ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو
ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو، سنڌ جو ھڪ معروف عالم، ڏاھو، دانشور ۽ ماھر
لسانيات آھي. سنڌ جي علمي ۽ ادبي ۽ حلقن ۾ تنقيد ۽
لسانيات جي ميدان ۾ مثالي خدمتن جي حوالي سان
سڃاتو وڃي ٿو. سندس شخصيت ۾ متانت، سنجيدگي ۽ وقار
نمايان نظر ايندا آھن.
ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو ڳوٺ پيچوھا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٨ آگسٽ ١٩٣٤ع تي
ڄائو. سندس والد جو اسم گرامي محمد علي ٻوھيو ھو.
سندس تعليم ايم. اي انگريزي، بي ٽي. بي ٽي (ٽيڪ) ۽
پي ايڇ. ڊي آھي. ڊاڪٽر ٻوھيو صاحب تعليم کاتي ۾
دائريڪٽر جي عھدي تي فائز رھيو آھي. ٻوھيي صاحب
١٩٧٧ع ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جي رھبريءَ ۾ پي ايڇ.
ڊيءَ جي ڊگريءَ لاءِ مقالو لکيو، جنهن جو عنوان
آھي: ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘. ھن مقالي کي
سنڌالاجيءَ طرفان ١٩٧٨ع ۾ ڇپايو ويو. ان کان علاوه
ڊاڪٽر ٻوھيي جا ھيٺ ڏنل ڪتاب به شايع ٿيل آھن:
١- تنقيدون، ١٩٨٠ع
٢- ادب جا فڪري محرڪ ١٩٨٤ع
٣- علم تحقيق، ١٩٩٠ع
ڊاڪٽر ٻوھئي جا اڪيچار مضمون مقالا ۽ ڪالم ادبي مخزنن رسالن ۽
اخبارن ۾ ڇپيا آھن. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان
ٻوھئي صاحب جيڪو پيار جو پورھيو ڪيو آھي، تنهن جو
قدر ڪرڻ جڳائي. سندس ڇپيل ڪجهه مضمون ھن ريت آھن:
١- اسان جي اڻ ڳالھايل زبان، سھ ماھي مھراڻ-٢، ١٩٧١ع
٢- ٻولي ۽ آواز، سھ ماھي مھراڻ-١، ١٩٧٢ع
٣- سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪردار، نئين زندگي، مئي، جون، ١٩٧٢ع
٤- ٻولي ۽ ٻار، سھ ماھي، مھراڻ -٢، ١٩٧٢ع
٥- ٻوليءَ جو ٻٽو سرشتو، مھراڻ-١، ١٩٧٤ع
٦- نشان، علامت ۽ اھڃاڻ، مھراڻ-١، ١٩٧٦
ڊاڪٽر الھداد ٻوھئي صاحب مضمون ’اسان جي اڻ ڳالھايل زبان‘ ۾
ٻوليءَ جي وصف بيان ڪندي لکيو آھي، ”ٻولي لفظن جي
اھا صورت آھي، جنهن کي ڳالھائڻ وارن عضون پيدا ڪيو
آھي. ٻڌڻ وارن عضون (ڪنن) سٺو آھي. ۽ ٻولي چئبو
آھي. مطلب معنيٰ ۽ خيال کي ھڪ ھنڌ کان ٻي ھنڌ
تائين پھچائڻ واري وسيلي کي.“(١)
ھن وصف ۾ جيڪي ڳالھيون رھجي ويون آھن، تن کي اڳتي ھلي واضع ڪيو
اٿس، پر پھرين ڳالهه ته لفظن جي صورت به ھڪ منجھيل
معاملو آھي. لفظن کي صورت لکت ۾ ته ھوندي آھي، پر
ڳالھائڻ دوران لفظن جا آواز ھوندا آھن، تنهن ڪري
ٻوھيي صاحب ان کي وڌيڪ واضع ڪيو ته ٻوليءَ لاءِ
اھو ضروري آھي ته اھا آوازن تي ٻڌل ھجي، پر ۽ ٻيو
ته اھي آواز اھڙا ھجن جو انسان جا ڪن انهن کي
ٻڌن.(٣) ٻوليءَ جي وصف سماجي لسانيات جي نڪته
نگاهه کان اھميت حاصل ڪئي آھي. ٻوھيي صاحب جو تعلق
