ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو؟
پيار منجھان ٿي گود وھاريو؟
خوش ٿي ھر ھر مون ڏي نهاريو!
منهنجي امڙ!
’منهنجي امڙ‘ جي عنوان وارو ھيءُ شعر ھر ان ٻار بر زبان ياد ڪيو
آھي، جنهن سنڌي نصابي ڪتاب پڙھيو آھي. ١٩٠٥ع کان
وٺي ھيءُ پيارو پيارو بيت اڄ تائين جي سنڌي نصاب ۾
شامل رھيو آھي. ننڍڙي ٻار جي مٺڙن ٻولن وارو ھيءُ
بيت جنهن ۾ معصوم جذبن جي خوبصورت عڪاسي ڪيل آھي.
ذھن تي ھڪ اھڙو دائمي تاثر ڇڏي ٿو، جيڪو زندگي ڀر
قائم رھڻو آھي. اھڙي ڪيفيت ۾ شايد ٻيا به گھڻائي
ھجن. امڙ جيجل جو رشتو آھي به ته اھڙوئي عظيم جيڪو
ٻين سمورن رشتن کان مٿي آھي. ھن لازوال بيت جو
رچيندڙ آھي ’ڀيرومل مھرچند آڏواڻي‘.
ڀيرومل مھرچند آڏواڻي سنڌي ادب جو اھو ستارو آھي، جنهن جي جوت
سدائين پئي جرڪندي، ھن جون خدمتون نظم جي ڀيٽ ۾
نثر ۾ وڌيڪ آھن. پوپٽي ھيراننداڻيءَ موجب ڀيرومل
کي نثر جو ٿنڀو ڪري سڏيو ويو آھي. سندس طبيعت ۾
اچائي جو ججھو گڻ ھو، جنهن ڪري کوجنا تمڪ تصنيفون
سڦلستا سان لکي سگھيو ھو. ڀيرومل جو قلم پختو،
ويچار برجستا، ڄاڻ ويڪري ۽ عقل اونهو آھي. ھيءُ
صاحب علم جو ڀنڊار آھي ۽ پنهنجي عظمت سان محنت
شامل ڪئي اٿس، جنهن ڪري ئي اھڙا بلند پائي وارا
ڪتاب لکي سگھيو آھي.(١)
ڪاڪي ڀيرومل ’غريب‘ جي تخلص سان سنڌي شاعريءَ جي چمن جي آبياري
ڪئي ۽ ھڪ پرخلوص تخليقڪار، مترجم ۽ محقق جي روپ ۾
نثري ادب ۾ انمول اضافو ڪيو(٢). ڪاڪي ڀيرومل جي
ٻولي مٺي ۽ سپڪ آھي، درياءَ جي رواني ھڪ طرف ته
سليس لفظن جو واچوڙو ٻئي طرف پيو نظر ايندو.... يا
محاوره زبان ۽ اصطلاحن توڙي چوڻين جا ڀنڊا موجود
آھن.(٣)
سنڌ جي ھندن توڙي مسلمانن ۾ اھي صاحب جن سنڌي زبان ۽ ادب جي
خدمت لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪئي ھئي، ديوان ڀيرومل
انهن سنڌي ساھت جي ستارن مان ھڪ نمايان ستارو ھو.
ديوان صاحب سنڌي سنسڪرت، ھندي، فارسي، عربي توڙي
انگريزي زبانن ۾ ماھر ھو.(٤) ڀيرومل سنڌ جي چوٽيءَ
جي اديبن مان ھو. سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر روايات
۽ زبان بابت کوجنا ڪري، ھن جيڪو مواد ڪٺو ڪيو ۽
ڪتابي صورت ۾ آندو آھي، سو تعريف جي لائق آھي.(٥)
ڀيرومل مھرچند، جنهن آڏواڻي آڪهه سان تعلق رکي ٿو، سا اصل ۾
’مگھئو کتري، نک مان آھي. آڏواڻين جو وڏو ڏاڏو
ديوان آڏومل ولد کلومل ولد جسومل ڳوٺ لوھپور ملتان
جو ويٺل ھو. کين ديوان گدومل ميان نورمحمد ڪلھوڙي
جي وقت ۾ سنڌ ۾ گھرايو ۽ دربار ۾ شمشيرزن مقرر
ڪرايو. آڏومل پھريون گھر پنجاب مان پرڻيو ھو، جنهن
مان ٽي پٽ ھئس، چندومل، ڏتومل ۽ لکو مل، پھرين گھر
واري گذاري ويس ته ٻيو گھر ديهه ٺٽ تعلقي نوشھري
فيروز مان سيٺ آڏومل جي گھران پرڻيو. جنهن مان چار
پٽ ڄاوس. بهارومل، سندر داس، وسايومل ۽ ٺارومل.
