سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو :3

 

سر جارج ابراھم گريئرسن

 

جڳ مشھور ڪتاب ’لئنگئسٽڪ سروي آف انڊيا‘ جو ترتيب ڏيندڙ سھيڙيندڙ ۽ سوھيندڙ سر جارج ابراھم گريئرسن ننڍي کنڊ جي لسانيات جي دنيا ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آھي. مذڪوره ڪتاب سندس ٽيهن ورھين جي لڳاتار محنت ۽ مشقت جو ثمر آھي. گريئرسن ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا آھن. جن مان مکيه ھي به آھن:

١- سيون گرامرس آف ڊائليڪٽس آف بهاري لئنگويج

٢- ڊڪشنري آف ڪشميري لئنگويج

٣- پشاچا لئنگويج آف ويسٽرن انڊيا

٤- ماڊرن ورنا ڪيولر لٽريچر آف ھندستان

٥- ٽرانسليشن آف جائيسيز پدماوتي

(جائسي جي ’پدماوتي‘ جو ترجمو)

جارج ابراھم گريئرسن ٧ جنوري ١٨٥١ع ۾ ڊبلن جي علائقي گلينگيروي ۾ ڄائو، ھن جو والد ڊبلن ۾ سرڪاري پريس ھلائيندو ھو. گريئرسن سينٽ بيز ۽ ٽرنيٽي ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. يونيورسٽيءَ ۾ ھن سنسڪرت ۽ ھندستاني ٻولين ۾ انعام کٽيا. گريئرسن ١٨٧١ع ۾ انڊين سول سروس جو امتحان پاس ڪيو ۽ ١٨٧٣ع ۾ ھندستان پھتو. ١٨٩٨ع ۾ ھو لنگئسٽڪ سروري آف انڊيا جو سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. گريئرسن لڳ ڀڳ ٣٠ سال ھن عظيم ڪم کي پايه تڪميل تي پھچائڻ ۾ گذاريا. ننڍي کنڊ جي اٽڪل ٥٠٠ ٻولين تي ھن ڪم ڪيو. انهن ٻولين جي ادب ۽ لوڪ ادب ۽ ڪتابن تي تنقيد ۽ تبصرا به ڪيا آھن. سندس پنجاسئين (٨٥) جنم ڏينهن تي سندس مان ۾ ڪڍيل ڪتاب ۾ سندس تحريرن جو تفصيل ڏنو ويو آھي، جيڪو ١٢ صفحن تي مشتمل آھي.

لنگئسٽڪ سروري آف انڊيا جي جلد اٺين جي پھرين ڀاڱي ۾ سنڌي ۽ لھندا (سرائيڪي) ٻولين جو سروي/ جائزو ورتو ويو آھي. ھيءُ جلد ١٩١٩ع ۾ پڌرو ٿيو. گريئرسن سنڌي ٻوليءَ کي ھند آريائي ٻولين جي اتر- اولهه واري گروهه جي ھڪ مکيه ٻولي ڄاڻائي آھي. مارڪڻنڊيه جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل لاءِ لکي ٿو ته وارچڊ نالي اپيڀرنش مان نڪتي آھي.(١)

ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي تفصيل سان سمجھايو اٿائين، جيڪو ھڪ وڏي مشقت ۽ محنت جو نتيجو آھي. ڪتاب جي ٻي حصي ۾ سنڌي ٻولي جي مکيه لھجن جا نمونا ڏنا ويا آھن، جيڪي عربي- فارسي رسم الخط سان گڏ ديوناگري لپيءَ ۾ ڏنا آھن. وچولي جو نموني حيدرآباد ضلعي مان ورتو ويو آھي، ٻيو نمونو معياري سنڌيءَ جو ڪراچي ضلعي جو ڏنو ويو آھي. ٽيون معياري سنڌيءَ جو نمونو خيرپور رياست مان ڏنو ويو آھي، چوٿون ٿرپارڪر جي معياري سنڌيءَ جو نمونو ڏنل آھي. سرائيڪي، سنڌي ۽ ٿاريلي کي به سنڌيءَ جا لھجا قرار ڏنو ويو آھي. لاسي، لاڙي ۽ ڪچي لھجن جا نمونا به گڏ ڪري ڏنا ويا آھن. سنڌي ٻوليءَ جي مذڪوره لھجن/ محاورن تي مشتمل آھي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ مختلف رسم الخطن جو احوال شروع ۾ ڏنو ويو آھي. عربي- سنڌي رسم الخط کان علاوه ٻيا ھيٺيان رسم الخط ڏنا ويا آھن. ديوناگري خداوادي، شڪارپوري، سکر، ٺٽائي جا به قسم١، لوھاڻا، ٢- ڀاٽيه لاڙائي، ونگائي، راجائي، خواجائي، ميمڻي جا ٻه قسم١- ٺٽائي، ٢- حيدرآبادي، سيوھاڻي، ڏاکڻي لھندا وغيره.(٢)

سنڌي ٻوليءَ جي حدبنديءَ جي باري ۾ گريئرسن لکيو آھي: سنڌي ٻوليءَ کي اولهه ۾ ايراني گروه جي بلوچي زبان آھي، جنهن سان سنڌيءَ جو ڏور جو رشتو آھي ۽ بلوچيءَ جا اثرات سنڌيءَ تي تمام ٿورڙا آھن. اتر ۽ لھندا (سرائڪي) زبان اٿس. جنهن سان قريبي رشتو اٿس. اوڀر ۾ راجسٿاني زبان جو مارواڙي لھجو اٿس. ٿر ۽ مارواڙ ۾ سنڌي ڳالھائڻ وارا ھر جاءِ مارواڙين سان گڏوگڏ رھن ٿا، تنهن ڪري انهن ايراضين ۾ سنڌي ۽ مارواڙيءَ جا گڏيل ڪيترائي لھجا ملن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ جي ڏکڻ اوڀر ۾ گجراتيءَ جا ڪيترائي لھجا آھن، جتي ڪڇي ھڪ سنڌيءَ جو خاص لھجو پڻ موجود آھي. ڪڇيءَ کي سنڌي- گجراتي ميل جو نتيجو نه سمجھڻ گھرجي. حالانڪ ان ايراضيءَ ۾ گجراتي ڳالھائڻ وارن جو ڪجهه تعداد موجود آھي. گريئرسن جي خيال ۾ ھڪ صفحھ ھستيءَ تان مٽايل ڪا آڳاٽي زبان ھئي، جنهن جي بنياد تي گجراتي ٻولي اسري آھي. ان آڳاٽي زبان جو سنڌيءَ سان به گھرو رشتو ھو. گجراتي ھند آريائي خاندان جي مرڪزي گروھ سان تعلق رکي ٿي، جڏھن ته سنڌي ٻوليءَ جو تعلق ھند آريائي خاندان جي ٻاھرين ڪناري واري گروھ سان آھي.(٣)

گريئرسن سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ جيڪا معلومات گڏ ڪئي آھي ۽ ڪتاب حوالي طور ڪم آندا آھن، سي ان دور جا مڃيل ۽ تقريبا سمورا گرامر ۽ لغتون استعمال ڪيون آھن. اھڙيءَ طرح ھن ’واٿن‘ جي گرامر ١٨٣٦ع، ايسٽوڪ جي ڪتاب (Vocabulary of Sindhi Language 1843) ۽ اسٽئڪ جو گرامر ١٨٤٩ع ۽ ڊڪشنريءَ جا ٻئي جلد، ارنيسٽ ٽرمپ جا سڀئي مضمون ۽ گرامر جيڪي سنڌي ٻوليءَ تي لکيل آھن، گولڊ سمڊ جو سنڌي صرف ۽ نحو ١٨٦٠ع منشي آڌارام جي گائيڊ ١٨٦١ع ۽ جان بيمس جي ڪمپريٽو گرامر، جنهن ۾ سنڌيءَ سان گڏ پنجابي، ھندي، گجراتي، مرھٽي، آريا ۽ بنگالي ٻوليون شامل آھن. ٧٩- ١٨٧٢ع ۽ سيمور جو گرامر ١٨٨٤ع کي نظر مان ڪڍيو اٿائين(٤).

