سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :8

 

ڪراچي

مشرق جي ملڪ، سنڌ جي مارئي

جيڪا ڪراچي اسان آڳاٽو ڏٺي، تنهن جو هينئر نانءُ نشان ڪو نه رهيو آهي، سواءِ چند پراڻين عمارتن جي، جن جي درين منجهان ڌوتل گندا آلا ڪپڙا اُس ۾ سـُـڪڻ  لاءِ پيا لڙڪن!

ڪهڙو حال ٻڌايان پراڻيءَ ڪراچيءَ جو؟ لفظن جي لباس ۾ اهو ماحول سامهون آڻي نٿو سگهان. اها ڪراچي شهر نه هئي، گلشن هئي، گلستان هئي يا ڪا ڪنوار هئي، جنهن کي لاوَن واريءَ رات لاءِ سينگاريو ويو هجي.

آبادي اڍائي  ٽن لکن جي هئي. صفائي ۾ ساري برصغير اندر پهريون نمبر. اها ٽي لک آبادي خوشحال، صاف، سٿري ۽ سهڻي هئي، جنهن کي پنهنجي شهر جي شان جو پورو پورو احساس هو. ماڻهو رستن تي گهمندا نه هئا، پر ٽور ٽلندا هئا، گويا پيرن هيٺان گل وڇايل هون. يعني  رستن جو احترام به ملحوظ رکيو ويندو هو. وڏي ڳالهه ته نه ڳنڍيڇوڙن جو خوف هوندو هون، نه ڇري بازن جو، نه ڦورن جو، نه مسجدن مان جـُـتين  چورائڻ وارن جو، نه مڇرن جو ۽ نه مکين جو. ان قسم جي ماڻهن ۽ جيتن کي جرئت ئي ڪا نه ٿيندي هئي ته ڪراچيءَ جو قصد ڪن. ساري شهر ۾ فقط ٻه سٽي مئجسٽريٽ هوندا هئا. رچرڊسن ۽ ٽلاٽي پارسي، جيڪي گهڻو ڪري ٽريفڪ، رستي روڪ يا جانورن سان بيرحميءَ  متعلق معمولي ڪيس هلائيندا هئا. جانورن جو ذڪر آيو آهي ته هيءُ به ٻڌي ڇڏيو ته ڪراچي جي جانورن جي عزت ۽ سندن حقن جو احترام ڪيو ويندو هو. مجال هئي ڪنهن گاڏيءَ واري جي، جو مقرر تعداد کان وڌيڪ سواريون وهاري يا منڊو يا چـُـٽر  جانور جوٽي جانورن سان بي رحميءَ جي ڪيسن پڪڙڻ لاءِ باقاعده سوسائٽيون هونديون هيون ۽ انهن سوسائٽين جا عهديدار ۽ آنريري مئجسٽريٽ روزانو شهر ۾ گهمندا رهندا هئا. زخميل جانورن جي علاج لاءِ وڏي اسپتال هئي ۽ سندن اُڃ  لاهڻ لاءِ هر چونڪ ۾ هڪ فوارو ٺهرايل هو، جنهن مان رات ڏينهن ٿڌو پاڻي وهندو رهندو هو. اهي فوارا گهڻو ڪري مالدار پارسي  پنهنجي گذري ويل بزرگن  جي ياد قائم رکڻ لاءِ ٺهرائيندا هئا. هندن گئوشالا کولي رکي هئي، جنهن ۾ بيمار يا رٽائرڊ ڳئون، ڏاند ۽ مينهون رهي، کائي ۽ پي پنهنجي زندگي  جا رهيل ڏينهن گذاري پورا ڪن. انهن جانورن جي خدمت لاءِ عملو رکيل هو ۽ گاهه داڻي جا انبار لڳا پيا هوندا هئا. ٻه واقعا ڪراچيءَ  وارن جي انسانيت ۽ رحمدليءَ  جا مثال طور ٻڌايان ٿو. مسٽر جمشيد مهتا ڪراچي ميونسپل جو پرزيڊنٽ هو ۽ سالن جا سال بنا مقابلي ان عهدي تي چونڊبو رهيو. 1930ع ڌاري آءُ بندر روڊ سان وڃي رهيو هوس. ڏٺم ته جمشيد مهتا پيدل هڪ زخمي گڏهه کي وٺيو جانورن جي اسپتال ڏانهن پيو وڃي. سندس موٽر سندس ڊرائيور پٺيان ڪاهيندو پيو هلي.  تماشي ڏسڻ لاءِ آءٌ به اسپتال جي ورانڊي ۾ وڃي بيٺس.  جمشيد پنهنجي سامهون گڏهه جي ملم پٽي ڪرائي ۽ ڊاڪٽر کي بار بار چوندو ٿي رهيو ته زخم کي آهستي صفا ڪر جيئن گگدام کي ايذاءُ نه اچي. ملم پٽي ختم ٿي ته ڊاڪٽر کي حڪم ڏنائين  ته گڏهه کي سندس ذاتي خرچ تي اسپتال ۾ رکيو وڃي ۽ گاهه داڻي  لاءِ ڪجهه رقم به اسپتال ۾ جمع ڪرائي ڇڏيائين. ٻئي طرف گڏهه جي مالڪ کي به چيائين ته جيستائين گڏهه جو علاج پورو ٿئي ۽ گڏهه ڪم وٺڻ جي قابل ٿئي.اوستائين هو پنهنجي مزدوري جو حساب کانئس وٺندورهي ۽ ائين چوندي ڪجهه نوٽ به اڳواٽ ئي کيس ڏئي ڇڏيائين.

ٻئي دفعي مون ٻئي هڪ سربرآورده پارسي جهانگير پنٿڪي کي ڏٺو ته هو الفنسٽن اسٽريٽ ۾ هڪ ڪرايي جي وڪٽوريا گاڏي پوليس جي مدد سان روڪيو بيٺو ڪوچوان سان بحث ڪري. بحث جو موضوع هيءُ هو ته ”گهوڙو تمام لاغر ۽ منڊو هو. جانور به ساڳئي الله تعاليٰ جي مخلوق آهن. انهن تي رحم ڪرڻ سان خالق به خوش ٿئي ٿو، تنهنڪري مناسب آهي ته گهوڙي کي گاڏيءَ مان ڇوڙي ٻه چار ڏينهن ان جو علاج ڪجي ۽ کيس گاهه داڻو کارائي وَهڻ جي قابل بڻائجي.“

ڪوچوان ٻاهران آيل هو. کيس ڪراچيءَ جا قاعدا معلوم نه هئا، تنهنڪري پنٿڪي جي ڳالهه سمجهي نه سگهيو. ساڻس تڪرار ڪندو رهيو ۽ آخر ڪاوڙ منجهان کيس چهبڪ ڏيکاري گاڏي هلائڻ لڳو. پنٿڪي فرسٽ ڪلاس آنريري  مئجسٽريت به هو. پوليس واري کان ڪوچوان  کي گرفتار ڪرائي جيل اماڻيائين، گهوڙو ڇوڙائي اسپتال موڪليائين ۽ گاڏي کي ڌڪرائي صدر پوليس ٿاڻي جي حاطي ۾ بيهاري ڇڏيائين.

هنن واقعن  بيان ڪرڻ جو مقصد هيءُ ڏيکارڻ آهي ته ڪراچيءَ جي حيوانن جي به عزت ۽ شان هوندو هو. انهن جا به قانوني حق هوندا هئا، جن جو احترام ڪيو ويندو هو.

*               *               *

ڪراچيءَ سان منهنجي شناخت، پهريون دفعو شايد 1917ع ڌاري ٿي. پهرين عالمي جنگ هلي رهي هئي، پر اسان کي فقط انڌين منڊين اخبارن وسيلي پئي خبر پوندي هئي ته اهڙي جنگ جاري آهي، ورنه روزمره جي زندگيءَ تي ان جو ڪو اثر ڪو نه هو، انگريز اهڙو سٺو انتظام رکيو هو.

اڄڪلهه  ته سواريءَ جي تکن وسيلن ساريءَ دنيا کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، پر انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جو سفر به وڏو سفر ليکيو ويندو هو. ماڻهو اڳواٽ تياريون ڪندا هئا. يارن دوستن کي سڌ ڏيندا هئا ته هوا بدلائڻ لاءِ ڪراچي جي سفر جي سنبت ٿي رهي آهي. ڪراچيءَ کي  انگريزي دان ”ڪراچي“ سڏيندا هئا، عام ڳوٺاڻا ”ڪاراچي.“ ڪراچي اڃان ”ڪـِـرانچي“ ڪا نه بڻي هئي.

موزون موسم ان سفر لاءِ مئي، جون، جولاءِ جي هوندي هئي. جڏهن اپر سنڌ ۾ گرميون ۽ مڇر ماڻهن جي کل خراب ڪري ڇڏيندا هئا. روپين جي ريل پيل جهڙن تهڙن زميندارن  وٽ به ڪا نه هوندي هئي. ڪڻڪ روپئي مڻ، ساريون 12 آني مڻ وڪامنديون هيون. ڪڪڙ جو آنو پيسي، ڪڪڙ جي بيگم ڇهين آني، ڇيلو هڪ روپئي، سچو گيهه ٻين کان چئين آني سير، بناسپتي يا ڊالڊا جو نانءُ ندارد. ڳوٺ جي هٽ واري گيهه سان هٿ چراند ڪئي ته مٿس موچڙن  جو مينهن وسي ويندو.

اهڙي زماني ۾ وڏيرا ڪراچي تڏهن ئي وڃي سگهندا هئا، جڏهن ربيع جو فصل لهي، جنس وڪامي ۽ واپاري ڌوتي جي پلاند مان نوٽن جي ٿهي ۽ وڍهيءَ  مان ٺوڙهن(1) جي لپ ڪڍي سندن حوالي ڪن، اوستائين وڏيرا پيا اپريل جو چاليهو، مئي جون ٻـُـٽون ۽ جون ۾ مڇرن جو مارو سهندا ۽ ڇيڻن جون دونهيون ڪرائي وقت ٽپائيندا رهندا. وقت جا واپاري به استاد هوندا هئا. ويٺا موسم کي ڏسندا هئا ۽ جنس جي اگهن تي رنجهه ڪنجهه ڪندا هئا.  کين خبر هئي ته  جنهن وقت سخت گهـُـٽَ ٿيندي ۽ مڇر بنهه وڏيري جي ننڊ حرام ڪرڻ لڳندا، ان وقت وڏيرو  ڪراچي وڃڻ لاءِ تنگ ٿي گهٽ وڌ اگهه تي جنس وڪڻي ڀڄي ويندو. اهي ٻه ٽي هفتا وڏيري ۽ واڻئي جي وچ ۾ دلچسپ  ڇڪتاڻ پئي هلندي.  وڏيري کي رات جو مڇر پٽيندا ته گهر ڀاتين سميت پيو ڏکڻ کي سڏ ڪندو، چي:

آءُ ڏکڻ ڏيهي،
ڀڃ مڇرن جي پيهي.

