حڪيم فتح محمد سيوھاڻي
مرحوم حڪيم فتح محمد سيوھاڻي انگريزي دور جو ھڪ وڏو عالم، اديب
۽ سياستدان ھو. ھن علمي ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو
روشن ڪيو ۽ سياست جي ميدان ۾ عظيم خدمتون سرانجام
ڏنيون.
حڪيم صاحب جھڙو ھو عمدو شاعر اھڙو
ئي عمدو نثر نويس ھو. سندس اکر موتين جھڙا ھئا،
سندس تصنيفون ھر ڪنهن جي نظر مان گذريون ھونديون.
ھڪ ٻه عربي ڪتاب لکيا ھئائين. باوجود شھر ۾ رھڻ جي
سندس دسترخوان کليل رھندو ھو. ڪم سخن ۽ شائسته
گفتگوءَ جو مالڪ ھو. ماڻھن تي احسان ڪرڻ سندس دل
جو مرعوب مشغلو ھو. سندس تخلص اول ۾ ’صغير‘ ۽ پوءِ
’حڪيم‘ رھيو.(١)
سندس شخصيت جي باري ۾ پير علي محمد راشديءَ لکيو آھي: ”ڇا
سنجيدگي، ڇا شائستگي، ڇا پروقار صورت، ڇا گفتگوءَ
جي شيريني، ڇا ضمير جي آزادي، ڇا زندگيءَ جي اصولن
جي پاسداري، ڇا خودداري، حڪيم فتح محمد سيوھاڻي
عليھ رحمت جيڪو انهن ۽ بيشمار ٻين خوبين جو مجموعو
ھو. سيوھڻ مان اڀري ڪراچيءَ جي افق تي چمڪي سالھا
سال سنڌ جي ثقافتي علمي ۽ ادبي محفلن کي منور ڪندو
رھيو. فرد نه ھو پنهنجي مٿي ھڪ ادارو ھو.“(٢)
حڪيم صاحب جي ولادت ١٨٨٢ع ۾ سنڌ جي مشھور شھر سيوھڻ ۾ قديم معزز
عباسي خان ۾ ٿي. سندس والد جو اسم گرامي حڪيم حافظ
غلام محي الدين ھو. حڪيم فتح محمد صاحب دستاربندي
ڪري عالم ٿيو. علم طب ۾ اڳ ئي تربيت مليل ھيس،
پوءِ مرحوم سيد الھندي شاهه جي ڪاروبار سنڀالڻ ۽
سندس ٻارن کي پڙھائڻ لاءِ ڪجهه وقت درٻيلي ۾ رھيو،
جتان نوڪري ڇڏي اچي، ڪراچيءَ ۾ شفاخانو کوليائين،
جتي سگھوئي واقفيت، لاڳاپا ۽ دسترسي پيدا ڪري ويو.
سندس لاڳاپو کڏي واري مدرسي جي مولانا محمد صادق
سان ھو.(٣)
حڪيم فتح محمد سيوھاڻي ١٩٠٨ع ۾ سيوھڻ جي قريشي خاندان مان شادي
ڪئي، کيس پنج نياڻيون ۽ ٻه پٽ اولاد ٿيا. حڪيم
صاحب ڊسمبر ١٩٤٢ع ۾ وفات ڪئي.
حڪيم صاحب ڪل ١٦ ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا آھن. ان کان علاوه عربيءَ ۽
فارسيءَ ۾ ڪي رسالا لکيا، جن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب
’نور الايمان‘ ۾ ڪيو اٿس. حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ
جي علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن جو تفصيل آپا شمس
عباسي جي ڪتاب ’مولانا حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جي
شخصيت‘ ۾ ڏسي سگھجي ٿو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران
١٩٨٨ع ۾ ڇپايو ويو آھي. دراصل ھيءُ آپا شمس
عباسيءَ جو پي ايڇ. ڊي ڊگريءَ لاءِ لکيل مقالو
آھي، جيڪو مولانا مصطفيٰ قاسميءَ جي رھبريءَ ۾
لکيو آھي.