ديوان آڏومل جي پھرين پٽ ديوان چندو مل کي ٻه پٽ
ھئا، ڇتومل ۽ ڄيٺمل. اسان جي مانواري ليکڪ ڀيرومل
جو ڏاڏو ديوان آئلمل اجومل. ان ديوان جيٺمل جي نسل
مان ھو ۽ ڀيرومل صاحب جو والد ھرچند سيٽليمنٽ کاتي
۾ ھيڊمنشي ھو. ١٨٨٨ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ آگسٽ ١٩٠٥ع ۾
گذاري ويو.(٦) ڀيرومل جو جنم ١٨٧٥ع ۾ ٿيو. ثانوي
تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشھور اسڪول يونين اڪيڊمي
مان حاصل ڪيائين، جتي ساڌو ھرانند شوقيرام ۽ سندس
ڀاءُ تارا چند شوقيرام کان ٻي تعليم سان گڏ شاهه
لطيف جو ڪلام ۽ معنائون پڻ سکيو. ڀيرومل ٽي شاديون
ڪيون. پھرين گھر مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه ھو، ٻئي
گھر واري مان ھڪ پٽ ھڪ ڌيءَ ھئس، پٽھنس پرڀداس
ڀيرومل به ھڪ ناليرو ليکڪ رھيو. ڌيءَ جو نالو
پارپتي ھوس، ٽين زال مان کيس ٻه نياڻيون، خوشحالي
عرف پدما ۽ ٻيءَ جو نالو ستي ھو.
ڀيرومل پھريائين ايڪسائيز کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتي ٢٨ سال
نوڪري ڪيائين. ماريپور ڪراچي، بوبڪ ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ به
رھيو. بعد ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ نومبر ١٩٢٤ع ۾
سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو.
ڪاڪو ڀيرومل ھڪ نهٺو ۽ نماڻو شخص ھو. پنهنجي ان نهٺي ۽
نماڻائيءَ واري سڀاءَ کي اظھار ڏيندي، ھن شاعريءَ
۾ پنهنجو تخلص به ’غريب‘ رکيو. ھيڏي وسيع ڄاڻ جو
ڌڻي ھوندي به پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي گيرب يا وڏائي
ڪانه ھئس. ھو پنهنجين لکڻين کي آخري حرف ڪري نه
ليکيندو ھو ۽ ’جان جيئري تان سک‘ واري عقيدي ۾
وشواس رکندو ھو.(٧)
١٩٤٨ع ۾ ڀيرومل سنڌ مان لڏي بمبئيءَ ۾ رھائش اختيار ڪئي، جتي جي
سامونڊي ۽ گھميل آبهوا کيس ڀانءِ نه پئي ۽ ھو
بيمار رھڻ لڳو، جنهن ڪري پوني وڃي رھيو. جتي سندس
مالي حالات ٺيڪ نه ھئا. سندس آخري ڏينهن غريباڻي
حال ۾ گذريا. ڀيرومل آڏواڻي ستين جولاءِ ١٩٥٠ع تي
لاڏاڻو ڪيو.
ڀيرومل سنڌي ادب جي عمارت کي زيب ۽ زينت بخشڻ ۾ ھڪ قابل معمار
طور سرجوشيءَ سان ڪم ڪيو آھي. ھو اڌ صديءَ کان مٿي
لاڳيتو ۽ ساندهه لکندو رھيو. تازوئي ساھتيه اڪيڊمي
ڀارت پاران کيس مڃتا ڏئي ميڪرس آف انڊين لٽريچر جو
مونوگراف ٿيسز ۾ ھڪ مونوگراف لکائي، کيس ننڍي کنڊ
جي عظيم ليکڪ طور تسليم ڪيو آھي. ھيءَ مونوگراف
سنڌيءَ جي نامور ليکڪ ۽ محقق ھيري ٺڪر لکيو آھي،
جو ١٩٩٠ع ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپيو آھي. ھن ڪتاب کي ھند جي
باقي سمورين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ڪري ڇپائي پڌرو ڪيو
ويندو.