 

مسيت جو ملان ڏکڻ سان پارسيءَ ۾ پيو خطاب ڪندو:

حيدر _ حيدر _ باد
باد به جنبان باد

 

پر جڏهن وڏيري جي صدائن ۽ ملان جي مداحن کان پوءِ به نه ڏکڻ گهـُـلندو ۽ نه مڇر مـُـڙندو ته صبح جو وڏيرو تڪڙو تڪڙو واڻئي کي سڏائيندو:

”ڀائي فلان مل، ڏي ڪا خبر، اگهن جي ڪا چـُـر پـُـر.“

ڀائي فلانو مل: ”وڏيرا سائين، تهان کؤن ڪهڙي ڳالهه ڳجهي آهي. ڌرتي ۽ آڪاش جي وچ ۾ جيڪي ڪجهه پيو هلي چلي، سو سڀ سائينءَ  کي ”مهلوم“ (معلوم) رهي ٿو. هن سال ته اگهن جو حال ئي ڪونهي. وڏا واپاري، راليءَ (1)  سوڌا، پنڪين ۾ آهن. مال کڻڻ لاءِ نه ريل جا گاڏا، نه مال کي ملڪ کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ جهاج(جهاز) سڀ جنگ جي بلي ٿي ويا آهن. رات سيٺ لڏڻ مل ٽهڪڻداس وارن نياپو موڪليو آهي ته جنس جي کپت ڪا نه آهي، تنهنڪري مال نه وٺجو.“

واپاري ۽ وڏيري جي اها ڪشمڪش هفتن جا هفتا پئي هلندي. نيٺ وڏيرو تنگ ٿي ڀڳڙن مـُـٺ  تي انبار وڪڻي. ڪراچي وڃڻ لاءِ ڪمر ڪشيندو. واپاري ان لٽ مار کان پوءِ به ٿورو وڏيري  تي پيو ٿڦيندو.چي: ”وڏيرا، تون هاٿي،  آءٌ ڪوِل. نيٺ مون کي چٿي ڇڏيئي!“ مطلب ته ”ڪول“ کي چٿڻ ۽ روپيا ڳنڍ ٻڌڻ کان پوءِ وڏيرو ڪراچي لاءِ ريل ۾ چڙهي ويهندو. صدر جي علائقي ۾ انگريز رهندا هئا، تنهنڪري بي ادبيءَ جي ڀؤ کان صدر اسٽيشن تي نه لهندو، سڌو وڃي سٽيءَ تي سامان لاهيندو. ٻه آنا(قلي)  ڪوليءَ کي ڏئي، رلهي، فراشي ۾ ويڙهيل ۽ لوهي پيتي ٻاهر ڪڍائي  ۽ اٺ آنا ڀاڙو وڪٽوريا گاڏيءَ بلي خرچ ڪري وڃي بندر روڊ تي مولوءَ(موليڏنه) مسافرخاني ۾ سهڙندو. اُت  خاص ڪمرو ورتائين ته اٺ آنا ڪرايو، عام ڪمرو ته نام مولا مفت!  سخت گرميءَ مان نڪري ٿڌيءَ آب هوا ۾ اچڻ ڪري پهريان ٻه چار ڏينهن  ته نزلي زڪام ۾ ڦاسي هڪ ئي جاءِ تي هنڌ ۾ پيو هوندو. وڌ ۾ وڌ همت ڪيائين ته رڙهي مولانا حڪيم  فتح محمد سيوهاڻي مرحوم مغفور جي دواخاني تائين ويندو. ات زڪام جون ڦڪيون گوريون اڳواٽ موجود هونديون.  حڪيم صاحب  لپ ڀري ڏيندس ۽ هدايت ڪندس ته جيستائين  زڪام نه لهي اوستائين ٻاهر نه نڪري، مبادا نمونيا نه ٿي پويس.

هڪ ڀيرو مان هڪ سردار بهادر (جيڪو ان وقت تائين اڃان ٺلهو سردار هو)  سان ملڻ لاءِ مولوءَ مسافرخاني ويس. ڏٺم ته سردار بهادر تندرست تنومند کٽ اُس ۾ وجهايون اُت به سوڙ ۾ ويڙهيو پيو آهي. مون ان احتياط جو ڪارڻ  پڇيس. فرمايائين: کنگهه ٿي هئي. حڪيم فتح محمد صاحب وٽ ويو هوس، تنهن چيو آهي ته ڪراچيءَ جي ٿڌي هوا ۾ پاڻ کي ٻاهر نه ڪڍجانءِ متان ”نمونيا“ ٿي پوئي. ”نمونو“ بيماري جو نالو  مون اوستائين ڪو نه ٻڌو هو. بعد ۾ حڪيم صاحب خود کان پڇڻ تي معلوم ٿيم ته ”نمونو“ مان مقصد نمونيا هئي.حڪيم صاحب ٻڌايو ته اهو مشورو هن سردار صاحب  کي ٻه هفتا اڳ ڏنو هو، جڏهن مٿس نزلي جو حملو هو. هينئر نزلي ختم ٿئي کي هفتا گذري چڪا هئا، پر سردار بهادر ”نمونو“ جي دهشت کان اڃان تائين سوڙ ۾ سبيو پيو هو!

غرض، هيءَ هو هڪ عام خاڪو انهن حالتن جو، جن هيٺ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا مهانڊا ڪراچيءَ جي زيارت يا سياحت لاءِ ايندا هئا.

*                  *                  *

خوشقسمتيءَ سان اسان جي گهر سان اهي حالتون لاڳو ڪو نه هونديون هيون. ڪراچيءَ جا وڏا وڏا واپاري ۽ مالدار ميمڻ اسان جن بزرگن جا مريد هوندا هئا. گرمين جو زمانو ايندو هو ته پاڻ هـُـرتو اڳواٽ سارو بندوبست ٿي ويندو هو.  فقط اسان جي پنهنجي پهچڻ جي دير هوندي هئي. ڪراچي رسڻ کان پوءِ رهڻ لاءِ محل ماڙيون، سواريءَ لاءِ ٻه گهوڙي گاڏيون (بعد ۾ موٽرن)  ۽ کاڌي پيتي لاءِ هر روز ۽ هر ٽائيم تي ست رڇيون تيار. کائو، پيئو، گهمو، گهتو، خدا جا احسان مڃيو ۽ وڏن جي ڪئيءَ ڪمائيءَ لاءِ مٿن صلواتون ۽ سلام موڪليو.

اسان جي روانگي ڳوٺ جي ريلوي اسٽيشن نصرت تان شام ويلي ٿيندي هئي. ڪراچيءَ جي تصور ۾ دل پئي ٽپا کائيندي هئي ته اجهو ٿا جهنگ جي جهنم مان نڪري ڪراچيءَ جي جنت ۾ پهچون. ٻارهن ڪلاڪن  جو سفر هوندو هو. پئسينجر ٽرين نمبر 42 ڊائون اٺين بجي شام ڇٽي، اٺين بجي صبح ڪراچيءَ صدر پهچندي هئي. سيڪنڊ ڪلاس (1) جا گاڏا اڪثر اسان وٽان خالي لنگهندا هئا ۽ فقط لاڙڪاڻي پهچي، ٻين مسافرن سان ڀربا هئا، پر گپاگيهه ان هوندي به ڪا نه هوندي هئي. مسافر سڀ مانائتا مهذب هوندا هئا. هڪ ٻئي کي ڄاڻندا سڃاڻدا هئا. راڌڻ اسٽيشن تائين ويٺا پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا. ان کان پوءِ پنهنجن پنهنجن سيٽن تي وڇايل هنڌن بسترن تي ليٽي پوندا هئا.  مون کي ننڊ ڪا نه ايندي هئي، شوق وچان رستي ۾ جنهن به اسٽيشن تي گاڏي بيهندي هئي ته آءٌ دريءَ مان منهن ٻاهر ڪڍي، پليٽفارم تي چرپر ڏسندو رهندو هوس. انهن ڏينهن ۾ چور ريلن ۾ چڙهي لٽ مار ڪو نه ڪندا هئا، تنهنڪري مسافر بي خوف دريون کولي سمهي رهندا هئا.

