سنڌ جون مارئيون
سنڌ ۾ ڏاڍو پردو هوندو هو. عورتن کي ”شاديءَ
براديءَ“ تي برادريءَ ۾ وڃڻو پوندو هو ته برقعو
اوڙهي، پلويڙي واريءَ گاڏيءَ ۾ ۽ سو به رات ويلي.
رستي ويندي. ماڻهو اهڙيون گاڏيون ڏسي، رستو ڇڏي،
گاڏين ڏانهن پٺي ڪري بيهندا هئا. وڏن گهراڻن جي
مستورات کي فاصلي سببان، ريل رستي وٺي ويندا هئا
ته به اهڙيءَ طرح جو سڄو گاڏو بڪ ڪرايو ويندو هو ۽
درين دروازن کي بند رکڻ کان سواءِ خود گاڏي کي به
چادرن جي پلويڙي سان ڍڪيو ويندو هو، جيئن ان تي
غيرن جي نظر نه پوي. عورت جي آبرو جو معيار ۽
معراج اهو هوندو هو، ته جنهن گهر ۾ شاديءَ رات
آئي، اتان مري کٽولو کـَـڄـُـيس. ڪو زمانو ته اهڙو
به هو جو مرنديون مري وينديون هيون، پر حڪيمن ۽
ڊاڪٽرن کي نبض تائين نه ڏيکارينديون هيون، منهن
پوڻ يا بدن چڪاسائڻ ته درڪنار. چوندا هئا ته يعقوب
ڪونريجي جهڙا حڪيم، مريضه جي ٻانهن ۾ ڌاڳو ٻڌرائي،
پري کان ڌاڳي تي آڱر رکي، ان مان نبض جو اندازو
لائيندا هئا.
ان ۾ عورتن تي سندن مرضيءَ خلاف زور زبردستيءَ جو
سوال ڪو نه هوندو هو. سنڌ جي مشهور چوڻي آهي ته:
”ٻه ٽنگي ٻه ٻاهين کي الله جهلي ته جهلي، بندو
ڪيئن پـَـلي؟“ سنڌ جون خواتين خود پنهنجي عزت،
آبرو، مانُ ۽ شان ان ۾ سمجهنديون هيون ته گهر جون
راڻيون هجن، راجائن وانگر ڪوٽن اندر رهي راڄ ڪن ۽
نه يورپي عورتن وانگر جسم کي سينگاري، مٿا اگهاڙا
ڪري، سرخيون سينٽ ڪجل لائي، منهن کي ميخانن جا
پرڪشش ”سائن بورڊ“ بڻائي، گهٽيون گهمي، دڪان ۽
هوٽلون چاکوڙي، گڏيل پارٽين ۾ کائي پي ۽ اخبارن ۾
فوٽا ڇپارائي، عام دعوت گناهه ڏينديون وتن.
سنڌ جي اَمڙين جو مزاج مارئي وارو هو: کٿي ۽ کيت.
باقي منهن منهنجو سومرا، مـَـرُ ميروئي هو“!
ڪردار ۽ ڪيريڪٽر
جي لحاظ سان، ست ۽ ستيا جي خيال کان، بهادري ۽
قربانيءَ جي نقطه نگاهه سان سنڌ جي مهرين يا
مارئين جو مٽ ملڻ مشڪل هو: پردي پٺيان رهندي به
هنن هر دؤر ۾ مانجهي مردن کي جنم پئي ڏنو. هڪ
شاهه رح جي ئي شاهدي وٺو. سبق هيءُ هوندو هو سنڌ
جي مائن جو پنهنجن مردن کي:
مـَـرُ مـَـريـِـن آءٌ روئيين، موٽي ڪانڌ مَ آءُ،
مـَـڇـُـڻ تو پـُـئاءُ،
ڪچا ڪنم جيڏيون!
جيڪڏهن بعد جي ڪنهن سڙيل سمي ۾ سنڌي چوڻيءَ موجب
”ڪن..... مٿان ڀت، ڪانگن ڪيرائي وڌي“، ته ان ۾ نه
سـَـتـُـر جو ڏوهه نه سـَـتـُـروندين جو. ويهين
صديءَ جي شروع ۽ ان کان اڳ جيڪي مشاهير سنڌ ۾ پيدا
ٿيا، تن جي فهرست ته ڏسو! زبان ملڪ جي جان ٿئي ٿي.
