محمد سومار شيخ
محمد سومار شيخ صاحب جي دلچسپي، سنڌي ادب جي گھڻن ئي پھلوئن سان
ھئي. سنڌي شاعري، ادب جي تاريخ، ثقافت جي تاريخ ۽
لوڪ ادب سان گڏ لسانيات ۾ پڻ شاندار خدمتون
سرانجام ڏنيون اٿائين. سندس لکيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو
ٻن سون کان مٿي آھي، جن مان چوٿائي کن مس ڇپيل
آھن، ۽ ٻيا قلمي نسخن جي صورت ۾ محفوظ آھن.(١)
ھونئن ته محمد سومار شيخ جي لکڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ
تي ڪافي ڪجهه لکيل نظر اچي ٿو، پر جن ڪتابن ۾
لسانيات جي حوالي سان ڪاوشون ڪيل آھن، تن مان مکيھ
طور ھي آھن: ڪڇين جا قول، آريائي زبانون، سنڌي
ٻولي پنج ھزار ورھيھ اڳ، سنڌي ۽ پراڪرت، سنڌي اور
پراڪرت (اردو) سنڌي ۽ سنسڪرت، سنڌيءَ ۾ آوازن جا
تبادلا، ڪاٺ جي ھنرمندن جي لغت.
’ڪڇين جا قول‘ ڪتاب ۾ محمد سومار ’ڪڇ جي ٻوليءَ‘ جي سري ھيٺ ڪڇ
۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي کوجنائي مضمون لکيو
آھي. ڪڇي يقيني طور تي سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ
Dialect
لھجو آھي. اھڙو اظھار محمد
سومار به ڪري ٿو:
”ڪڇي ٻولي اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ ننڍو دفعو آھي ۽ اھڙو درجو
رکي ٿي. جھڙو سنڌ ۾ ٿري، لاڙي ، اترادي وغيره لھجا
رکن ٿا.“ (٢)
ڪڇي محاوري جي سنڌي ٻوليءَ جي معياري محاوري سان ڀيٽ ڪندي نحوي
بناوتون، تلفظ ۽ اکرن جي مٽاسٽا جا مثال سلسلي وار
ڏنا اٿائين، جيڪو سندس محنت جو بي مثال ثبوت آھي.
اکرن جي مٽاسٽا ۾ ’س‘ ۽ ’هه‘ جي مٽاسٽا تاريخي اعتبار کان
ڄاڻائي اٿائين، جنهن جا ٺھڪندڙ مثال پيش ڪيا اٿس.
معياري سنڌي ۽ ڪڇي جي مٽا سٽا وينجن توڙي سرن جي
تفصيل سان ڏني وئي آھي، جنهن جو داد ڏيڻ گھرجي.
محمد سومار شيخ کي جھڙيءَ طرح ادب ۽ ثقافت سان لنو لڳل ھئي،
تهڙيءَ طرح لسانيات سان به سندس پيچ پئجي ويو.
ھيءُ موضوع عام طور ته ھڪ خشڪ موضوع سمجھيو ويندو
آھي. پر ھن موضوع کي پنهنجو حسن به آھي ته
رنگينيون به آھن، بشرطيڪھ ڪجهه بنيادي اصولن ۽
قاعدن قانون جي مناسب ڄاڻ ھجي. ھن موضوع جي باري ۾
محمد سومار پاڻ لکيو آھي:
”لسانيات به ھڪ عجيب گورک ڌنڌو آھي، جنهن کي ان جي چس آئي سو
ڄڻڪ ھميشھ انهيءَ جو ٿيو. موضوع سخت خشڪ آھي، پر
منهنجي خيال ۾ تحقيق موجب منجھس جيڪي چاشنيون آھن
۽ قومن جي چرپر آھي، سا ڏسيو ھڪ لاثاني ناول کان
به وڌيڪ سليس ۽ سھڻو موضوع ٿيو پوي ۽ ڏکيائي ته
ذري جي به نظر نه ٿي اچي. الٽو شوق ۽ ذوق رات
ڏينهن انهيءَ شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪتابن پٺيان
ڪتاب ٿو کڻائي ۽ ھڪ ڳالهه مان ٻي ڳالهه پيدا ٿي
ٿئي، جو ڳالهه مان ڳالھوڙو ٿو ٿيو پوي. مون رڳو
’س‘ ۽ ’هه‘ جي تبادلي کي ڏسڻ شروع ڪيو، ان مان
ايترا ته موضوع ڦٽي نڪتا جو عمر ساري رڳو انهن تي
پيو پڙھان ۽ لکان ته به ٿورو آھي. انهيءَ ڏس موجب
مون سنڌي سنسڪرت جھڙي ڏکئي موضوع کي ھٿ ۾ کنيو
آھي. وڏا وس ڪيا اٿم پر ڪٿي ٿيڙ کائي ويو ھوندس ته
شڪ نه آھي.(٣)
ٿيڙ ته خير سان شيخ صاحب ڪونه کاڌا آھن، پر افسوس ھي آھي ته شيخ
صاحب پنهنجا زرين خيالات ۽ نظريات صرف ٽن اصولن تي
مرڪوز ڪيا آھن. تن مان ھڪ غير لسانياتي آھي.