آب و هوا جو عالم هيءُ هوندو هو ته لڪيءَ جي لانگهي تائين ته گرمي ۽ مڇر شامل رهندا هئا، پر جيئن آمري اسٽيشن اُڪربي هئي، تيئن فرق محسوس ٿيندو هو. سن آيو ۽ ٿڌي هير هلي. ڪوٽڙيءَ پـُـڳؤ ته نئين دنيا ۾ داخل ٿيؤ. اکيون مهٽي وينڊر کان چانهه جي پيالي ۽ آني وارو ڪيڪ وٺي کائي ڪراچيءَ کي اکئين لائي ويهي رهندؤ. جنگشاهي ٽپندؤ ته ٿڌيءَ هوا جا جهوٽا جسم سان چٽ چـُـم  شروع ڪري ڏيندا. داٻيجيءَ پهتا ته کل تان آرائيون، خارش جا نشان ۽ مڇرن جي چڪن جون سموريون ثابتيون ميٽجي ويل هونديون. بدن ۾ تازگي ۽ توانائي پئي محسوس ٿيندي. اهڙي صاف، خوشبودار ۽ مٺي هير سان وري سابقو ڪو نه پيم، توڙي جو ساري دنيا گهمي ڏٺم.  پراڻيءَ ڪراچيءَ جي هنيانءُ ٺار هير ڇا هئي، تنهن جو اندازو لڳائڻ هاڻوڪين حالتن هيٺ ناممڪن آهي. سمجهو ته ڄڻ بهشت جي ڪنهن ڳلٿي مان نڪري سڌو اچي ڪراچي ۾ گــُـهلندي هئي. سارو ماحول موافق. آسمان ۾ ڇڊا ڇڊا ڪڪر، مٿان هلڪو هلڪو جهڙ، وچ ۾ رکي رکي مينهڙي جي ڦڙڦڙ، ۽ تنهن سان گڏ ان مٺڙيءَ  هير جي سـَـر سـَـر!  ساڻس غير صحت بخش اجزا يا عناصر جي ملاوٽ جو ته سوال ئي ڪو نه هو. سڄو شهر صاف شفاف هو. نه ڪن، نه ڪچرو، نه اُگهاڙا تلاءَ، نه گندي پاڻيءَ جا دُٻا، نه گٽر کليل، نه گٽرن جا ڍڪڻ چورايل، نه ڪچين وستين جو وجود، نه رستن تي بول براز جي آزادي، نه موٽرن، بسن ۽ رڪشائن جو دونهون، نه پنجاهه لکن ماڻهن جي تحليل رياح جو معاملو، نه رستن تي سگريٽن جا ٽڪر ٽوٽا، نه ديوارن تي پان جون پيچڪون. پوءِ ڪراچيءَ ۾ صاف هوا ڇو نه گهـُـلندي؟

صدر ريلوي اسٽيشن جي ويجهو اچبو هو ته سڄي هٿ ڏانهن پري کان وائرليس جا کنبا نظر ايندا هئا. ان سمي ماڻهن کي سمجهه ۾ ئي ڪو نه ايندو هو ته بنان تند تار جي پيغام ڪيئن اچي وڃي سگهندا هوندا؟ ريڊئي يا ٽي ويءَ جي ڪو ڳالهه ڪري ها ته پاڳل سمجهي چنبا هڻي ڪڍنس  ها.

گاڏي پليٽ فارم تي بيهندي هئي ته سيڪنڊ ڪلاس گاڏن ۾ ڪـُـولي(قلي) ڪاهي پوندا هئا.هڪ آني مزدوريءَ  تي هنڌ پيتي کڻي ٻاهر بيٺل ڪنهن وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ رکندا هئا. گاڏيون گهڻيون، مسافر ٿورا، هئيس گيس ڪا نه، آرام سان گاڏيءَ ۾ ويهي فريئر هال واري رستي  سان صدر ڏانهن هلبو هو. پهرين ڪارلٽن هوٽل ايندي هئي، ان جا کنڊر اڄ به نظر اچن ٿا، پر اُن زماني ۾ انگريزن جي رهائش لاءِ مخصوص هوندي هئي. گهڻن گهڻن سالن کان پوءِ ان ۾ فيشن ايبل ديسين کي رهڻ جي اجازت ملي يا جرئت ٿي. ڀانيان ٿو ته ڪمرن جي مسواڙ اٺ رپيا روز هوندي هئي. مسلم ليگ  تحريڪ شروع ٿيڻ کان اڳ حضرت قائداعظم رح به ڪراچيءَ آئي ڪارلٽن ۾ ئي رهڻ پسند فرمائيندو هو.(1)

ڪارلٽن جي سامهون رستي جي کٻي پاسي ڏانهن اڃان جايون ڪو نه جڙيون هيون. صاف ميدان پيو هوندو هو.صرف وچ ۾ هڪ ننڍي مارڪيٽ هوندي هئي، جتان پسگردائيءَ  جي بنگلن وارا ٻوڙ ڀاڄي وٺندا هئا.

اڳتي وڌبو ته فريئر هال وٽان گذر ٿيندو هو. چوڌاري وسيع باغ، راڻي ۽ بادشاهه جا بت(1) ، ۽ خود عمارت جو عجيب نمونو ڏسي ماڻهن جا ڏند چپن سان لڳي ويندا هئا. ان کان پوءِ فليگ اسٽاف هائوس هوندو هو، جنهن ۾ فوجي ڪمانڊنگ آفيسر رهندو هو. دروازي جي ٻاهران رستي تي به توپون بيهاريل هيون. توپن مان جان ته نڪري ويل هئي ۽ محض نمائش لاءِ رکيل هيون، پر ان هوندي به گاڏيءَ واري کي چتاءُ ڪبو هو ته توپن کان پاسو ڪري هلي، متان نه متان!

الفنسٽن اسٽريٽ (2) جون  ”ڇاپون“ ڏسي ماڻهوءَ ۾ احساس ڪمتري پيدا ٿيندو هو. سواءِ ٽن چئن ميمڻن جي دڪانن جي باقي سڀ دڪان انگريزن، پارسين ۽ هندو عاملن جا هوندا هئا. پر صدر جي دڪانن جو مهندار وري به ميمڻ اي. حاجي ڏوسل  هوندو هو. سڀ کان وڏو دڪان، هر قسم جو سامان، سئي ڌاڳي کان وٺي اعليٰ درجي جي بندوقن تائين سڀ ڪجهه ان هڪ ئي دڪان تان پيو ملندو. البته دڪان ۾ گهڙڻ کان اڳ بوٽ صاف ڪرائبو هو، ڪوٽ جا بٽڻ وجهبا هئا ۽ ڏاڙهي مڇن کي هٿ هڻي ٽاٽ ڪبو هو، ڇو ته اندر لنگهڻ کان پوءِ خطرو هوندو هو ته مبادا اوچتو ڪو انگريز آفيسر نه منهن پئجي وڃي. سنڌين کي پاڻ کان ڏاڍي لاءِ ادب جون تقاضائون هر وقت ۽ هر هنڌ ياد رهنديون آهن.

دڪان ۾ گهڙندي  ٻه صورتون سامهون پونديون هيون. سيٺ هارون مرحوم ۽ ڏاڏا سيٺ مرحوم. ٻئي وڏي در جي لڳ چوڪيدار وانگر ڪرسيون وجهيو ويٺا،ايندڙ ويندڙ ڏانهن اکيون ڦوٽاري خوفناڪ نموني ۾ تڪيندا رهندا هئا. هونءَ ته بزرگ هوندا هئا، پر ڏسڻ ۾ ائين ايندا هئا، جيئن جنن جي خطري کان ڪنهن در تي ديو ويهاري ڇڏيا هجن. وڏيون وڏيون ڳاڙهيون اکيون، ڊگها قد، گهاٽيون ڏاڙهيون، بت ڀريل، منهن تي مرڪ ڪان، چهرو ايتري قدر غصه ناڪ جو ماڻهو سيٺين کي ڏسيو پاڻهي پاسو ڪريو وڃن. چوندا ڪنهن کي ڪو نه هئا، شايد ساري ڏينهن ۾ هڪ لفظ به ڪو نه ڪڇندا هئا، پر ڳالهائڻ پوءِ جي ڳالهه آهي.  پهرين پهر ديدار سان آهي، سندن ديدار دل شڪن هوندو هو، البته بچو سيٺ مرحوم، جو انهن ڏينهن ويهن ٻاويهن ورهين ڄمار جو هو ۽ ڏاڍو سهڻو، خوش پوشاڪ ۽ بامروت انسان هوندو هو، تنهن جي ڏسڻ سان گراهڪن جا درد دفع ٿي ويندا هئا ۽ وڏن سيٺين کي ڏسڻ سان، جا دهشت مٿان طاري ٿيل هوندي هئي، سا دور ٿي ويندي هئي.

اهو ڏوسل  جو دڪان هڪ ادارو هوندو هو. سنڌ جا گهڻو ڪري سڀ وڏيرا، مير ۽ پير ان دڪان جا مقروض هوندا هئا ۽ فصل لٿي سال جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو ڏوسل کان کنيل اوڌر بلي ڏيڻو پوندو هون. سندن گهڻو مارو هوندو هو بندوقن، ڪارتوسن، ولائتي بسڪوٽن ۽ خوشبودار صابڻ تي، جن جنسن جي ڏوسل وٽ ڪا گهٽتائي ڪا نه هوندي هئي. دڪان ۾ رکيل ٻيو سامان گهڻو ڪري سندن سمجهه ۾ ئي ڪو نه ايندو هو، تنهنڪري ان جي ويجهو ڪو نه ويندا هئا. ڪي ڪي  چونڊ وڏا ماڻهو شام ويلي ڏوسل جي دڪان جي ٻاهران ڪانس جي ٿـَـلهي تي نيٽ جون ڪرسيون رکائي ويهي رهندا هئا، جيئن ڪو آفيسر يا ان جي منڊم اچي ته هي اُٿي سندس سلام ڪن. هڪ لحاظ سان ڏوسل جي دڪان جي ٻاهران ويهڻ خود عزت جو نشان سمجهيو ويندو هو.

