ڊاڪٽر غلام علي الانا
ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌ جو مشھور اديب، عالم، دانشور ۽ ماھر
لسانيات آھي. ھن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌي ادب ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي خدمت ۾ گذاري آھي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي
سنڌي شعبي ۾ سالن جا سال سربراهه ۽ پروفيسر ٿي
رھيو آھي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ کي اڏڻ ۽ اوج
تي رسائڻ جو سھرو الانا صاحب جي سر تي سونهي.
الانا صاحب ڪجهه ڪھاڻيون به لکيون آھن. ھڪ ناول به
تحرير ڪيو اٿس. سندس دلچسپيءَ جا موضوع، ادب جي
تاريخ، ثقافت، لسانيات، آرڪائيوز ۽ ڪلچرل انٿرا
پالاجي وغيره آھن.
خواجھ غلام علي الانا ٺٽي ضلعي جي شھر تڙ خواجھ ۾ سن ١٩٣٠ع ۾
ڄائو. ابتدائي تعليم تڙ خواجھ ۾ ثانوي تعليم
ميرپور بٺوري، ٽنڊو محمد خان ۽ ڪراچيءَ ۾ حاصل
ڪئي. ١٩٥٥ع ۾ ايم اي ڪرڻ بعد سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾
سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ١٩٥٨ع ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ بطور استاد مقرر ٿيو.
الانا صاحب کي ١٩٦٢ع ۾ پرڏيهه ۾ وڃي اعليٰ تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ آغا خان اسڪالر شپ ملي. لنڊن
يونيورسٽيءَ جي معروف اداري اسڪول آف اورينٽ اينڊ
آفريڪن اسٽڊيز مان ايم اي لسانيات جي ڊگري وٺي
آيو. الانا صاحب ١٩٧١ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سڀ
کان پھريائين سنڌيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڊگري وٺڻ جو
اعزاز حاصل ڪيو. سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر،
ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ پروفيسر جي عھدن تي ١٩٩١ع
تائين فائز رھيو. ان دوران انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ جو انچارج پروفيسر به اٽڪل ويھارو سال
رھيو. سنڌالاجيءَ کي عروج تي رسائڻ ۾ الانا صاحب
جي محنتن، محبتن ۽ ڪشالن جو به ھڪ الڳ داستان آھي.
الانا صاحب اٽڪل پنج سال ١٩٨٣ع کان ١٩٨٩ع تائين
علامھ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وائيس
چانسلر پڻ ٿي رھيو. ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر به (١٩٩٣ع کان ١٩٩٥ع تائين) رھيو. کيس دنيا
گھمڻ جو موقعو به مليو آھي، ڪيترائي ملڪ گھمي ڏٺا
اٿائين.
الانا صاحب جي علمي ادبي خدمتن جو اعتراف علمي حلقن ۾ خوب ڪيو
ويندو آھي. کيس سال ١٩٩٢ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران
’ستاره امتياز‘ جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آھي. الانا
صاحب لاتعداد مضمون ۽ مقالا لکيا آھن، جڏھن ته
سندس ڇپيل ڪتابن جي وچور ڪجهه ھن ريت آھي:
(١) لاش، ناول، (٢) چور، ڪھاڻيون، (٣) ناصر خسرو ايراني، (٤)
منتخب ديوان فاضل، (٥) سنڌي صورتخطي، (٦) سنڌي نثر
جي تاريخ، (٧) ادبي اوسر، (٨) سنڌي صوتيات، (٩)
سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ، (١٠) علمي آئينو، (١١)
سنڌي زبان جي بنيادي لغت، (١٢) سنڌي زبان جي
ڪاروباري لغت، (١٣) سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي
لغت، (١٤) سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، (١٥) سنڌي
ڪتابن جي ببليوگرافي، (١٦) سنڌي ليکڪن جي
ڊائريڪٽري، (١٧) پھريون سنڌي ڪتاب (غيرمادري
زبان)، (١٨) سنڌي علم، (١٩) منتخب جديد سنڌي
شاعري، (٢٠) آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ
جدوجھد، (٢١) سنڌي اٺون ڪتاب، (٢٢) لاڙ جي ادبي ۽
ثقافتي تاريخ، (٣٢) سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي،
(٢٤) تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ ڪا حصھ (اردو)، (٢٥)
سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس. (٢٦)
Folk Music of Sindh
(٢٧)
Arabic Element in Sindhi (Compilation)
الانا صاحب بطور ماھر لسانيات ساري ملڪ ۾ مڃيل حيثيت رکي ٿو.