لسانيات جي ميدان ۾ حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جو ھڪ ڪتاب ’آفتاب
ادب عرف ساھت جو سچ‘ ھڪ يادگار ڪتاب آھي. ١٩٥٦ع ۾
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ پاران
ڇپايو ويو. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ ٻوليءَ جي باري ۾
ڄاڻ ڏنل آھي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ٻين ٻولين جي
تعلق سان اڀياس ڪيل آھي. حڪيم صاحب سنڌي ٻوليءَ جي
باري ۾ اڳين عالمن جھڙوڪ: ڀيرومل، قليچ بيگ وارن
کان متاثر ٿي لکيو آھي:
ھاڻوڪي چالو سنڌي ٻوليءَ جا ھندو ۽ مسلمان عام طور توڻي خاص طرح
تقرير توڻي تحرير ۾ ڪم آڻين ٿا ۽ جا صدين کان وٺي
سنڌ ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. جا عام ٻوليءَ طور يا ادبي
ٻوليءَ طور ستعمال ڪئي وڃي ٿي. سا گھڻي ڀاڱي
سنسڪرت چڱي ڀاڱي عربي موچاري ڀاڱي فارسي ۽ ٿوري
ڀاڱي ترڪي ۽ ڪجهه ڀاڱي انگريزيءَ مان مرڪب ۽ مرتب
ٿيل آھي. سنسڪرت سندس ماتا آھي. عربي، فارسي وغيره
سندس پالنا ڪندڙ ۽ مربي سنسڪرت کيس ڄڻيو. عربي
فارسي وغيره کيس اڃا لائق بنايو ۽ ابدي اوج تي
پھچايو.(٤)
حڪيم صاحب سنسڪرت جا ڪيترائي لفظ ڏنا آھن، جن مان سنڌي لفظ ٺھيا
آھن. مثال طور: پورن مان پورو، پرنتو مان پر، سانس
مان ساه، پتر مان پٽ، چندر مان چنڊ، سنڌي ٻوليءَ
کي ادبي ٻولي قرار ڏيندي، حڪيم صاحب سنڌي ٻوليءَ
جا ڳڻ ڳڻايا آھن. (١) سنڌي ھڪ سھڻي سندر ۽ سلوڻي
ٻولي (٢) منجھس ھڪ معنيٰ لاءِ گھڻا لفظ ۽ ھڪ لفظ
جون گھڻيون معنائون موجود آھن(٣). منجھس چقمق واري
ڪشش به آھي جو ڌاريا لفظ ڇڪيو پنهنجا بنايو
ڇڏي.(٥)
سنڌي ٻوليءَ تي عربي ۽ فارسي اثرات جي باري ۾ حڪيم صاحب جي راءِ
به پڙھڻ وٽان آھي. جڏھن ته سنڌيءَ ۾ يورپ جي زبان
انگريزيءَ مان مدد وٺڻ يا انهن جي لفظن قبول ڪرڻ ۾
عيب عار سمجھيو نه ٿو وڃي. ٻوليءَ جا ستن سمنڊن
پار جي آھي، جا مغربي آھي. مشرقي ڪينهي، ايشيائي
ڪينهي جا پوري طرح پراھين ۽ڌارين آھي. ويجھي
مائيٽياڻي ڪينهي، تڏھن مشرقي ۽ ايشيائي ٻولين
(عربي ۽ فارسيءَ) جي ملاوٽ ۽ مدد کان پري ڇو ڀڄجي،
جي اسان جون پاڙيسري به آھن ۽ ھر وقت مددگار به ٿي
رھيون آھن، جن سان اسان جا جھونا ناتا ۽ قديم
تعلقات آھن. اڳي به انهن اسان جي ٻوليءَ سان چڱائي
پير ڀريا ھئا ۽ ھاڻي به ھو پاڻ کي سنڌيءَ جي حوالي
ڪرڻ کان منهن نه ٿيون موڙين. اسان جي سنڌيءَ جي
بنياد ۾ ئي اھا لياقت آھي، جو ھن ڪنهن به اڻ سڌريل
۽ جھنگلي ٻوليءَ سان نينهن نه لاتو. ھن بروھڪي ۽
مڪرانڪي ٻوليءَ کي ويجھو به اچڻ نه ڇڏيو توڻي ڪھ
اھي ٻوليون پاڙيسري ھيون.(٦)
ٻين ٻولين مان ڌارا ورتل لفظ
Loan Words
کي حڪيم صاحب دخيل لفظ ڪوٺي
ٿو. عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جا دخيل لفظ گڏ ڪري
ڄاڻايل آھن، جيڪي حقيقت ۾ سون جي تعداد ۾ آھن.