سنڌي ٻوليءَ جي سار سنڀال ڪنهن لڌي ۽ ڪنهن جي
گوديءَ ۾ محفوظ، جهلن جهولن کان بچندي آئي؟ سنڌ جي
ڪلچر
۽ روايتي ريتن رسمن جي ڪل ڪير
لهندو آيو؟
غرض، سنڌ جي مائن جا سنڌ تي وڏا احسان پئي رهيا
آهن.
* * *
پردي جو ذڪر ڪندي هيءَ حقيقت ٻڌائڻ ضروري آهي ته
ساري ڪراچي شهر ۾ انهن ڏينهن ۾ هڪڙي به بي پرده
عورت، جوان يا پوڙهي، هندو يا مسلمان، ڏسڻ ۾ ڪا نه
ايندي هئي. مختلف قومون هت رهنديون هيون، مذهب
مختلف هون، طرز رهائش ۽ ريتون رسمون مختلف هين،
پر گهٽ ۾ گهٽ 1930ع تائين پردي جي معاملي ۾ سڀ هم
خيال هيون. پارسي البته ڪجهه قدر آزاد هوندا هئا،
پر انهن جون عورتون به منهن اگهاڙي، گهٽيون ڪو نه
گهمنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن سج لهڻ مهل پنهنجن مردن
۽ ٻارن سان گڏ وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ سوار ٿي، هوا
بندر يا اوڏانهن ويندڙ رستي جي ڪنارن تي گاڏي
بيهاري گهڙي سوا تازي هوا وٺي اينديون هيون، ورنه
ٿيو ڀلو. نه ڪو ڏسي نه هـِـرکي! نه ڪتو ڏسي نه
ڀؤنڪي.
* * *
1930ع تائين مون ڏٺو ته ڪراچيءَ ۾ صرف هڪ اهڙي
پارسي خاتون هئي، جيڪا سينٽ
پونڊر
مکي، رنگارنگ ساڙهي پائي، هار سينگار ڪري، شام جو
هوا بندر تي اچي بي حجابانه چهل قدمي ڪندي هئي.
پاڻ هئي ته
پاڪستان ۽ هندستان جي ايڊيٽرن جي ڪاميٽي
(مصنف پير علي محمد راشدي تقرير ڪري رهيو آهي)
اشراف، اوباش بلڪل ڪانه هئي. صدر جي هڪ مشهور
ڊاڪٽر جي زال هئي. گهڻو ڪري مڙس کي به ساڻ وٺيو
ايندي هئي. هوا بندر تي سندس اچڻ بلا ناغه هوندو
هو، اتفاقاً ڪنهن ڏينهن مڙس واندو نه هوندو ته پاڻ
اڪيلي به هلي ايندي هئي، مگر ايندي ضرور هئي!
ڪراچيءَ جا پنهجا رهاڪو مائي جو ڪو نوٽيس ڪو نه
وٺندا هئا، البته ٻهراڙيءَ مان ايندڙ مالدار
ماڻهن لاءِ هڪ حسين عورت جو ائين بي پرده ۽ بي
حجابانه گهمڻ نياري ڳالهه هئي. بگيون ڀاڙي ڪري شام
جو هوا بندر تي حاضر ٿي اهو نظارو ضرور ڏسندا
هئا. ”پرامينيڊ“(سير گاهه) جي ٻنهي پاسي ڀتين ۽
ٿنڀن تي چڙهي ويهي رهندا هئا. جن کي ڏاڙهي هوندي
هئي، سي ڏاڙهيءَ ۾ گهنڊيون پيا ٺاهيندا هئا، جن
جي مردانگيءَ جو نشان يا ساري موڙي صرف مڇون
هيون، سي ويٺا انهن کي مروٽيندا هئا، پر مائي نه
ڏاڙهي جي گهنڊين کان متاثر ٿيندي هئي، نه مڇن تي
ڪيل محنت جو قدر ڪندي هئي. پنهنجي مٿي اکيون هيٺ
ڪيو پئي ٽور ٽلندي هئي ۽ پنهنجن متوالن جي دلين تي
منڱ ڏريندي هئي، نه هيڏانهن ڏسندي هئي نه هوڏانهن
واجهائيندي هئي. سندس اهڙي بي توجهي کان بيزار
ٿي، ڪن نوجوانن ساڳئي وقت ”پرامينيڊ“ تي پاڻ به
پسار ڪرڻ شروع ڪيو، سو به اهڙي ڍنگ سان، جو هر
ڦيري ۾ مڙيو ئي مائيءَ سان ڪراس ٿيندو رهين، پر
هوڏانهن ”چخي نه باشد“ چالو رهي. انهيءَ زماني ۾
ٻهراڙيءَ جي وڏيرن موٽرون وٺڻ شروع ڪيون هيون.