حالانڪ لسانيات جي ڪن تمام اھم ڪتابن جا حوالا ڏنا
اٿائين، جن کي پڙھڻ بعد سندس لسانيات جي ڏس ۾
معلومات وسيع ٿي چڪي ھئي. ڪڇين جا قول ڪتاب ۾
لساني جاگرافيءَ جي اصولن تحت تجزيو ڪيل آھي، پر
اصل ۾ لسانيات جي موضوع تي شيخ صاحب جا اھم ڪتاب
’سنڌي ۽ سنسڪرت‘ ۽ سنڌي ۽ پراڪرت ’سنڌي ٻولي پنج
ھزار ورھيھ اڳ‘ ۽ سنڌي آوازن جا تبادلا آھن. سندس
نظريا ھنن ٽن اصولن تحت قائم ڪيل آھن:
١- ھڪ قوم- ھڪ ٻولي
٢- آوازي تبادلا
٣- مختلف رسم الخطن جي پاڻ ۾ ھڪجھڙائي
ٻولين جي قديم توڙي جديد تاريخ جاچڻ پرکڻ نج لسانياتي ڪم آھي،
جنهن ۾ ثابتيون ۽ شاھديون به لسانياتي ڏيڻ گھرجن.
اھڙو رايو اڄڪلهه مڃيل آھي. جديد تحقيقات مطابق
ھاڻ ھو ھڪ قوم- ھڪ ٻوليءَ جو نظريو رد ٿي چڪو آھي.
اڄ به ڪيتريون ئي قومون ھڪ ٻولي ڳالھائين ٿيون، ۽
ھڪ قوم ڪيتريون ئي ٻوليون استعمال ڪري ٿي. اھڙا
مثال ملن ٿا. قومن
(Races)
جو مطالعو به جديد طور ٿي رھيو
آھي. قومن جي قدامت کي ٻولين جي قدامت سمجھڻ درست
تصور ڪونه ٿو ڪيو وڃي. تاريخي لسانيات جا اصول
لسانياتي شاھدين جي تقاضا ڪن ٿا ۽ غير لسانياتي
شاھدين کي ڀروسي جوڳو تصور نه ٿو ڪيو وڃي.(٤)
’آوازن جا تبادلا‘ شيخ صاحب جو محبوب مشغلو معلوم ٿئي ٿو. ’سنڌي
آوازن جا تبادلا‘ ڪتاب ۾ بيحد دلچسپ آوازي تبادلا
ڏنا اٿس. ٻوليءَ ۾ آوازن جي بدل سدل لاءِ وڏا ٽي
سبب ڄاڻايا اٿس، سي ھي آھن:
١- پراڻي رسم الخط
٢- غلط اچارڻ
٣- ڌار ڌار لھجا يا محاورا.(٥)
ٻوليءَ ۾ آوازن جي تبديل ٿيڻ جا ڪيترائي ٻيا به مکيھ ڪارڻ آھن.
جھڙوڪ: مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ قومن جو پاڻ ۾
ميلاپ ۽ سماجي دٻاون جا اثرات وغيره به آھن.
سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي ثابت ڪرڻ ۾ شيخ محمد سومار مذڪوره
آوازي تبادلن کي پڻ بنياد بنايو آھي. ’سنڌي ۽
سنسڪرت‘ ڪتاب ۾ شيخ صاحب الف بي وار صوتياتي
ڦيرگھير تي وضاحت سان نظر وڌي آھي ۽ سندس چواڻي
سنڌيپ جي قديم رخ تي پھچڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. ھن
ڪتاب ۾ اڪٿر ڪري ديوناگري، گجراتي، مرھٽي، خوجڪي،
کروشني، برھمي ۽ رومن اکرن جي لکت واري صورت جي
ڀيٽ ڪئي وئي آھي ۽ انهن مان نتيجا اخذ ڪيا آھن.
’ک‘ اکر جو ذڪر ڪندي، نامور ماھرين لسانيات گرم ۽
ورنر جي قانون ’اصل ٻوليءَ جوک‘ ٻين ٻولين ۾ ’ڪ‘
ٿيو. موجب سنڌيءَ ۾ ’ک‘ آواز اڳ ئي موجود آھي،
جيڪو سنسڪرت ۾ ڦري ’ڪ‘ ٿي چڪو آھي. ان جا ڪيترائي
مثال ڏنا اٿائين.(٦) اھڙيءَ طرح سنڌي ٻولي سنسڪرت
کان وڌيڪ قديم ثابت ڪئي اٿائين. محمد سومار شيخ ھن
ڪتاب ۾ وڏي جاکوڙ بعد ڪي رايا قائم ڪيا آھن. ھن جي
تحقيق کي داد ڏيڻو ٿو پوي. صفحي ١٩٨ تي ’گھر‘ جو
ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”ڪيترا غير آريائي لفظ محض ھٺ ڌرميءَ جي ڪري آريائي لفظ ليکجڻ ۾
آيا آھن نه ته ھو آريائي لفظ اصل ڪونه آھن. اھي
اکر نه مور آريائي ڪونه ليکبا. ھي يا ته مرڪب آھن
يا مرڪب اکرن کان متاثر آھن، پر اسان جا عالم
سڳورا، خاص ڪري سنڌي بزرگ جي گھڻو ڪري لڪير جا
فقير ھوندا آھن، سي ھندو بزرگن جي ڌرمي خيالن کان
ٻڌل تحقيقات جي انڌي تقليد ۾ اچي ، ھرڪنهن لفظ کي
سنسڪرت جو ڪري ويٺا آھن، خود لفظ ’گھوڙو‘ ۽ ’گھوٽ‘
ڏسو. اسان جي بزرگن جتي ڪٿي لکيو آھي ته اھو لفظ
سنسڪرت جي ’گھوڊڪ‘ لفظ مان نڪتو آھي. ھاڻي ڪير
پڄي ھنن يارن سان، جڏھن ڌاريان عالم خاص ڪري بيمس
صاحب جھڙا مڃيل عالم پڻ قبول ڪن ٿا ۽ ھاڻ ته ھندو
سڄڻ به مڃين پيا ته اھو غير آريائي لفظ آھي، پر
سنڌي لغتون ڏسبيون ته اھو لفظ سنسڪرت جو ڄاڻايو
پيو ھوندو. ’گھوٽ‘ لفظ ته ايترو قديم آھي جو اھو
لفظ جرمن ٻوليءَ ۾ به موجود آھي. انهيءَ لفظ جي
معنيٰ به اھائي آھي جا سنڌيءَ ۾ آھي، پر ھڪ ڳالهه
جا جرمن ۾ آھي، اھا ھيءَ ته ’گھوٽ‘ مذڪر جو مونث
جرمن ۾ ’گھوٽڻ‘ آھي. اسان وٽ پراڻي نوعيت سان ’اڻ‘
سان بڻجندڙ مونث ھينئر ٿورا آھن، پر آھن سھي، جي
اسان جي سنڌي ۽ جرمن جو قديم ناتو ظاھر ڪن ٿا.