اصولي طور سماجي لسانيات سان آھي، تنهن ڪري به
سندس ٻوليءَ جي وصف سماجي لسانيات جي مڪتب فڪر
واري ھجڻ گھرجي ھا. ان جي ڪجهه پورائي بعد ۾ ڪئي
اٿائين، لکي ٿو: ”ٻولي لفظن جي اھا صورت آھي، جنهن
۾ ڪانه ڪا معنيٰ موجود ھجي ۽ ٻي ته اھا معنيٰ جيڪا
لفظن ۾ يا لفظي صورت ۾ موجود آھي يا پنڌ ڪندي
رھندي ھجي. يعني ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين پھچي
سگھي. لفظن جي اھا معنيٰ جا رڳو ھڪڙي ھنڌ سمجھي ٿي
سگھجي يا جنهن کي رڳو ڪي ٿورڙا ماڻھو سمجھي سگھن،
سا ٻولي سڏائي نٿي سگھي. ان ڪري سماج ۽ زمين جو
تصور به ٻوليءَ جي تصور سان گڏوگڏ رھندو آيو آھي.
ھينئر اسان ڪنهن سماج ۽ ڪنهن زمين کان سواءِ ڪنهن
ٻوليءَ جو تصور نٿا ڪري سگھون. اھوئي سبب آھي جو
اسان چوندا آھيون ته ٻوليون به مرنديون آھن ۽
ٻوليون به ڄمنديون آھن.“(٣)
دراصل ٻوليءَ جو خالق سماج آھي. ھيءَ ڳالهه ٻوھيي صاحب کي
چٽائيءَ سان چوڻ گھربي ھئي.
شعر جي اڀياس جا نوان طريقا ٻوھيي صاحب جو ھيءُ طويل مضمون
مھراڻ ۾ ڇھن قسطن ۾ ڇپيو. ٻوھيو صاحب لکي ٿو، ”شعر
جي اڀياس جي طريقن ۾ جيڪا ڦير گھير آئي آھي، تنهن
جو وڏو سبب ٻوليءَ جي باري ۾ نئين نئين معلومات
آھي ۽ ٻوليءَ جي باري ۾ جيڪا نئين معلومات آئي
آھي، ان ۾ اھڃاڻ ۽ عڪس جا موضوع وڏي اھميت جا حامل
آھن. انسان جي ٻولي اھڙي شيءِ نه آھي، جنهن کي
ماڻھو ڄمڻ وقت ئي پاڻ سان کنيو آيو ھجي. ٻولي ته
اسان کي سيکاري وئي آھي ۽ ٻولي اسان کي پنهنجي
سماج وٽان ملي آھي.“(٤)
پنجاھن حروف جي حوالي سان اڳتي لکيو اٿائين ته:
”ٻولي فردن جي سوچ ۽ عمل جو بنياد آھي يا ھيئن ته فردن جي سوچ ۽
عمل جو دارومدار سڄو سارو ٻوليءَ تي آھي.“(٥)
ٻوھيي صاحب جي ھنن مضمونن تي عمر چنڊ صاحب تنقيد ڪئي آھي. عمر
چنڊ جي خيال ۾ ”اسين ماڻھو لکڻ پڙھڻ مان ايترو
واقف ڪونه آھيون، جو ڳريون ڳالھيون اسان جي سمجهه
۾ اچي سگھن. ان لاءِ ضروري آھي اسين ٻوھيي صاحب کي
پڄڻ لاءِ مٿي چڙھڻ جي ڪوشش ڪيون ۽ ڪجهه ڪوشش ٻوھيو
صاحب ھيٺ اچي اسان کي پڄڻ جي ڪري. ٻي ڳالهه تي
ٻوھيو صاحب ولائتي ماڻھن جي ڪتابن مان اڻ ھضم ٿيل
ڊگھا حوالا ايتري قدر ٿو ڏئي، جو مھاڳ اصل ڳالهه
کان وڏو ٿيو وڃي. اٺ کان مارنگ ڳرو ٿيو وڃي.“(٦)
اڳتي عمر صاحب لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر ٻوھيي صاحب جا مضمون جيڪڏھن
عام پڙھڻ واري جي سمجهه ۾ اچڻ جھڙا ھجن ته نه رڳو
اسان جا اديب ۽ نقاد انهن نون خيالن کان واقف ٿين،
جي ھينئر يورپ وغيره ۾ جاري آھن. (يا پراڻا ٿي ويا
آھن)، پر انهن نون خيالن کي ادا ڪرڻ جي لاءِ ھوند
نوان لفظ به ھٿ ڪن، جي ٻوھيو صاحب وڏي محنت ۽
پورھئي سان ترجمو ڪري، جوڙي ۽ پيش ڪري رھيو آھي.
