ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي
سنڌي ٻوليءَ جو بين الاقوامي سطح تي مڃيل مشھور ۽ معروف ماھر،
لسانيات ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي، سنڌي ٻوليءَ
تي تحقيق ڪندڙن ۾ سڀ کان نمايان حيثيت جو مالڪ
آھي. لڇمڻ خوبچنداڻي ١٩٣٢ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو.
١٩٤١ع ۾ آمريڪا جي پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مان ايم
اي لسانيات ۾ ڪيائين، ان ڊگريءَ لاءِ جيڪو مقالو
لکيائين ان جو عنوان آھي:
The Phonology and Marpholophonemics of Sindhi
خوبچنداڻيءَ ساڳئي يونيورسٽي يعني پينسلوانيا مان ١٩٦٢ع ۾ پي
ايڇ ڊي لسانيات به ڪئي، ان لاءِ سندس مقالي جو
عنوان ھو:
The acculturation of Indian Sindhi to Hindi: A study of
Language in contact
ڊاڪٽر خوبچنداڻي زغرب يونيورسٽيءَ ۾ يوگوسلويا ۾
پروفيسر آف انڊين لنگئسٽڪس ٿي رھيو آھي. آمريڪا جي
رياست ھونو لولو جي ايسٽ ويسٽ سينٽر ۾ سينئر فيلو
ٿي رھيو آھي. ان کان علاوه سنگاپور جي ريجنل
لئنگويج سينٽر،
Relc
۾ ١٩٧٦ع ۾ نو مھينا رھي، اتي تحقيقي ڪتاب لکيائين:
Language and education in Pluralistic Solieties
ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ پوني جي مشھور ڊيڪن ڪاليج سان
پڻ منسلڪ رھيو آھي. ١٩٨٠ع جي ڏھاڪي ۾ ڪجهه سال
سينٽر فار ڪميونيڪيشن اسٽڊيز سان وابسته رھيو.
ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ جي دلچسپيءَ جا موضوع ھي رھيا آھن: لسانيات،
ڪميونيڪيشن، سماجي لسانيات، ۽ لئنگويج ڊيما گرافي،
ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ ڪافي ڪتاب لکيا آھن. مضمون به
لاتعداد لکيا اٿائين. سندس ايم اي جي ٿيسز
سنڌالاجي ۽ علامھ آءِ آءِ قاضي لائبريري سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ڪونه آھي، البته اسڪول آف اورينٽل
اينڊ آفريڪن اسٽڊيز لنڊن جي لائبريريءَ ۾ رکي ھئي،
اتي پڙھيم. سندس ڪم سائنسي بنيادن تي ٿيل آھي.
سندس پي. ايڇ ڊيءَ واري ٿيسز جي زيراڪس ڪاپي
سنڌالاجيءَ ۾ موجود آھي. ھيءُ ڪتاب نهايت اعليٰ
عمده تحقيقي مواد تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ١٩٤٧ع کان
پوءِ ھند ۾ لڏي آيل سنڌين جي سنڌي ٻوليءَ جو
ھنديءَ سان تعلق قائم ٿيڻ سان آيل تبديلين جو
اڀياس آھي. ھندي ۽ سنڌي ٻولين جو تاريخي پس منظر
بيان ڪيل آھي. ھند ۾
Bilingualism
ٻه لسانيات واري صورتحال پيدا
ٿي آھي. يعني ته ھندي ۽ سنڌي ھڪ جيتري مھارت ۽ ھڪ
ئي وقت ڳالھائڻ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آھي. ھنديءَ مان
اڌارا ورتل (دخيل لفظ) لفظن
Loan words کي پڻ تفصيل سان بحث ھيٺ آندو آھي. ڪوڊ سوئچنگ ۽ ڪوڊ
مڪسنگ جھڙن جديد موضوعن تي پڻ پنهنجن خيالن جو
اظھار نهايت سھڻن مثالن سان ڪيو آھي. خوبچنداڻيءَ
ڄاڻايو آھي ته ڪيئن سنڌي ٻولي ھنديءَ جا اثرات
قبول ڪندي، نه رڳو اڌارا لفظ
Loan words
ورتا آھن، پر سنڌي ٻوليءَ جي
صرف نحو ۾ ڪجهه تبديليون پڻ واقع ٿيون آھن.
