ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ھو. ھن کي سنڌي ٻوليءَ
سان بي انتها پيار ھو. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ڪجهه
مقالا لکي، پنهنجو پاڻ مڃرايو ھو. ھن جي مقالن ۾
تحقيقي انداز تمام گھڻي قوت ۽ توانائيءَ سان موجود
ھو. ھن جي تحرير ۾ سنڌي ٻوليءَ سان اٿاهه پيار جو
سمنڊ ڇوليون ھڻندي، محسوس ٿيندو ھو. ھن اڃا صرف ٻن
ڪتابن ۽ ھڪ انسائيڪلوپيڊيا کي ترتيب ئي مس ڏنو ھو
ته ھو ڦوهه، جوانيءَ ۾ پنجيتاليهه سالن جي عمر ۾
١٩٩٧ع ۾ ھيءُ جھان ڇڏي ويو، ھن جي اوچتي وفات تي
سنڌي ٻوليءَ جي گھڻگھرن کي تمام گھرو صدمو رسيو
آھي. ھن جو ان سال محقق سان اسان تمام گھڻيون
اميدون وابسته ڪيون ھيون.
ھن پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ جيڪو لکيو سو خوب لکيو، ھن کي ان جو
داد به خوب مليو.
ڊاڪٽر محبت علي ولد شوڪت علي ٻرڙو قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ھن
پاڻ پنهنجو احوال مون ڏانهن لکي موڪليو ھو، ان
موجب ھن پنهنجي ڄم جي تاريخ لاءِ لکيو آھي ته (١)
اسڪول جي جنرل رجسٽر ۾ ٢٥ مارچ ١٩٥٢ع (٢) گھر جي
خانداني شجري ۾ ٢٢ ربيع الاول ١٣٧٢هه. محبت ٻرڙي
پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪئي. ميڊيڪل
تعليم ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري
مان حاصل ڪئي.
تنهن بعد ھو لازمي ملٽري سروس ۾ شامل ٿيو، جتي ھو ڪيپٽن، ميڊيڪل
آفيسر طور فيبروري ١٩٨٠ع کان جون ١٩٨٢ع تائين
رھيو. ١٩٨٢ع کان ١٩٨٤ع تائين ٻن سالن لاءِ ڪراچيءَ
۾ ميليون جونز بلڊ بئنڪ ۽ آغاخان چيريٽبل
ڊسپينسريءَ ۾ ملازمت ڪئي. ١٩٨٤ع کان پنهنجي شھر
قمبر علي خان ۾ ’لطيف ڪلينڪ‘ ۾ ذاتي پريڪٽس ڪندور
ھيو. محبت ٻرڙو دل جي دوري پوڻ سبب ١٥ اپريل ١٩٩٧ع
تي اسان کان ھميشھ ھميشھ لاءِ موڪلائي، ڌرتي ماءُ
جي حوالي ٿيو.
حليم بروھيءَ پاران سنڌي ٻوليءَ جي موجوده رسم الخط جي باري ۾
عجيب و غريب اعتراضات اٿاريا ويا ھئا. جن جي جواب
۾ محبت ٻرڙي ھڪ سھڻو ۽ سيبتو ۽ علمي بنيادن تي
مبني ھڪ جواب ماھوار پرهه ۾ ڏنو ھو. محبت ٻرڙو لکي
ٿو ته:
”اھا ڳالهه واضع ٿيڻ گھرجي ته ڇا اھو ڪنهن مخصوص رسم الخط جو
ڏوهه آھي ته اھو اختيار ڪرڻ جي ڪري سماج جا ناڪاره
فرد پيدا ٿيندا رھن؟ ڇا دنيا جي ملڪن ۾ رومن/
انگريزي/
کاٻي کان ساڄي لکندڙ رسم الخط
مروج آھي.