اھو ھڪ تمام اھم ڪم آھي، جنهن کي جيتري اھميت ڏجي
گھٽ آھي، پر اھو تمام ضروري آھي ته اھڙي وقت تمام
گھڻي احتياط کان ڪم ورتو وڃي ته جيئن ترجمي ڪرڻ ۽
لفظن ٺاھڻ ۾ ڪا ڪچائي نه رھجي وڃي. عمر چنڊ ٻوھيي
صاحب سان ڪن لفظن جي معنيٰ تي اختلاف ظاھر ڪندي
ڪجهه دليل ڏنا آھن، جن ۾ وزن نظر اچي ٿو.“(٧)
ٻوھيي صاحب جا مضمون پڙھڻ ۾ دلچسپ محسوس نه ٿا ٿين ۽ ڏاڍا ڏکيا
ٿا لڳن. آخر ڇو؟ جڏھن ته ڳالھيون بيحد اھم ۽ ڪم
واريون ڪيل آھن. ان باري ۾ عمر چنڊ جو رايو آھي
ته: ”جناب ٻوھيي جا ھي مضمون ھوند تمام گھڻا
ڪارائتا ثابت ٿين، جيڪڏھن ٻوھيو صاحب اصل مان بابن
جا باب حوالن طور ڏيڻ بدران انهن کي پڙھي پروڙي
ھينئن سان ھنڊائي ھضم ڪري، ھڏين ڦوڳ ڪن ڪچري کي
ڦٽي ڪري، تت يا رس کي پڙھندڙ جي آڏو پنهنجن لفظن ۾
پيش ڪري، جتي حوالي ڏيڻ جي ضرورت ھجي. اتي اھم
جملن کان سواءِ باقي کي پنهنجن لفظن ۾ مختصر
(Para Phrase)
ڪري، متن مان ماخذن جا حوالا
ڪڍي، اھي مضمون جي آخر ۾ آڻي ته ھوند ھي مضمون
پڙھڻ جھڙا ٿي پون.“(٨)
ڊاڪٽر ٻوھيي صاحب جو بيحد اھم ڪارنامو آھي، سندس پي ايڇ. ڊيءَ
جي مقالي ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘. ھن ڪتاب ۾
انساني سماج، ٻوليءَ جي وصف، ڪلچر سان گڏ سنڌي
ٻولي ۽ ادب جو سماجي اڀياس سائنسي طور ڪيل آھي. ھن
ڪتاب ۾ ٻوليءَ جي وصف ٻوھيي صاحب پنجن مختلف زاوين
کان ڏني آھي.
١- ٻولي فونيمن جو ھڪ اھڃاڻوي سرشتو آھي.
٢- ٻولي رواج ۽ روايت جو ٻيو نالو آھي.
٣- ٻوليءَ ۾ آواز ته گھڻا ٿا ٿين، پر ان جي جوڙجڪ خاص مونجھاري
واري آھي. آوازن جي مدد سان عام رواجي ذھن وارا
ماڻھو سوين ھزارين لفظ ٺاھي ٿو سگھي.
٤- لکڻ کي ٻولي نه چئبو آھي، پر لکڻ رڳو اھو طريقو آھي، جنهن
سان ٻوليءَ کي رڪارڊ ڪري رکيو ٿو وڃي.