خوبچنداڻيءَ جي خيال ۾ ھنديءَ سان گھري تعلق ۾ اچڻ جي ڪري ھندي
سنڌي ٻوليءَ تي جيڪي اثرات ٿيا آھن، سي ھن ريت
آھن:
١- سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾ تبديلي آئي آھي ۽ ڪن صوتين تي
به اثر پيو آھي.
٢- عربي- فارسي آواز/
غ=
غ ۽ ق
/
آھستي آھستي سنڌيءَ مان گم ٿي رھيا آھن، انهن جي
جاءِ ک، گ ۽ ڪ
/ والاري رھيا آھن. منهنجي راءِ ۾
/ق/آواز
ته سنڌيءَ جو صوتياتي نظام ۾ داخل ئي نه ٿي سگھيو
آھي. البت لکڻ جي صورت
/ق/
موجود آھي.
٣- سنڌيءَ ۾ ڪجهه ضميري پڇاڙيون به آھستي آھستي گم ٿي رھيون
آھن.
٤- ھنديءَ جون ڪي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون سنڌي لفظن جي بناوت تي
اثر انداز ٿيون آھن.
٥- سنڌي ٻوليءَ جي اکر- ڀنڊار ۽ معنيات تي ھنديءَ جا ڪيترن ئي
رخن کان اثرات ٿيا آھن.(١)
خوبچنداڻيءَ جي ھڪ اھم ۽ يادگار ڪاوش جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو
سمجھان، سو آھي ڪرنٽ ٽرينڊس ان لنگئٽڪس جي جلد-٥ ۾
سندس مقالو ڪرنٽ ٽرينڊس ان سنڌي، جيڪو ١٩٤٩ع ۾
ڇپيو. ھن مقالي ۾ سنڌي لسانيات جي ھر پھلو ٿيل ڪم
جو تعارف ۽ جائزو پيش ڪيو ويو آھي. ھن مقالي ۾ ھند
توڙي سنڌ ۾ ٿيل ڪم کي نظر ۾ رکيو ويو آھي. جن خاص
خاص موضوعن تي لکيو ويو آھي، سي ھي آھن:
١- رسم لاخط، سنڌيءَ جي موجوده عربي- فارسي رسم الخط ڪيئن ٺھي ۽
ھند ۾ ديوناگري لپيءَ جو مسئلو زيربحث آندو آھي.
٢- صوتيات، صوتيات تي ٿيل ڪم جو خود جائزو ورتو ويو آھي. چوسڻن
آوازن جي احوال ۾ جان بورڊي ۽ پنهنجي پاران ڪيل ڪم
جو ذڪر موجود آھي.
٣- گرامر، سنڌيءَ ۾ لکيل سمورن اوائلي توڙي تازه گرامرن جو
احوال ڏنو آھي.
٤- لھجن ۽ محاورن تي ٿيل ڪم.
٥- ٻولين جو پاڻ ۾ تعلق واري حصي ۾ سندس ئي ڪم نمايان آھي.
٦- لغت نويسيءَ جي حصي ۾ سمورين قسمن جي لعتن جو ڀرپور احوال
ڏنو اٿائين.
٧- تقابلي ۽ تاريخي لسانيات، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي سلسلي ۾
مرزا قليچ بيگ، ليلو رچنداڻي، سراج، ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، ڀيرومل ۽ پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي
نظرين تي ڪافي ٽيڪاٽپڻي ڪئي وئي آھي.
٨- تدريسي مواد جي سري ھيٺ سنڌي انسٽرڪٽر ۽ ريڊنگ بوڪن جو احوال
ڏنل آھي.
٩- لوڪ ادب جي عنوان ھيٺ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم جو ذڪر ڪيل آھي.
١٠- عام لسانيات لاءِ پوپٽي ھيراننداڻي، جتوئي، الانا ۽ پنهنجي
ڪم جو احوال ڏنو اٿائين. مقالي جي آخر ۾ ھڪ جامع
ببليوگرافي ڏني وئي آھي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
باري ۾ لکيل سمورن اھم ڪتابن جي لسٽ ڏني وئي
آھي.(٢)
خوبچنداڻيءَ جا ڏهه مضمون جيڪي ھن ١٩٦٩ع کان ١٩٧٦ع تائين لکيا،
انهن جو مجموعو سنگاپور جي ريجنل لئنگويج سينٽر
RELC
پاران ڇپايو ويو آھي. ھن ڪتاب
۾، ڏکڻ ايشيا جي علائقن ۾ جتي ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون
ڳالھائڻ وارا سماج موجود آھن، اتي جي سماجي حقيقتن
جي سچاين جي پرک ڪئي وئي آھي. سماجي لسانيات جي
ميدان ۾ ھيءُ ھڪ ڪارائتو ڪتاب آھي. سندس ھڪ ٻيو
اھم ڪتاب:
language Education and Social Justice ھن ڪتاب ۾ ھندستان ۾ ذريعھ تعليم، مقامي
ٻوليون، ھندي ۽ انگريزي ٻوليون، لساني حقوق ۽
سماجي انصاف جھڙا موضوع آئيني صورتحال جي حوالن
سان قلمبند ڪيل آھن. ھن ڪتاب کي ھندستان ۾ ڪافي
ساراھيو ويو آھي.