گريئرسن جي سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ھيءُ ڪاوش سدا يادگار ۽ امر رھندي. ھن ڪتاب مان بعد جي تقريبا سمورن ماھرين لسانياتي حوالا کڻي سند طور استعمال ڪيو آھي.

 

حوالا:

1- Grierson. G. A, Linguistic Survey of India, Vol. viii, Part-I, 1919 A.D

2- Ibid, p-15

3- Ibid, p-6

4- Ibid, p-13-14.


 

 

جارج شرٽ

گذريل صديءَ جي وچ ڌاري چرچ مشتري سوسائٽي وارن سنڌ ۾ پنهنجي شاخ کولي سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو وڏو ڪم عيسائي پادرين ڪيو، سنڌ ۾ اسڪول کوليائون، کين سندن مذھب جي واڌاري لاءِ ڏيهي ٻولي سنڌيءَ ۾ ڪتاب درڪار ھئا. ان ڏس ۾ اھي صاحب سرڪاري ڪامورن کان ٻه قدم اڳتي رھيا. ڪراچيءَ ۾ پنهنجو لٿو جو ڇاپخانو قائم ڪيائون. سنڌ جي مسلمانن ھندن ۽ سکن لاءِ عربي، ديوناگري ۽ گرمکي لپين ۾ ڪتاب لکي ڇپايائون ۽ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تقسيم ڪيائون. سنڌي ٻوليءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ گرانقدر اضافو ڪيائون. سنڌ ۾ آيل انيڪ پادرين ۾ ڪي اعليٰ پايي جا محقق ۽ اديب ھئا، جن جي خدمتن کي ديسواسي ڪڏھن به وساري نه سگھندا. انهن مان جن بي مثال خدمت ڪئي تن ۾ ابراھم مئچيٽ، انڊريو برنس، جيمس شيلڊن، ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ، جارج شرٽ ۽ جان بئمرج شروعاتي عالم ۽ ليکڪ ڳڻيا وڃن ٿا.(١)

پادري جارج شرٽ حيدرآباد ۾ مشن سوسائٽيءَ سان وابسته ھو. ھن سنڌي ٻوليءَ تي ٻه ڪتاب لکيا: (١) اکر ڌاتو ١٨٦٦ع، (٢) سنڌي انگلش ڊڪشنري ١٨٧٩ع، جنهن جي لکڻ ۾ آڌارام ٿانورداس ۽ صادق علي مرزا به شامل ھئا.

جارج شرٽ لاءِ ڏيارام وسڻ مل لکي ٿو: ”پادري جارج شرٽ چرچ مشن سوسائٽيءَ وارو سرڪاري عملدار نه ھوندي به ھن صاحب جي سنڌي ٻوليءَ ۾ گھڻي دلچسپي ھئي. ھن ھڪ ڪارائتي سنڌي انگريزي ڊڪشنري ديوان آڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي ۽ مسٽر صادق علي بيگ مرزا جي مدد سان تيار ڪئي جا سال ١٨٧٩ع ۾ عربي- سنڌي لپيءَ ۾ ڇپجي پڌري ٿي. ١٩١١ع تائين سنڌيءَ لاءِ اھا ھڪڙي ئي ڪارگر ڊڪشنري ھئي. جنهن سال ۾ شري پرمانند ميوارام جي سنڌي انگريزي ڊڪشنري ظاھر ٿي. شرٽ صاحب ٻيو به ھڪڙو ننڍڙو ڪارائتو ڪتاب ’اکر ڌاتو‘ ١٨٦٦ع نالي لکيو ھو، جنهن ۾ سنسڪرت بنياد وارن سنڌي لفظن جي اشتقاق يا وئتپتي ڌاتو ڏنل آھن. ھي صاحب نيڪ ۽ خدا ترس انسان ھو ۽ ١٨٨٦ع ۾ ڪوئيٽا ۾ گذاري ويو. (٢)

