سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 25

 

ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو

 

ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر باڊهه ۾ پھرين جنوري ١٩٥٤ع تي ڄائو. سندس والد جو نالو مراد علي ٻگھيو آھي. ھن پرائمري تعليم باڊهه مان ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڪاليج مان بي. اي ڪيائين. ايم. اي سنڌي ۽ ايم- اي صحافت سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ١٩٧٧ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو.  ١٩٨٨ع ۾ سينٽرل اوورسيز ٽريننگ پروگرام ھيٺ برطانيا ويو، جتان ١٩٩٤ع ۾ ايسيڪس يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي ڪري آيو. سندس مقالي جو عنوان ’شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي سنڌي ٻوليءَ جو سماجي لسانياتي تقابلي مطالعو ھو‘. ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي جي ڪيل ڪم جو وچور ھن ريت آھي:

طبزاد ڪتاب:

١- مرزا قليچ بيگ، سنڌالاجيءَ پاران، ١٩٨٨ع ۾ ڇپايو ويو.

مرتب ڪيل ڪتاب:

١- مقالا (مرتب)، ھن ڪتاب ۾ اھي مقالا شامل آھن، جيڪي ١٩٨٨ع ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيا ويا ھئا.

٢- نرتي تند نياز سين (مرتب) ١٩٨٨ع، ھن ڪتاب ۾ اھي مقالا ڏنل آھن، جن جو موضوع شاهه لطيف جي شاعري ۽ سوانح آھي. ھيءُ ڪتاب پڻ بين الاقوامي ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپيو.

مجموعو:

١- سنڌي ٻولي: ’لسانيات کان سماجي لسانيات تائين‘، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ١٩٩٨ع.

ھيءُ ڪتاب سندس اڳ ڇپيل مضمونن، ليڪچر ۽ انٽرويو جو مجموعو آھي.

ڊاڪٽر قاسم طرفان لسانيات جي موضوع تي لکيل مضمونن ۽ مقالن جو وچور ھيٺينءَ طرح آھي:

١- پھاڪو، مھراڻ-٣، ١٩٧٩ع

٢- پاڪستان ۾ ٻوليءَ جي رٿابندي ۽ سنڌي ٻولي، نئين زندگي، ڊسمبر ١٩٩١ع

3- Linguistic minorities to be found in Europe. Sindh University, Arts Journal, 1991.

4- Diadronic Sociolinguistic situation in Sindh. Sindh University Arts Journal, 1994.

٥- سماجي لسانيات ۽ ٻوليءَ بابت غير لساني مفروضا، ’سھ ماھي مھراڻ-٣، ٤، ١٩٩٤ع

6- Socioloinguistic Review of Sindh, After the Emergence of Pakistan. “Sindh Quarterly”,-2, 1995

٧- لسانيات کان سماجي لسانيات تائين، ڪينجھر ١٩٩٤

٨- سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو ۽ اسان جون ذميواريون، سنڌ سجاڳ، جون- جولاءِ، ١٩٩٥ع

٩- ڦير گھير/ تبديليءَ جي اڀياس لاءِ لسانياتي ڦرڻن جي چونڊ، ماھوار ڪينجھر ، جون ١٩٩٧ع

مٿين ڪم کان سواءِ ڊاڪٽر قاسم جو پي ايڇ. ڊيءَ وارو مقالو “Sociolinguistics of Sindhi”، Lincom Europa، جرمنيءَ ۾ ٢٠٠١ع ۾ ڇپيو آھي، جنهن جو پاڪستاني ڇاپو به شايع ٿي چڪو آھي. ھن ساڳي مقالي جو سنڌي ترجمو سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ٢٠٠٣ع ۾ ترجمو ڪرايو ويو آھي. ھيءُ ترجمو عبدالغفار صديقي ۽ مراد علي مرزا ڪيو آھي، جيڪو ھن وقت اٿارٽيءَ جي اشاعتي پروگرام ۾ شامل آھي.