لسانيات جي ڏس ۾ سندس لکيل ڪتابن جو وچور ھن ريت
آھن: ١- سنڌي صورتخطي، ٢- سنڌي صوتيات، ٣- سنڌي
ٻوليءَ جو بڻ بنياد، ٤- سنڌي ٻوليءَ جي لساني
جاگرافي، ٥- سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ٦- سنڌي معلم،
٧-
Arabic element in Sindhi.
الانا صاحب لسانيات جي موضوع تي تمام گھڻا مضمون ۽ مقالا لکيا
آھن. سندس پي ايڇ. ڊيءَ جي مقالي ۾ به ھڪ ڀرپور
حصو سنڌي لسانيات جو آھي. الانا صاحب جي ڪن مکيھ،
مضمونن جي وچور ھيٺ ڏجي ٿي:
١- سنڌي ٻوليءَ جي لھجن جو اڀياس، سوکڙي سنڌي شعبو سنڌ
يونيورسٽيءَ جي مخزن ١٩٦٤ع.
٢- سنڌي آوازن جي تقسيم، سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي يونيورسٽي
ڪراچي، ١٩٦٧ع
٣- اسلام جي آمد کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت، نئين زندگي،
سيپٽمبر ١٩٦٨ع
٤- پاڪستان ۾ قومي زبان جو مسئلو، سھڻي، اپريل ١٩٧١ع
٥- سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سھ ماھي مھراڻ، ١٩٧٦ع
٦- سنڌي، نئين زندگي، جون ۽ جولاءِ ١٩٧٠ع
٧- لسانيات جو مقصد مفھوم ۽ اھميت نئين زندگي، جولاءِ ١٩٦٩ع.
٨- History of Sindhi Language and Literature ‘Arabic in sorail.
٩-
origin and ancesistry of Sindhi Language ‘A in
Sindhologi Studies jointer 1978.
١٠-
Impact of Muslim culture an pocidogy Sociology
of Sindhi Language Article in International
conference of Muslim p. vol-II, 1981
١١-
Shah Abdul Latif’s imaginistive use of Sindhi
Language Artide in Shah Abdul Latif and his
mystic Poetry, Ed. Hameed Akhund, 1992.
١٢- سنڌي وياڪرڻ جا مسئلا، نئين زندگي، ١٩٨٤ع
١٣- سنڌي زبان جا چند مسئلا، نئين زندگي، جون ١٩٦٥ع
١٤- انسان، زبان ۽ ثقافت، ’بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس‘ جي
موقعي تي شايع ڪيل ’مقالا‘ ۽ ڇپيل ١٩٨٨ع
١٥- ڀنڀور جا آثار، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو سھ ماھي
مھراڻ، ٤- ١٩٨٣ع
١٦- سنڌي لسانيات، صوتيات، لغت ۽ گرامر تي ٿيل تحقيق ۽ اشاعت،
مھراڻ، ٣- ١٩٨٤ع
الانا صاحب جو ڪتاب ’سنڌي صوتيات‘ لسانيات جي شاگردن لاءِ
بنيادي اھميت جو ڪتاب آھي. سائنسي طور لکيل ھن
ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي، يعني سنڌي
آوازن جي گروهه، مخرج وغيره تي ڪم ٿيل آھي، جيڪو
سنڌيءَ ۾ سڀ کان پھريون اھڙي قسم جو ڪتاب آھي.