اتي افسانه نگار، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويسي، شاعر اديب،
دانشور وغيره (جن کي حليم بروھي بيڪار ۽ ناڪاره
سڏي ٿو) پيدا نه ٿيا ھئا نه ٿيا آھن ۽ نه وري پيدا
ٿيندا؟
ڇا اھو رسم الخط جو ڪارنامو آھي ته ڪٿي سائنسدان، عالم اڪابر ۽
محقق پيدا ڪري ته ڪٿي جاھل نڪما ۽ واتوڙي. مغربي
دنيا ۾ جيڪڏھن ھر چڱائي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ اتان جي
رسم الخط آھي ته اتي ھر برائي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ
ڪير آھي؟
ٻوليءَ جي رچيل ھجڻ جو سڌو تعلق قوم ۽ سماج جي خوشحاليءَ ۽ گھڻ
طرفائيءَ سان آھي. ھن مھل جيڪي ٻوليون گھڻي ڀاڱي
وسيع علمي ذخيرو رکن ٿيون. اھي ڪنهن نه ڪنهن طرح
ھڪ اھڙي سماج سان لاڳاپيل آھن، جيڪو تاريخ ۾ حاڪم،
خودمختيار ۽ ڪاھيندڙ رھيو آھي، جنهن جي لساني
گھرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف ٻولين مان ھزارين
لفظ اڌارا وٺي، ان کي ڀڃ ڪري ٺاهه ھيٺ آڻي پنهنجو
ڪيو ويو.
سنڌ به جيڪڏھن ھڪ آزاد ۽ خودمختيار ڏيهه ھجي، سنڌي قوم پنهنجن
سمورن وسيلن جي مڪمل طرح مالڪ ھجي ۽ پنهنجي ٻوليءَ
کي دنيا جي سمورين ٻولين مان ھزارين لفظ وٺي گھڙي
ٺاھي، سنڌي مزاج موجب بنائي ته ڪو سبب ناھي، جو
سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر جي دنيا مان مڪمل فائدو نه وٺي
سگھي. انگريزيءَ، فرينچ، جرمن، روسي ۽ چيني ٻولين
۾ ڳالھايل ھر لفظ جيڪڏھن في البديهه عربيءَ ۾
ترجمو ٿي سگھي ٿو ته سنڌيءَ ۾ ڇونه ٿي سگھي ٿو.
عربن وٽ مال آھي، پنهنجي ملڪ تي مالڪي ۽ ھنن تحقيق
تي وڏي سيڙپ ڪئي آھي. اسين به جيڪڏھن ائين ھجون ۽
ڪري سگھون ته سنڌي ٻولي نه رڳو ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي
سگھي ٿي، پر ٻيو به گھڻو ڪجهه ٺھي سگھي ٿو. ساڄي
کان کاٻي لکجندڙ سموريون ٻوليون مدي خارج ناھن.
عربي ۽ فارسيءَ ۾ ته سمورو سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل علم
ھوري ھوري پوري طرح شامل ٿيندو پيو وڃي. ھن وقت
اھو لازمي قرار ڏنل آھي ته جيڪو به نگ عرب دنيا
منجهه وڪرو ٿيڻو آھي، ان بابت سمورو مواد عربيءَ ۾
ڇاپيو وڃي. جيڪڏھن سنڌي ماڻھن ۾ عربن جيان پنهنجي
ڏيھي ٻوليءَ ۾ ثقافت جا واڳ ڌڻي ھجن ته سنڌ ۾ ڪھڙي
ڪمپني ھوندي، اليڪٽرانڪ کان ويندي، ميڊيڪل تائين،
جيڪا پنهنجو مواد سنڌ ۾ وڪرو ٿيندڙ ھرنگ لاءِ اھو
شرط رکي سگھن ٿا ۽ پوءِ دنيا جي ڪھڙي سرمائيدار
ڪمپني ھوندي، جيڪا پنهنجو مواد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري
نه ڏيندي.“(١)
ھن تحرير مان پتو پوي ٿو ته محبت ٻرڙو ھڪ نهايت ئي پختو محقق
آھي ۽ ھن وٽ وزندار دليل موجود آھن. ھن جي تحرير،
حب الوطنيءَ جي جذبن سان ٽمٽار آھي. پنهنجي قوم جي
بيوسي ۽ بيڪسيءَ جو ھن جنهن جرئت ۽ ھمت جو مظاھرو
ڪيو آھي، ان تي ھو بلاشڪ داد لھڻي.
ماھوار ’ڪينجھر‘ ۾ ڇپيل ھڪ مضمون ’جامع سنڌي لغات‘ جو جائزي ۾
محبت ٻرڙي پھريان ته ڪجهه تعريفي جملا لکيا آھن،
ھو لکي ٿو:
”جامع سنڌي لغات“ انهن ڪتابن مان ھڪ آھي، جيڪو ھر سنڌي سڄاڻڪ ۽
ڄاڻ ڪوڏيو پاڻ وٽ سانڍڻ ضرور پسند ڪندو.