٥- ٻولي انسانن جي وچ ۾ ھڪ اظھار جو ذريعو آھي ۽ ھڪ انساني
خصوصيت آھي، جنهن کي امتيازي حيثيت آھي.(٥)
ڊاڪٽر ٻوھيي صاحب مٿيان پنج نقطئھ نظر ٻڌائي، ٻوليءَ جي وصف کي
ڪنهن حد تائين ته نڀايو آھي، پر الائي ڇو اڳتي ھلي
وري پاڻ ئي مونجھارو پيدا ڪري ڇڏيو آھي. لکي ٿو
ته: ”ٻوليءَ جي وصف ھيئن به آھي ته اھا عادتن جو
ھڪ سيٽ آھي، جيڪو ھر ماڻھو ٻال جتيءَ ۾ ئي پنهنجي
ٻوليءَ جي قوميت مان سکي ٿو، عادتن جو اھو سيٽ ڪن
خاص آوازن جي پيدا ڪرڻ مان ٺھي ٿو. انهن خاص آوازن
کي فونيم
Phoneme
ٿو چئجي. اھي فونيم وري ٻوليءَ
جي ٻين سرشتن مورفيم
(Morpheme) جي صورت وٺن ٿا.“(١٠)
ھت ٻوھيو صاحب فونيم ۽ مورفيم جو گڏيل ذڪر ٿو ڪري، حالانڪھ
پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا
’فونيم‘ لاءِ صوتيو ۽ موفيم لاءِ صرفيو، جھڙا
سلوڻا لفظ اڳ ئي ڏئي چڪا آھن ۽ انهن جي صحيح وضاحت
ڏئي چڪا آھن. ٻوھيي صاحب فونيم ۽ مورفيم کي بلڪل
ڪونه سمجھايو آھي. عمر چنڊ جي ھيءَ راءِ ان ڪري ئي
دل سان لڳي ٿي ته، ”ٻوھيي صاحب جا وڏا وڏا اڻ ھضم
ٿيل حوالا وڏيون وڏيون تعريفون
(Definitions) انهن تعريفن جا نتيجا انهن نتيجن جا
نتيجا ۽ انهن نتيجن جا ٽيھر نتيجا، متن ۾ ماخذن جا
حوالا متن ۾ سنڌي لفظن سان گڏ انگريزي لفظن جو وري
وري استعمال ۽ ڪٿي ڪٿي اھڙا ترجما جو ماڻھو ويچار
۾ پئجي وڃي. اھي سڀ ڳالھيون ھن مضمون کي ڏکئي
بنائڻ لاءِ بس آھن. علم جو درياهه ته واقعي ھتي
ڇوليون پيو ھڻي، جيڪڏھن ڪنهن کي ڪا سپ ڳولھڻي ھجي
ته ور کڻي بسم لله ڪري گھڙي پوي، پوءِ کٽنس
ڀاڳ.“(١١)
ٻوھيي صاحب جي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو تمام گھڻو اھم آھي. ان ۾ ادب جي
وصف ۽ ڪارج، لوڪ ادب ۽ ٻين ادبي صنفن جي اپٽار ڪيل
آھي. ٽئين ڀاڱي ۾ روزمره واري سنڌي ٻولي ۽ ان جو
سماجي اڀياس ڏنل آھي. ٻوھيو صاحب ھن راءِ کي ثابت
ڪرڻ ۾ بيحد ڪامياب ويو آھي ته سنڌي ٻولي سنڌي سماج
جي سچي تصوير آھي ۽ سنڌي ادب توڙي لوڪ ادب سنڌي
ماڻھن جي اندر جي اڌمن احساسن جو بهترين عڪس آھي.
ٻوھيي صاحب جو ھيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ سماجي لسانيات
جي ڏس ۾ بهترين ڪاوش آھي ۽ بنيادي حيثيت جو حامل
آھي. ٻوھيي صاحب جي محنت ۽ جاکوڙ جو دل سان قدر
ڪرڻ گھرجي.
محترم ٻوھيو صاحب ١٦ جولاءِ ١٩٩٤ع تي گذاري ويو.
