سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 24

 

نجف علي شاهه ڪمتر نقوي

 

سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي، شاهه لطيف جي ٻوليءَ جي لغت ’ٻاروچي ٻوليءَ‘ جي حوالي سان ساري سنڌ ۾ مشھور ۽ معروف آھي. نجف علي شاهه، شاهه لطيف جي ٻوليءَ تي نه صرف اھو ڪتاب لکيو، پر ستر واري ڏھاڪي ۾ ھر سال شاهه جي ميلي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ پڻ مقالا پيش ڪندو رھيو، جن ۾ پڻ شاهه جي ٻوليءَ تي تحقيق ڪيل ھوندي ھئي. ھن پنهنجي سموري حياتي شاهه لطيف جي ھيرن ۽ موتين جھڙن لفظن جون معنائون ڳولھڻ ڦولھڻ ۾ گذاري ڇڏي. ’ٻاروچي ٻولي‘ ڪتاب جا سورھن جلد پيار جي پورھئي سان لکي تيار ڪيائين. پھريون جلد، جنهن ۾ صرف ’الف‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ آھن، جو سنڌالاجيءَ پاران ١٩٨٤ع ۾ ڇپجڻ شروع ٿيو. سيپٽمبر ١٩٨٤ع ۾ ان ڪتاب جي پھرين جلد کي ڇاپي جي صورت ۾ ڏسڻ جي آس سيني ۾ سانڍي ھميشھ لاءِ ھي سنسار ڇڏي اوڏانهن ھليو ويو، جتان موٽيو ڪوئي نه آھي. ڊسمبر ١٩٨٤ع ۾ پوءِ اھو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو. باقي رھيل ١٥ جلد پريس ڏانهن وڃڻ لاءِ واجھائين پيا، پر اھو ڏينهن الائي ڪڏھن ايندو، جڏھن سنڌي قوم پنهنجي ھن لائق محقق جي روح کي راحت رسائڻ لاءِ سندس اھا لغت ڇپائي پڌري ڪري سگھڻ جي قابل بڻبي.

سيد نجف علي شاهه ٢١- اپريل ١٩٢٣ع تي ڳوٺ ٽنڊي جھانيان حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ امام تقي عليه رحمة جي اولاد مان ھو. سندس مورث اعليٰ سيد جلال الدين حيدر سرخ پوش بخاري اچ شريف ضلعي بهاولپور ۾ مدفون آھن. ھن جو پوٽو سيد جلال الدين مخدوم جھانيان مشھور بزرگ اوليائن مان آھي. مخدوم جھانيان جو اولاد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو، جنهن ڪري ھن خاندان وارا جھانيان پوٽا مشھور ٿيا.

نجف علي شاهه اڃا ننڍو ئي ھو ته سندس والد بزرگوار سيد حسين علي شاهه گذاري ويو، جنهن ڪري کين دنياوي ڪاروبار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پيو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو سلسلو فقط مئٽرڪ تائين قائم رکي سگھيو. مئٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو ھئائين. سندس خاندان ۾ تصوف ۽ فقر نمايان آھي. وقت جي حاڪمن سان سٺن لاڳاپن جي باوجود ھميشھ فقيرانه زندگي بسر ڪندا رھيا. سندن پورو خاندان ادبي ۽ علمي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندن وڏن بزرگن مان ڪيترائي صاحب تصنيف ۽ اعليٰ شاعر ٿي گذريا آھن. شاهه صاحب مرحوم کي به اھو ادبي ۽ علمي ورثو خاندان کان مليو، سنڌي نثر لکڻ ۾ ڪمال حاصل ھو. سندن پوري زندگي شاهه عبداللطيف جي ڪلام جي تحقيق ۽ تدوين ۾ صرف ٿي. پاڻ شاهه صاحب جي ڪلام جو ھڪ طرح سان عاشق ھو. بيتن جي معنائن جي سمجھاڻين ۽ بيتن جي پڙھڻين تي کيس مھارت حاصل ھئي ۽ ان جي سند تصور ڪيو ويندو ھو. سندس اوطاق تي شاهه جي بيتن تي بحث مباحثا ۽ علمي مناظرا ٿيندا رھندا ھئا. سندس انهيءَ محنت جو سرمايو ’ٻاروچي ٻولي‘ ڪتاب ۾ موجود آھي.