سنڌيءَ مان سنڌيءَ ۾ سنڌيءَ جي ادبي توڙي عام يا لوڪ لفظن جي ھي
پھرين لغت آھي، جنهن تي اھڙن سنڌي عالمن ’لاڳيتو
پنجاهه ورھيھ ڪم ڪيو آھي“، جيڪي سنڌي توڙي پر سنڌ
۾ مان جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. جنهن ۾ اڳ ڇپيل
سمورين سنڌي لغتن جي ڀيٽ ۾ گھڻا لفظ ۽ اصطلاح ڏنل
آھن.... سڄي سنڌ ۾ جتي ڪٿي پکڙيل ھڪ لک کان وڌيڪ
موتين جھڙا جرڪندر لفظ ۽ اصطلاح گڏ ڪري، ’جامع
سنڌي لغات‘ جي لڙھيءَ ۾ پوئي سنڌيءَ جي پڙھندڙن کي
مٽيءَ مٺ ۾ آڇيا آھن. اھي سمورا لفظ جاکوڙي ۽ اکر
ڪوڏي جس لھڻن.“(٢)
اڳتي ھلي محبت ھن لغات تي تنقيدي نگاهه وجھندي لکي ٿو ته:
”اھڙي سوا لک لفظن ۽ اصطلاحن واري لغت اسان جا عالم سڳورا
پنجاهه سالن يعني اڌ صديءَ ۾ مس تيار ڪري سگھيا
آھن! جيڪي ڪجهه تيار ٿيو آھي، ان ۾ به سوين
غلطيون، ھزارين کوٽون ۽ سائنسي لفظن جي اڻ ھوند!
اھو به ايڪويھين صديءَ جي چانئٺ تي پھتل سائنسي
ترقي ۽ ان ڪمپيوٽرائيزڊ دور ۾ جڏھن علم ۽ عرفان اڀ
پيو ڇاڇولي ۽ علمي بنيادن تي تيار ٿيل مختلف ٻولين
۾ ھزارين لغتون موجود آھن.“(٣)
محبت ٻرڙي جامع سنڌي لغات تي جيڪي اعتراضات ڪيا آھن، انهن ۾ ھڪ
اعتراض ھت مثال طور پيش ڪجي ٿو، محبت ٻرڙو لکي ٿو:
”جلد پھرين جي مھاڳ ۾ صفحي ’ز‘ تي ڄاڻايل آھي ته ’مصدر‘ جي حالت
۾ معنيٰ جي خاتمي بعد، ڏنگين ۾ ان فعل ۾ فاعل،
ماضي توڙي اسم حاليھ کي نروار ڪيو ويو آھي. اھا
ڳالهه سراسر غلط آھي. مثال طور پھرين جلد کي مختلف
ھنڌن تان کولي ڪجهه مصدر جانچي ڏسون:
آبڻ (آبيو- آبيندو- آبيل) ص ٨
آڇلائڻ (آڇلايو- آڇلائيندو- آڇلايل) ص ٢٦
بيھڻ (بيھندو! بيٺو، بيٺل) ص ٤٤٣
ھنن مثالن مان پڌرو آھي ته مصدر جو ماضي، مستقبل لاءِ اھي ٻئي
شڪليون به رڳو واحد ۽ مذڪر واريون آھن، جمع ۽ مؤنث
واريون نه آھن) ۽ اسم حاليھ ڏنل آھي. (۽ اھو به
ڪيترن ھنڌن تي کٽل، بي ترتيب ۽ غلط) نه ڪي ڄاڻايل
علمي ۽ تحقيقي دعويٰ موجب، فاعل، ماضي ۽ اسم حاليھ
(باقي چئن جلدن ۾ ته اھا ترتيب به رڳو ڪن ھنڌن تي
ڀل چڪ وچان درست اچي وئي آھي)
سنڌيءَ ۾ فاعل ائين ٺھندو آھي ته مصدر جو ’ڻ‘ ڪيرائي، ان جي
جاءِ تي ’ايندڙ‘ يا ان پڇاڙي ملائي ڇڏجي. جيئن
’آھوڙيندڙ‘، ڄاڻندڙ، برغلائيندڙ، گھمندڙ وغيره.