ڊاڪٽر قاسم ٻگھيي سماجي لسانيات جي حوالي سان پنهنجو مؤقف بيان ڪندي لکيو آھي ته:

”ٻولي ۽ ان جو استعمال يعني ڳالھائڻ ئي شايد اھو سماجي تحفو آھي، جيڪو انسان کي ٻين جانورن کان الڳ معتبر ظاھر ڪري ٿو. ماڻھپي ۽ انسان کي سمجھڻ لاءِ ضروري آھي ته ٻوليءَ جي قدرت ۽ ڪيفيت کي سمجھون، جيڪا اسان کي ماڻھو بڻائي ٿي. ڪيترن ماڻھن جي مذھبي عقيدن، مفروضن ۽ فلسفي مطابق ته اھا ٻولي ئي آھي، جيڪا انسان، زندگي ۽ طاقت جو ذريعو آھي.“(١)

ساڳي موضوع جي حوالي سان ھو وڌيڪ چئي ٿو:

”سماجي لسانيات جو اصطلاح استعمال ڪندڙ ٻوليءَ جي مطالعي ۽ سمجهه لاءِ سماج ۽ انساني علم کان علاوه ٻين علمن کي ھٿيار طور استعمال ڪن ٿا. سماجي لسانيات اصل ۾ ٻوليءَ جي سائنسي علم کي سماج ۾ موجود يا اڳ ٿيل واقعن ۽ حالتن لاءِ لاڳاپي اڀياس ڪرڻ جو نالو آھي. مثال طور ٻوليءَ جي ڪنهن ھڪ شاخ يعني صوتيات، گرامر يا لفظن جو اڀياس ڪرڻ لاءِ سماجي حالتن، سماجي رتبي، عمر جي فرق ۽ علمي اھميت کان علاوه ٻين ڪيترن سماجي ماڻن (Social Parameters) کي استعمال ڪرڻ“.(٢)

ٽماھي مھراڻ ۾ ڊاڪٽر قاسم غير لسانياتي مفروضن جي حوالي سان لکيو آھي ته:

”مثال طور ھتي جيڪڏھن آءُ اھو چوان ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ موجوده تبديلي يا ڦيرڦار کي معروضي سياسي ۽ سماجي حالتن جو ڪارڻ ڄاڻائيندي اڻٽر ٿو سمجھان ۽ انهن کي عيب نه پر ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ شمار ڪيان ٿو، جيڪر ڪيترائي ٻوليءَ سان جذباتي وابستگي رکندڙ ٻوليءَ کي خالص رکڻ جا حامي ۽ ٻاھرئين اثرن کي قبول نه ڪندڙ يا وري اڌو گابرو لساني تعليم رکندڙ عالم مڇرجي پون ۽ مون تي سنڌي ٻوليءَ جي خلاف ھجڻ جون فتوائون صادر ڪن.“(٣)

سندس اِھا راءِ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ تبديليون ٻوليءَ جي ترقي آھي، ان تي سچ پچ عالمن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ تي ٿيندڙ خاص طور اردوءَ جي اثرات جي خلاف آھن، ڊاڪٽر قاسم سان اختلاف ڏيکاريو آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به نوان نوان لفظ ۽ اصطلاح ضرور شامل ٿيندا رھندا. ان کي ڪوئي روڪي به نه سگھندو ۽ اھا ٻوليءَ جي ترقي آھي ۽ تنزلي يا بگاڙو نه آھي. سنڌ جي صورتحال حقيقتا ھيءَ آھي ته اخبارون ۽ رسالا سنڌي ٻوليءَ جي گرامر، صورتخطي ۽ املا مطابق ٻوليءَ کي ضبط تحرير ۾ نه پيون آڻين ۽ ڪيترين ئي سنگين غلطين جون مرتڪب ٿي رھيون آھن. ڪوئي شاگرد به ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ جون چڪون ڪندو ته ان جي گوشمالي ته ضرور ٿيندي. Purist عالمن جي راءِ  جو مرڪزي نقطو اھوئي آھي.

ڊاڪٽر قاسم جي خيال موجب ڪابه ٻولي اندروني بناوت جي لحاظ کان محدود يا گھٽ مان مرتبي يا مڪمل اظھار کان اڻپوري يا معذوري نه آھي. مڙئي ٻوليون پنهنجي ڳالھائيندڙن جون سموريون سماجي ۽ نفسياتي گھرجون پوريون ڪن ٿيون ۽ سائنسي علم لاءِ پڻ ھڪجيتريون لائق يا اھل آھن. اھي سماجي ۽ انساني فطرت بابت مڪمل ڄاڻ ڏيڻ جو ذريعو آھن. (٤)

سگھاريون ۽ جيئريون جاڳنديون ٻوليون به ارتقا جا مرحلا طئي ڪنديون رھن ٿيون. سنڌي ٻولي به ڪيترائي مرحلا طئي ڪندي رھي آھي. اڄ جي سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ذخيرو، جيڪو اڳ ھيو، ان ۾ ڪافي اضافو ٿيو آھي.