ستاويهن سون ۾ شيورليٽ ۽ ٻن هزارن ۾ فورڊ ڪار
وڪامندي هئي. ڪراچيءَ پهچي موٽر خريد ڪرڻ کان پوءِ
لازم هوندو هو ته اها موٽر هوا بندر تي هلي اهڙي
رخ سان بيهي، جو جڏهن مائي اتان لانگهائو ٿئي ته
موٽر ۽ منجهس ويٺل ماڻهن تي نظر پويس، ان کان
پوءِ به جنهن صورت ۾ نگاهه نيم وا جي نوازش ڪا نه
ٿي ته هارنن جي بي سبب هوڪر لڳي ويندي هئي. هارن
رٻڙ جي بال وانگر هوندا هئا ۽ منجهانِ نڪرندڙ آواز
گويا نـَـر گڏهه جي هينگ! ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو
تجربو به ناڪامياب ثابت ٿيو.
آخري طريقو هيءُ رٿيو ويو ته ڪراچيءَ پهچڻ تي
بيمار ٿي پئجي ۽ هلي ان ڊاڪٽر کان علاج ڪرائجي،
جنهن جي گهر واري اها مائي هئي. بيماريون ڪهڙيون
ٿي پونديون هون، تنهن جي خبر ڪا نه ٿي پيئي، پر
ايترو ظاهر هو ته سنڌ جا شوقين وڏيرا خواهه نوجوان
ليڊر مڙيوئي ان ڊاڪٽر صاحب جي دواخاني جا پانڌيئڙو
هوندا هئا. سري ويجهي پوڻ جي غرض سان هو اڪثر پاڻ
سان ميون، مٺاين ۽ سنڌ مان شڪار ٿي آيل پکين جون
ڏاليون به کڻيو ويند اهئا. سندن اها ”ورڪ“ ڪيتري
قدر ڪامياب ٿي، سا خدا پاڪ کي خبر. جيتري قدر مان
ڏسي سگهيس، سو هيءُ هو ته اهڙا مريض ڳاڙهين ۽
سائين مڪسچرن جون بوتلون هٿن ۾ لوڏيندا ٻاهر
نڪرندا هئا. گهر وڃي پيئندا هئا يا گٽر ۾ وهائي
ڇڏيندا هئا، تنهن جو مدار لازماً سندن مرض جي
سچائي يا ڪوڙائي تي هوندو. البته جيڪي مريض ڏالين
سان ”هٿياربند“ ٿي ايندا هئا تن جا منهن ڪڏهن ڪڏهن
سرها هوندا هئا، گمان ٿيندو هو ته شايد ”شربت
ديدار“ جو چڪو بروقت ميسر ٿيو هوندن. ترت علاج اهو
ئي ٿي سگهيو ٿي!
ڳوٺ موٽڻ کان پوءِ جڏهن ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪيل
ڪاميابين جو ذڪر ڪچهرين ۾ٿيندو هو ته گفتگو جو هڪ
اهم موضوع ان محاذ جون خبرون چارن به هونديون
هيون.
* * *
ڪراچيءَ جي منڊمن کان اسان جا وڏيرا وؤن ويندا
هئا، حالانڪ ”ديدار عام“ اهو ئي هوندو هو. منڊمون
ڪافي تعداد ۾ هونديون هيون. صبح شام صدر جي دڪانن
جا سير ڪنديون هيون. خاص مارو الفنسٽن اسٽريٽ تي
هوندو هون، جت سندن ضروريات جا دڪان هوندا هئا.
ٻهراڙيءَ مان آيل وڏيرا کانئن ڏاڍو ڊڄندا هئا.