ڀيرومل جي ڪل لکيل ۽ ڇپيل ڪتابن جي تعداد جي باري ۾ مختلف رايا
ملن ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکيو آھي ته
اٽڪل چاليهه ڪتاب تصنيف تاليف ۽ ترجمو ڪيا. جن مان
الانا صاحب ٣٠ ڪتابن جا نالا ڏنا آھن. (٨) ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو صاحب به چوي ٿو ته ڪاڪي ڀيرومل
جي ڪل ڪتابن بابت اندازو لڳائجي ٿو ته ٽيهن ۽
چاليهن جي وچ ۾ آھن. (٩) ’سوڍن جي صاحبي‘ يا ’راڻن
جو راڄ‘ ڀيرومل جي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ١٩٩٠ع ۾ ڇپيو
آھي، جنهن ۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب جو مقدمو شامل
ڪيو ويو آھي. ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب ڀيرومل جي سمورن
ڪتابن جي وچور ڏني آھي. ڪل ٧٧ ڪتابن جا نالا
ڄاڻايا اٿس. ڪيترا ڪتاب ڏٺا به نه آھن ته به نالا
لکيا آھن، تنهن ڪري ڪجهه موضوعات به درست نه لکيا
ويا آھن. مثلا: ’سسئي ۽ ماڻس‘ شاعري نه پر آکاڻيءَ
جو ڪتابڙو آھي، جنهن ۾ ٻه يا ٽي شعر به ڏنل آھن.
’گھرو ڪفايت‘ ڪتابڙو به ھڪ آکاڻي آھي، جنهن جو
موضوع گھرو ڪفافبت ئي آھي ۽ نه سماجي اقتصاديات
جيئن پٺاڻ صاحب لکيو آھي.
ھيري ٺڪر ڪتاب جي ضميمي ۽ ڀيرومل جا لکيل ڪتاب ڏيکاريا آھن. ڪل
ڪتاب ننڍا توڙي وڏا ٦١ آھن، جي سن اشاعت، پبلشر ۽
قيمتن سميت ڄاڻايا اٿائين. مون کي سنڌالاجيءَ جي
لئبريريءَ ۾ صرف ٻه ڪتاب اھڙا ملي سگھيا، جن جو
ذڪر ھيري ٺڪر نه ڪيو آھي، سي آھن:
١- ’علي بابا ۽ چاليهه چور‘ جو ليٿو ۾ ١٩٠٣ع ۾ ڇپيو. ھي ھڪ ناٽڪ
آھي، اردو مڪالما سنڌي اکرن ۾ لکيل آھن. ٻيون
ھدايتون سنڌيءَ ۾ لکيل آھن.
٢- ’بلبل بيمار‘ ھيءُ به ھڪ ناٽڪ آھي جو ليٿو ۾ ڇپيل آھي. ١٩٠٤ع
۾ لکيل اٿس. ھن جا مڪالما به اردوءَ ۾ آھن، جيڪي
سنڌي اکرن ۾ لکيا ويا آھن.
ڀيرومل جو ھڪ ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ جي علامھ آءِ آءِ قاضي
لائبريري ۾ موجود آھي، جنهن جو نالو ’الف بي ڪيئن
ٺھي‘ آھي. غالبا ساڳئي ڪتاب جو نالو ھيري ٺڪر صاحب
’سنڌي ٻولي‘ لکيو آھي. ھيري مطابق ھي ڪتاب فيبروري
١٩٢٥ع ۾ سنڌي ساھتيه سوسائٽي ڪراچيءَ جي ماھوار
رسالي جي سيريز ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھئائين.