آرين، عربن، ارغونن، مغلن ۽ انگريزن سنڌ ۾ پنهنجين ٻولين جا گھرا اثرات سنڌيءَ تي ڇڏيائون. اھڙيءَ طرح ٻيون ٻوليون به ميل ميلاپ ۽ ٻين ڪيترن سببن ڪري منجھن ڪيتريون ئي تبديليون اينديون رھيون آھن. ھن وقت به سنڌي ٻوليءَ ۾ اھڙي سگهه موجود آھي، جنهن سان ٻين ٻولين جا لفظ اصطلاح پاڻ ۾ جذب ڪري سگھي ٿي. حقيقت اھا آھي ته سائنسي علمن، جھڙوڪ ڪيميا، طبعيات، حياتيات، توڙي نفسيات، فلسفھ، منطق ۽ ٻين علمن جي اصطلاحن کي سنڌيءَ ۾ گھڙڻ (Cion) ڪرڻ جي گھڻي ضرورت آھي. اھي اصطلاح انگريزي توڙي ٻين ڪيترين يورپي ٻولين ۾ موجود آھن. مثلا: ميڊيڪل، انجنيئرنگ توڙي ڪمپيوٽر لاءِ اسان کي انگريزيءَ ڏانهن واجھائڻو پوي ٿو.

پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي بابت ڊاڪٽر قاسم جو خيال آھي ته ٻوليءَ جي مسئلي جي سلسلي ۾ رٿابندي ڪندڙن کي بااختيار ڪري اھميت ڏئي، پوءِ ٻوليءَ جي حيثيت مقرر ڪرائي وڃي.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس جرنل ۾ آيل سندس ھڪ مضمون ۾ ھن سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي تاريخ، عربن جي دور، انگريزن جي دور ۽ پاڪستان واري دور جي سماجياتي لسانيات جي صورتحال تي روشني وڌي آھي. پاڪستان جي دور، انگريزن جي دور ۽ پاڪستان واري دور جي سماجياتي لسانيات جي صورتحال تي روشني وڌي آھي. پاڪستان جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي ڪاپاري ڌڪ رسايا ويا، ان سلسلي ۾ ھن لکيو آھي ته:

The sindhi medium of Education in the major urban areas of Sindh, during the martial law periow (1977-88) and until present da not been given sufficient attention. The closure of Sindh medium schools in urban areas had continued little in any thing has been done to promote the sindhi Language in accord with its status as provincial language and the amount of Radio and Television coverage betays its position as a living modern language.(6)

ڦير گھير/ تبديليءَ جي اڀياس لاءِ لسانياتي ڦرڻن جي چونڊ مضمون ڪينجھر جون ١٩٩٧ع واري پرچي ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر قاسم ڦرڻو يعني Variable جي چونڊ ڪري لسانياتي تبديلين جو اڀياس ڪرڻ جو مقصد سامھون رکيو آھي. ان لاءِ ھن ٽي ڦرڻا چونڊيا آھن:

١- آو/ ۽/ اِي/ ٻھ سرا آواز

٢- سنڌي لفظن جي آخر ۾ اچڻ وارو ننڍو سر

٣- مورڌني آوازن ٽ، ڊ ۽ ڍ سان شامل/ر/ جو آواز

ڊاڪٽر قاسم ٻگھيي ڪجهه وقت سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو چيئرمن به رھيو. ان کان اڳ ھو سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيئرمن ھو. ھن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽيءَ جو ڊين آھي.

حوالا:

١- ٻگھيو، ڊاڪٽر محمد قاسم، مضمون، ’لسانيات کان سماجي لسانيات تائين‘، ڪتاب ڪينجھر، ١٩٩٥ع، صفحو ٥٩

٢- ٻگھيو، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٦١- ٦٢

٣- ٻگھيو، ڊاڪٽر محمد قاسم، مضمون ’سماجي لسانيات ۽ ٻوليءَ بابت غيرلساني مفروضا‘، مھراڻ-٣-٤/١٩٩٤ع، صفح ١٥٨

٤- ٻگھيو، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٦١

(٤ الف) ٻگھيو، قاسم، سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات تائين، ١٩٩٨ع، صفحو ٤٨- ٤٩

٥- ٻگھيو، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو١٢

6- Bughios, Dr. M. Qasim Articale. ‘Diachronic Sociolinguistic situation in Sindh’ Sindh University Arts Journal Vol. XXIX, 1994, P-118

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org