هور نالي هڪ انگريز درزيءَ جو دڪان، ساڳيءَ الفنسٽن اسٽريٽ ۾ نئين انگريزي فيشن جي دلداده وڏيرن جي دلچسپيءَ جو مرڪز هوندو هو. سنڌي پڙهيل وڌ ۾ وڌ قميص ۾ بؤٽائي هڻڻ تي اڪتفا ڪندا هئا. جيڪڏهن انگريزيءَ جا ٻه چار  درجا پڙهيل هوندا هئا ته هور کان سوٽ ٺهرائي پائيندا هئا، پر انگريز عملدارن وٽ گهڻو ڪري  سوٽ پائي نه ويندا هئا، مبادا صاحب کي اهو خيال ٿئي ته وڏيرو انگريزن سان همسري ڪرڻ جا پهه پچائي رهيو آهي.  ان کان ٿورو اڳڀرو جي . بلس (J.Bliss) جو دڪان هوندو هو، جتان انگريزي دوائن کان سواءِ اعليٰ ترين ولايتي سينٽ صابڻ وغيره ملي سگهندا هئا. فيشن ايبل ماڻهو اتان جو به چڪر هڻندا هئا. دڪان جي ٻاهران وڏا شيشا لڳل هوندا هئا. گهڻا ماڻهو دڪان جي ٻاهران بيهي شيشي کان اندر جو نظارو ڏسي چوندا هئا ”واه ڙي انگريز واه !“ يورپ جي طرز تي دڪان سينگاريل هوندو هو. هڪ دفعي سنڌ جو هڪ بزرگ ان دڪان ۾ ڪنهن شيءِ وٺڻ لاءِ داخل ٿيو. مريدن کي معلوم ٿي ويو، لٺيون کڻي بلز جي دڪان جو شيشو ڀڃي ان جا ٽڪر بطور تبرڪ پاڻ سان کڻي ويا. بزرگ سائين نقصان جو عيوض بلز کي ڀري ڏنو(1) ۽ شايد وعدو به ڪيائين ته وري دڪان ۾ نه ايندو. ساڳي طرز جو دڪان اسپيچلي  نالي انگريز جو به هو. اُت به دوائون ۽ خوشبو جو سامان ملندو هو ۽ هيءَ ڳالهه تسليم شده هئي ته اسپيچلي جي دواخاني مان جيڪو نسخو ٺهي مليو، سو هر لحاظ سان صحيح ۽ پورو  هوندو. اسپيچلي جي سامهون حاجي ابوبڪر اينڊ سنس جو دڪان هو. ڪپڙي لٽي، زناني يا مرداني جو وڏي ۾ وڏو دڪان هو. منڊمن جي ضرورت جو سارو سامان سڌو ولايت  مان گهرايل موجود هوندو هو. دڪان جو مالڪ مرحوم اسماعيل سيٺ ميمڻ هوندو هو، جيڪو منهنجي مرحوم مغفور ڏاڏي جو دوست ۽  ميزبان هوندو هو.  سندس انتقال کان پوءِ سندس  فرزند علي محمد سيٺ ۽ ڀائٽيو ٻڍو سيٺ به انهيءَ تعلق کي برقرار رکيو آيا. اسان سندن دڪان جي مٿان ماڙيءَ جي هڪ حصي ۾ رهندا هئاسين. مهمان نوازيءَ  جون حدون ڪري ڇڏيندا هئا. ڪشاده دل ماڻهو هئا. سندن دستر خوان تي هر وقت اٺن- ڏهن قسمن جا طعام قسمن جا طعام هوندا هئا. کاڌو خاص ميمڻڪي نموني جو کچڙيون، گوشت جا ٻه ٽي قسم جا ٻوڙ، تريل پام فريٽ مڇي، آچار، چٽڻيون، مربا، ميوا وغيره ميمڻڪي کاڌي جو ذائقو نيارو هوندو هو ۽ جيڪي اسان اڄڪلهه کائون ٿا، ان کان بلڪل مختلف. اسان جي هاڻوڪي شهري يا هوٽلن ۾ پڪل طعامن تي زياده تر دهلي ۽ يو. پي جو اثر آهي. ”شامي ڪباب“ جو نالو  پهريون دفعو مون 1924ع ۾ پڙهيو، پر کاڌم اوستائين ڪو نه جيستائين پنج سال پوءِ دهليءَ وڃڻ جو اتفاق نه ٿيو. ابوبڪر جي دڪان ۾ سارو وقت انگريز مردن ۽ عورتن جي اچ وڃ رهندي هئي. آءٌ هڪ ڪنڊ ۾ ننڍڙي ڪرسي وجهي ان تي ويهي خموشي سان اهو نظارو ڏسندو رهندو هوس.

ٻيو مشهور ميمڻن جو دڪان عدن والا جو هوندو هو، جنهن جو بورڊ اڄ تائين لڳل آهي. خبر نه آهي اندر ڪير رهن ٿا. ميمڻ يا ڪير؟ بهرحال عدن والا قسمان قسم سگريٽون ۽ چروٽ  وڪڻندو هو.

الفنسٽن جي ڇيڙي تي رستي جي ٻئي طرف، جت هينئر گلزار هوٽل آهي، حاجي احمد ڪريم محمد ميمڻ جو دڪان هوندو هو. انگريزي گرم ڪپڙي جو ڌنڌو ڪندا هئا. سڄو دڪان ولايتي ڪپڙي جي ٿانن سان ڀريو پيو هوندو هو.  مالڪ مرحوم عبدالستار سيٺ دروازي جي ٻاهران ورانڊي ۾ ڪاٺ جو پلنگ وجهيو، ان تي چڙهيو ويٺو هوندو هو ۽ آئي وئي سان پيو محفل ڪندو هو.

ميمڻن کان سواءِ الفنسٽن اسٽريٽ ۾ پارسين جا دڪان به هوندا هئا، مثلاً: جال ڀائي فوٽوگرافر ۽ سيٺ نسروانجي مهتا. نسروانجي، جمشيد مهتا (جنهن جو ذڪر ڪجهه اڳ ۾ اچي چڪو آهي ۽ باقي هن کان پوءِ ايندو) جو والد هو ۽ سندس ڪاروبار ولايتي شراب جو هو. پوئين زماني ۾ حيدرآباد جي ڪن عاملن به اچي ڪتابن ۽ ولايتي بوٽن جا دڪان کوليا هئا.

1930ع ۾ عالمگير اقتصادي بحران آيو، جنهن جي دوران ۾ ميمڻن کي واپار ۾ ايتري قدر نقصان پيو جو هو قريب قريب برباد ٿي ويا ۽ انهن جون جايون اچي هندن والاريون. هڪ عبدالله هارون مرحوم پنهنجن پيرن تي بيٺل رهجي ويو. خود سيٺ عبدالله مرحوم مون کي 1939ع ۾ ميمڻن جي ان برباديءَ جو سبب ٻڌايو، چيائين ته پهرين عالمي لڙائيءَ جي موقعي تي ميمڻن گهڻي نفع اندوزي ڪئي هئي، جنهن جي خدا کين سزا ڏني. مرحوم جو عقيدو هوندو هو ته جنگين جي دوران ۾ خلق خدا مجبور ٿيو پوي ۽ ان جي مجبوريءَ جو فائدو وٺي واپاري حرام جي روڪڙ گڏ ڪن ٿا، آخر ۾ خدا جي طرف کان مٿن تنزل ۽ غربت جو عذاب نازل ٿئي ٿو. جڏهن 1939ع ۾ ٻي عالمي جنگ آئي ته سيٺ عبدالله هارون تڙ تڪڙ ۾ پنهنجو کنڊ جو ڪارخانو، جيڪو موتي پور صوبه بهار ۾ هوندو هو،  ڀڳڙن جي مٺ تي وڪڻي پنهنجا پـَـلـَـو آزاد ڪري ڇڏيا، سبب هي ٻڌايائين ته: ”هاڻي وري ٻي عالمي جنگ لڳي آهي، جنهن جي دوران ۾ کنڊ جي اڻاٺ  ٿيندي ۽ تنهن ڪري بليڪ مارڪيٽ جو رواج پوندو. حياتيءَ تي ڀروسو نه آهي، ممڪن آهي ته ان وچ ۾ آءٌ مري وڃان ۽ منهنجي اولاد لالـچ ۾ پئجي کنڊ جو بليڪ مارڪيٽ ڪري ۽ ان طرح سان خدا جي گرفت ۾ اچي برباد ٿي وڃي، تنهن ڪري نه کنڊ جو ڪارخانو وٽن هوندو، نه اهو ڪڌو ڪم ڪندا.“

صدر کان ڪيامياڙيءَ  تائين ٽرام هلندي هئي. سارو سفر ٽـَـڪي ۾ طئي ٿيندو هو. ٽرام بوري بزار کان هڪ طرف صدر ريلوي  اسٽيشن ڏانهن ويندي هئي ۽ ٻئي طرف بندر روڊ سان ڪياماڙيءَ تائين.خلق آرام  سان پئي هلندي چلندي هئي. نه ٽرامن ۾ گپاگيهه ۽ نه مسافرن جي لڙڪڻ جو مسئلو. ٽرام کان سواءِ گهوڙا گاڏيون به مروج هيون. موٽرون ۽ بسون بلڪل ڪو نه. رڪشائون نه ڪنهن ڏٺيون هيون نه ٻڌيون. مالدار سواريءَ  لاءِ خانگي وڪٽوريا گاڏيون رکندا هئا. پهرين موٽر ڪار هڪ ميمڻ سيٺ عبدالرحيم صالح محمد گهرائي، همبر Humber هئي. ٽاپ کليل. رستي تي نڪرندي هئي ته ماڻهو باادب پاسو ڪري بيهي رهندا هئا. انگريز گهڻو ڪري گهوڙن تي گهمندا هئا. شام جو هوا خوريءَ لاءِ ڪلفٽن تائين ويندا هئا. اهو رستو اڃان پڪو ڪو نه ٺهيو هو. سر هينري لارينس H.S. Lawrence ڪمشنر سنڌ کي مون گهڻو ڪري هر شام، ان رستي سان، منڊم سوڌو، گهوڙن تي ڪلفٽن ڏانهن ويندي ڏٺو. اڪيلا زال مڙس، نه چوڪيدار نه باڊي گارڊ. ملڪ اندر حد سلامتي امن ۽ امان هوندو هو. ڪنهن کي مجال هئي جو ڪنهن ڏانهن گناهه آلود نظرن سان ڏسي. ڪلفٽن تي سر جهانگير ڪوٺاري پنهنجي نالي سان سير گاه يا پيريڊ (Parade) گهڻو پوءِ ٺهرائي.

هوڏانهن بندر روڊ به برسيل هوندو هو. موليڏنه جو مسافرخانو، غلام حسين خالقڏنه هال، ڊينسو هال،ميريويدر ٽاور، سمال ڪاز ڪورٽ، ڪسٽم هائوس، پورٽ ٽرسٽ بلڊنگ، ان سير سفر جا سنگ ميل هوندا هئا.خالقڏنه هال ۾ مولانا محمد علي جوهر مرحوم ۽ سندس ساٿين تي مقدمو هليو، جنهن ڪري اها جاءِ ماڻهن لاءِ زيارتگاه بڻجي پئي.