ھن ڪاليج جي شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي مختصر ڄاڻ ڏيڻ لاءِ
ٻاويهه صفحن واري ھيءَ ڪتابڙي لکي. ھن ۾ سنسڪرت،
پراڪرت، پالي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نمونن آئيوٽا، عربي
۽ فارسي اکرن، ھندستاني ھندو سنڌي ۽ گرمکي اکرن،
ٻولي، آواز، اکر، لفظ، عبارت، آڳاٽي تاريخ سنڌي
نظم، سنڌي نثر وغيره وشين تي روشني وڌي ويئي
آھي.(١٠)
’الف بي ڪيئن ٺھي‘ ڪتاب مطالعي ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته ھن ڪتاب
جو موضوع ديوناگري اکر، سنڌي اکر، پراڪرت ۽ سنسڪرت
اکرن جي تاريخ ۽ عربي سنڌي اکرن جي تاريخي احوال
سان گڏ آئيوٽا جي بناوٽ آھي. ڪتاب جي آخري صفحن
يعني ٢٤، ٢٥ ۽ ٢٦ تي سنڌي ٻوليءَ جي وينجن سرشتي
جو چارٽ ۽ ان جي سمجھاڻي ڏنل آھي. ھيري جي ڄاڻايل
ڪتاب جا ٢٢ صفحا آھن، جڏھن ته پاڻ واري ڪتاب جا ٢٦
صفحا آھن. بهرحال تازي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ھاڻ
ھيءَ حقيقت سامھون آئي آھي ته ڀيرومل صاحب جا لکيل
ڪتاب سٺ ۽ ستر جي وچ ۾ آھن.
ڀيرومل جا لکيل ڪافي مضمون مختلف رسالن ۾ ڇپيل آھن. درسي ڪتاب ۾
پڻ چڱو خاصو تعداد سبقن ۽ بيتن جو ڇپيل آھي، جنهن
جو ذڪر ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘ ڪتاب جي آڏواڻين جي
آڪهه واري حصي ۾ پنهنجو احوال لکندي ڪيو اٿس.
ڀيرومل پنهنجي دلچسپيءَ وارن موضوعن تي خوب لکيو آھي. چيو وڃي
ٿو ته ڪاڪي ڀيرومل کي مرزا قليچ بيگ سان ريس ھئي،
جو ھر موضوع تي پئي لکيائين. ٻنهي ۾ فرق ھي ھو جو
مرزا صاحب تاريخ لغت ۽ شعر و ادب جون حدون لتاڙي
ٻاھر نڪري ٻين موضوعن تي به لکيو، پر ڪاڪي ڀيرومل
انهن موضوعن کان ٻاھر سائنس جي دنيا ۾ پير نه
پاتو.(١١) دراصل ڀيرومل مھرچند جون خدمتون بطور
محقق، تاريخ نويس، ماھر لسانيات، مضمون نگار، ناول
نويس، ناٽڪ ڪار، سيلاني شاعر ۽ مترجم جي نمايان
آھن.
ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جي شاعريءَ کي ٻن حصن ۾ ڏسي سگھجي ٿو.
ھڪ ٻارن لاءِ لکيل ۽ ٻيو وڏن لاءِ ٻارن لاءِ سندس
لکيل شعر خاص اھميت رکي ٿو ۽ قابل ذڪر آھي. ٻاراڻن
بيتن جو ھڪ مجموعو ١٩٢٦ع ۾ ’نوبهار‘ جي نالي سان
ڇپيل آھي، جنهن ۾ ڪجهه بيت انگريزيءَ مان ترجمو
ڪيل پڻ آھن. ھيءَ ڪتاب به تعليم کاتي پاران درسي
ڪتاب طور منظور ڪيو ويو. ڀيرومل جي امر رچنا
منهنجي امڙ ھت نموني طور پيش ڪجي ٿي:
١- مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو؟
پيار منجھان ٿي گود وھاريو؟
خوش ٿي ھر ھر مون ڏي نهاريو!
منهنجي امڙ
٢- ننڊ ڦٽي مون جڏھن ٿي پيئي،
ڪنهن ٿي سمھاريو لولي ڏيئي،
ڇڏي نه مون کي ڪيڏانهن ويئي!
منهنجي امڙ
٣- پنڌ ڪندي جو ڌڪو کاڌم،
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم؟
پيار منجھان ٿي ڀاڪر پاتم!
منهنجي امڙ
٤- ٿيس جڏھن ٿي آءُ بيمار،
دوا ڪرڻ لئي ٿي، ٿي تيار،
ننڊ ڦٽائي رھي ھوشيار!
منهنجي امڙ
٥- صبح سانجھيءَ سار لڌائين،
کاڌو پيتو ڪيئن ٿي ڏنائين،
مون تي پنهنجو ساهه ڇڏيائين!
منهنجي امڙ
٦- تو ڪئي مون سان آه ڀلائي،
تنهن لئي ڪريان شڪر سدائي،
مور نه وسري تنهنجي چڱائي!
منهنجي امڙ
٧- وڌي جڏھن آءٌ وڏو ٿيندس،
سک سوين آءٌ توکي ڏيندس،
توتي پنهنجو ساهه ڇڏيندس!