مذڪوره تفصيل تمام ڪارائتا آھن، ڪجهه ٻين يورپي
ٻولين جا ٿورا لفظ پڻ ڏنا اٿائين.
برج ڀاشا، ھندي ۽ اردو، عربي، فارسي لفظ صدين کان استعمال ھيٺ
آھن. اھڙا مثال گرونانڪ، تلسي داس ۽ سورداس جي
شاعريءَ مان ڏنا اٿائين. چڱو خاصو تعداد انهن عربي
اکرن جو ڏنو اٿائين، جيڪي شاهه لطيف جي رسالي ۽
ٻين سنڌي شاعرن جي ڪلام ۾ موجود آھن.
حڪيم صاحب سنڌي ٻوليءَ جي درست صورتخطيءَ تي پڻ زور ڏنو آھي.
ڪتاب ’آفتاب ادب‘ جي ٻي ڀاڱي ۾ علم بديع علم بيان
۽ معاني جو اڀياس سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان ڪيل
آھي. ’آفتاب ادب‘ ڪتاب لسانيات جي جديد اصولن تحت
لکيل نه ھئڻ جي باوجود به ھن ڪتاب ۾ تمام سٺي
معلومات ڏني وئي آھي. ھن صديءَ جي ٽين يا چوٿين
ڏھاڪي ۾ لکيل ھيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو مان
مٿانهون ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش آھي.
حڪيم صاحب جو ھيءُ ڪتاب سنڌي لسانيات جي اوسر ۾ بنيادي حيثيت
رکي ٿو. سنڌي ٻوليءَ تي مختلف ٻولين جي اثرات جي
مڪمل تصوير پيش ڪري ٿو.
بلاشڪ لسانيات جي کيتر ۾ حڪيم صاحب ھن ڪتاب ’آفتاب ادب‘ جي
حوالي سان ھميشھ ياد رکيو ويندو.
حوالا:
(١) جي. ايم سيد، ’جنب گذاريم جن سين‘، ١٩٦٧ع، صفحو
١٧٩
(٢) پير علي محمد راشدي، ’اھي ڏينهن اھي شينهن‘، ١٩٨٠ع، صفحو
٣١٨
(٣) جي. ايم سيد، ’جنب گذاريم جن سين‘، ١٩٦٧ع، صفحو
١٧٨
(٤) حڪيم فتح محمد سيوھاڻي، ’آفتاب ادب‘، ١٩٦٩ع،
صفحو ٢٤
(٥) ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢١
(٦) ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢٧
ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي
ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي شاهه جي رسالي جو جديد تحقيقي
انداز سان ترتيب ڏيڻ ۽ تشريح ڪرڻ واري جي حيثيت ۾
سڃاتو وڃي ٿو. ھن شاهه جي رسالي تي تحقيق دوران
شاهه جي ٻوليءَ تي پڻ تحقيقي نظر وڌي آھي. رسالي
جي مقدمي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ھڪ باب ۽ ھڪ باب شاهه
جي ٻوليءَ جي صرفي ۽ نحوي ترڪيبن جي باري ۾ تحرير
ڪئي اٿائين. ھو نه صرف سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ عظيم
ماھر ھو، پر ھن کي عربي، ۽ فارسيءَ سان گڏ سنسڪرت
۾ ھندي ٻولين تي پڻ مھارت حاصل ھئي. سنڌ ۾ موجوده
صديءَ جي پھرين اڌ جو ھو ھڪ بي مثال عالم ھو. ھن
شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيڻ کان علاوه ٻيا چار
ڪتاب به لکيا: (١) لنواريءَ جا لال، (٢) نورجھان،
(٣) روح رھاڻ، (٤) مقدمھ لطيفي.
ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاڻي ٨ مارچ ١٨٨٤ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
ڊاڪٽرصاحب ننڍي ھوندي تمام سنهون ۽ ڪمزور ھوندو
ھو، ۽ اڪثر بيمار رھندو ھو. ھن ١٩٠٠ع ۾ مئٽرڪ پاس
ڪرڻ بعد ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ١٩٠٥ع ۾
بي. اي جو امتحان، امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين.