ڊينسو هال وٽان سڄي کٻي رستا ڦـُـٽندا هئا. کٻي وارو رستو ”نئي چالي“ پاڙي مان (جاتي الوحيد اخبار جو دفتر هو) گذري ميڪلڊ روڊ  ۾ وڃي پوندو هو. سڄي ڏانهن ٻه رستا  هوندا هئا، هڪ ميريٽ روڊ، جنهن تي ٻڌي واپار جون ڪوٺيون ۽ دڪان هوندا هئا ۽ ٻيو رستو نيپئر روڊ هو، جنهن جي مهڙ ۾ ميمڻ واپارين جون ”وِکارون“ آفيسون هونديون هيون(1) ۽ اڳتي چڪلو. چڪلي  واري علائقي ۾ ڪسباڻيون ۽ ڳائڻيون ته رهنديون هيون، پر جن ماڻهن جو انهن پيشن سان تعلق ڪو نه هو ۽ وڏي درجي جا صاحب هوندا هئا، اهي به پنهنجا گهر ٺاهيو ويٺا هوندا هئا.  مثلاً: سنڌ جي ڪمشنر صاحب  جو مير منشي  به انهيءَ پاڙي ۾ رهندو هو. شريف، پاڪباز ۽ روزي نماز ڪندڙ شخص هو. شام جو گهر جي گيلريءَ ۾ ڪرسيون وجهيو ويٺو پنهنجن دوستن سان ڪچهري ڪندو هو ۽ ايندڙ ويندڙ کي ڏسندو هو. ان دؤر جا ماڻهو بااخلاق سڌا سادا شرفاءُ هئا. اهڙي پاڙي ۾ رهندي به سندن ڪيريڪٽر تي حرف ڪو نه ايندو هو. پيشه ور طوائفن کي پاڻ وٽ گهرائي يا وٽن وڃي راڳ ٻڌڻ ۾ ڪا قباحت ڪا نه سمجهي ويندي هئي. اشرافن ۽ پيشه ورن جي وچ ۾ حد فاصل واضح هوندي هئي. چڱي ۽ بڇڙي فن ۽ هنر کي پنهنجن پنهنجن حدن اندر رکيو ويندو هو. معاشري ۾ منافقت جو دؤر اڃان ڪو نه آيو هو. لڪي لڪي ليئڙن پائڻ جو رواج ته شايد انهن ڏينهن ۾ به هوندو، پر ڪلبن، جيمخانن، هوٽلن ۽ پارٽين ۾ بي پرده ”خواتين“ و ”حضرات“ وچان حجاب جا پردا گهڻو پوءِ هٽيا.

 

*                  *                  *

حڪومت جون واڳون سنڌ جي ڪمشنر جي هٿ ۾ هونديون هيون. سنڌ جو هاڻوڪو پرڳڻو بمبئي صوبي سان ڳنڍيل هوندو هو. بمبئيءَ جي گورنريءَ جي سنڌ کان فاصلي تي هجڻ سبب مقامي انتظام هلائڻ لاءِ سمورا اختيار ڪمشنر جي حوالي هوندا هئا. ڪمشنر به وڏا وڏا انگريز مقرر ٿيندا هئا. مڙس مٿير، منتظم، بااصول، بي داغ، ائين نه هوندو هو ته ڪمشنر ڪنڌ ورائي ۽ خلق خدا ان جي ڪيريڪٽر تي ٽيڪا ٽپڻي شروع ڪري ڏئي. ”فلاڻي معاملي ۾ نامراد هيتري رقم کائي ويٺو آهي، سمگلنگ وارن سان حصه بخره اٿس، هيترا بنگلا ٺهرايا اٿس، رشوتن ۽ لڳ لاڳاپي تي پيو نوڪريون ۽ ٺيڪا ورهائي پنهنجي ضمير، ايمان ۽ انصاف جي اصولن کي تياڳ ڪري پنهنجن بالادستن جي اشاري تي پيو ڪڌا ڪم ڪري ۽ ڪوڙيون رپورٽون موڪلي.“

ڪمشنر ايڏي پايه جا انسان هوندا هئا، جو انهن جي باري ۾ اهڙي چوپچو جو هلڻ ماڻهن جي خيال ۾ به ڪو نه هوندو هو. ڪمشنر کي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ گورو آءِ. سي. ايس آفيسر بطور اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽي ديسي ڊپٽي ڪليڪٽر گريڊ جا آفيسر مقرر هوندا هئا. منجهانئن هڪ نيٽو اسسٽنٽ ڪمشنر سڏبو هو. ان جو واهپو پبلڪ سان هوندو هو. ڪمشنر جي پاڇي ۾ رهڻ ڪري انهن جو به ڌاڪو هوندو هو. زميندار ته پيا سندن درن تي ڌڪا کائيندا هئا. خان بهادر نبي بخش محمد حسين مرحوم، جيڪو پوءِ ڪيئي عهدا ماڻي وڃي بهاولپور رياست جو وزيراعظم بڻيو ۽ اتان رٽائر ڪيائين، نالي وارو  نيٽو اسسٽنٽ ڪمشنر هو. خلافت هلچل جي زماني ۾ انگريز سان وفادايءَ جو ثبوت ڏنو هئائين ۽ جنهن ڪري انگريز ڪمشنر سندس ڪن جو وارث ٿي رهيا. سنڌ جي وڏيرن  متعلق ”ٻڌي ڇوڙي“ سندس سپرد هوندي هئي.ڪنهن تي ڪهل، ڪنهن تي ڏمر، ڪن کي خطاب وٺي ڏنائين، ڪن تي ڪمشنر جي درٻار جون ڪرسيون مرحمت ڪرايائين. فريئر هال جي ڀر ۾ سندس بنگلو هوندو هو. وڏيرن جي گپا گيهه لڳي پئي هوندي هئي، توڙي جو سندس رهڻي ڪرڻي ۽ طرز تعلق انگريزي نموني جي هوندي هئي ۽ ڪنهن کي هروڀرو پاڻ سان گـَـهرو پوڻ ڪو نه ڏيندو هو.

ڪراچيءَ جا ڪليڪٽر به سينئر آءِ. سي. ايس انگريز آفيسر ٿي ايندا هئا. ڇا شان هو، ڇا مان هو! سڀ کان پري رهندا هئا. جنهن کي چڱو  سمجهندا هئا، ان جي عزت ڪندا هئا، پر اهڙي طريقي سان، جو هو سندن ويجهڙائيءَ جو ناجائز فائدو وٺي نه سگهي. سياري جي موسم ۾ شهر مان نڪري ضلعي جو گشت ڪندا هئا. سامان اُٺن تي، صاحب پاڻ گهوڙي تي، پنهنجو خرچ، پنهنجي ماني، نه گـِـش گـِـش، نه لـِـڇ لـِـڇ. سندن سرشتيدار ۽ ٻـُـٽڙيل ۽ پٽيوالا البته حد جي مختيارڪارن ۽ تپيدارن کان رسائي ( مهماني) وٺندا هئا، پر ان مهمانيءَ جو مقدار هروڀرو ”هنياءَ ڦاڙ“ ڪو نه هوندو هو. کير چڪو، گيهه دُڪو، اَٽي ۽ چانورن جو سير ٻه ۽ هڪ اڌ ڪڪڙ يا ڇيلو. ڪڪڙ جي قيمت اَٺ آنا، ڇيلي جو مـُـلهه روپيو سوا. جيڪڏهن ڪليڪٽر صاحب جي باورچيخاني لاءِ ڪا شئي وٺبي هئي ته صاحب اُن جو بل پنهنجي جيب مان ادا ڪندو هو. ڊنرن ۽ لنچن، ورائٽي شو يا مينا بازارين جي وبا جو نشان پتو ڪو نه هوندو هو.

 

*                  *                  *

سياسي خيال کان ڪراچي ۾ سنڌ جي بزرگن جا ميڙ هوندا هئا. هڪ ئي وقت وڏا وڏا ماڻهو اُت پيدا ٿيندا رهيا. سنڌ جي سياسي ٻڌي ڇوڙ اُت ٿيندي هئي. ڪنهن جا نالا وٺي ڪنهن جا وٺجن؟ مسلمان، هندو، پارسي، ليڊر سڀ باوقار، اعليٰ اخلاق جا صاحب ۽ اعليٰ اصول رکندڙ.سيٺ هرچند راءِ وشنداس، جمشيد مهتا، سرحاجي عبدالله هارون، غلام علي چاڳلا، سيٺ غلام حسين قاسم، واجه فقير محمد درا خان، مير ايوب خان، طيب علي علوي، حاتم علوي، خان بهادر ماما، خان بهادر ولي محمد حسن علي، بابا مير محمد بلوچ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا عبدالڪريم درس ۽ سندس فرزند ۽ جانشين مولانا ظهور الحسن درس، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جهانگير پنٿڪي، سر جهانگير ڪوٺاري، سر ڪائوسجي جهانگير، سر مانٽيگو ويب، اي. ايل. پرائس، خان صاحب بابو فضل الاهي، محمد هاشم گذدر، بي. ٽي. ٺڪر، روپچند بيلارام، موتيرام عيدن مل، قاضي خدا بخش، قاضي عبدالرحمان ۽ ٻيا.

1924ع ڌاري سنڌ جي ٻاهراڙيءَ مان به ڪي سربرآورده بزرگ ڪراچيءَ ۾ بنگلا ٺهرائي، اڪثر وقت اتي رهڻ لڳا، مثلاً: سر شاهنواز خان ڀٽو، خان بهادر محمد ايوب کهڙو ۽ جناب جي. ايم. سيد. انهن جي ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڪري سنڌ جي مرڪزي شهر ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻاهراڙيءَ  جي سوچ ويچار ۾ گهڻي موافقت نظر اچڻ لڳي. شيخ عبدالمجيد، حاجي عبدالله هارون، جمشيد مهتا، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، غلام علي چاڳلا، مير ايوب خان، بابا مير محمد بلوچ،  غلام حسين قاسم، هرچند راءِ وشنداس، ولي محمد حسن علي، بابو فضل الاهي، مولانا محمد صادق، شـِورَتن مـَـهـُـوٽا، محمد هاشم گذدر ۽ راءِ بهادر شيوا رام ڏيون مل اڳ ۾ ئي ڪراچيءَ ۾ رهندا هئا.

جيستائين ان پايي جي بزرگن جي هٿ ۾ سنڌ جي سياست رهي، سنڌ جو شان ۽ مان ڪجهه ٻيو هو. خود انهن ماڻهن جو ذاتي ڪلچر  ۽ سندن بزرگيءَ جو انداز پدرانه ۽ مشفقانه هو. صوبي جي سڄي ماحول تي اثر انداز رهيا.ڪير جو اخلاق کان ڪريل ڳالهه ڪڍي يا سياست ۾ بداخلاقيءَ جو مظاهرو ڪري! غرض، اهي سنڌ جي جملي معاشري جا ٿنڀا هئا. آءٌ اهو فرق بخوبي محسوس  ڪري رهيو آهيان، انهن جي اکين ٻوٽڻ کان پوءِ سنڌ يتيم ٿي پئي، نه ڪنهن کي ڪو روڪڻ وارو رهيو، نه همت ڪري حق چوڻ وارو، انڌي جي جوءِ، الله جي امان!