منهنجي امڙ
بيحد افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، اڄڪلهه جي سنڌي نصاب ’سنڌي ٻيو
ڪتاب‘ ۾ ڏنل نظم مان مصرع نمبر-٤ ٿيس جڏھن ٿي آءُ
بيمار، خارج ڪئي وئي آھي. جنهن جو ڪو خاص سبب نظر
نٿو اچي، شايد صاحب اختيار پنهنجن اختيارن جي
نماءَ مان ڪو مزو ماڻڻ خاطر ائين ڪيو ھوندو.
ڀيرومل صاحب ڪل چار اصلوڪا ناول لکيا آھن.
١- آنند سندريڪا، ٢- موھني ٻائي، ٣- پريم جو مھات، ٤- وريل ۽
نعمت.
آنند سندريڪا ۽ موھني ٻائي پنهنجي جاءِ تي ڌار ڌار لکيل ناول
آھن، جن ۾ ڪردارن جو تسلسل ڏيکاريو آھي، جيئن زالن
پال سارتر جي ٽريلاجي ’روڊس ٽو فريڊم‘ آھي، جنهن ۾
ھي ٽي ناول شامل آھن.
١- ايج آف ريزن، ٢- دي رپيريو، ٣- آئرن ان دي سول ۽ سراج جي
ٽريالاجي ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ پڻ ٽن ناولن تي
مشتمل آھي.
مانوارو ليکڪ منگھارام ملڪاڻي سنڌي نثر جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته:
”١٩١٥ع ۾ ڀيرومل صاحب ’وريل ۽ نعمت‘ لکيو ھو، جو
مسلمانڪي زندگيءَ ۾ بهاريل ھڪ جاسوسي ناول ھو ۽
١٩٤٦ع ۾ ايم آر مائيداساڻيءَ ’جاسوس‘ نالي سان
ٻيهر ڇپايو ھو. (١٢) دراصل ١٩١٥ع ۽ ١٩١٦ع ۾ نڪتل
ھن جاسوسي سيريل ۾ ڪجهه ڪردار مسلمان آھن ته ڪجهه
ھندو به آھن. وريل مل ۽ نعمت راءِ ٻه جاسوس آھن.
ناول پڙھڻ بعد پتو پوي ٿو ته ھن ناول لاءِ ھيءَ
چوڻ درست نه آھي ته مسلمانڪي زندگيءَ ۾ بهاريل
ناول آھي. ڀيرومل ’گولن جا گوندر‘ ايڇ بي اسٽور جي
’انڪل ٿامس ڪئبن‘ ناول جو ترجمو ڪيو ۽ والٽر اسڪاٽ
جي ’ٽئلسمن‘ جي پوئين اڌ جو ترجمو ’غازي صلاح
الدين عرف طلسمھ‘ جي نالي سان ڪيو، جنهن مان ظاھر
آھي ته ڀيرومل لاءِ ائين چوڻ درست نه آھي ته ھن
ناول ڪو ھڪ اڌ لکيو آھي، جيڪو به ترجمو آھي.(١٣)
ڀيرومل جي ڪل نو (٩) ناٽڪن جو احوال ملي ٿو، جن ۾ اڪثريت سماجي
۽ اصلاحي قسم جي ناٽڪن جي آھي. وچور ھن ريت آھي:
(١) بلبل بيمار (١٩٠٢ع)
(٢) علي بابا چاليهه چور (١٩٠٣ع)
(٣) حرص جو شڪار (ترجمو) (١٩١٢ع)
(٤) ڌرو ڀڳت (١٩١٩ع)
(٥) بزازين جا ناٽڪ (١٩٢١ع)
(٦) مڙس جي مڙسي (١٩٢٥ع)
(٧) پنگتي مقدمو (١٩٢٧ع)
(٨) آزاديءَ جي ڪوڏي ترجمو (١٩٤٨ع)
(٩) گوپيچند
سير ۽ سفر جي موضوع تي ڀيرومل جا ٻه ڪتاب لکيل آھن: ھڪ ’سنڌ جو
سيلاني‘ ۽ ٻيو ’لطيفي سير‘. سنڌ جو سيلاني ڪتاب
ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اڳوڻن ضلعن جي مکيه جاين،
تاريخ ۽ ماڻھن جي رھڻي ڪھڻيءَ جو احوال لکيو اٿس،
ھن ڪتاب کي لطيفيات جي موضوع ۾ شمار ڪرڻ نه گھرجي،
بلڪھ لطيفي سير ڪتاب جو تعلق لطيفيات سان آھي. ھن
ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي مان سڳ ۽ ثابتيون ھٿ ڪري
شاهه جي سفر جي واٽ نئين سر جوڙي ڏيکاري اٿس.