شاهه صاحب ١٢ سيپٽمبر ١٩٨٤ع تي اوچتو ئي وفات ڪري ويو. الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري. ’آمين‘.

ڪتاب ’ٻاروچي ٻوليءَ‘ جي مھاڳ ۾ نجف علي شاهه ڪمتر نقوي لکي ٿو: ”پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي ٣٥ سال شاهه عبداللطيف جي رسالي ۽ سندس ڪلام جي معنيٰ جي باري ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ جھر جھنگ، جبل ڏونگر، ٿر بر ڏوريندو رھيس.

ھن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي وئي آھي ته اڄ کان ٥٠٠ سال اڳ ۾ جيڪا سنڌي ٻولي ڳالھائي ويندي ھئي، تنهن جا متروڪ ٿي ويل اکر به ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيا وڃن ته جيئن اسان جي پراڻي سنڌي ٻولي محفوظ رھي سگھي ۽ ايندڙ پيڙھيون، جيڪڏھن چاھين ته ان تي تحقيق ۽ جستجو ڪري سگھن.(١)

ٻاروچي ٻوليءَ جي پھرين جلد ۾ صرف آ کان وٺي اي تائين جا سمورا لفظ ڏنا ويا آھن، انهن جون داخلائون ھن طرح ڪيل آھن:

آبادي:

١- راضي منجھا ريج، عالم سڀ آباد ٿيو

(سارنگ ٤)، ٩٨٧- ١٣

٢- دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

(سارنگ ٤)، ٩٨٦- ١٢

(ف) پوکيل: سرسبز، سائو، وسندڙ:

شاداب

بريڪٽ ڏنل سور جو نالو ۽ داستان جو نمبر آھي، ان جي ٻاھران شھواڻي صاحب جي رسالي جو صفحو نمبر ۽ بيت نمبر ڏنل آھي. معنيٰ کان اڳ بريڪيٽ ۾ ان ٻوليءَ جو مخفف آھي، جڏھن جو اھو لفظ آھي. ھن لغت ۾ ڪيترن لفظن کي تمام تفصيل سان بيان ڪيو ويو آھي. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ پنهنجا ويچار نقوي صاحب ھن طرح پيش ڪيا آھن:

”ڇا واقعي سنڌي زبان سنسڪرت ٻوليءَ يا ان جي بعض شاخن مان پيدا ٿي آھي؟ آءٌ ان جي تصور يا انهيءَ تصوير جو ٻيو رخ پيش ڪري، ارباب دانش کي غور ۽ فڪر جي دعوت ڏيندس.... ائين چئي سگھجي ٿو ته سنڌي ٻولي به عربي ۽ سنسڪرت زبانن وانگي ھڪ بنيادي، مکيھ ۽ قديم زبان آھي، جيڪڏھن ڪنهن به ٻي ٻوليءَ جا ڪي لفظ يا گرامر جون ڪجهه ترڪيبون سنڌي زبان سان ڪنهن حد تائين ملندڙ جلندڙ آھن ته ان جو مطلب نه آھي ته ڪو سنڌي ٻولي انهيءَ زبان مان نڪتي آھي، پر ان جي برعڪس ائين به چئي سگھجي ٿو ته خود اھي زبانون سنڌي ٻوليءَ مان نڪتيون آھن يا انهن ٻولين تي سنڌي زبان جو گھرو اثر پيل آھي.