اھڙن مذڪر مونث مان ’ڪولھي- ڪولھڻ‘. ھاٿي ’ھاٿڻ‘
وغيره آھن.“(٧)
’سنڌي ۽ پراڪرت‘ ڪتاب شيخ محمد سومار جي جاکوڙ جو ھڪ بيحد اھم
دستاويز آھي. ھن ڪتاب جو بنياد ھيٺين ٽن اصولن تي
رکيل آھي:
١- دنيا جي قديم بستي- سنڌ
٢- سنڌ جون قديم قومون
٣- قديم سنڌي رسم الخط
شيخ صاحب موجب تحقيقاتي ۽ تاريخي نقطھ نظر سان ھيءَ حقيقت واضع
آھي ته سنسڪرت کان سنڌي گھڻو قديم ھئي ۽ سنسڪرت تي
صوتياتي اثر اٽڪل روءِ ٧٥ سيڪڙو سنڌيءَ جو ڇانيل
ھو(٨). اڳتي ھلي شيخ صاحب لکي ٿو ته:
”سنڌي زبان لاءِ ٻھ انقلاب وڏا آيا. ھڪ آرين کان اڳ وارين ايندڙ
قومن وارو انقلاب، ٻيو آرين جي اچڻ وارو انقلاب.
انهن ٻنهي انقلابن مان ۽ ٻولين جي ميل ميلاپ مان
ھڪ نئين مبهم ٻوليءَ جنم ورتو، جنهن جا آثار آرين
کان اڳ به موجود ھئا ۽ آرين جي اچڻ وقت اھي آثار
گھرا ٿيا ۽ انهيءَ ڪري ھڪ نئين ٻولي پيدا ٿي، جنهن
کي پراڪرت ٿو چئجي.“(٩)
دراصل پراڪرت لفظ جي معنيٰ آھي، غير مصنوعي يا فطري زبان، جنهن
جي ڀيٽ ۾ سنسڪرت جي معنيٰ آھي صاف ڪيل يا پاڪيزه
ٻولي. قديم ڀارتي ناٽڪن ۾ بادشاهه وزير ۽ امير
سنسڪرت مڪالما ڳالھائيندا ڏيکاريا ويا آھن.
ڪلاسيڪي سنسڪرت، ويدن جي زماني واري ويدڪ سنسڪرت
مان ترقي ڪري برھمڻن ۽ پنڊتن جي علمي ڪوششن سان
پاڪ ۽ پوتر ۽ مذھبي ٻولي بڻي.
ھند آريائي ٻولين جي تاريخ جي مطالعي مان ھيءَ ڳالهه صاف ظاھر
ٿئي ٿي ته اشوڪ اعظم جا اڪر ڪرايل ڪتبا (٢٥٠ ق. م)
۽ پاتنجليءَ جون تحريرون (١٥٠ ق. م) ظاھر ڪن ٿيون
ته ٽين صدي قبل مسيح تائين ھڪ آريائي زبان اتر
ھندستان ۾ رائج ھئي.(١٠)
سنڌي ٻوليءَ جي اصليت ۽ قدامت جي باري ۾ شيخ محمد سومار ھڪ اھم
نظريو قائم ڪيو آھي، جيڪو ڌيان جوڳو آھي. شيخ صاحب
جي چوڻ مطابق ته:
” ’موھن جي دڙي‘ جي تهذيب ۽ تمدن کان پوءِ آريا آيا ۽ اھي قديم
قومن سان ملي، انهن جي تهذيب، مذھب ۽ ٻوليءَ تي
سنڌيپ جو تمام وڏو اثر پيو. انهن جي مقدس زبان
’ديو باني‘ به سنڌي لفطن جي اجتماع جي سامھون سينو
ساھي نه سگھي ۽ وجود وڃائي ويٺي.(١١)
ساڳئي ڪتاب ۾ لکيو اٿس ته آرين کي بيشڪ پنهنجي زبان ھئي ۽ ھو
پاڻ سان پنهنجي زبان کڻي آيا ھئا. مگر پنجاهه سالن
کان پوءِ انهيءَ تي ايترو اثر رھيو. اھو اثر سنڌي
ٻوليءَ جو ھو، جو ھوءَ اصل واري ٻولي ذري گھٽ
سمجهه کان مٿي ٿي وئي. خود اھا آرين جي قديم زبان
اڃا پڙھجي نه سگھي آھي. ھاڻي جي ڳالهه ئي ڪھڙي.