ڀيرومل صاحب جون اھم ترين خدمتون سنڌ جي قديم تاريخ ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ تي ڪيل آھن. ھن ڏس ۾ ھن جا شاھڪار
ڪتاب آھن:
(١) قديم سنڌ
(٢) سنڌ جي ھندن جي تاريخ
(٣) سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ
(٤) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ
(٥) وڏو سنڌي وياڪرڻ
(٦) غريب اللغات
(٧) گلقند
’قديم سنڌ‘ ڪتاب جي مطالعي مان سنڌ جي قديم دور جي انساني
معاشرتي مذھبي، تهذيب، رسمن ۽ حالتن جو پتو پوي
ٿو. ھن ڪتاب جي مطالعي سان پنهنجي مادر وطن جي
گذريل دور جي خوشحالي اوج ۽ عروج جي خبر پوي
ٿي.(١٤)
’قديم سنڌ‘ ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم ترين زماني جي تاريخ ڏنل آھي،
جنهن ۾ سنڌ ديس جي جنم، موھن جي دڙي ۽ رگ ويد واري
دور جي سڀيتا جو ذڪر ڪيل آھي، منجھس سنڌ جي اوائلي
اوج ۽ شاندار تهذيب جو نظارو ڏيکاريل آھي. (١٥)
ھيءَ ڪتاب ڀيرومل سالن جا سال نور نچوئي جفاڪشي ڪري انگريزي،
ھندي ۽ ٻين ٻولين جي ڪتابن توڙي مقالن مان مواد ھٿ
ڪري جوڙيو ھو. دراصل کيس سنڌ جي سموري تاريخ کي ٽن
جلدن ۾ لکڻ جو ارادو ھو. پر صرف پھريون جلد ئي لکي
سگھيو، جنهن جا ٤٤٧ صفحا آھن، سو به سندس لاڏاڻي
کان پوءِ ١٩٥٧ع ۾ ڇپيو. ھيري ٺڪر جي نظر ۾ ’قديم
سنڌ‘ ڀيرومل جو امر گرنٿ آھي.(١٦)
ماھوار ’سھڻيءَ‘ جي اياز نمبر ٢ ۾ شيخ اياز پنهنجي ھڪ انٽرويو ۾
’قديم سنڌ‘ ڪتاب کي پنهنجو پسنديده ڪتاب قرار ڏنو
آھي ۽ ڀيرومل کي بهترين نثر نويس طور ڄاڻايو اٿس.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکڻ ۽ سنڌي پھاڪن
کي گڏ ڪرڻ جو ڪم ڀيرومل وڏي چاهه سان ڪيو آھي.
سندس ڪتابن جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته ھو ھڪ وڏو
ڄاڻو ۽ ماھر لسانيات ھو، جيئن ته ھو ھڪ دردمند دل
رکندڙ ھو، تنهن ڪري سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ
لاءِ ڀيرومل ٻوليءَ جي لغت، صورتخطي، گرامر، ڌاتو
وديا وغيره بابت وچور وار رٿائون ڏسيون ھيون، جن
مان صورتخطي سڌارڻ لاءِ ۽ لفظن کي مقرر صورتن ۾
لکڻ لاءِ زوردار صلاح ڏني ھئائين. (١٧) ٻوليءَ جي
تاريخ جي لحاظ کان ڀيرومل جو درجو اھڙو ئي اوچو
رھندو، جھڙو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو تنقيد جي لحاظ
کان.(١٨)
’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ڪتاب ۾ ڀيرومل صاحب پنهنجو نظريو ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته سنڌي ٻولي بنيادي طرح
سنسڪرت سان نسبت رکي ٿي. پوءِ جدا جدا دورن ۾ ڌار
ڌار زبانن جو مٿس اثر ٿيندو ويو آھي، حالانڪھ اڄ
جي عالمن ھن نظريئي کي مڃڻ کان قطعي طور انڪار ڪري
ڇڏيو آھي، پر پوءِ به ھن ڪتاب جي اھميت پنهنجي
جاءِ تي تمام گھڻي آھي. ڀيرومل لسانيات جي جديد
اصولن کان بخوبي واقف ھو. ١٩٢٣ع ۾ سندس ڪتاب ’الف
بي ڪيئن ٺھي‘ ۾ وينجن سرشتي جو چارٽ ڏنو اٿائين،
جنهن ۾ سنڌي آوازن جو صحيح مخرج ۽ آوازي گروهه
ڄاڻايا اٿس. وسرگ آوازن جي درست لکڻ جي صلاح ڏني
اٿس ۽ ’ڦ‘ جي صورت تي پڻ ڪيل اعتراض درست آھي.