پوءِ ايم اي جي واسطي بمبئيءَ جي ولسن ڪاليج ۾
داخل ٿيو. ١٩٠٧ع ۾ تعليم ختم ڪري، ڊاڪٽر صاحب
ساڳئي ڪاليج ۾ انگريزي ۽ فارسيءَ جو اسسٽنٽ
پروفيسر ٿيو. نيٺ ١٩٠٨ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾
فارسيءَ جي پروفيسر جي عھدي تي فائز ٿيو ۽ آخر
تائين انهيءَ ڪاليج ۾ رھيو. ١٩٢٨ع ۾ لنڊن روانو
ٿيو، اتي لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ رھي، ڊاڪٽريٽ ڪيائين،
جنهن لاءِ مقالو لکيائين ’انگريزي شاعريءَ ۾
تصوف‘. ڊاڪٽرصاحب ١١ فيبروري ١٩٤٧ع تي وفات ڪئي.
ان وقت پاڻ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ پرنسپال ھو.(١)
گربخشاڻيءَ جو اھم ڪارنامو شاهه جي رسالي جي تاليف ۽ تدوين آھي.
سندس ڏنل معنائن ۽ شرح مان بخوبي پتو پوي ٿو ته ھو
ھڪ نهايت اعليٰ پائي جو محقق ۽ عالم آھي.
گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي تي جن عالمن تنقيدون
ڪيون، تن ۾ ڄيٺمل پرسرام ۽ ليلا رام وطڻمل نمايان
آھن. ھنن گربخشاڻيءَ جي ھن رسالي تي مکيھ طور ھيءُ
اعتراض واريو ته گربخشاڻيءَ اٽڪل ھڪ ھزار کن بيت
رسالي مان خارج ڪري ڇڏيا آھن، تن لاءِ ڪابه سند
ڪانه ڏني اٿائين. گربخشاڻيءَ جي ڏنل معنائن تي پڻ
جزوي اختلاف ظاھر ٿيا. پر ساڳئي وقت گربخشاڻيءَ جي
رسالي جي تعريف، قاضي اسدلله شاهه، مرزا قليچ بيگ،
پرمانند ميوارام، ڀيرومل مھرچند ۽ ايڇ ٽي سورلي
جھڙن عالمن ڪئي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
گربخشاڻيءَ جي رسالي جي باري ۾ چوي ٿو:
”ھيءَ تاليف ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تحقيقي قابليت جو ثبوت آھي...
ڊاڪٽر گربخشاڻي پھريون محقق ھو، جنهن رسالي مان
ڌاريو ڪلام ڪڍي ڌار ڪيو. ان لاءِ دليل ڏنائين. ھر
مناسب پڙھڻي اختيار ڪيائين. راڳ سنگيت جي بابت به
سمجھاڻيون ڏنائين. گربخشاڻي يورپ جي عالمن جي
تحقيق جو معيار ڏنو ھو. عرب ۽ ايران ۾ ڪيئن پئي ڪم
ٿيو، تنهن جي به پروڙ کيس ھئي. ان ڪري ھن مقدمھ
نگاريءَ جي جديد ترين طرز اختيار ڪئي، جنهن کي
پوين اختيار ڪيو ۽ ’شاهه جي رسالي‘ جي شرح مان
گھڻو فائدو ورتائون.“(٢)
ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ لکيو آھي:
”گربخشاڻيءَ ’شاهه جي رسالي‘ جي ھرھڪ ڀاڳ جي پٺيان عام واھپي ۾
نه ايندڙ لفظن جي معنيٰ ۽ اشتقاقي اتهاس ڏنو آھي.
ھي ڪم محدود ھوندي به خاص ڪارائتو آھي. ھيءُ
ملھائتو ڪم سچ پچ سنڌي جڳت لاءِ ھڪ مڻيو آھي.“(٣)
گربخشاڻيءَ شاهه جي ٻوليءَ جي باري ۾ پنهنجي راءِ ھن طرح ڏني
آھي:
”شاهه جي سنڌي ھاڻوڪي سنڌيءَ کان البت ٻي ڊول جي آھي. اھوئي سبب
آھي جو ماڻھن کي شاهه جي شعر پڙھڻ ۽ ان جي معنيٰ
سمجھڻ ۾ قدري مشڪلات ٿي. ھڪڙو ته شاهه جا لفظ ۽
محاورا نج سنڌي آھن، ٻيو ته ڪيترا لفظ ۽ نحوي
بناوتون اھڙيون آھن جي ھاڻوڪي سنڌيءَ ۾ رواجي طور
استعمال ۾ نٿيون اچن، ٽيون ته ڪي اھڙا لفظ ڪتب آيل
آھن، جن جون معنائون يا ته متروڪ ٿي ويون آھن يا
ته منجھن گھڻي تبديلي ٿي وئي آھي ۽ چوٿون ته شاهه
جي تلفظ ۽ ھاڻوڪي تلفظ ۾ البت تفاوت آھي. ھاڻ
پھرين ڄاڻڻ گھرجي ته سنڌي ٻوليءَ جو اصل بنياد
ڪھڙو آھي ۽ پڻ ڪھڙن سببن کان ان ۾ ڦيرڦاريون ٿيون
آھن.“(٤)
گربخشاڻيءَ سنڌي ٻوليءَ جي اصل ۽ بنياد بابت پنهنجو رايو قائم
ڪيو ھو ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتي آھي. ھو لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ کي بگڙيل يا ’فاسد سنسڪرت‘ ڪري چئجي ته روا آھي.