ھن لغت لاءِ ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي به لکيو آھي:

Shirt and qadharam thanverdas, “Sindhi- English” Dictionary, 1879 in note worthy (3).

جارج شرٽ سنڌيءَ ۾ عيسائي مذھب جي پرچار لاءِ ھيٺيان ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا:

(١) سچو واپار (ديوناگري) ١٨٧٥ع

(٢) سوال جواب ١٨٧٧ع

(٣) سچي ساھمي ١٨٧٨ع

(٤) دائود جو زبور ١٨٧٩ع

(٥) پرائي ٻولي ١٨٧٩ع

(٦) عادل امير ١٨٨٠ع

(٧) جوان سنڌين ڏي خط، ١-١٨٨٠ع

(٨) خط بنام جوانان ھند، ١٨٨١ع

(٩) خط بنام جوانان ھند-٢، ١٨٨١ع

(١٠) خط بنام جوانان ھند-٣، ١٨٨١ع

(١١) خط بنام جوانان ھند-٤، ١٨٨١ع

(١٢) خط بنام جوانان ھند-٦. ١٨٨١ع

(١٣) خط بنام جوانان ھند-٧، ١٨٨١ع

(١٤) خط بنام جوانان ھند-١١، ١٨٨٣ع

(١٥) طرحداد پڳڙي، ١٨٨١ع

(١٦) قيمتي روح، ٽيون ڇاپو، ١٨٨٢ع، ديوناگري

(١٧) قيمتي روح، ١٨٨٤ع

(١٨) تعليم جو منڍ ١٨٨٥ع

(١٩) ھڪڙي شيدي نينگر بابت ١٨٨٥ع

(٢٠) تعليم نامو ١٨٩٣ع

جارج شرٽ ’سنڌي ٻوليءَ جي بنياد‘  بابت سن ١٨٧٨ع ۾ ھڪ مضمون ۾ لکيو، جنهن ۾ سنڌيءَ جي مستقل لغوي ذخيره ۽ ٻين جداگانه نحوي خصوصيتن کان متاثر ٿي، ھن ’سنڌي جي سنسڪرت مان نڪرڻ واري نظريي کان منهن موڙيو ۽ ان جي بجاءِ ”سنڌيءَ جي دراوڙي بنياد“ واري نظريي جي پٺڀرائي ڪئي. سندس مضمون “The traces of Dravidian element in Sindhi” انڊين انسٽيڪٽري (Indian Antiquary) جي ڊسمبر ١٨٧٨ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.

شرٽ پنهنجي مضمون جي صفحي نمبر ٢٩٣ تي لکي ٿو:

”اھو ته بلڪل سچ آھي ته سنڌي سنسڪرت زبان جي ڌيءَ آھي، پر ساڳئي وقت اھو ذھن ۾ رکڻ ضروري آھي ته سنسڪرت وارو نج خون سنڌيءَ ۾ ناھي. ان جي گرامر جي مکيه ڀاڱن جو بنياد سنسڪرت آھي. مگر ھڪ اھم ۽ خاص خصوصيت يعني ضميري پڇاڙين جو استعمال سنڌيءَ کي ايراني زبانن سان ملائي ٿي. حالانڪ انهيءَ استعمال ۾ انهن (ايراني زبانن) کان سنڌي گھڻو اڳتي آھي.