مصدرن مان اھڙين ٺھيل سمورن فاعلن سان جيڪا تعذي ’جامع سنڌي
لغات‘ ۾ ڪئي وئي آھي سا شايد ئي دنيا جي ٻي ڪنهن
به سڌريل ۽ اڻ سڌريل ٻوليءَ واري لغت ۾ ڪئي وئي
ھجي.“(٤)
جامع لغات تي ڪيل ھن اعتراض تي اڳتي ھلي وضاحت ڪئي اٿس:
”لکڻ مصدر مان لکجڻ، لکائڻ، لکائجڻ، لکرائڻ، لکرائجڻ، لکارائڻ ۽
لکرائجڻ مصدر اچن ٿا، جيڪي پنهنجي ترتيب موجب لکڻ
کان اڳ ۾ ايندا ۽ اچڻ گھرجن. جيڪڏھن انهن سان
فاعلي صورتون ۽ ضميري پڇاڙيون گڏ ھجن ته سندن
ترتيب اڃا به ڦري ويندي.
ڇا اسين سنڌيءَ ۾ ان خاصيت کي لغت جھڙي ڪتاب ۾ ڪم نه آڻيون ۽ بي
ڌيانيءَ سان ڦٽو ڪري ڇڏيون.“(٥)
محبت ٻرڙي جو ھڪ نهايت طويل ۽ بيحد اھم مضمون ٽھ ماھي مھراڻ ۾
ڇپيو آھي، جنهن جو عنوان ھو ’ضميري پڇاڙيون ۽ صحيح
سنڌي ٻولي‘. ھن مضمون وسيلي محبت جامع بحث ڪيو
آھي. ھن مضمون محبت ٻرڙي کي سنڌيءَ ٻوليءَ جي
محققن جي پھرين صف ۾ آڻي بيھاريو. ھن جو نقطئھ نظر
بالڪل ئي واضح آھي ته جنهن صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾
ٻٽو ضميري پڇاڙين جو نظام موجود آھي، تنهن ڪري
جملن ۾ اڳيان فاعل جو اچڻ يا ھجڻ، جملي ۾ ورجاءُ
ٿئي ٿو، تنهن ڪري اھي جملا گرامر موجب غلط ھئڻ
گھرجن.
ھن پنهنجي استدلال ۾ تمام گھڻي جاکوڙ سان ھڪ نهايت ئي مفصل
معلومات مھيا ڪئي آھي. ھن مضمون جي جواب ۾ ڊاڪٽر
الانا صاحب پنهنجو موقف مھراڻ ۾ ئي بيان ڪيو، جنهن
۾ ھن محبت ٻرڙي سان گھڻو اختلاف ڪيو. محبت ٻرڙي ھن
سلسلي ۾ ھڪ ڪتاب ’اڀياس جو اڀياس‘ لکي تيار ڪيو.
جيڪو غالبا ھن وقت ڇپائيءَ ھيٺ آھي. ڪتاب جي پڌري
ٿيڻ بعد ئي ڪا راءِ قائم ڪري سگھجي ٿي.
محبت ٻرڙو ھڪ اھڙو نوجوان محقق ھو، جيڪو محبت ۽ لگن سان ٻولي جي
گرامر تي تحقيق جو ڪم ڪري رھيو ھو. ھن جي قلم اڃا
ٿورا ڪي جوھر مس ڏيکاريا ھئا ته ظالم موت ھن کي
اسان کان کسي ورتو. محبت ۽ پريم (محبت ٻرڙو ۽
ھدايت پريم) جيڪي قرب جي ڪڙن ۾ قابو ھئا، ڇڄي ڌار
ٿي ويا. جنهن جو افسوس ۽ ارمان عمر ڀر رھندو.
حوالا:
١- محبت ٻرڙو، مضمون الفابيٽ، رسم الخط، اسڪرپٽ ماھوار، پرهه،
فيبروري- مارچ، ١٩٩٥ع، صفحو ٩- ١٠
٢- محبت ٻرڙو، ’مضمون جامع سنڌي لغات جو جائزو‘، ماھوار ڪينجھر،
ڊسمبر ١٩٩٤ع، صفحو ٨١
٣- محبت ٻرڙو، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو ٨٣
٤- محبت ٻرڙو حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٩٠
٥- محبت ٻرڙو حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٩١ |