسڪول ۾ ويھارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ھنن وٽ ايترو پئسو ڪونه ھو جو لاجنگ ۽ بورڊن جا خرچ ڀري سگھن. نيٺ ان وقت جي ھيڊ ماستر خواجھ صاحب چيو ته ھڪڙي کي فري بورڊنگ ڏينداسون، باقي ٻيو يا ته پئسا ڀري يا ٻئي اسڪول ۾ وڃي. ننڍڙو عمر چنڊ نئون آباد موٽي آيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ خانبهادر غلام محمد وساڻ جي ڳوٺ ڪنڊياريءَ ۾ وڃي پڙھڻ لڳو.

١٩٥٥ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ پنهنجي مامي علي اڪبر وٽ رھڻ لڳو. اتان ئي مئٽرڪ پاس ڪري، اتي ئي زرعي ڪاليج ۾ پڙھيو. پوءِ سروري اسلاميھ ڪاليج ھالا ۾ اچي نوڪري ڪيائين. نوڪريءَ سان گڏ تعليم به حاصل ڪندو رھيو ۽ اتان ئي ١٩٦٦ع ۾ بورڊ ۾ پھرين پوزيشن سان انٽر پاس ڪيائين. ١٩٦٨ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ بي اي پاس ڪيائين. ان زماني ۾ انٽرونگ اسڪالر شپون ھيون، جن جي لحاظ کان اوڀر پاڪستان جا شاگرد اولهه پاڪستان ۾ ۽ اولهه پاڪستان جا اوڀر پاڪستان ۾ وڃي پڙھندا ھئا. ھن کي به اھا اسڪالرشپ ملي ۽ ١٩٦٨ع جي آخر ۾ ڍاڪا وڃي رھيو. ١٩٧٠ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان پوزيشن سان انگريزيءَ ۾ ايم اي پاس ڪيائين. ٧ مارچ ١٩٧١ع تي عمر چنڊ واپس اولهه پاڪستان پھتو. ڍاڪا مان واپس ورڻ شرط سائين مخدوم طالب الموليٰ صاحب ھن کي گھران گھرائي، سندن ڪاليج سروري اسلاميھ ڪاليج ھالا ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار مقرر ڪيو. سگھوئي ڪاليج صوبائي حڪومت جي تحويل ۾ ڏنو ويو. بعد ۾ عمر چنڊ کي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي بدلي ڪيو ويو، جتان ١٩٧٢ع جي جنوري مھيني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڊيوڪيشن فيڪلٽيءَ ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿيو. ١٩٧٤ع ۾ يونيورسٽي آف ايلنواءِ ۾ پڙھڻ لاءِ ھن کي اسڪالرشپ ملي ۽ ١٩٧٥ع ۾ انگريزي ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ جي حيثيت سان پڙھائڻ جي ميدان ۾ ايم اي ڪيائين. آمريڪا ۾ لسانيات ۽ تعليم جي مختلف مضمونن کي پڙھڻ جو کيس موقعو مليو، جن ۾ گرامر، صوتيات، سماجي لسانيات، نفسياتي لسانيات، تشابهتي لسانيات ۽ انهن سڀني جو ٻوليءَ جي تعليم سان تعلق واري سلسلي جا مضمون پڙھائين.

انهيءَ تعليم کانپوءِ ڪي سال پاڪستان، ايران ۽ عراق ۾ پڙھايائين. ھاڻي ڪجهه عرصي کان برونا ۽ دارالسلام ۾ آھي، جتي اڳي ٽيڪنٽو انگلش ۽ ڪميونيڪيشن جا مضمون پڙھائيندو ھو، ھاڻي پلاننگ ۽ پروگرام ڊيولپمينٽ ڊويزن ۾ ڪم ڪري رھيو آھي.