خود انهيءَ ويدن واري وقت ۾ به انهيءَ آرين جي
قديم زبان کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ کان صاف انڪار ڪيو
(١٢). شيخ صاحب جي خيال ۾ آريا اول اول سنڌ ۾ اچي
رھيا ۽ آرين جي ٻوليءَ کي بگاڙيو ۽ وڌايو سنڌي
ٻوليءَ ئي ھو. جنهن جي ھنگامي ۾ اچي آرين جي ٻولي
ختم ٿي وئي. مگر سنجوڳ مان جيڪا وچان ٻولي پيدا
ٿي، جھڙوڪ: پراڪرت ۽ پوءِ ان مان پيدا ٿيل ٻيون
ٻوليون. انهن تي سڌيءَ طرح نه مگر اڻ سڌيءَ طرح
سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي اثر بذريعھ سنسڪرت حائل
آھي. سنسڪرت ۽ ان کان متاثر ٿيندڙ ٻولين تي سنڌيپ
جو اھو رنگ پراڻي وقت کان چڙھيل آھي ۽ سنسڪرت جو
جنهن به ٻوليءَ تي اثر ھوندو، انهيءَ تي سنڌيءَ جو
اثر خود بخود شامل ٿي وڃي ٿو. ڇوته سنسڪرت جو
بنيادي ڍانچو سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سنجوڳ مان ٺھيو
ھو.(١٣)
’سنڌي ۽ پراڪرت‘ ڪتاب شيخ محمد سومار سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز
ڏانهن منسوب ڪيو آھي. افسوس ته ڪتاب تمام عمدو ھئڻ
جي باوجود به اڃا ڇپجي نه سگھيو آھي.
محمد سومار شيخ ھڪ لغت به تيار ڪئي ھئي، جنهن جو نالو، ’ڪاٺ جي
ھنرمندن جي لغت‘. ھن لغت ۾ واڍي ڪمانگر، جنڊي ۽
سوٽھڙ جا الفاظ اصطلاح شامل آھن. ٢٤٧ صفحن جي ھيءَ
لغت تمام گھڻي محنت سان تيار ڪيل آھي ۽ ھن موضوع
تي پھرين ڪوشش آھي. محمد سومار ھنن ڌنڌن وارن
ماڻھن سان ڪچھريون ڪندي، اھي لفظ گڏ ڪيا آھن. سندس
ھيءَ محنت پڻ قابل داد آھي.
شيخ محمد سومار جون سنڌي لسانيات ۾ ڪيل خدمتون بيحد اھم آھن ۽
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سدائين يادگار رھنديون. خاص
ڪري ’سنڌي ۽ پراڪرت‘، سنڌي ۽ سنسڪرت ڪتابن ۾ ڏنل
وڏا تفصيل جيڪي سنڌي، سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن جو ھڪ
ڀنڊار آھي، آئينده تحقيق لاءِ ھڪ مفيد بنياد فراھم
ڪري ٿو. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن کي ڇپائڻ جي تمام گھڻي
ضرورت آھي. بلڪ سندس نظرين کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾
شايع ڪرڻ گھرجي.
حوالا:
١- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي تاريخ، ١٩٨٣ع، صفحو ٣٠٠
٢- محمد سومار شيخ، ڪڇين جا قول، ١٩٧٧ع، صفحو ٤٩
٣- محمد سومار شيخ، سنڌي ۽ سنسڪرت (اڻ ڇپيل) صفحو ٧
۽ ٨
٤- بائنن، ٿيو ڊورا، ھسٽاريڪل لنگئسٽڪس، صفحو ٧- ٤٦٢
٥- محمد سومار شيخ، سنڌي آوازن جا تبادلا، صفحو ٧
٦- محمد سومار شيخ، سنڌي ۽ سنسڪرت، صفحو ١٧٨
٧- محمد سومار شيخ، سنڌي ۽ سنسڪرت، صفحو ١٩٨- ١٩٩
٨- محمد سومار شيخ، سنڌي ۽ پراڪرت (اڻ ڇپيل)، صفحو ٦
٩- محمد سومار شيخ، سنڌي ۽ پراڪرت، صفحو ١٨
١٠- ڊاڪٽر مھر عبدالحق، ملتاني زبان اور اسڪا اردو سي تعلق،
صفحو ٢٨
١١- محمد سومار شيخ، سنڌي ۽ پراڪرت، صفحو ١١٣
١٢- محمد سومار شيخ، سنڌي ۽ پراڪرت، صفحو ١٢١
١٣- محمد سومار شيخ، سنڌي ۽ پراڪرت، صفحو ١٢٢ |