مون انهن بزرگن جون ڪچهريون ۽ انهن جي ڪم ڪرڻ جا طريقا ڏٺا. هڪ ته الله تعاليٰ انهن کي صورتون اعليٰ ڏنيون هيون، ٻيو ته سندن لباس، اٿڻي ويهڻي بزرگانه  هوندي هئي، ٽيون ته هو سڀ سير نفس يعني ذاتي لوڀ لالـچ کان بالا هوندا هئا. پاڻ ۾ ملندا رهندا هئا، پنهنجي صوبي جي ڀلائيءَ لاءِ رٿون رٿيندا هئا جيڪو قدم کڻندا هئا، سوسوچي سمجهي، پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري. نه هڪ ٻئي جي خلاف سازشون ڪندا، نه ڪنهن سياسي عهدي يا فائدي تي انڌا اونڌا ٿي ڪرندا.

ڪراچيءَ کي انهن ماڻهن ٺاهيو. سنڌ کي انهن ماڻهن سنواريو. اڄ تائين به لکين ماڻهو سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح سندن عمل صالح جو فائدو پيا وٺن. توڙي جو في الحال ته انهن جي نالي وٺڻ وارو به ڪو نه رهيو آهي، پر ممڪن آهي ته ڪو وقت اچي جڏهن ماڻهو اُنڌ ڌُنڌ مان نڪري، انهن جون قبرون ڳولي لهن، مٿن گلن جون چادرون چاڙهين ۽ انهن جي نيڪو ڪاري، حب الوطني، انسان دوستي، شرافت ۽ سنجيدگيءَ جا قصا ڪهاڻيون ٻڌي هنجون هارين. پنهنجي پر مون کي يقين آهي ته ائين ئي ٿي رهندو.

 

*            *                  *

ڪراچي ٻن ٽن ٻين ڳالهين ۾ به مرڪزي حيثيت ٿي رکي، يعني سنڌ جي اخباري دنيا ۾ ۽ تعليمي معاملن ۾.

اخبارون ٿوريون هونديون هيون، پر اخبار نويس لالچي، واپاري مزاج ۽ ڪـُـڌا  نه هوندا هئا. اخبارون ڪن اصولن تي ڪاربند رهنديون هيون. مثلاً: انگريزي اخبارن مان نيو ٽائمز“، جيڪا  ساڌو واسواڻيءَ جي زير سايه نڪرندي هئي، هندستان جي آزاديءَ ۽ انگريز جي مخالفت لاءِ وقف هئي. 1924ع ڌاري سياسي هلچل ۾ وقتي ماٺي آئي ته اِها  اخبار بند ٿي وئي.انگريز حڪومت جي نقطه نگاهه پيش ڪرڻ لاء ”ڊيلي گزيٽ“ هئي، جنهن جو ناميارو ايڊيٽر سر مانٽيگو  ويب هو. هندن جي مفاد کي اڳڀري ڪرڻ لاء ”سنڌ آبزرور“ ميدان  ۾ آيل هئي.  سندس ايڊيٽر، پوئين زماني ۾، هڪ ڪٽر مدراسي هندو ڪي. پـُـنيا هوندو هو. اِن اخبار جو اصول هو ته انگريز کي ڪڍي، ملڪ تي هندو راڄ مڙهجي.

شروع ۾ مسلمانن وٽ پنهنجو ڪو اخباري ٽپڙ ٽاڙي ڪو نه هوندو هو. سڀ کان پهرين روزانه اخبار الوحيد، خلافت تحريڪ جي زماني ۾، حاجي عبدالله هارون مرحوم جي همت افزائيءَ ۽ شيخ حاجي عبدالمجيد سنڌي ۽ سندس چند سرفروش ساٿين جي محنت سان نڪتي ۽ ساري انقلابي دؤر اندر مسلمانن جي وڪالت ڪندي رهي. 1919ع کان 1954ع تائين. شيخ صاحب جي به جواني هئي ۽ سنڌ جي مسلمانن جي اميدن جو آغاز. الوحيد جي ڪهاڻيءَ تي هوند ڪتاب لکڻ جڳائي. حڪومت مخالف، آمدنيءَ جو ذريعو صرف غريبن وٽان ملندڙ چندو، ڪڏهن ڪڏهن قيد و بند جون مصيبتون، ڊپازٽيون، ضبطيون، قرض جون قـُـرقيوُن روز مره جو معاملو، ڪڏهن پنو ڪو نه ته ڪڏهن ٽپال جي ٽڪلين وٺڻ لاءِ پيسو غائب، اهڙو وقت به آيو، جڏهن سرڪار طرفان الوحيد جي ايڊيٽرن کي جيل موڪلڻ جو سلسلوشروع ٿيو. هڪٻئي پٺيان ڪيئي ايڊيٽر گرفتار ٿي جيل جي  حوالي ٿيندا رهيا. آخر سرڪار پاڻ ٿڪجي پئي، پر الوحيد جا ايڊيٽر ڪو نه کـُـٽا.  ان دؤر ۾ گهڻائي مانجهي مڙس ٽپندا ڪڏندا ميدان ۾ ايندا رهيا. مثلاً: مولانا دين محمد وفائي، ميان دين محمد عليگ، مسٽر عبدالسلام، جناب الله بخش ٽالپر، رئيس حاجي علي محمدمري، مولانا عبدالڪريم چشتي،قاضي عبدالرحمان ۽ ڪيترا ٻيا. منهنجا سڀ کي سلام، سڀ تي ڌڻي پاڪ جون بي پايان رحمتون. اصولن ۽ خلق الله جي ڀلي خاطر پاڻ جلائيندا رهيا، پر سچ ۽ حق جي ڏِيي کي اُجهامڻ نه ڏنائون. اصول پرستي، سرفروشي ۽ راست گوئي جو وڏو ورثو ڇڏي ويا، جنهن جي برباد ڪرڻ ۾ به پوين کي ويهن کان مٿي سال لڳي ويا آهن.

1934ع ڌاري سنڌ جي هندن ۾ تنگدلي پيدا ٿي. آزاديءَ جي بهاني  سان سنڌ جي مسلمانن سان اُبتا پير کڻڻ لڳا. ان ڪم لاءِ هنن ڪيتريون روزانه اخبارون سنڌي زبان ۾ به ڪڍيون. هندو، ماتر ڀومي، سنسار سماچار، وغيره. سندن ڪوشش هئي ته سنڌ جي اخباري زبان ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ ڪثرت سان ٽنبي پهريائين سنڌ جي روايتي ٻوليءَ تي ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي ڪلچر تي حاوي پون. اڪيلي الوحيد سندن مقابلو ڪندي رهي.

 

*            *                  *

تعليم جي سلسلي ۾ سنڌي مسلمانن جو ادارو صرف سنڌ مدرسة الاسلام هو، جتان وقت جا وڏا وڏا اڪابر پڙهي نڪتا.قائداعظم رحه به شروع ۾ ان مدرسي ۾ تعليم پرائي. مرحوم خان بهادر حسن علي آفندي اهو مدرسو قائم ڪري سنڌ جي مسلمانن تي وڏو احسان ڪيو. جيڪڏهن اهو مدرسو نه هجي ها ته سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليم ڪا نه اچي ها، تعليم ڪا نه اچي ها ته منجهن سياسي شعور ڪو نه پيدا ٿئي ها،  سياسي شعور پيدا ڪو نه ٿئي ها ته سنڌ کي بمبئيءَ کان جداڪرائڻ واري تحريڪ ڪا نه هلي، ها ۽ سنڌ بمبئيءَ کان جدا نه ٿئي ها ته پاڪستان به ڪونه ٺهي ها. ڳالهه منجهان ڳالهه هلي.

مقابلتاً، هندن جا تعليمي ادارا البته گهڻا ۽ مضبوط بنيادن تي بيٺل هئا. ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج، ڊي. جي. ڪاليج، اين. جي. وي. هاءِ اسڪول ۽ لا ڪاليج.  سنڌ اندر هندو قوم کي ٺاهڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ انهن ادارن جو ڪافي حصو رهيو. سندن پرنسپال به پنهنجي دؤر جا وڏي ۾ وڏا معلم ۽ استاد هئا. پرنسپال بٽاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي(جنهن ”شاهه جو رسالو“وڏيءَ محنت سان ٽن جلدن ۾ شايع ڪرائي سنڌ تي وڏو ٿورو ڪيو)، پرنسپال شاهاڻي ۽ ٻيا ڪيترا  پروفيسر، جن جي زندگي تعليمي ماحول ۾ گذري ۽ ان کان ٻاهر ڪو نه نڪتا.

سنڌ مدرسي جا پرنسپال به پهريائين ته غير مسلم مقرر ٿيندا رهيا، آخر ۾ شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائودپوٽو مرحوم آيو. سندس احوال علحده مضمون جو محتاج آهي.

*            *                  *

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي سياست کي آزاديءَ طرف موڙڻ ۾ هندو عنصر جو به وڏو هٿ هو. تعليم ۾ مسلمانن کان اڳڀرو هئا. سندن مڊل ڪلاس (وچولو طبقو) طاقتور هو. ٻاهرينءَ دنيا جي کين وڌيڪ پروڙ هئي. ڪانگريس هلچل کان متاثر ٿي چڪا هئا. انگريز سرڪار جو رعب مٿان ڪونه رهيو هو. ٿوريءَ گهڻيءَ  ڳالهه تي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. ستياگره، سول نافرماني، عدم تعاون، ”لاٺي چارج“، ”ٽيئر گئس“، گولين، جيلن وغيره جون منزلون طئي ڪري اڳي هليا هئا. البته مسلمانن سان ڪا نه پوندي هون. سندن منصوبا اِهي هئا ته آخر ۾ ملڪ تي پنهنجو راڄ قائم ڪن، پر ساڳئي وقت هيءُ به مڃڻو پوي ٿو ته سندن نڪري وڃڻ کان پوءِ ڪنهن حد تائين سنڌ جي صوبائي  سياست مان خود داري، آزاد خيالي ۽ قربانيءَ جا جزا گم ٿي ويا. ويتر جو سنڌ  جدا ٿيڻ بعد (1937ع ۾) سياست کي ٻاهراڙيءَ  جا ڪي ناخوانده ۽ ڪامورن جا ”لڪڻ سٽيا“ وڏيرا، پنهنجي تعدادي گهڻائيءَ  جي بنياد تي، اسيمبليءَ ۾ داخل ٿي، وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ويا ۽ سنڌ جي جدائيءَ جو حقيقي مقصد نظر انداز ڪري، خود ساڳن هندن جي هٿن ۾ کيڏڻ لڳا، تنهن صورتحال مجموعي صوبائي  سياست کي ڪـُـتن جي قئي بڻائي ڇڏيو. منجهس ڪا جان ڪا نه رهي. صرف جوڙ توڙ، ڪوڙ بدوڙ، ضمير فروشي، بي اصولائي ۽ ”هر اڀرندي سج جي پوڄا“ جون عادتون ۽ قباحتون منجهس ڪاهي پيون.