عمر چنڊ جو پھريون مضمون جڏھن ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وارن جي سالياني ڪتاب ۾ ڇپيو ھو ته ان وقت ٽيون درجو انگريزي پڙھندو ھو. ١٩٥٩ع ڌاري’شاهه جي ڪلام ۾ عشق حقيقيءَ جو تصور‘ نالي سان اھو مضمون ڇپيو، جيڪو ھن ڇپجڻ کان سٺ سال پوءِ ڏٺو. دراصل اھو مضمون ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي ان وقت جي آنرري سيڪريٽري (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) کي موڪلي ڏنو ھئائين. موٽ ۾ کيس دعوت به ملي ھئي ته اچي ڀٽ شاهه جي ميلي تي اھو مضمون پڙھن. ھو ميلي تي به ويو ۽ پنڊال ۾ ويٺو رھيو، سوچيائين ته دعوت ڏني اٿائون ته لائوڊ اسپيڪر تي جيئن ٻين کي سڏين ٿا، تيئن ھن کي به سڏيندا. ھن کي اھا خبر ئي ڪانه ھئي ته پھريائين منتظمين وٽ وڃڻو پوندو آھي، انهن کي پنهنجي اچڻ جو ٻڌائبو آھي ته پوءِ ھو مضمون پڙھڻ لاءِ سڏيندا آھن. مضمون به ھنن ڇاپي ڇڏيو، پر سالن تائين ھن کي خبر ئي ڪانه ھئي، ته مصمون ڇپجي چڪو آھي، پوءِ ١٩٦٥ع ۾ جڏھن ھالا ۾ ھئو، اتان پنهنجن دوستن سان گڏجي ڀٽ شاهه ويو، تن ڏينهن ۾ اتي لائبررين عرض محمد بلوچ ھو. ان جڏھن عمر چنڊ نالو ٻڌو ته چيائين ته ’تنهنجو ته مضمون به اسان جي رسالي ۾ ڇيپل آھي‘. پوءِ اھو پراڻو رسالو ڳولھي کيس ڏنائين. ھڪ خط ۾ عمر چنڊ لکيو آھي ته ڪي مضمون ۽ ڪھاڻيون آءٌ امڙ زينت چنا جي مارئي رسالي کي ڏياري موڪليندو ھوس. انهن ڏينهن ۾ آئون چوٿين يا پنجين درجي انگريزيءَ ۾ ھوس. مون کان امڙ زينت چنا خط ۾ منهنجي تعليم بابت پڇيو. آءٌ ڊنس ۽ مون دل ۾ چيو ته ھيءَ مائي چوٿين درجي جو ٻڌندي ته ڪاوڙجي پوندي، سو ڌڪو ھڻي لکي موڪليومانس ته آءُ مئٽرڪ پاس آھيان. مون ڀانيو ھو ته مئٽرڪ ڪا وڏي شيءَ ھوندي، ۽ ائين لکندو سانس ته مڃي ويندي ۽ منهنجي ساک رھجي ويندي. مائيءَ کي اعتبار ڪونه آيو، تنهن مونکي لکيو ته ’تون ضرور بي اي يا ايم اي آھين. مئٽرڪ جو پاڻ تي پردو ڏنو اٿئي.‘

عمر چنڊ جا ڪي مضمون نئين زندگي ۽ ھلال پاڪستان رسالن ۾ ڇپندا رھيا. ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ رھندي، عمر چنڊ شيڪسپيئر جي ٽيمپيٽ تي ھڪڙو مضمون لکيو، جنهن ماڻھن ۾ چوٻول پيدا ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رھي ڊاڪٽر بلوچ حيدرآباد سنڌ تي لکيل ھڪڙو مضمون عمر چنڊ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ترجمو ڊاڪٽر بلوچ کي اھڙو ته پسند آيو جو، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪن ماڻھن کي چيائين ته وٽن ترجمو ڪرڻ لاءِ ڪو سرڪاري ڪم ھجي ته کيس ڏين. پر سنڌي ادبي بورڊ وارا ڇوٿا ڪنهن جي ٻڌن؟

عمر چنڊ آمريڪا ۾ رھندي، ٻوليءَ تي گھڻو ئي ڪم ڪيو. سنڌ جي ماڻھن پراون ڪتابن تان بابن جا باب نقل ڪري پنهنجي کوجنا جي صورت ۾ ڇپائي ڏيکاريا ھئا. اھي اصلي ڪتاب به ڳولھي لڌائين. موھن جي دڙي جي لکت تي جيڪو ان وقت تائين ڪم ٿيو ھو، سو به ھٿ ڪيائين. اھو سمورو مواد انگريزيءَ ۾ ھو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو موقعو کيس ڪونه مليو.

جڏھن ١٩٧٩ع ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جي لساني جاگرافي جو اشتهار ڪنهن ڪتاب ۾ ڏٺائين ته کيس ڏاڍو شوق ٿيو ته اھو ڪتاب ڏسجي. نيٺ جڏھن اھو ڪتاب ڇپيو ۽ پڙھيائين ته ھن جا چپ ئي ٺري ويا. دل ۾ چيائين، ’’ڪٿي ٿيو ڪوھيار ڪٿي پئي ھٿڙا ھڻي.‘ ان ڪتاب جي جواب ۾ ھڪ ڪتاب لکيائين، جيڪو ’لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون‘ نالي سان زيب ادبي مرڪز حيدرآباد ڇاپيو.

عمر چنڊ جو ايران ۾ رھڻ جي ڪري فارسي ٻوليءَ سان واسطو پيو ۽ اتي جي شاگردن کي جيڪي انگريزي سکڻ ۾ ڏکيائون ٿيون، تن بابت به ٽي مضمون اھڙا لکيائين، جيڪي فارسي ۽ انگريزيءَ جي گرامر جي ڀيٽ جي موضوع تي آھن: اھي مضمون به اڃا ڇپيا نه آھن.