ڪتاب جي آخر ۾ فني لفظن جي فھرست ڏني وئي آھي،
جنهن ۾ انگريزي لفظن جا نعم البدل سنڌي ٻوليءَ ۾
نوان جوڙي پيش ڪيا ويا آھن. منهنجي خيال ۾ اھي
اصطلاح تقريبا سمورا لسانيات ۾ ھاڻي مڪمل طور رائج
ٿي چڪا آھن.
سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل جي باري ۾ الانا صاحب ڪتاب لکيو آھي،
’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ پاڻ ڪالڊ ويل جي گرامر
جي آڌار تي ھن نتيجي تي پھتو آھي ته: سنڌي ٻولي
آرين جي اچڻ کان اڳ موھن جي دڙي واري قديم تهذيب
جي ٻولي ھئي، جنهن تي پھرين داردي ۽ ايراني سرحد
وارين ٻولين جو اثر ٿيو ۽ ان کان پوءِ سنسڪرت جو
پوءِ پاليءَ جو.
الانا صاحب جي ھن نظريي علمي حلقن ۾ ڪافي ھلچل مچائي سندس نظريي
سان ڪيترن اختلاف ڪيو. ايم ايڇ پنهور لکيو آھي:
”الانا صاحب جي خيال ۾ آرين سنڌ ۾ اچڻ شرط اڳوڻن
باشندن (ھڙاپن) کي ماري مات ڪيو ۽ انهن مان ڪي
بلوچستان ڏانهن نڪري ويا، جن کي بروھي سڏجي ٿو.
ائين چوڻ درست نه آھي، ڇوته آرين اصلوڪن باشندن کي
ماري مات نه ڪيو ھو ۽ ساڳي وقت آرين جي سنڌ ۾ آمد
۽ بروھين جو قلات ۾ وسجڻ ۾ اٺ نو سو ورھيھ جو فرق
آھي. بروھي قلات ۾ ١١ صدي ۾ آيا نه ڪھ اڳ ۾. بروھي
بلوچستان کان افغانستان ۾ وڌيڪ تعداد ۾ رھن ٿا،
جتي ٻه لک بروھي آباد آھن. ھينئر براھوي ٻوليءَ تي
خود شڪ ۽ گمان ڪيو پيو وڃي ته آيا براھوي ٻولي
دراوڙي نسل جي به آھي يا نه؟“(١)
ڊاڪٽر الانا صاحب جو لساني جاگرافيءَ تي اھم ڪتاب ١٩٧٩ع ۾ ڇپيو
’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي‘، جنهن تي کيس سنڌ
گريجوئيٽ ايسوسيئيشن پاران ڏيپلائي ايوارڊ ۽ ١٩٨١ع
جو رائيٽرس گلڊ پاران ايوارڊ مليا.
ڪتاب جي پھرين باب جو عنوان آھي، ’سنڌي ٻولي ۽ ان جا لھجا‘.
الانا صاحب جي خيال ۾ ’جاگرافيائي حالت جي لحاظ
کان سنڌي زبان اترادي يعني سريلي وچولي، لاڙي،
ٿري، ڪوھستاني، ڪڇي ۽ لاسي لھجن ۾ ورھايل آھي.(٢)
باقي سڄي ڪتاب ۾ سنڌ کان ٻاھر يعني ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ،
گجرات، راجستان، بلوچستان ۽ سرائيڪي ايراضيءَ ۾
سنڌي ٻوليءَ جي ڦھلاءُ جو اڀياس ڏنل آھي. سنڌ کان
ٻاھر سنڌيءَ جي ڪن لھجن/
محاورن جو لساني جائزو پڻ ورتو
ويو آھي. تفصيل سان صوتياتي، صوفياتي ۽ نحوياتي
فرق به سمجھايل آھن. ان سان گڏ انهن خطن جا سنڌ
سان تهذيبي ۽ ثقافتي لاڳاپا به زير بحث آندا آھن.