جڏھن سنڌيءَ مان سڀ سنسڪرت، عربي ۽ فارسي لفظ خارج ٿا ڪجن ته به وڏو ذخيرو اھڙن لفظن جو باقي بچي ٿو، جن کي مسٽر بيمس ’ديسي‘ سڏي ٿو. سنڌيءَ ۾ درحقيقت اھو ذخيرو ايترو ته گھڻو آھي جو جيڪر اھڙن لفظن کي استعمال ڪندي، پورو مڪالمو ته مرتب ڪري سگھجي. اھي لفظ ڪٿان آيا؟

جيڪڏھن سنڌي لغت ۾ ايترا سارا سنسڪرت کان اڳ جا ديسي لفظ ملن ٿا ته ھي اھم ۽ دلچسپ سوال اٿي ٿو ته ڀلا سنڌي گرامر ۾ پڻ اھڙي ديسي اثر جا اھڃاڻ موجود آھن ڇا؟ مون کي يقين آھي ته اھڙا اھڃاڻ موجود آھن. (ص-٢٩٣)

سنڌي ٻوليءَ جي دراوڙي بنياد لاءِ شرٽ ٦ دليل ڏنا آھن:

١- لفظن جي آخري حرف تي حرڪت وارو اصول سنڌي توڙي دراوڙي زبانن ۾ ساڳيو آھي.

٢- سنڌيءَ جي مجھول فعلن جي سٽاءَ ۾ ’ب‘ جو اچار موجود آھي جو ساڳيو دراوڙي ٻولين وارو ’ٻيو‘ آھي، جنهن جي معنيٰ آھي ’وڃڻ‘.

٣- سنڌيءَ ۾ ٻه حروف صحيح گڏ نٿا اچن ۽ ساڳي خصوصيت دراوڙي ٻولين ۾ آھي.

٤- سنڌيءَ جا لفظ ’کي‘ ۽ ’آن‘ سنسڪرت بدران دراوڙي ٻولين مان نڪتل آھن.

٥- سنڌيءَ ۾ ڪي لفظ اھڙا آھن، جيڪي اصل ۾ دراوڙي آھن. مثلا: پرائڻ، ڪراڙو، ڪوڙو، ڪڏڻ، کوٽڻ، صفحي وغيره.

٦- ڪي الفاظ نڪي ’سنسڪرت‘ ۾ نه ڪي ايراني يا سامي زبانن ۾ آھن، مگر سنڌي بروھڪيءَ ٻنهي ۾ يڪسان موجود آھن. جھڙوڪ، منجھند، ڪوپري، ٻني، ٺونٺ، ٿوم، ڳوٿري، ڍڳي، اوجھري وغيره.

آخر ۾ نتيجي طور شرٽ چوي ٿو ته جيڪڏھن سنڌيءَ جون بيان ڪيل نحوي خصوصيتون دراصل دراوڙي آھن ۽ پڻ پيش ڪيل لفظن جا سلسلا ساڳئي سرچشمي سان تعلق رکن ٿا ته به ائين ڪونه چئبو ته ڪو سنڌيءَ کي اھو سرمايو بروھڪي مان مليو.

ڇاڪاڻ ته اھي نحوي ۽ لغوي خصوصيتون بروھڪيءَ ۾ آھن ئي ڪين. ”اھو سڄو سرمايو سنڌ وارن کي مقامي طور ورثي ۾ مليو آھي، جو منهنجي خيال ۾ انهيءَ طرف رھنمائي ڪري ٿو ته آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌو جي وادي دراوڙي نسل جي ماڻھن جو گھر ھئي.“ (ص- ٢٩٥)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شرت جي سمورن دليلن کي رد ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان لاءِ پنهنجا خاص دليل ڏنا آھن.(٤)