يعني سنسڪرت لفظن ۽ نحوي بناوتن ۾ ھزارھا سالن
گذرڻ ڪري، ايتري ڦيرڦار ٿي وئي آھي جو سنسڪرت اچي
سنڌيءَ جي صورت ورتي آھي. سرسري نظر ڪبي ته سنسڪرت
۽ سنڌيءَ جي وچ ۾ ھاڻ ڪا ظاھري طرح گھڻي مشابهت
معلوم نه ٿيندي. سنسڪرت مان نه رڳو سنڌي، مگر
ھندستان جون ٻيون آرين ٻوليون جھڙوڪ گجراتي،
مرھٽي، پنجابي، ھندي، بنگالي، اڙيا وغيره به ڦٽي
نڪتيون آھن ۽ انهن ٻولين جي ھڪ ٻئي سان نهايت گھڻي
موافقت آھي.“(٥)
ٻوليءَ ۾ ايندڙ تبديليءَ جي باري ۾ گربخشاڻيءَ پنهنجا خيال ھن
ريت ظاھر ڪيا آھن:
انهيءَ تبديليءَ جا سبب خود انساني سڀاءَ تي مدار رکن ٿا. رڳو
خود ٻولي انسان جي حياتيءَ جو مقصد نه آھي. ٻولي
فقط ھڪ وسيلو آھي. جنهن جي مدد سان ماڻھو پنهنجا
خيال ھڪ ٻئي سان ظاھر ڪري سگھن ٿا. ٻوليءَ جي حرفن
۽ لفظن جو اچار ڪرڻ البت ڪشالي گاڏڙ آھي. آواز
پيدا ڪرڻ ۾ ڪيترن عضون جي مدد گھرجي، مثلا: ڦڦڙن،
نڙيءَ، ڄڀ، ڪاڪڙي ڪلين، ڏندن، ڏاٺن، چپن، نڪ وغيره
جي... ھرڪو ماڻھو چاھيندو ته ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾
جيئن ٿورو ڪشالو ٿئيم، تيئن چڱو. اھو آھي ھڪ مول
سبب جنهن جي ڪري لفظن جي اچارن ۾ بگيڙو پوي ٿو.
ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو ٻيو ھڪ قوي سبب آھي، قوم ۽ ملڪ جي تاريخ ۾
تبديلي. جڏھن ڪا ڌاري قوم ملڪ تي غالب پوندي آھي،
تڏھن ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو گھڻو امڪان ٿيندو آھي.
ڌاري قوم جا لفظ روزمره جي محاوري ۾ اچي ويندا
آھن. مگر انهن جو صحيح اچار ڪرڻ مشڪل ٿيندو آھي...
وري جڏھن ھڪڙي قوم جي ڪنهن ٻي قوم سان واپار يا
ڌنڌو ڪري، لهه وچڙ ٿيندي آھي، تڏھن ھڪ ٻئي جا لفظ
۽ اصطلاح ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويندا آھن. آڳاٽي زماني
۾ سنڌ جي ماڻھن جو ملبار ڪناري جي رھاڪن ۽ عربن
سان گھڻو واپار ھلندو ھو. جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾
انهن ملڪن جا ڪيترا لفظ ۽ اصطلاح اچي ويا آھن. (٦)
سنسڪرت جا لفظ سنڌيءَ ۾ ڦيرڦار بعد ڪيئن روپ اختيار ڪن ٿا، ان
سلسلي ۾ گربخشاڻي لکي ٿو:
”ڪي ڪي سنسڪرت لفظ سنڌيءَ ۾ داخل ٿيڻ بعد ڦري ٻن ٽن قسمن جا ٿي
پيا آھن ۽ جدا جدا معنائون حاصل ڪيون اٿائون.