پر اِن جي اها معنيٰ نه سمجهڻ گهرجي ته ان عام ماحول اندر خود ڪراچيءَ ۾ به مڙسن جو هروڀرو ڪال رهيو. ات وقت بوقت چند مسلمان قومي ڪم ڪندڙ اهڙا ضرور اڀرندا رهيا، جيڪي سياسي شعور، آزاد خيالي، عزت نفس، سختين سهڻن جي اهليت ۽ اصولن تي ساهه ڏيڻ وارين خاصيتن ۾ ڪنهن به طرح هندو سياسي ورڪرن کان پير پوئتي ڪو نه هئا. مثلاً: شيخ عبدالمجيد، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا عبدالڪريم درس، مولوي محمد صديق، ماستر محمد خان (اصل پنجاب جو هو، پر لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيو هو)، بابا مير محمد بلوچ، محمد هاشم گذدر، مولوي عبدالحي حقاني، ظهور الحسن درس، حافظ شريف حسين، قاضي خدا بخش ۽ الوحيد ۾ ڪم ڪندڙ سارو گروپ، سنڌ جي مسلمانن جي سياست جو Progressive  ۽ انقلابي پهلو نمايان رکيو آيا. منجهانئن اڪثر غريب هئا، پر غربت ۾ انسانيت جو شرف برقرار رکڻ ڪو انهن کان سکي ها. انگريزن خواه هندن، ٻنهي سان چوٽون کائيندا رهيا. ڪيڏي به مصيبت مٿن آئي، نه ڪنجهيا، نه ڪڻڪيا، فائدو ٻيا وٺندا رهيا، سختيون هي سهندا رهيا. مولانا عبدالڪريم درس جو مثال وٺو. خلافت تحريڪ جي ابتدائي دؤر جو ماڻهو هو. جن کيس ٻڌو، تن جو متفقه فيصلو هو ته شعله بيان مقرر هو. سندس تقريرون انگريزن جي دلين کي ڏارينديون رهنديون هيون.  پهرين عالمي جنگ پوري ٿي (جنهن جي دوران ۾ مسلمانن انگريزن جي مدد ڪئي هئي) ۽ انگريزن جنگ مان جان ڇڏائي، ترڪيءَ تي  تير سڌا ڪيا ۽ خلافت کي ختم ڪرڻ جون سٽون سٽيائون، ته مولانا درس جهوني مارڪيٽ وٽ هڪ وڏي عام جلسي ۾ تقرير ڪندي هيءُ شعر پڙهيو هو،

جيڪو منهنجيءَ دل تي اڄ تائين اڪريل آهي!

سگت را خون دل دادم که بامن آشنا گرد د،

زبخت خود ندا نستم که او ديوانه خواهد شد.

(يعني: تنهنجي در جي ڪتي کي پنهنجيءَ دل جو رت پياريم، ان اميد سان ته منهنجو دوست ٿيندو، پر پنهنجي بدبختي ڪري اهو نه ڄاتم ته اِهو ڪتو منهنجو رت پي پاڻ ڇتو ٿي پوندو.)

ٻئي موقعي تي هندن سان مخاطب ٿي هي بيت پڙهيائين:

روئي وفا نه ديد ز يارانِ هم وطن،

شايد که درس رُوبه ديارِ  دگر کند.

(معنيٰ: وطني ڀائرن ۾ وفا نظر ڪا نه آيس، تنهن ڪري درس شايد ڪنهن ٻيءَ ولايت ڏانهن لڏي وڃي.)

سندس پنهنجو ٺاهيل هڪ شعر سالها سال فارسي پڙهيل سنڌين ۾ مقبول رهيو ۽ منجهن خود اعتماديءَ جو جذبو پيدا ڪندو رهيو:

فرض کردم که خراسان و بخارا نه شوي،

کم نه باشي مگر از هند، ز پنجاب، اي سند.

]مڃيم ته اي سنڌ، تون خراسان يا بخارا نه آهين، پر هند ۽ پنجاب کان ته گهٽ ڪو نه آهين.[

مولانا مرحوم جو هڪڙو ٻيو شعر به فارسي دانن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو:

ني عارف آگاهم ني زاهد درگاهم،
گر راست همـي پرسـي درسم به کتاب اندر.

 

]آءُ نه عارف بالله آهيان، نه زاهد درگاهه آهيان. سچ پڇين ٿو ته آءٌ صرف ڪتاب زندگيءَ جو ڄاڻو  آهيان.[

مولوي صاحب کي اهڙيءَ صاف گوئي ڪري ڪيترا ڀيرا جيل ۾ به وڌائون، مگر مرندي گهڙيءَ تائين پنهنجن اصولن تان ڪو نه هٽيو. ساڳيءَ طرح سندس فرزند مولانا ظهور الحسن مرحوم 1938ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ مان مسلم ليگ جي تحريڪ شروع ٿي (ان وقت الله بخش مرحوم جي حڪومت هئي ۽ هندن جو سخت زور هو)  تڏهن ليگ جو جهنڊو کڻي بيهي رهيو. پاڙي پاڙي، محلي محلي ۾ وڃي ميٽنگون ڪندو ۽ مسلمان عوام کي ليگ جي حق ۾ جاڳائيندو رهيو. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن مولانا ظهور الحسن نه هجي ها ته مسلم ليگ ڪراچيءَ جي عوام ۾ ايترو جلد مقبول ڪو نه ٿئي ها.

ساڳيءَ طرح مولانا عبدالحي حقاني به مسلم ليگ تحريڪ جي دوران ۾ جوانمرديءَ جا جوهر ڏيکاريا. مسلم ليگ جو جلسو ٿيندو هو ته کانئس نظم پڙهائي ويندي، جيڪا هو خوش الحانيءَ سان ۽ انتهائي موثر انداز ۾ سـُـر سان ڳائي ٻڌائيندو هو. نظم هئي:

مسلم هي تو مسلم ليگ مين آ
باطل په اڙي هين کانگريسي
کرتي نهين حق کي داد رسي
کچهه اور هي ان کي دل مين بسي

 

             .......... وغيره وغيره

مسلمانن ۾ جذبي جاڳائڻ لاءِ ان نظم وڏو ڪم ڪيو. نظم شروع  ٿيڻ شرط اهڙو سمان ٻڌجي ويندو هو، جو مسلم ليگ تحريڪ جي خوبين تي وڌيڪ تقرير ڪرڻ جي ضرورت گهٽ رهندي هئي. غريب ايترو ئي ڪري سگهيو ٿي، جيڪو ڪندو رهيو.

الوحيد وارن جي ذوق اسيري جو ذڪر هينئر ٿي چڪو آهي. انهن سان گڏوگڏ مولانا محمد صادق کڏي وارو، ۽ مولانا محمد صديق، حڪومت وقت جي ڇوڏن لاهڻ ۾ حد تندهي سان مصروف رهيا. بابا مير محمد بلوچ ته بنهه بلوچ هو. سرفروش، بي خوف، انگريز جو جاني دشمن، هندن کان ٽٽل، رات ڏينهن حڪومت جي خلاف مـَـچٽ مچايون ويٺو هوندو هو. بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. انگريزي ڪو نه ڄاڻندو هو، پر هـِـن هـُـن کان انگريزيءَ ۾ سوال لکرائي ڪائونسل ۾ موڪليندو هو ۽ ان ريت حڪومت جي خوب اوگهڙ ڪندو ٿي رهيو. جنهن سوال پڇندي ٻيا ميمبر پيا ڏڪندا ۽ ڪنبندا (ته مبادا حڪومت بنهه ناراض ٿي پوي) اهو سوال بابا مير محمد. ڏونڪي جي چوٽ، پڇي  ڇڏيندو. حڪومت گهڻا ئي واجهه وڌا ته ڪنهن طرح بابا جي شوخيءَ  کي نرم ڪري، پر هو پنهنجي اصول تي اڙيو رهيو.

بابا مير محمد جي انتقال  کان پوءِ مسٽر محمد هاشم گذدر سندس جاءِ تي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ۽ مرحوم جون روايتون برقرار رکيو آيو. سندس قومي خدمتن ۽ بهادريءَ  جو ذڪر، تفصيل سان، هن کان پوءِ ايندو، پر هت اهو ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، ايوبي دؤر استبداد ۾، کيس ڏاڍيون اذيتون ڏنيون ويون.  جيستائين مٿس پراون جا حملا ٿيندا ٿي رهيا، اوستائين نه هن جي همٿ ۾ ڪمي آئي، نه سندس دل ٽٽي، بلڪه گهوٽ بڻيو وتيو، پر جڏهن پنهنجن  جو حملو ٿيس ته دل ٽٽي پيس! مجنون ۽ ليليٰ جي گل جو مثال هو.

ميان نسيم تلوي هڪ غريب ٻروچ هو. لياري جي مسڪيني ماحول ۾ رهندو هو. پر حڪومت کي ”ڪن گوشي“ ڪرائڻي هوندي هئي ته نسيم کي چوري ڇڏبو هو. هفتيوار  پرچو ”بلوچستان جديد“ ڪڍندو هو. زبان جو اهڙو ئي  تکو هو، جهڙو قلم جو. شال نه ڪنهن ڪاموري يا ليڊر يا اخبار نويس جي ڪڍ پوي.  مرڻ جيئڻ جي ڪا نه ڪندو هو.  پنهجيءَ تي آيو، ته نه کيس ڪو ڊيڄاري سگهندو، نه خريد ڪري. مسڪين هو، پر سندس مسڪينيءَ  اڳيان بيشمار دولت مندن جون اکيون هيٺ.غربت ۽ غيرت گڏجي پون ته چوڏهين رات جي چانڊاڻ!