سندس راءِ موجب جيئن ’ج‘ ۽ ’هه‘ گڏجي ’جهه‘ اکر
ٺاھيو آھي ۽ ’گ‘ ۽ ’هه‘ گڏجي ’گهه‘ اکر ٺاھيو ويو
آھي، تيئن ’پ‘ ۽ ’هه‘ اکر گڏجي ’پهه‘ ڪرڻ کپندو
ھو. اھڙيءَ طرح ھڪ ٻي به سھڻي صلاح ڏني اٿائين:
لکي ٿو ’ج‘ ۽ ’گ‘ اکرن ۾ ھڪ نقطو وڌيڪ وجھي ج ۽ گ
اکر ٺاھيا ويا آھن. ڄڻ ته بنيادي اکر ’ج‘ ۽ ’گ‘
آھن. حقيقت ڪري انهن ٻنهي اکرن ۾ مکيه اچار ’ن‘ جو
آھي ۽ اھو بنيادي اکر ضرور ڄاڻائڻ کپندو ھو.(١٩)
ڀيرومل سنڌ جي قديم تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌ جي
جاگرافي ۽ ريتن رسمن بابت ھڪ اٿاهه معلومات گڏ ڪري
قرب وچان قلمي پورھيو ڪري بيمثال ڪتاب سنڌ جي سڄڻن
جي نذر ڪيا آھن. ھن جي لکڻين مان ثابت ٿئي ٿو ته
ھو سنڌ جو سچو عاشق ھو، ھن کي لطيف سائين سان لنو
لڳل ھئي، ھو ھڪ عظيم محب وطن ۽ سچو ليکڪ ھو. ھن
قوم پرستيءَ وارن ويچارن جي اپٽار چٽيءَ طرح ڪئي
آھي: پنهنجي ديس لاءِ فخر، وطني حب جو ھڪ مکيه لڇڻ
آھي، اھو لڇڻ اسان ۾ وڌي اسان کي سچو وطن دوست
تڏھن بڻائيندو، جڏھن اسين پنهنجي پرڳڻي جي آڳاٽي
اوج جو دل ۾ دور ڪري ۽ وڌيڪ ترقيءَ لاءِ حال جو
خيال ڪري پنهنجو ارواح مستقبل سان ملائي
ڇڏينداسين. پوءِ آڳاٽي اوج جو فخر ۽ آئينده جا
آسرا اسان ۾ نئين جيتو ڦوڪيندا ۽ عجيب اتساهه پيدا
ڪندا. (٢٠)
ادب ۽ سنڌي قوم پرستيءَ جا رجحانات گذريل ڪجهه ڏھاڪن کان نمايان
نظر اچن ٿا. وطن دوستيءَ جي نظريه جو سنڌ ۾ وڏي ۾
وڏو مبلغ سائين جي ايم سيد سمجھيو وڃي ٿو. ورھاڱي
کان گھڻو اڳ ئي جن ويچارن کي ڀيرومل قلمبند ڪري
چڪو ھو، تنهن کان جي ايم سيد پڻ متاثر ٿئي ٿو. جي
ايم سيد پنهنجي مشھور ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ جي
جلد-٢ ۾ ڀيرومل تي ھڪ مضمون لکي، کيس خراج تحسين
پيش ڪيو آھي. مذڪوره مضمون لکڻ دوران سائين جي ايم
سيد پنهنجي دل جي ڳالهه اکرن ۾ لکي آھي:
”سرزمين سنڌ ھڪ اھڙي قومپرست جو رھائش گاهه آھي، جنهن کي ماضيءَ
جون بهترين روايتون ڪلچر، حالا لاءِ طرز عمل ۽
روشن مستقبل لاءِ تجويزون آھن. ان وٽ ھڪ زنده
ذرخيز بامحاورا زبان آھي، جنهن ۾ سندس اعليٰ ادب
جو سرمايو محفوظ آھي. ماڻھن جي زندگيءَ ۾ جيڪڏھن
قومي ڪارڪنن سياستدانن ۽ مدبرن کي اھم پارٽ ادا
ڪرڻو ٿو پوي ته قوم جي مفڪرن، دانشورن ۽ اديبن کي
به ان جي ترقي، حفاظت ۽ تعمير لاءِ ٿورو ڪونه ڪرڻو
ٿو پوي. گذريل سٺ سالن ۾ ھن ڏس ۾ جن مکيه اديبن
حصو ورتو آھي، انهن مان ڪاڪو ڀيرومل ھڪ ھو.“(٢١)
ويهين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ جن دانشورن ۽ مفڪرن پنهنجي تحريرن ۾
وطن دوستيءَ جا جذبا جاڳايا آھن، تن ۾ ڀيرومل
مھرچند آڏواڻيءَ جو ھڪ اھم حصو آھي. سائين جي ايم
سيد جو مٿيون بيان ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته
ڀيرومل جي لکڻين مان کيس گھڻو ئي اتساهه مليو آھي.