مثلا: سنسڪرت لفظ ’ورڌ‘ اھو لفظ ھوبهو سنڌيءَ ۾
اصلوڪي معنيٰ سان پڻ ڪم اچي ٿو. جيئن ’ورڌ اوست‘
۾، پر وري بدلجي ’ٻڍو‘ ۽ ’وڏو‘ به ٿي پيو آھي ۽
انهن ٻنهي لفظن جي معنيٰ ۾ پڻ تفاوت آھي.“(٧)
اڳتي ھلي گربخشاڻي لکي ٿو:
”نج سنسڪرت لفظ شاهه جي سنڌيءَ ۾ نهايت ٿورا لڀندا. اھڙن لفظن
کي ’تتسم‘ ڪري ٿا سڏين. مثلا: ڌرم ڪرم، پرمل
وغيره. ’تتسم‘ ماڻھن جي زبان ۾ ڦري ڪيئن ’تدڀو‘
(سنسڪرت کان ڦريل) ٿين ٿا. تنهن جا به قاعدا قانون
مشھور پراڪرت نحوين، جھڙوڪ فرزرچي ۽ ھيمچندر جاچ
ڪري پنهنجي ڪتابن ۾ لکي ڇڏيا آھن... تتسم ۽ تدڀو
لفظن کان سواءِ ٻيا ھڪڙي قسم جا لفظ جي سنڌي
ٻوليءَ ۾ خصوصا شاهه جي سنڌيءَ ۾ لڀن ٿا، تن کي
’ديسي‘ ڪري ٿا سڏين. ديسي لفظ اھي آھن، جي اڻ آرين
جي ٻولين مان ورتل آھن.“(٨)
شاهه جي سنڌيءَ ۾ پراڪرت وارين ’حالتي پڇاڙين‘ جون گھڻيون
نشانيون نظر اچن ٿيون، جي ھاڻوڪي سنڌيءَ مان يا ته
گم ٿي ويون آھن يا ته وڃن ٿيون آھستي آھستي گم
ٿينديون. انهن جي عيوض ’ظرف‘ يا حرف جر لڳايا وڃن
ٿا.
گربخشاڻي شاهه جي ٻوليءَ جي اسمن، ضميرن، ۽ ظرفن تي خوب تحقيقي
انداز ۾ لکيو آھي، پر اڪثر ترڪيبن کي پراڪرت سان
ڀيٽي پراڪرت جھڙيون ترڪيبون قرار ڏنو آھي. آخر ۾
به ائين لکي ٿو:
”شاهه جيڪي لفظ ڪم آندا آھن، تن مان گھڻن جو تلفظ انهن جي
اصلوڪي پراڪرت لفظن جھڙو آھي. ھاڻوڪي سنڌيءَ ۾
ڪيترن لفظن ۾ ھروڀرو نون غنه يا ’ه‘ زياده وڌي
ويندي.“(٩)
گربخشاڻيءَ شاهه جي رسالي جي ھر جلد جا ٻه حصا ڪيا آھن. پھرين
حصي ۾ شاهه جي ڪلام جو متن ڏنو اٿائين ته ٻئي حصي
۾ سمجھاڻيون ۽ ڏکين لفظن جون معنائون ڏنيون
اٿائين. ھيءُ شاهه جي بهترين لغت چئي سگھجي ٿي. ھن
جيتري محنت شايد ئي ٻي ڪنهن ڪئي ھجي. لفطن جي
معنائن ۽ بنيادن کي ڳولھڻ لاءِ اڙيا، بلوچڪي،
بنگالي، ترڪي، پنجابي، پراڪرت، سنسڪرت، شورسيني،
عربي، فارسي، گجراتي، مرھٽي، مغلي ۽ ھندي ٻولين جي
لغتن مان استفادو حاصل ڪيو آھي. ان کان علاوه
پراڪرتن جي ٻن اھم لغتن ھيمچندر جي ديس فام مالا ۽
آچاريھ دنپال جي ’پا، لڇمي‘ تي پڻ آڌار ڪيو آھي ۽
اڪثر لفظن کي سنسڪرت يا پراڪرت جي اصل جو قرار ڏنو
آھي.