متان ڪا ميم صاحب اوچتو منهن پئجي وڃين، تنهن ڀؤ
کان گهڻا ته بنهه صدر جو رخ ئي ڪو نه ڪندا هئا.
سندن لامارا مولو مسافرخانو، زميندار هوٽل، سنڌ
اسلاميه هوٽل، جهونا مارڪيٽ، نيپئر روڊ، ڪياماڙي ۽
وڌ ۾ وڌ هوا بندر تائين محدود هوندا هئا. هڪ ڏينهن
ڏٺم ته جالڀائي
فوٽو گرافر جي دڪان ۾، جيڪب آباد طرف جا ٻه ٽي
طرائي
وڏيرا پنهنجن اڌ درجن نوڪرن ۽ ٽاپـُـرن سميت
واڙيا بيٺا آهن. ڀـَـوَ جا ماريل، منهن لٿل،
اکيون ڏرا ڏنل، وار ڪانڊاريل، چـَـپ سـُـڪل، زبان
تارؤن سان لڳل-
ڄڻ ٻڪرين جي ڌڻ کي بگهيڙ جي بونءِ پئي آئي.
منهنجا واقف هئا، فوٽو گرافيءَ جي شوق ڪري آءٌ به
جالڀائي جي دڪان تي گهڻو ويندو هوس، مون کي گمان
ٿيو ته هي صاحب شايد پنهنجو گروپ فوٽو ڪڍائڻ آيا
آهن. پر اسٽوڊيو ڏانهن متوجهه ٿيڻ بدران منجهان هڪ
نه ٻيو پر هر هر ٻاهرئين در مان منهن ڪڍي رستي جي
ٻنهي پاسن ڏانهن واجهائي وري تڪڙو تڪڙو موٽي ٿي
آيو. اها روش قدري منجهائيندڙ محسوس ٿي. مون
جالڀائي جي پٽ کان پڇيو، تنهن ٻڌايو ته هنن
ويچارن ڀر وارن دڪانن تي ڪن منڊمن کي چڙهندي ڏٺو
آهي، جن کان ڊڄي اچي هت مڙيا آهن! مون وڌي وڃي
پاڻ وڏي وڏيري کان پڇيو ته: ”فوٽو ڪڍائڻ ۾ ايتري
دير ڇو پيا ڪريو؟“
چيائين: ”فوٽو وڃي ڀـَـن ۾، اسان کي اچي ساهه جي
لڳي آهي.“
آءٌ: ”خير ته آهي؟“
وڏيرو: ”خير، خير ڪو آهي. بازار ڏيون پئي آياسين،
چمڙي جون صندوقان ”بيگ“ ۽ ”بستره بند“ وٺڻا هئا،
اوچتو ڏٺوسين ته منڊمون پيون اچن، انهن جي ڀؤ کان
هن ڀر واري دڪان ۾ گهڙي اچي سام ورتي اٿسي. اهي
منڊمان ڪيڏانهن ڪک پن ٿين ته اسان هتان نڪري بر
منهن ڪيون.“
آءٌ: ”پر منڊمن مان اوهان کي ڪهڙو ڀؤ آهي؟ هو
توهان کي ڇا ڪنديون؟“
وڏيرو: ”شاهه صاحب، خبر نه آهي ڪهڙي
”جورپي“(يورپي) ”هفيسر“ (آفيسر) جون زالون يا
نياڻيون آهن. ٻڌو اٿسي ته ڪمشنر، ڪلٽر، ڪماني ۽
ٻين گهڻن هفيسرن جا بنگلا هن ئي پاڙي ۾ ڀر پاسي
آهن. جيڪڏهن اسان جو هٿ ٽولو ڪري گهمڻ ڪنهن منڊم
صاحب کي نه وڻي ته هوءَ اسان کي ٻڌرائي زيل (جيل)
موڪلرائي سگهي ٿي. ڪاراچي گهمڻ گهمڻ جي ماڳ، اسان
وڃي ٽيپ ڪاٽيون، تنهنڪري شينهڻن ۽ بگهاڙين کان ڀڄي
پاسو ڪرڻ جڳائي.“
اها ڳالهه مئي 1924ع جي آهي. مهيني کان پوءِ نون
خطابن جا اعلان ٿيا. ان وڏيري کي ”خانبهادري“ جو
خطاب مليو!
|