خوبچنداڻيءَ صاحب جون سنڌيءَ ۾ صرف ٽي تحريرون مون کي دستياب ٿي
سگھيون آھن. ھڪ آھي ڪھاڻي رسالي جي، ١٩٦٢ع جي ڪجهه
پرچن ۾ پوپٽي ھيراننداڻيءَ جي ڪتاب ’ڀاشا شاستر‘
تي ڪيل تنقيد ۽ تبصري جا مضمون. ھنن مضمونن ۾ جديد
لساني علم جي روشنيءَ ۾ ٻولين جي وصف ٻولين جي
اوسر ۽ ارتقا، لساني تبديليون وغيره جو احوال ڏنو
ويو آھي. پوپٽيءَ جي ڪتاب جي اوڻاين جي نشاندھي
ڪئي آھي. خوبچنداڻيءَ جو ٻيو مضمون سنڌيءَ ۾ لکيل
آھي. ’سنڌي ٻوليءَ جو بدلجندڙ روپ‘ گجرات اڪيڊمي
گانڌي نگر جي مخزن ’ادبي چمن‘ ١٩٩٢ع ۾ ڇپيو آھي.
سندس راءِ ۾ گذريل چاليھن سالن ۾ ڀارت جي بهو ڀاشي
ماحول ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واھپي ۾ ڪيتريون تبديليون
ٿينديون نظر اچن ٿيون. وڏي وھيءَ وارا سنڌي
ڳالھائيندڙ انهن تبديلين کي اڪثر ’ٻوليءَ جو
بگاڙو‘ ڪري ٿا ليکين. ٻوليءَ ۾ تبديلين جو گھڻو
دارومدار تاريخي حادثن تي منحصر رھي ٿو. ٿلھي ليکي
ٻوليءَ جي وھنوار ۾ ٽن نمونن جون تبديليون ڏسڻ ۾
اچن ٿيون. (١) ايراضائي اثر ھيٺ ايندڙ تبديليون.
(٢) انفرادي سڃاڻپ جي اثر ھيٺ ايندڙ تبديليون. (٣)
تاثرات کي وٽ ڏيارڻ خاطر ايندڙ تبديليون. ھي ٽنهي
قسمن جون تبديليون اچارن، گرامر جي خصوصيتن، جملن
۽ شبداليءَ جي چونڊ دوران جڏھن رٿائتي جوڙ ۾ عام
مروج ٿيڻ لڳن ٿيون ته اھي ڀاشا جي سرشتي ۾ بنيادي
اثر ڇڏين ٿيون.(٣)
ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ جو ٽيون مضمون روزانه ’عوامي آواز‘ ۾ ڇپيو
آھي. جنهن جو عنوان آھي ’ڪڇ جي ٻولين ۽ برادرين جو
تاريخي پس منظر‘ ھن مضمون ۾ خوبچنداڻيءَ سنڌ ۽ ڪڇ
جي لاڳاپن ۽ قومن جي لڏ پلاڻ جو تاريخي اعتبار کان
جائزو ورتو آھي. ڪڇ جي جاگرافي، اتهاس ۽ ڏيساور ۾
ڪڇي، ٻئي تعلقي، ٻوليون ۽ ساخت جي سري ھيٺ ڪڇ جي
قومن ۽ ادب ۽ ٻوليءَ جي سٺي ڄاڻ مھيا ڪئي آھي.