گربخشاڻيءَ شاهه جي ڪلام ۾ آيل ڏکين لفظن جون معنائون ھن طرح
ڏنيون آھن:
عليم: ع، ڄاڻندڙ، ڄاڻڻھار، دانا (ع=
عربي) (صفحو ١٤٨)
نرتون: نرت سان. نرت (سن. نيتر) اک، نظر ڌيان. ٢ (سن، نرتي)
ھيج، ذوق، شوق خوشي. ھتي ٻئي معنائون لڳي سگھن
ٿيون (سن=
سنسڪرت) صفحو ١٤٩- ١٥)
سھ ماھي مھراڻ جي پرچي نمبر ٤- ٥- ۽ ٦ جلد-٢، آڪٽوبر، ڊسمبر،
١٩٤٧ع ۾ عثمان علي انصاريءَ صاحب ڪيترن لفظن جي
معنائن تي گربخشاڻيءَ سان اختلاف ڏيکاريو. ھت صرف
ھڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
نه وارث نه ولھو نه سڱ نه سياڪو.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ’وارث‘ جي معنيٰ ’اولاد‘ ڏني آھي، پر سنڌي
زبان ۾ ھڪ عورت جو وارث فقط مڙس ليکيو ويندو آھي.
سڱ جي معنيٰ ڊاڪٽر صاحب ساھرو مائٽ ڪئي آھي. حقيقت
۾ اھو لفظ عزازات يا مائٽيءَ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو
آھي. ’سياڪو‘ جي لغتي معنيٰ آھي ڪٽنب قبيلو ۽ نه
سڳو مائٽ، جيئن ڏنو ويو آھي. اھو ممڪن آھي ته ھن
سٽ ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ڏنل معنائون ڪنهن حد تائين
برابر ھجن، پر اھڙن لفظن جي پوري ۽ لغتي معنيٰ ڏني
وڃي نه ته پڙھندڙ مونجھاري ۾ اچي ويندو.(١٠)
ھن مضمون ۾ انصاري صاحب ’امر ڪوٽ‘ ۽ ’عمرڪوٽ‘ جي باري ۾ پڻ
پنهنجي راءِ ڏني آھي ته جيڪڏھن ڪنهن راجپوت ھيءُ
شھر اڏايو ھجي ھا ته ان جو نالو امر ڳڙهه ھجي ھا ۽
نه امرڪوٽ ۽ شاهه جي رسالي جي قديم نسخن ۾ به
’عمرڪوٽ‘ لکيل آھي.(١١)
ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جي رسالي تي عاليشان تحقيقي ڪم ڪري سنڌ
واسين تي وڏا وڙ ڪيا آھن. ان سان گڏوگڏ شاهه جي
ٻوليءَ جي ڏکين لفظن جون معنائون وڏي جاکوڙ بعد
مختلف ٻولين جي لغتن مان ڳولھي ڦولھي درج ڪيون
آھن. ھي ڪم ڪنهن ڪارنامي کان گھٽ نه آھي، جنهن تي
سنڌواسي سدائين فخر ڪندا رھندا.
حوالا:
(١) الانا، ڊاڪٽر غلام علي، سنڌي نثر جي تاريخ، ١٩٦٦ع، صفحو ١٢٢
(٢) جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ١٩٨٢ع،
صفح ١٨٦
(٣) گدواڻي، ڊاڪٽر پرسو، سنڌيءَ جا ٽيهه سال، ١٩٧٩ع، صفحو ٧٢
(٤) گربخشاڻي، ھوتچند، مولچند، شاهه جو رسالو، مقدمو، ١٩٧٩ع،
ٻيو ايڊيشن، صفحو ٦٢
(٥) گربخشاڻي، حوالو ساڳيو ڪتاب صفحو ٦٤
(٦) گربخشاڻي، حوالو ساڳيو ڪتاب صفحو ٦٧
(٧) گربخشاڻي، حوالو ساڳيو ڪتاب صفحو ٦٧
(٨) گربخشاڻي، حوالو ساڳيو ڪتاب صفحو ٦٨-٦٩
(٩) گربخشاڻي، حوالو ساڳيو ڪتاب صفحو ٧٣
(١٠) عثمان علي انصاري، مضمون ’سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جو
ڇپاپيل شاهه جو رسالو‘، مھراڻ، آڪٽوبر، ڊسمبر،
١٩٤٧ع، صفحو ١٠٨
(١١) عثمان علي انصاري، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو ١١٢- ١١٣ |