حوالا:
١- الھداد ٻوھيو، مضمون، ’اسان جي اڻ ڳالھايل زبان‘، سھ ماھي
مھراڻ-٢، ١٩٧١ع، صفحو ١٢٥
٢- ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٢٥
٣- ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٢٦
٤- الھداد ٻوھيو، ’شعر جو اڀياس جا نوان طريقا-٣‘، سھ ماھي
مھراڻ-١، ١٩٧٦ع، صفحو ١٢٧
٥- ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٧٢
٦- عمر چنڊ ٽھ ماھي مھراڻ-١، ١٩٧٩ع ۾ خط، صفحو ٢٠٦ ۽ ٢٠٧
٧- ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢٠٧
٨- ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢٠٨
٩- الھداد ٻوھيو، سنڌي زبان جو سماجي ڪارج، صفحو ٣٩
١٠- ساڳيو ڪتاب، صفحو ٤٠- ٤١
١١- عمرچنڊ، ٽھ ماھي مھراڻ-١، ١٩٧٩ع ۾ خط، صفحو ٢٠٧
پوپٽي ھيراننداڻي
ڪونج افق ۾ رلندي رلندي،
ساٿي ڳولھيندي، دڳ ڀلندي،
لنوندي لنوندي ٿڪجي پوندي.
(اياز)
شيخ اياز جو ھيءُ شعر پوپٽي ھيراننداڻيءَ پنهنجي آتم ڪھاڻي
’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ جي ورق ڏھين جي
شروع ۾ ڏنو آھي، جيڪو ڄڻ ته سندس حياتيءَ جو عڪس
پيش ڪري ٿو. پوپٽيءَ پنهنجن ئي اکرن ۾ پاڻ لاءِ
لکيو آھي. پنهنجي ڀونءِ جي بوءِ کڻي اسين ھيل
تائين زندهه رھيا آھيون، لاڏا ڳائي ۽ جھمر ھڻي
اسين سنڌ جي ڳوٺن جي تهذيب جي ھٻڪار سان اڃاتائين
واسيل آھيون.(١)
بيحد حساس دل رکڻ واري ليکڪا پوپٽي ھيراننداڻيءَ کي ھند ۽ سنڌ ۾
خوب پڙھيو ويو آھي. ھن ڪھاڻيون لکيون آھن. ناول
لکيا آھن. مضمون تحرير ڪيا آھن. ترجما به ڪيا آھن،
پنهنجي آتم ڪھاڻي به لکي آھي. سندس انگريزيءَ ۾
ڪتاب ڇپيل آھن، شعر به چيو آھي.
پوپٽي ھيراننداڻي ١٧ سيپٽمبر ١٩٢٤ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. ھن
جو تعلق حيدرآباد جي عامل خاندان سان آھي. ھوءَ
جڏھن ڏھن سالن جي ھئي ته سندس پتا گذاري ويو،
مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد پنهنجي ئي اسڪول، ڪندن مل گرلس
اسڪول ۾ ھوءَ ميوزڪ ٽيچر مقرر ٿي. صبح جو اسڪول ۾
ماستري ڪرڻ سان گڏ ھوءَ شام جو ڪاليج به پڙھڻ لڳي.
فارسي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ ھن کي شروع کان ئي دلچسپي
ھئي. بي اي جي امتحان ۾ ھن انگريزي ۽ سنڌيءَ سان
گڏ سنسڪرت ۽ ھندي به کنئي. ورھاڱي بعد پوپٽيءَ
بمبئيءَ ۾ ماستري شروع ڪئي. ١٩٦٠ع ۾ نيشنل ڪاليج
باندرا ۾ سنڌي پڙھائڻ لاءِ مقرر ٿي، پر پارٽ ٽائيم
ھوءَ ساڳي وقت ڪامرس ڪاليج چرچگيٽ ۾ به پارٽ ٽائيم
ڪندي ھئي. پروفيسر جي عھدي تان ڪجهه عرصو ٿيو ته
رٽائر ڪيو اٿس. پوپٽي ھندستان ۽ ھندستان کان ٻاھر
ڪافي دنيا ڏٺي آھي. سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا جي سميلن
۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ گانڌيڌام، احمد آباد،
جئپور، اجمير، انڊور، اجين، ڀوپال، جھوناڳڙهه،
لکنؤ، ڪانپور، ڪلڪتو، بئنگلور، مائونٽ ابو وغيره
وئي آھي. ھندستان کان ٻاھر به گھڻا ڀيرا وئي آھي.