خوبچنداڻيءَ ڏيساور ۾ ڪڇين جو بيان ڪندي لکيو آھي:
”ڪڇين جو گھڻو واپار اوڀر آفريڪا گلف عرب ملڪن ۾
ڄميل آھي. ڪيترين پيڙھين کان چڱائي ڪڇي انهن ملڪن
۾ وسي ويا آھن. ڀاٽيا ۽ ميمڻ ڏيساور ۾ پڻ گھري
وھنوار لاءِ ڪڇي ٻوليءَ جو واھپو ڪن. ڪڇي (سنڌي)
جي گاڏڙ روپ جو ھڪ نمونو ’جنگباري‘ جي نالي سان
تانزانيا اوڀر آفريڪا جي ٻيٽن ۾ ملي ٿو. ڪي ورھيھ
اڳ جنگباري ڳالھائيندڙ عالم ھڪ انٽرنيشنل ڪانفرنس
۾ ٻڌايو ته اٽڪل ڏيڍ سؤ سال اڳ ڪڇ جا مسلمان
زنزيبار ۾ عرب مسلمانن جو راڄ ڪاروبار ھلائڻ ۽
واپار سانگي لڏي ويا ھئا. اڄ سوڌو اتان جا ڪي چند
ھزار رھواسي سواھيلي گاڏڙ سنڌي ڳالھائين ٿا. ان کي
جنگباري ڪري سڏين ٿا. سندس بيان موجب ’سنڌ‘ لفظ
عربيءَ ۾ ’زنج‘ نالي سان مروج ٿي ويو ۽ انهن ٻيٽن
تي سنڌ کان آيل عملدارن ۽ واپارين جي ايتري ته ڌاڪ
رھي، جو اتان جو نالو ’زنز بار‘ يعني سنڌ وارو
پئجي ويو. سواھيلي ٻولي زنج بدلجي ’جنگ‘ پئجي ويو.
۽ ان گاڏڙ ٻوليءَ جو نالو جنگباري، يعني سنڌ واري
ٻولي اڃا تائين ھلندو اچي. ان لفظ جي ڇيد جي نيمن
بابت اڃا پوري تصديق ڪانه ٿي سگھي آھي.“ (٤)
ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي حوالي سان خوبچنداڻيءَ لکيو آھي ته: ”ڪڇ
جي ٻني علائقي جون قومون سنڌي ٻولي ڳالھائينديون
آھن. ٻنيءَ کان سواءِ باقي سڄي ڪڇ علائقي تي
گجراتي تهذيب جو گھڻو اثر ڇانيل آھي. ڪيترين صدين
کان ڪڇ گجرات جو ھڪ جزو ٿي رھيو آھي. ڪڇ ۾ عام طور
ڪڇي ٻولي فقط گھرو ۽ ويجھڙائيءَ جي وھنوار لاءِ
ڪتب آندي وڃي ٿي. واپار تعليم، دفتري، ڪاروبار،
سفر ۽ دستوري ڳالهه ٻولهه لاءِ گجراتيءَ جو واھپو
وڌندڙ آھي، جيئن اڄڪلهه شھري زندگيءَ جي اثر ھيٺ
سنڌين ۾ ھندي ۽ انگريزيءَ جو بول بالا ٿيندو پيو
وڃي. ٻولي سماج ۾ سڀيتا جي پاڇي ھيٺ ئي پلجي ٿي،
جيئن ڪڇ جي مختلف برادرين جو نسل ۽ تهذيب به جدا
جدا ملي ٿي، ان موجب سڀاويڪ طور ڪڇي ٻوليءَ جا به
مختلف روپ ملن ٿا.“(٥)
پوني جي مشھور ڪاليج، ڊيڪن ڪاليج ۾ سنڌي لسانيات جو شعبو ١٩٤١ع
۾ قائم ٿيو، جنهن جي ترقي ۽ واڌاري ۾ ڊاڪٽر
خوبچنداڻيءَ جو گھڻو حصو آھي. ڊيڪن ڪاليج ۾ جامع
سنڌي- انگريزي ڊڪشنريءَ جي رٿا تيار ڪئي وئي، جنهن
جا ٻه حصا خوبچنداڻيءَ تيار ڪيا ۽ ١٩٦٨ع ۾ ڇپائي
پڌرا ڪيا. ڊيڪن ڪاليج مان لسانيات جي موضوع تي ٽن
عالمن کي پي. ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون ڏنيون ويون آھن،
سي ھي آھن:
(١) مرليڌر جيٽلي، موضوع ’سنڌي صوفيات‘، (٢) ستيش روھڙا، موضوع
’ڪڇيءَ جو گرامر‘، (٣) تولاڻي، موضوع ’سنڌي صورت
بدل- نحو‘. پرسي گدواڻيءَ پنهنجي ايم اي جي ٿيسز
’لاڙي صوتيات‘ نالي سان لکي. ڪاليج ۾ رھندي،
خوبچنداڻي صاحب ھيٺيان مقالا لکي تيار ڪيا:
(1) Contrastive study on Sindhi and Hindi sound
structures.