حاصل مقصد ته سنڌي ٻوليءَ م سندس ڪم ٽڙيل پکڙيل آھي. ان جو وڏو سبب اھو آھي ته ھو سنڌ ۾ گھٽ رھيو آھي. کيس سنڌ ۾ ھلندڙ ادبي تحريڪن جي صحيح خبر به ڪانه ٿي پوي. سنڌ جا اديب ڪھڙن تحقيقي ڪمن ۾ مصروف آھن ۽ سندن ضرورتون ڪھڙيون آھن. عمر چنڊ ان باري ۾ لکي ٿو ته اسين ان ڏس ۾ ڪھڙو رول ادا ڪري سگھون ٿا. انهن ڳالھين تي ان وقت ڇا لکي سگھجي ٿو. اھو تڏھن ٿيندو، جڏھن ماڻھو وھڪري جي سير ۾ ھجي. پاڻ وٽ ھونئن ئي نفسانفسيءَ جو عالم لڳو پيو آھي. ڪير ٿو ڪنهن کي سڃاڻي. ڪير ٿو ڪنهن جي عزت ڪري. جن ماڻھن سڄيون ڄمارون پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ادب جون خدمتون ڪيون آھن ۽ جيڪي ماڻھو سچي پچي عزت لائق آھن، انهن جي خلاف وڏا زھر جا مٽ ڀريا پيا آھن.

عمر چنڊ، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ‘ تي ھڪ جامع تنقيدي نظر وڌي آھي. عمرچنڊ ڪتاب جي نالي بابت چيو آھي ته ھن ڪتاب جو نالو ھجڻ گھرجي ھا. سنڌ کان ٻاھر سنڌي ٻوليءَ جي پکڙجڻ جو تاريخي احوال يا سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون وڌڻ جي جاگرافيائي تاريخ يا سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ ان جي تاريخي جاگرافي (جاگرافيائي تاريخ) (١).

اڳتي ھلي عمر چنڊ لکي ٿو:

”ڊاڪٽر الانا جو ھيءُ زير نظر ڪتاب، وڏو رول ادا ڪري سگھي ھا. جڏھن ان ۾ لسانياتي جاگرافيءَ سان تعلق رکندڙ مسئلا ۽ انهن تي تحقيق ڪرڻ جي طريقن کي چڱيءَ طرح کولي پيش ڪيو وڃي ھا! ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ ڪتاب ڏسڻ سان پڙھندڙ کي لسانياتي جاگرافيءَ جي ڪم جي نوعيت جو صحيح اندازو ڪونه ٿي سگھندو؛ ان جي ابتڙ جيڪڏھن پڙھندڙ لسانياتي جاگرافيءَ جي علم کان ٿورو گھڻو اڳ ئي واقف نه ھوندو ته ان ڳالهه جو گھڻو امڪان آھي ته لسانياتي جاگرافيءَ متعلق سندس ذھن ۾ غلط تصور پيدا ٿئي، ۽ ھو مختلف علائقن ۾ ٻوليءَ جي پکڙجڻ جي تاريخي احوال کي لسانياتي جاگرافي سمجھي ويھي.“(٢)

ٻوليءَ جي باري ۾ عمر چنڊ جا خيال ھن ريت آھن:

”جيڪو ماڻھو جنهن ٻوليءَ جي ماحول ۾ ڄاپي يا نپجي وڏو ٿئي ٿو، اھو ماڻھو فطري طرح اھا ٻولي حاصل (Acquire) ڪري ٿو. ان ٻوليءَ جي جملن جي جوڙجڪ جو نظام، آوازن جي ڦرڻ گھرڻ ۽ اچارڻ جو سرشتو، نون لفظن ٺاھڻ جا قانون ذھن پاڻمرادو ’حاصل‘ ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح چئن پنجن سالن جي ٻار کان وٺي وڏي عمر تائين جو ھر ڳالھائيندڙ اھا صلاحيت رکي ٿو ته بنا ڪنهن اسڪول وڃڻ جي ۽ بنا ڪنهن گرامر جي ماھر کان قاعدا قانون سکڻ جي، اھو ٻڌائي سگھي ته سندس آڏو ڳالھايل لفظ يا جملو صحيح ڳالھايو ويو يا نه.؟(٣)

عمر چنڊ پنهنجي ڪتاب ’لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون‘ جي باري ۾ لکي ٿو:

”ھيءُ ننڍڙو ڪتاب جيڪو لسانياتي جاگرافيءَ جي بهاني سان شروع ٿيو ھو، لسانيات جي ھر روز وڌندڙ ۽ نئين سج اسرندڙ ٽارين مان ھڪ ٻي ٽاري ’ٻولين جي آراڌاين‘ (Varieties of language)  سان واسطو رکي ٿي. ھن کيت ۾ ٿيل تحقيق جو انهيءَ اميد سان جائزو ورتو ويو آھي ته جڏھن تحقيق جي واٽ جي سڌ پوندي، تڏھن تحقيق ڪرڻ وارا به پيدا ٿي پوندا. ھن ڪتاب ۾ لسانيات جي ڪن ٿورن ميدانن ڏانهن اشارا ڪيا ويا آھن، پر اڃا گھڻا ميدان اھڙا به آھن، جن ڏانهن ڪو ٺلھو اشارو به ڪونه ڪيو ويو آھي.(٤)

الانا صاحب جي ڪتاب تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي لکي ٿو:

”ڊاڪٽر الانا صاحب جي سڄي تحقيق جي جاکوڙ ۽ ان جي اھميت تي ڪو حرف ڪونهي، پر ھن تحقيق جو لنگوسٽڪ جاگرافيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي. حقيقت ھي آھي ته جنهن ھنڌ تان لسانياتي جاگرافيءَ جو ڪم شروع ٿيڻو آھي. ڊاڪٽر الانا صاحب جو ھيءُ ڪم ان ھنڌ کان ٻھ وکون اڳ ئي پورو ٿئي ٿو. ڊاڪٽر الانا صاحب جو ھيءُ تحقيقي ڪم سنڌ ڏيهه جي واقعاتي تاريخ ۽ ان جي ٻين پاڙيسري ڏيھن سان تهذيبي لاڳاپن جي تاريخ جي دائري ھيٺ اچي ٿو.(٥)

عمر چنڊ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ دايا ليڪٽ ۽ ايڪسينٽ لاءِ ھمعنيٰ وارا موزون سنڌي لفظ تجويز ڪرڻ جي سلسلي ۾ لکيو آھي ته ’ڊايا ليڪٽ واريون آراڌايون اھي آھن، جيڪي لفظن جي ڪنهن فرق يا گرامر جي ڪنهن فرق يا ٻنهي جي گڏيل فرق مان پڌريون ٿيون.‘ ايڪسينٽ واريون آراڌايون اھي آھن، جيڪي ڳالھائڻ جي اچارن تلفظ يا پروننسيئشن مان پڌريون ٿين.‘ اڳي لکي ٿو:

”اسان وٽ سنڌيءَ ۾ لھجو لفظ موجود آھي ۽ ھميشھ ايڪسينٽ لاءِ استعمال ٿيندو رھيو آھي. اڄ به اسان کي انهيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ ۾ ڪو حرج نظر ڪونه ٿو اچي. اھڙيءَ طرح اسان وٽ محاورو لفظ موجود آھي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ٻين اھو لفظ انهيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آھي ۽ الانا صاحب انهيءَ لفظ کي ڊايا ليڪٽ جي ننڍن گروھن جي معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ چاھيو آھي.“(٦)

عمر چنڊ صاحب ھن ڪتاب ۾ الانا صاحب جي ڏنل ٻوليءَ جي وصف تي به ٽيڪاٽپڻي ڪئي آھي، ۽ ٻوليءَ جي وصف جي باري ۾ جديد لسانيات ۾ ھلندڙ بحث جو تفصيلي ذڪر ڪيو آھي ۽ آخر ۾ ٻوليءَ جون مختلف وصفون پڻ ڄاڻايون آھن. ڪتاب جي ٻي حصي ۾ لساني جاگرافيءَ جي اوسر جو تاريخي جائزو ورتو آھي ۽ ٻڌايو آھي ته ڪيئن لسانياتي جاگرافيءَ تي سماجي لسانيات حاوي پئجي وئي آھي. چنڊ صاحب لکي ٿو ته جيڪي نوان علمي ميدان لسانياتي جاگرافيءَ مان نڪري نروار ٿيا آھن، اھي سڀئي ٻوليءَ جي آراڌاين، لساني تفريق يا تنوع (لئنگويج ويرئيشن) ھيٺ اچي وڃن ٿا. انهيءَ مان ھڪڙا سماجي لسانيات جي سري ھيٺ ايندا ۽ ٻيا وري لئنگويج ان ڪانٽيڪٽ (ھڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندڙ ٻوليون) جي سري ھيٺ ايندا.(٧)

عمر چنڊ جو لکيل ڪتاب ھڪ يادگار ڪتاب آھي، جنهن ۾ جديد لسانيات جي حوالي سان تمام گھڻيون ڪارائتيون ڳالھيون ڪيل آھن، جن لاءِ ھرطرح کيرون لھڻي.

 

حوالا:

١- عمر چنڊ، لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون، ١٩٨٩ع، صفحو ٣

٢- عمر چنڊ، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٨

٣- عمر چنڊ، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٣

٤- عمرچنڊ، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٧- ١٨

٥- عمر چنڊ، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٥٠

٦- عمر چنڊ، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٩٥

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org