سينگاپور، ھانگ ڪانگ، بئنڪاڪ، جپان، ملائيشيا،
انڊونيشيا، انگلينڊ، فرانس، ڪئنسري ٻيٽ وغيره
گھميا اٿائين.
آتم ڪھاڻيءَ جي آخري پئرا ۾ پوپٽيءَ لکيو آھي ته ھيءَ منهنجي
زندگيءَ جي شام آھي. افق وٽ لالاڻ آھي، پکي پنهنجن
آکيرن ڏانهن اڏامندا ٿا وڃن، ڏينهن رات کان
موڪلائي ھليو آھي، اسان به ڄاڻ ڄاڻ موڪلايو ....
ڀلا يادگيرين جي ڳلين ۾ آخر ڪيترو ڀٽڪبو.
پوپٽي ھيراننداڻيءَ جي قلمي ڪاوشن جو سن وار تفصيل ھن ريت آھي:
ڪھاڻين جا مجموعا:
١- رنگين زماني جون غمگين ڪھاڻيون، ١٩٥٣ع،
٢- پڪار، ١٩٥٣ع
٣- ڪلي گلاب جي ساغر شراب جو ١٩٦٧ع
٤- مون توکي پيار ڪيو، ١٩٧٥ع
٥- خزان جو دور پورو ٿيو، ١٩٧٦ع
ناول:
١- منجو، ١٩٥٠ع
٢- حسرتن جي تربيت
٣- جيءَ ۾ جھوري تن ۾ تات، ١٩٦٦ع
٤- سيلاب زندگيءَ جو، ١٩٨٠ع
مضمونن جا مجموعا:
١- ھڪ پشپ پندرھن پنکڙيون، ١٩٦٢ع
٢- ڀارت جي استري ١٩٦٣ع
٣- مان ڇا آھيان، ١٩٦٥ع
٤- چرن چڻڪن چت ۾ ١٩٧١ع
٥- زندهه سا قوم رھندي، ١٩٧٥ع
٦- ٻولي منهنجي ماءُ، ١٩٧٧ع
ڪوتا:
١- روح سندي رڃ
تحقيقي ڪتاب:
١- ڀاشا شاستر، ١٩٦٢ع
٢- سنڌي ساھت جي جھلڪ، ١٩٦٧ع
٣- عزيز شخص ۽ عالم، ١٩٧٩ع
٤- سنڌي ٻولي، ١٩٨٠ع
ترجما:
١- شريمد ڀاڳوت
٢- ڪبير
٣- وويڪانند جي جيوني
انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب:
1- Sindhi and the scattered Treasure
2- History of Sindhi literature
پوپٽي سنڌ ۾ بحيثيت ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس وڌيڪ مشھور آھي. سندس
ڪھاڻيون آھن به ڏاڍيون سگھاريون. ناول ۽ ڪھاڻي
سندس من پسند وشيھ نظر اچي ٿو. پر پوپٽيءَ ڀاشا
وگيان (لسانيات) جي کيتر ۾ به پنهنجا جوھر ڏيکاريا
آھن. ڀاشا شاستر ڪتاب ھن ١٩٦٢ع ۾ تڏھن ئي لکيو
ھيو، جڏھن سنڌيءَ ۾ لسانيت جي باري ۾ نه ھئڻ برابر
مواد موجود ھو. لسانيات تي سندس ٻه ٻيا ڪتاب آھن:
(١) سنڌي ٻولي، (٢) ٻولي منهنجي ماءُ. ھسٽري آف
سنڌي لٽريچر ۾ به سنڌي ٻوليءَ جو احوال ڏنو
اٿائين. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ پوپٽي لکي ٿي:
”سنڌي سنسڪرت مان نڪتل نه آھي، پر سنڌي ۽ سنسڪرت
جو بنياد ساڳيو آھي. ٻنهي جو سرچشمو سنڌوماٿر جي
اصل آريائي ٻولي آھي. سنسڪرت اوائلي مول ڀاشا جو
ھڪ روپ آھي ۽ سنڌي ٻيو روپ ھڪ ماءُ جو ڌيئون ھئڻ
ڪري ٻنهي ۾ سمانتا آھي.“(٢)
سنڌو لکت جي باري ۾ پوپٽيءَ جو خيال آھي ته دنيا جي ان تمام
پراچين لپيءَ جو روپ اڄ به سنڌي قوم جي ھٽڪائي
(واڻڪي) لپيءَ ۾ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ڪيترائي اکر
آھن، جيڪي ھٽي قوم جي لپي پينڪ جاتي جي لپي ۽ موھن
جي دڙي جي لکيتن سان ميل کائين ٿا.