ھڪڙي اھڙي ھمھ گير زبان جيڪا پنجن ھزارن سالن کان به وڌيڪ پراڻي ھجي، جنهن کي پنهنجو ھڪ اھڙو انفرادي رسم الخط ھجي، جيڪو دنيا جي ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ رائج نه ھجي ۽ اھڙي زبان جيڪا پنجن ھزارن سالن کان وٺي ھڪ وسيع علائقي ۾ ڳالھائي لکي پڙھي پئي وڃي، تنهن کي ٻي زبان مان نڪتل سمجھڻ احساس ڪمتري نه آھي ته ٻيو ڇاھي؟“(٢)

ھڪ ھنڌ شاهه جي ٻوليءَ لاءِ لکي ٿو:

”شاهه صاحب (شاهه عبداللطيف) پنهنجي رسالي ۾ جيڪا ٻولي ڪم آندي آھي، ان ٻوليءَ جا ھزارھا ٺيٺ سنڌي لفظ اڄ ڪلهه جي مروج شھرين سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ڪونه ٿا ڪيا وڃن، انهن ٺيٺ سنڌي اکرن جي عيوض ۾ ٻين ٻولين جا ھم معنيٰ لفظ استعمال ٿي رھيا آھن. ھن وقت اھو رجحان اھڙي منزل تي پھچي ويو آھي جو اھڙي رجحان کي صرف روڪڻ لاءِ به سڄي حياتيءَ جي جدوجھد ناڪافي ٿيندي.“(٣)

سنڌي ٻوليءَ سان نجف علي شاهه کي ڪيترو عشق ھو، سو ھيٺ ڏنل مضمون مان ظاھر آھي:

”جنهن سنڌي ٻوليءَ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سينگاري ۽ سنواري قوم جي اڳيان پيش ڪيو، اھا اڄڪلهه متروڪ ٿيندي پئي وڃي. ان جو سڀ کان مکيھ ۽ وڏو سبب اھو آھي، جو شاهه جي رسالي جي ڪابه مستند لغت اڃا تائين منظرعام تي ڪانه آئي آھي.... اسين ڏسون پيا ته موجوده دور ۾ اسان جي سنڌي زبان ۾ ڌارين ٻولين جي لفظن جي استعمال جي ڀرمار ٿيندي پئي وڃي ۽ سنڌيءَ جا پراڻا لفظ ۽ اصطلاح متروڪ ٿيندا پيا وڃن.

سنڌي زبان ۾ جي ٻين ٻولين جا ڪي ضروري لفظ شامل ڪيا وڃن ته ان ۾ پاڻ اسان جي ٻوليءَ جي شاھوڪاريءَ ۾ اضافو ٿيندو، پر اھو ڪنهن به طرح جائز نه آھي. اھي ڌارين زبان جا لفظ اصلوڪن ۽ پراڻن سنڌي لفظن جي جاءِ تي استعمال ڪيا وڃن ۽ پراڻڻ سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جو استعمال ترڪ ڪيو وڃي. جيئن اڄڪلهه ٿي رھيو آھي. ڌارين ٻولين جا عام خاص لفظ، پراڻن سنڌي لفظن جي بدران استعمال ڪرڻ سان سنڌيءَ جا اھي پراڻا لفظ ۽ اصطلاح متروڪ ٿيندا پيا وڃن ۽ جيڪڏھن اھا رفتار جاري رھي ته پوءِ اھو ڏينهن پري ڪونهي، جو سنڌي زبان پنهنجي شڪل و صورت ميٺاج ۽ صلاحيت وڃائي، ھڪ ٻي نئين ۽ بلڪل مختلف روپ ۾ ظاھر ٿئي، جيڪو سندس اصلي حيثيت جي صفا ابتڙ ھجي.“(٤)

سر سريراڳ واري ڪانفرنس ۾ پڙھيل مقالي ۾ ھو لکي ٿو ته:

”شاهه لطيف پنهنجي ڪلام جي ذريعي سنڌي زبان جي بيٺل پاڻيءَ ۾ لھرون نه پر طوفان برپا ڪري ڇڏيو آھي. اڄڪلهه گھٽ ۾ گھٽ اڍائي سؤ سالھ پراڻي سنڌي زبان جي سڌن ۽ سادن لفظن جي مدد سان معاني ۽ مطلب جا اھي بيش بها آبدار گوھر گڏ ڪري ڇڏيا اٿس، جن کي پرکڻ جي لاءِ مون جھڙي ھيمچدان کي ڪابه طاقت ڪانه آھي..... شاهه صاحب ھزارھا جاين تي ڪي ڪي لفظ اھڙا به استعمال ڪيا آھن، جن مان ھرھڪ لفظ جون ساڳيءَ ھجي ۾ ڪيتريون ئي معنائون نڪري سگھن ٿيون. اھڙن لفظن مان ڪنهن خاص لفظ جي صحيح معنيٰ متعين ڪرڻ جي سلسلي ۾ اھو ضروري آھي ته اھڙن سڀني بيتن جو تقابلي مطالعو ڪيو وڃي، جن ۾ اھو لفظ استعمال ٿيل ھجي.“(٥)

شاهه لطيف تي ٿيل ڪانفرنس ۾ اڪثر ڪري سائين نجف علي شاهه پنهنجي ڪتاب ’ٻاروچي ٻوليءَ جو ذڪر ڪندو ھو. ١٩٧٥ع واري ڪانفرنس ۾ سر سھڻيءَ جي لغت واري مقالي ۾ پڻ ھن ٻاروچي ٻوليءَ جي ڪتاب لکڻ جي مقصد تي روشني وڌي.

” ’ٻاروچيءَ جي ٻولي‘ ڪتاب لکڻ جو خاص مقصد اھو آھي ته سھڻي سنڌ جي پراڻي ۽ سٻاجھي ٻولي ۽ مٺڙي ملڪ جي گذريل ۽ وسريل تهذيب ۽ ثقافت کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري ڇڏجي ته ايندڙ نسلن کي پنهنجي پراڻي زبان ۽ رسم و رواج جو ماضي ھروقت اڳيان ھجي ۽ ان مان نئون نسل ڪجهه استفادو حاصل ڪري سگھي.“(٦)

سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي ’شاهه جي ٻوليءَ‘ جو ھڪ وڏو ڄاڻو ھو. ھن جي تيار ڪيل لغت ’ٻاروچي ٻولي‘ ھڪ بي مثال تحقيقي ڪم آھي، پر افسوس ته سندس اوترو قدر ڪين ٿيو، جنهن جو ھو لائق ھو. بهرحال جڏھن به ھن جو ڪتاب مڪمل طور ڇپجي پڌرو ٿيندو ته دنيا پاڻ ئي مڃيندي، ھن جو ھنڌين ماڳين ناماچار ھوندو.

 

 

 

حوالا:

١- نجف علي شاهه، ڪمتر نقوي، ’ٻاروچي ٻولي‘، ١٩٨٤ع، صفحو ٥- ٧

٢- نجف علي شاھ، ڪمتر نقوي، (مضمون)، ’سر آبريءَ جي لغت ۽ معنيٰ‘ ڪتاب ’سر سسئي آبريءَ جو مطالعو‘، ترتيب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ١٩٧٦ع، صفحو ٣٨- ٤٠

٣- نجف علي شاهه، ڪمتر نقوي (مضمون) ’معذوري جي لغت‘، ڪتاب ’سر سسئي معذوري جو مطالعو‘، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ١٩٧٧ع، صفحو ٥٠

٤- نجف علي شاهه، ڪمتر نقوي (مضمون) ’سر کنڀات جي لغت‘، ڪتاب ’سر کنڀات جو مطالعو‘، ترتيب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ١٩٧٢ع، صفحو ٩٣- ٩٤

٥- نجف علي شاهه، ڪمتر نقوي (مضمون)، ”سر سريراڳ جي لغت ڪتاب“، سر سريراڳ جو مطالعو‘ مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ١٩٧٤ع، صفحو ٣٥

٦- نجف علي شاهه، ڪمتر نقوي (مضمون ’سر سھڻي جي لغت‘) ڪتاب ’سر سھڻيءَ جو مطالعو‘ مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ١٩٧٥ع، صفحو ٨٦

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org