هي چند مثال مون هن خيال سان پيش ڪيا آهن ته پڙهندڙن کي اندازو ٿئي ته پراڻي ڪراچيءَ جي غريب سنڌين ۾ به جان هئي. هروڀرو مڙهه ڪو نه هئا.

 

*            *                  *

ڪراچيءَ نه صرف قائداعظم محمد علي جناح يا سر آغا خان جهڙن مدبرن ۽ چوٽيءَ جي تاريخ ساز سياستدانن کي جنم ڏنو، پر سندس ڌرتيءَ تي ڪيترن انقلابي واقعن جي به ابتدا ٿي. مثلاً:

* مسلم ليگ (آل انڊيا) جماعت جو باقاعده پهريون اجلاس 1909ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيو(توڙي جو ان جو خاڪو 1906ع ۾ ڍاڪا ۾ تيار ٿيڻ لڳو هو.)

* آل انڊيا ڪانگريس جي اها سيشن، جنهن ۾ مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ ويڇو پيو ۽ مولانا ظفر علي خان نماز مغرب لاءِ اجلاس مهمل نه ٿيڻ تي ”واڪ آئوٽ“ ڪري ويو، ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي. ان کان پوءِ وري هندو ۽ مسلمان دليءَ طرح پاڻ ۾ گڏجي نه سگهيا.

* مولانا محمد علي، شوڪت علي ۽ سندن ساٿين تي تاريخي مقدمو ڪراچيءَ  جي خالقڏنه هال ۾ هليو. مقدمي جو بنياد اهو هو ته هنن ڪجهه وقت اڳ ڪراچيءَ ۾ تقريرون ڪيون هيون، جن ۾ مذهبي نقطئه نظر کان انگريز جي فوج ۾ مسلمانن جو داخل ٿيڻ حرام قرار ڏنو هئائون.

* سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرائڻ جي تحريڪ جو بنياد به ڪراچيءَ ۾ پيو، جت جناب جي. ايم. سيد جي جاءِ تي پهريون ڀيرو ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ قائداعظم رحمت الله عليـہ کي به جي. ايم. سيد جي جاءِ تي ئي سنڌ جي جدائيءَ جي باري ۾ ضروري حقيقتون ٻڌايون ويون. قائداعظم ان زماني ۾ پير صاحب پاڳاره جي اپيل جي ڪم سان ڪراچيءَ آيل هو ۽ اتان ستت گول ميز ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ لنڊن وڃڻو هوس.

* آڪٽوبر 1938ع ۾ صوبائي مسلم ليگ جي ڪراچيءَ ۾ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ جو بنياد رکيو ويو. هڪ قرارداد(1)  جي ذريعي، جنهن جو مطلب هيءُ هو ته تجربي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته هندستان جا هندو ۽ مسلمان گڏيل ملڪ ۾ هڪ ئي نظام هيٺ رهي نه سگهندا.(هندن جي افعالن ۽ عام تنگ دليءَ ڪري) تنهن ڪري مسلم ليگ اهڙو ڪو آئيني خاڪو مرتب ڪري، جنهن هيٺ مسلمانن جي آزاديءَ وارو مقصد حاصل ٿي سگهي. ان قرارداد پاس ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان تحريڪ جي ابتدا ٿي وئي ۽ 1940ع ۾ لاهور جي آل انڊيا مسلم ليگ سيشن ۾ مشهور زمانه ”قرارداد پاڪستان “منظور ٿي.

* سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي (جنهن جو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو.) هندستان جي پهرين صوبائي اسيمبلي هئي، جنهن هڪ واضح ٺهراءَ جي ذريعي ”پاڪستان“ جي گهر ڪئي.

* سنڌ اسيمبلي ئي سڀ کان پهريائين پاڪستان سان الحاق جو اعلان ڪيو. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاو ٿئي ٿو. پهرين ڦـُـڙي ڪراچيءَ ۾ پئي، جنهن اڳتي هلي تلاو ڀريا.

*            *        *

ڪراچيءَ (پراڻيءَ) جون ڪي سوکڙيون وسرڻ جون نه آهن:

* چندو حلوائيءَ جو ”ڌنڌا گيري“ حلوو.

* سيفي هوٽل (الفنسٽن اسٽريٽ) جي ”مڪس پليٽ“.

* بومن پارسيءَ جي هوٽل ( بوري بازار جي سامهون) جي چانهه.

* جي بلس ( الفنسٽن اسٽريٽ)  جو سينٽ.

* اسپيچليءَ جي دواخاني جي مڪسچر ( سنـَـڌن جي سور لاءِ)

* سڪوئرا فوٽو گرافر جا فوٽا.

* حسن عليءَ جي ڪارخاني جي سوڍا لمليٽ.

* اسلامي هوٽل جي برياني.

* محمد صديق جي دڪان جا بوٽ.

* بابا مير محمد بلوچ جي دڪان جون ترڪي ٽوپيون.

* پي(م) الاني جي دڪان جون گهڙيون ۽ گهڙيال (ويسٽ اينڊ واچ ڪمپني جا).

* بولٽن مارڪيٽ جي سامهون هندو نانوائيءَ جي دڪان جو پڪل ”پلو ۽ مڇي“.

* حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جون زڪام جون ڦڪيون گوريون.

* حڪيم علي محمد قادريءَ جي ياقوتي.

* جهونا مارڪيٽ جي چونڪ ۾، عزيز جي هوٽل جا نان پاوا.

* حاجي ڏوسل، سليمان عمر ۽ حسين ڀائي جون بندوقون ۽ ڪارتوس

* ڪيفي گرانڊ جا ڪيڪ پيسٽريون.

*            *        *

ڪراچيءَ  جي پکيڙ انهن ڏينهن ۾ ايتري ڪا نه هوندي هئي. جيل جي چوڌاري جهنگ ۾ مون تترن جو شڪار ڪيو آهي. ٽريڊنگ اسٽيٽ واري علائقي ۾ چراخن سان ملاقات ٿيندي هئي، جيڪي شام ويلي شهر جي سير لاءِ ( پير منگهي واري طرف کان)  ايندا هئا. لياريءَ جي حصن ۾ بيٺل پاڻيءَ جا تلاوَ هوندا هئا، جت بدڪن جو شڪار ٿيندو هو. پي. اي. سي . ايڇ جا جهنگ باقاعده شڪار گاهه هوندا هئا.

 

*            *        *

قصو ڪوتاهه، جنرل سر چارلس نيپئر (جنهن انگريزن پاران سنڌ تي قبضو ڪيو) جو قول ته ڪراچي ڪنهن ”Queen of the East“ (مشرق جي ملڪه) ٿي ملهبي، بلڪل صحيح ثابت  ٿيو. 1947ع تائين جنهن ڪراچي ڏٺي، تنهن راءِ ڏني ته ساري برصغير اندر، صفائي ۽ سهڻائيءَ ۾ ڪراچيءَ جو مقابلو ٻيو ڪو شهر ڪري ڪو نه ٿي سگهيو. اڃان به مشرق جي ملڪه چئوس يا نه، ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هنن ٻٽيهن سالن ۾ بلاشڪ ٻين شهرن ۾ به وڏي ترقي ٿي آهي،  پر ڪراچي سنڌ جي ”مارئي“ آهي ۽ ٿي رهندي!

انتظامي خيال کان گذريل ٻائيتاليهن سالن ۾، ڪراچيءَ کي ڪيترن ئي لڪن ( ڦيرين گهيرين)  مان لنگهڻو پي پيو آهي. 1936ع ۾ سنڌ سان گڏ بمبئيءَ کان جدا ٿي، 1947ع ۾ پاڪستان جي دارالحڪومت بڻي، 1948ع ۾ سنڌ کان ڇڄي مرڪزي حڪومت جي حوالي ٿي، 1954ع ۾ ون يونٽ ٺهيو  ۽ باقي سنڌ سان گڏ نئين گڏيل صوبي ”مغربي پاڪستان“ ۾  مدغم ٿي. 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽو ۽ ڪراچي موٽي سنڌ جو حصو بڻي.


 

(1) ايڊورڊ ستين جي سڪي کي ٺوڙهو سڏيندا هئا، ڇو ته بادشاهه جي جيڪا تصوير روپئي تي هوندي هئي، تنهن ۾ بادشاهه جو گنجو مٿو اگهاڙو ڏيکاريل هوندو هو.

(1) رالي برادرس اَن ۽ ڪپاهه جا وڏا واپاري هوندا هئا.

(1) فرسٽ ڪلاس ۾ ويهڻ جو سوال ڪو نه هوندو هو، ڇو ته انهن ۾ انگريز آفيسر سفر ڪندا هئا ۽ انهن سان گڏ سفر ڪندي بي ادبي جو پهلو پيدا ٿيندو هو. ان کان سواءِ سيڪنڊ ڪلاس گاڏا به فرسٽ ڪلاس جهڙائي آرام ده ۽ سينگاريل هوندا هئا.

(1) بعد ۾ حاجي سر عبدالله هارون مرحوم جو مهمان ٿيندو هو.

(1) آزاديءَ کان پوءِ اهي مجسما اسان جي بت شڪنيءَ جو نذر ٿي ويا يا ڪٿي لڪايا اٿن!

(2) نئون نالو زينب النساءِ اسٽريٽ رکيو اٿائونس.

(1) مبادا بلز، جيڪو انگريز هو، ڪمشنر صاحب سنڌ سان وڃي شڪايت ڪري.

(1)سرحاجي عبدالله هارون جي آفيس ۽ بعد ۾ صوبائي مسلم ليگ جو دفتر به انهيءَ ئي رستي تي هو.

(1) شيخ عبدالمجيد جي ذڪر ۾ ان قرارداد جو مضمون ڏئي رهيو آهيان.

(1) شيخ صاحب 24_ مئي 1978ع تي وفات ڪئي، هي مضمون ان کان ڪجهه وقت اڳ لکيو ويو هو. (ناشر)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org