ھٽڪائي لپي ۾ حرف علت لاءِ ڪي به ماترائون ڪم نه آنديون وينديون
آھن. ھتي قوم جو اڀياس ڪندڙ ھڪ پرسڌ اتهاسڪار او
آر گرني شام جي ڪناري تي، ’راس ثمرا‘ نالي شھر مان
ھري جاتي جي ڪن لکيتن کي ھٿ ڪيو آھي. جن لکيتن ۾
صرف حروف صحيح اکر ڪم آندا ويا آھن ۽ انهن سان ڪي
به ماترائون شامل ڪونه آھن. ھري جاتيءَ جو ان سان
گھرو ناتو ھو. ان ھري قوم جو ھڪ ٻوليءَ جو نالو ئي
’واڻڪ‘ ھو. جو نالو سنڌين جي ھٽڪائي يعني واڻڪي
سان برابر ميل کائي ٿو. ان طرح دنيا جي ھڪ پراچين
ٻولي ۽ لپي دنيا جي تمام پراچين سڀيتڪ ديشن ۾ وئي
۽ اتي ڦھلجي ڪيترين ئي ٻين ٻولين ۽ لپين کي پينڪ
جاتيءَ جي روپ ۾ جنم ڏنائين. چئي سگھجي ٿو ته سنڌي
ٻولي ھڪ پراچين ٻولي ۽ ان ٻوليءَ جي واڻڪي لپي ھڪ
پراچين لپي ھئي. پاڻنيءَ جي راءِ موجب، دنيا کي
آئيوٽا جي شروعات پنڪ جاتيءَ ڪري ڏني. ڊايوڊورس ان
لاءِ شام جي اوائلي رھواسين کي داد ڏنو، پر ھنن
حقيقتن مان ظاھر آھي ته پنڪ جاتيءَ وارا ۽ شام جا
اصلوڪا رھاڪو (ھري لوڪ) جيڪڏھن سنڌي نه ھئي ته به
سنڌين جا ڀائبندڙ ضرور ھئا ۽ اھڙيءَ طرح دنيا ۾
لکڻ جي ھنر جي شروعات ڪندڙن ۾ اوائلي سنڌين جو به
گھڻو ھٿ ھو.(٣)
’ھسٽري آف سنڌي لٽريچر‘ انگريزي ڪتاب ۾ پوپٽيءَ ورھاڱي کانپوءِ
جي سنڌي ادب جو جائزو ورتو آھي. مختصر طور سنڌي
لسانيات ۾ ڇپيل ڪتابن جو ذڪر ڪيو آھي. خاص طور
ڊيڪسن ڪاليج پوني ۾ ٿيل ڪم جي باري ۾ ٻڌايو آھي ته
اتي لڇمڻ خوبچنداڻيءَ پرسي گدواڻيءَ، پريتم
ورياڻي، گورڌن شرما سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪئي ۽
لغتون ٺاھيون آھن.(٤) ھسٽري آف سنڌي لٽريچر ڪتاب
جي تعارف ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صوتيات، صرفيات ۽
نحويات جي باري ۾ بيحد مختصر تعارف به ڪرايو آھي.