(2) Writing systems of Sindhi
(3) A grammatical sketch of Sindhi
سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ خوبچنداڻيءَ جو رايو آھي:
”سنڌي ٻوليءَ جي سرشتن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته سنڌي بنا
ڪنهن شڪ شبهي جي ھند آرائي ٻولين سان تمام گھرو
رشتو رکي ٿي. سنڌي ٻوليءَ کي ھند آريائي اترين
اولاھين خاندان ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. ھن گروه جي
ھڪ ٻولي لھندا، سرائڪي يا مغربي پنجابي به آھي.
سنڌيءَ جو تعلق اوائلي پراڪرتن سان ته آھي، پر
جديد ھند آريائي ٻولين سان به آھي. پنهنجن ٻين
ڀينر ٻولين جيان سنڌيءَ ۾
OIA
قديم ھند آريائي ۽
MIA وچين ھند آريائي ۽
NIA
جديد ھند آريائي دور مان
گذرندي، اڄ جي دور ۾ داخل ٿي آھي. خوبچنداڻي،
جيرامداس ۽ دولترام سان متفق ٿيندي لکيو آھي ته
سنڌيءَ جو وراچڊ اڀپرنش سان ڪوبه تعلق ڪونهي، جيئن
مارڪڻڊيھ ڄاڻايو آھي، پر سنڌي ڪنهن آڳاٽي پراڪرت
مان اسري نسري آھي.“(٦)
خوبچنداڻيءَ جي راءِ ۾ ضميري پڇاڙيون ھند آريائي ٻولين مان صرف
سنڌيءَ ۽ ملتانيءَ ۾ آھن. جھڙوڪ:
چئيس
=
تون ھن کي چئھ
چونداسون- اسين ھنن کي چونداسين
جوڻھين- تنهنجي زال
ڏيرم- منهنجو ڏير
ساڻن- ھنن سان گڏ
جھڙس- ھن جھڙو
ضميري پڇاڙين جي ھيءَ خصوصيت داردي ٻولين فارسي ۽ بلوچيءَ ۾ به
آھي.(٧)
خوبچنداڻيءَ جا ريسرچ پيپر به لاتعداد ڇپيا آھن. سندس ھڪ مقالو
آھي:
Arabic Script for non Semitic Languages.
جنهن ۾ سمجھايو اٿائين ته اردو، سنڌي، فارسي ٻولين لاءِ عربي
رسم الخط ڪيئن ڪم آيو آھي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ
ديوناگري لپي ھجڻ گھرجي يا عربي- فارسي. انگريزن
جي راڄ جي شروع ۾ ھيءُ معاملو ڪيئن سلجھايو ويو،
تنهن تي پڻ روشني وڌي اٿائين.
ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي ٻاھرين دنيا ۾ نه صرف سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ
وڏو ماھر تسليم ٿيل آھي، پر لسانيات جي ٻين شاخن
جھڙو سماجي لسانيات ۽
Multilingualism & Bilingualism جي ميدان ۾ پڻ سندس وڏو قدر آھي.
حوالا:
1- Khubchandani, Lachman, The acculturation of
Indian sindhi to Hindi. A study of Language in
contact 1963.
2- Khubchandani, Lachman, Current trends in Linguistics-
Sindhi. 1969.
٣- خوبچنداڻي، لڇمڻ، مضمون ’سنڌي ٻوليءَ جو
بدلجندڙ روپ‘ ڪتاب ’ادبي چمن‘، ١٩٩٢ع، صفحو ٧٦- ٨١
٤- خوبچنداڻي، لڇمڻ، ڊاڪٽر، ڪڇ جي ٻولين ۽ برادرين جو تاريخي پس
منظر، روزانه عوامي آواز، ٢٠ جولاءِ ١٩٩٤ع
٥- خوبچنداڻي، حوالو ساڳيو، مضمون
6- Khubchandani, Lachman, Sindhi language,
Indian Institute of Advanced study, Simla. 1973,
P-5
7- Khubchandani, Lachman, Ibid. P-10 |