اتان جي ادب ۽ شاعري وغيره جو احوال پڻ ڏنل آھي،
ڇوته الانا صاحب آڏو ھن ڪتاب لکڻ جو مقصد آھي؛
پڙھندرن کي معلوم ٿي سگھي ته سنڌي زبان جون
جاگرافيائي حدون برصغير ۾ ڪيستائين ڦھليل آھن،
انهن حدن تائين سنڌي زبان جي ڦھلجڻ ۽ پکڙجڻ جا سبب
۽ ڪارڻ ڪھڙا ھئا؟ (٣)
الانا صاحب جي ھن ڪتاب تي عمر چنڊ صاحب ڪجهه تنقيد ڪئي آھي.
جنهن جو مکيھ مقصد ھي آھي ته ’لساني جاگرافيءَ جي
نالي تي وڪامندڙ ھي وٿ دراصل تاريخي جاگرافي يا
جاگرافيائيءَ جي نالي تي وڪامندڙ ھيءَ پراڻو وکر
آھي. جنهن تي ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻيا عالم گھڻي عرصي کان
طبع آزمائي ڪري پگھر وھائي چڪا آھن، پر پنهنجي ڪم
کي لساني جاگرافيءَ جي دل لڀائيندڙ نالي ڏيڻ کان
پرھيز ڪئي اٿائون.(٤)
ڊاڪٽر الانا صاحب جو ھڪ بيحد اھم ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘
سنڌالاجيءَ پاران ١٩٨٧ع ۾ ڇپيو. ھن ڪتاب ۾ الانا
صاحب پنهنجا لسانيات جي موضوع تي ڇپيل ڪجهه مضمون
۽ ڪافي نوان مضمون شامل ڪيا آھن. لسانيات، مقصد ۽
اھميت ’سنڌي ادغام‘ ۽ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جا
تجربا ۽ ابتي ٻوليءَ جي عنوان تي اڳ ڇپيل مضمون
ڏنا آھن. نوان موضوع رسم الخط جي ابتدا اوسر ۽
سنڌي لپي/
رسم الخط جي قدامت جا اھڃاڻ
سنڌي ٻولي ۽ تهذيب تي ٻين ٻولين ۽ تهذيبن جو اثر.
عربي ٻوليءَ ۾ سنڌي لفط ۽ دنيا جي ٻولين جا مکيھ ۽
مشھور خاندان آھن، جيڪي ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيل آھن.
دنيا جي ٻولين جا مکيھ ۽ مشھور خاندان واري باب ۾
ڏنل معلومات جديد ۽ تازه ترين
up to date
آھي. وڏي تفصيل سان ڏني آھي. ھند آريائي خاندان جي
انڊڪ گروهه ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل نه ڪرڻ لاءِ
الانا صاحب لکيو آھي: ”ڪنهن ماھرن سنڌي ٻوليءَ کي
پڻ ھند آريائي زبان جي شاخ سڏيو آھي، پر جديد
تحقيق موجب ھن راءِ سان اختلاف ڪيو ويو آھي ۽ سنڌي
زبان کي غير آريائي زبان قرار ڏنو ويو آھي. ھن
سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، جي عنوان سان ھن
ڪتاب ۾ ڀرپور نموني بحث ڪيو ويو آھي.“(٥)
سراج سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ پنهنجو نظريو ’سنڌي ٻولي‘ ڪتاب ۾
ڏنو آھي. سراج جي نظرئي تي ڊاڪٽر الانا صاحب نئين
زندگي، جون ١٩٦٥ع واري پرچي ۾ تنقيد ڪندي لکيو:
”سراج صاحب وارو سنڌي ۾ پيش ڪيل نظريو، جنهن جو
سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاھر گرم جوشيءَ سان استقبال
ڪيو ويو آھي، سو ڪو نئون نه آھي. ڀيرومل ۽ گنگارام
سمراٽ اھڙيون ڳالھيون اڳ ۾ ئي ڪيون آھن.“(٦) نئين
زندگي جي جولاءِ ١٩٦٥ع واري پرچي ۾ سراج جوابي
مضمون لکي پنهنجي موقف جي وضاحت ڪئي. ٻئي مضمون
سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل جو ھر موضوع ۾ سنڌيءَ جي
ٻنهي عالمن جا نظريا سمجھڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.
اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز لنڊن ۾ پڙھائيءَ دوران
الانا صاحب جيڪا ايم اي لسانيات لاءِ ٿيسز لکي
ھئي، سنڌيءَ ۾ عربي عنصر
Arabic Element in Sindhi
سا تازو مڪتبه دانشور لاھور
پاران شايع ڪرائي وئي آھي. ھن ڪتاب ۾ ڇهه باب آھن،
پھرين باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جو تعارف آھي. ٻئي باب ۾
عربي اثرات جي تاريخ بيان ڪيل آھي. باب ٽيون سنڌي
صورتخطيءَ جي باري ۾ آھي، جنهن جو تقريبا سمورو
مواد ڪتاب ’سنڌي صورتخطيءَ‘ ۾ ڏنو ويو آھي. باب
چوٿين ۾ سنڌي ۽ عربي ٻولين جي صوتياتي سرشتن جو
موازنو ڪيل آھي.
سنڌي ۽ عربيءَ جا وينجن ۽ سر لسانيات جي جديد اصولن تحت ڀيٽيا
ويا آھن. باب پنجون تمام اھم آھي، جنهن ۾ عربي لفظ
جيڪي سنڌيءَ ۾ آيا، تن جون صوتياتي خصوصيتون بيان
ڪيل آھن. خاص طور
Syllabic structure پدن جي جوڙجڪ جو اڀياس ڪيل آھي.
ڇھين باب ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ڪيئن عربيءَ جا اثرات
سنڌي گرامر تي به پيا آھن. مثلا نوان فعل ٺاھڻ
لاءِ سنڌي پڇاڙي ’ئڻ‘ ملايو وڃي ٿو. مثلا ضربڻ،
دفنائڻ، طلبڻ، وصولڻ وغيره.(٧)
ھي ڪتاب ڏاڍو اھم ۽ معلوماتي آھي. ڪتاب جو صرف ھڪ باب سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ضرورت ساري ڪتاب کي
سنڌيءَ ۾ آڻڻ جي آھي.
ڊاڪٽر الانا صاحب جو ھڪ مضمون انگريزيءَ ۾ لکيل آھي:
Shah Abdul Latif’s Invaginative use of Sindhi Language
عبدالحميد آخوند جي ترتيب ڏنل ڪتاب:
Shah Abdul Latif, his myst, Poet
۾ شامل ڪيل آھي. ھن مضمون ۾
الانا صاحب شاهه جي ڪلام جي سنڌي ٻوليءَ جو جائزو
ورتو آھي. ڪلام ۾ آيل عربي فارسي ۽ بلوچي لفظ
ڄاڻايل آھن. اھو پڻ ٻڌايو ويو آھي ته ڪيئن شاهه
لفظ نوان جوڙيا آھن ۽ لفظن کي نيون معنائون بخشيون
آھن. اھڙا ڪيترائي مثال پڻ ڏنا آھن. مضمون نهايت
ئي عمدو ۽ پڙھڻ وٽان آھي.
سنڌي لسانيات ۾ الانا صاحب جون خدمتون سڀ کان نمايان آھن. ھن ڏس
۾ گھڻي ۾ گھڻا ڪتاب سندس لکيل آھن. سنڌي لسانيات ۾
الانا صاحب کي بيحد عزت ڀريو ۽ شانائتو مقام حاصل
آھي. ھو ھڪ بهترين استاد جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو
وڃي ٿو. سندس علمي ادبي ۽ لسانياتي ڪارناما تحسين
لائق آھن.
حوالا:
(١) الانا، غلام علي، سنڌي ٻوليءَ جو لساني جاگرافي، ١٩٧٩ع،
صفحو-٩
(٢) ساڳيو ڪتاب صفحو (و)
(٣) عمر چنڊ لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون، ١٩٨٥ع،
صفحو-٤
(٤) الانا غلام علي، ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘، ١٩٨٧ع، صفحو ٣٧٨
(٥) الانا غلام علي، ’سنڌي زبان جا چند مسئلا‘ نئين زندگي، جون
١٩٦٥ع
(٦) Allan, Ghulam Ali, Dr. The Arabi Element in Sindhi P-132. |