پوپٽيءَ جو لسانيات جي باري ۾ خيال آھي ته ڀاشا شاستر نه وياڪرڻ
آھي نه ساھتيھ. وياڪرڻ ھڪ ئي ٻوليءَ جي ھلندڙ روپ
کي پڙھڻ ۽ لکڻ جو ڍنگ ٻڌائي ٿو. مقرر ٿيل نيمن جي
پوئواري ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. ڀاشا جي شڌتا ۽ اشمت
جو ويچار ڪري ٿو ۽ ساھتيھ ٻڌائي ٿي ته ڪوتا جي
بناوت ڪھڙي ٿيڻ گھرجي. ڪوتا جي اوناين کي ڪيئن
سڌار جي ناٽڪ ۽ ناول جا اصول ڪھڙا آھن.
آکاڻيءَ کي دلچسپ ڪيئن بڻائجي وغيره وغيره، پر ڀاشا شاستر
ٻوليءَ جي آتم ڪٿا يا لفظن جي آکاڻي آھي.(٥)
’ڀاشا شاستر‘ ڪتاب جي آخري باب ۾ سنڌيءَ لاءِ لپي ڪھڙي ھئڻ
گھرجي؟ ھن سوال تي ٻنهي ڌرين يعني ديوناگري لپي ۽
عربي فارسي رسم الخط جا ويچار ۽ دليل پيش ڪيا آھن.
آخر ۾ پنهنجو رايو ڏيندي لکي ٿي: ”سچ پچ ته لپيءَ
جو سوال ھن وقت اٿارڻ ئي نه گھرجي، ڀلي ته ھاڻوڪا
نوجوان ابا بڻجن ۽ پوءِ پنهنجو فيصلو ڏين، اسان کي
پنهنجو رايو مٿن مڙھڻ جو ڪوبه اڌڪار ڪونهي. انهن
ئي نونهالن کي پنهنجي حالتن سان ٺھڪڻو آھي. پنهنجي
حالتن جي صحيح ڄاڻ کين ئي ھوندي. ايستائين کين
پنهنجي ساھت کان ڇنڻ گناهه آھي... تنهن ڪري حال في
الحال ويهه پنجويهه سال لپي بدلائڻ جو نالو ئي نه
وٺجي.(٦)
پوپٽي ھيراننداڻيءَ جو ھڪ مضمون ھندواسيءَ جي ٢٩ جنوري ١٩٦١ع جي
پرچي ۾ ڇپيو، جنهن جو عنوان آھي، ’سنڌي ٻوليءَ جو
بنياد‘ پوپٽي چوي ٿي ته ’پراڪرت‘ نالو سنسڪرت مان
ڦٽندڙ ٻولين لاءِ ڪتب ايندو آھي. اسين رگ ويدي
ٻوليءَ کي پراڪرت نه سڏي ڀارت جي آدي ڀاشا ڪري ٿا
سڏيون... جيئن ھماليھ جبل جي چوٽيءَ تان پاڻي
نالين ندين جا نالا روپ ۽ اڪر وٺي ھلڻ شروع ڪندو
آھي، تيئن آدي ڀاشا مان انيڪ ننڍيون وڏيون ڌارائون
ڦٽي نڪتيون... سنڌي به ھڪ آھي.
منهنجي نظر ۾ پوپٽيءَ جو ڪتاب ’ڀاشا شاستر‘ ھڪ بيحد ڪارائتو
ڪتاب آھي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان
لسانيات جي سٺي ڄاڻ ڏني وئي آھي. سنڌي ٻوليءَ سان
اٿاهه پيار ۽ محبت ھجڻ سبب جيڪڏھن ڪي ڳالھيون ڪن
نقادن کي وڌايل ٿيون محسوس ٿين ته ان ۾ پوپٽيءَ جو
ڪوئي قصور نه آھي. ھن ته سنڌي ٻوليءَ جي پذيرائيءَ
لاءِ پيار جو پورھيو ڪيو آھي.
حوالا:
١- پوپٽي ھيراننداڻي، ’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘،
١٩٨٢ع، صفحو ١٣٨
٢- پوپٽي ھيراننداڻي، ’ڀاشا شاستر‘، ١٩٦٢ع، صفحو ٨
٣- ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٩٩- ٢٠٠
4- Hiranandani, Popati, History of Sindhi
Literature 1984, P-236
٥- پوپٽي ھيراننداڻي، ’ڀاشا شاستر‘، ١٩٦٢ع، صفحو ٤
٦- ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢٩٦ |