سنڌ جي اھڙن اعليٰ عالمن ۽ دانشورن کي سنڌ جو نئون
نسل ذري گھٽ فراموش ڪري ويٺو آھي. سنڌ جي اھڙن
محسنن جي علمي ڪارنامن کي ياد رکڻ به وطن دوستيءَ
جي تقاضا آھي. ڀيرومل جون خدمتون انمول آھن ۽
يادگار آھن، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾
ھميشھ ھميشھ سندس ڳڻ ڳايا ويندا.
حوالا:
(١) پوپٽي ھيراننداڻي ’سنڌ جو سيلاني‘ ڀيرومل مھرچند جو ڪتاب،
ٽيون ڇاپو، ١٩٨٢ع، مھاڳ.
(٢) ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ’سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ‘، ڀيرومل
مھرچند جو ڪتاب، ٻيو ڇاپو، ١٩٩٠ع، مقدمو، صفحو
٢-٥.
(٣) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘، ٻيو
ڇاپو، ١٩٨٣ع، صفحو ١٨١.
(٤) ڊاڪٽر غلام علي الانا، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، ١٩٦٦ع، صفحو
١٢٤.
(٥) جي. ايم سيد، ’جنب گذاريم جن سين‘، جلد ٻيو، ١٩٦٧ع، صفحو
٣٢٨.
(٦) ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘، ڀاڱو
پھريون، ١٩٤٦ع، صفحو ٦٤.
(٧) ھيرو ٺڪر، ’ڀيرومل مھرچند‘، ١٩٩٠ع، صفحو ١٨ ۽ ١٩
(٨) ڊاڪٽر غلام علي الانا، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، ١٩٦٦ع، صفحو
١٢٤
(٩) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘، ١٩٨٣ع،
صفحو ١٨٠
(١٠) ھيرو ٺڪر، ’ڀيرومل مھرچند‘، ١٩٩٠ع، صفحو-٩
(١١) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘،
١٩٨٣ع، صفحو ٩٨
(١٢) مگھارام ملڪاڻي، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، ١٩٦٨ع، صفحو- ٨٤
(١٣) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘ صفحو
١٩٨
(١٤) ڊاڪٽر غلام علي الانا، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، ١٩٦٨ع،
(١٥) منگھارام ملڪاڻي، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، ١٩٦٨ع، صفحو ٣٣٨.
(١٦) ھيرو ٺڪر، ”ڀيرومل مھرچند‘، ١٩٩٠ع، صفحو ٢٩
(١٧) منگھارام ملڪاڻي، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، ١٩٦٨ع، صفحو ٢٨٣
(١٨) منگھارام ملڪاڻي، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، ١٩٦٨ع، صفحو ٤١٤
(١٩) ڀيرومل ’الف بي ڪيئن ٺھي‘، ١٩٢٣ع، صفحو ٢٢ ۽ ٢٣
(٢٠) ڀيرومل، ’قديم سنڌ‘ ١٩٥٧ع، صفحو ٢
(٢١) جي. ايم سيد، ’جنب گذاريم جن سين‘، جلد-ٻيو، ١٩٦٧ع، صفحو
٢٣٠ |