جارج شرٽ جو ڪتاب ’اکر ڌاتو‘ ١٨٦٦ع ۾ لٿو ۽ ڇپيو ھن ڪتاب جي اھميت جي پيش نظر خوبچنداڻي ھن ڪتاب جو ذڪر پنهنجي مضمون ‘Current trends in Linguistics- Sindhi’ ۾ پڻ ڪيو آھي. مون ھن ڪتاب جي گھڻي ئي تلاش ڪئي، خوشقسمتيءَ سان سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ مان ھي ڪتابڙو ملي ويو. ٤٤ صفحن جو ھي ڪتاب سنڌي لفظن جي ڌاتن تي سٺي روشني وجھي ٿو:

ڪتاب جون ڪجهه داخلائون ھن ريت آھن:

ڌاتو سنڌي اکرن ۾

ڌاتو انگريزي اکرن ۾

معنيٰ

سنڌي لفظ

اڪش

Akshi

اک

اکڙ يا رو، اکيو، اکر

ارٿ

Artha

مطلب

ارٿ، ارٿائون، ارٿ، ارٿاءُ، پرمار ٿي، پرمارٿ

تپ

Tap

گرم ٿيڻ

تپڻ، تپ، تاپ، تاپجڻ، تيسر، تپاولي، تپائڻ، تتي، تئي، تئو، تپجڻ، تپسيا تپت.(٥)

جارج شرٽ، اڌارام ٿانورداس ۽ مرزا صادق علي بيگ جي لکيل سنڌي انگلش ڊڪشنري تعليم کاتي پاران ١٨٧٩ع ۾ ٽائيپ ۾ ڇپي.

ڪمشنر ڪراچيءَ جي ڇاپخاني مان شايع ٿي. ھن ڊڪشنريءَ جا ٩١٩ صفحا آھن، جنهن جي قيمت ڏهه روپيا رکيل ھئي. ھن ڊڪشنريءَ جي پڻ تمام گھڻي ڳولا ڪرڻي پئي، ڀاڳ ڀلا ھئا جو ھيءَ ڊڪشنري به سنڌالاجيءَ ۾ ملي وئي، پر افسوس ته منڍ وارا ٻه صفحا ۽ آخر وارا ٦ صفحا گم ھئا. منڍ وارن صفحن مان معلومات ملڻ جي وڏي آس ھئي، پر ڪتاب جي ديدار بعد به نراسائي پلئھ پئي. بهرحال ڊڪشنريءَ مان ڪجهه داخلائون ھت نموني طور ڏجن ٿيون:

تڪڙ = S.F. Husey, Hasote, Eagermers

تڪڙ= Adj as adv. In a hurry, quick, Hasty, eager

تڪليف = S.F. Trouble, difficulty, annoyance. (6)

جارج شرٽ جا ٻئي ڪتاب ’اکر ڌاتو‘ ڊڪشنري يادگار ڪتاب آھن، سندس ڊڪشنري، ته خاص طور سنڌ ۾ ھن صديءَ جي اڌ تائين ھڪ نهايت ڪارائتي ڪتاب جي حيثيت ماڻيندي رھي. جڏھن ته ھينئر ھيءُ ھڪ ناياب ڪتاب آھي.

 

حوالا:

١- ڊاڪٽر الھرکيو ٻٽ (مضمون)، ١٨١٩ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتاب جو جائزو‘ سھ ماھي مھراڻ، ١/١٩٩٥ع، ص- ١١٣.

٢- ڏيارام وسڻمل مھاڳ، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، منگھارام ملڪاڻي.

3- Khubchandani, Lachman, Current trend in Linguistics sindhi, p-14.

٤- بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ١٩٩٠ع، ص- ٧ کان ١٣.

نوٽ: شرٽ جي مضمون جو احوال پڻ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب مان ورتو ويو آھي.

٥- جارج شرٽ، ’اکر ڌاتو‘، ١٨٦٦ع، ص- ٥ ۽ ١١.

٦- جارج شرٽ اڌارام ٿانورداس ۽ مرزا صادق علي بيگ، سنڌي انگلش ڊڪشنري ١٨٧٩ع، ص-١٧٥.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org