سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :14

 

مولانا دين محمد وفائي عليـہ الرحمة(1)

دنيا جو چرخو عمل ۽ رد عمل جي اصول تي هلندو رهيو آهي.

رات پڄاڻان ڏينهن،

گرمين پٺيان سرديون،

روزن بعد عيدون.

هلندڙ صديءَ جا پهريان ويهه سال هن لحاظ سان عجيب و غريب هئا ته انهن سالن اندر سنڌ جي غلاميءَ گـُـل ڪڍيا هئا.

سنڌ جي نڀاڳ جي ابتدا ته مياڻيءَ جي ميدان ۾ 1843ع کان ٿي، پر اها بدبختي بارآور ورندڙ صديءَ جي شروعات ۾ ٿي، جڏهن سنڌ جي وڏ وڏيرن کي پيرين اگهاڙي، ڳچين ۾ ڳارو ڪري، انگريز عملدارن جي اڳيان پيش ٿيڻو ٿي پيو. پٽيوالا، ملاقاتي وڏيرن جي پيرن مان جتيون لهرائي، سندن ڳچين ۾ بوڇڻ وجهرائي، اَڀ پيرو بيهاريندا هئا. سندن چنڊائي جي چوٽي اها هئي ته هو اها ساري ذلت محض هن لاءِ برداشت ڪندا هئا ته برج لوڊ بندوق جو ليسن وٺن يا ڪنهن پاڙي واري جي خلاف ٻه اکر چغليءَ جا هڻي وٺن.

ڏسڻ ۾ ڪـُـوپا مڙس، شڪل بيهڪ ۾ برجستا، سکيا ستابا، پيٽن ۾ کير مکڻ، ڇيلا ڪڪڙ، ۽ ڪڙمين جي رت پونءِ جي ڪمائي. پر شال نه ماڻهوءَ جي وڄا ۽ مرڄا مري. ٻاهران دُهل پر


 
ڏيل ڏسي مَ ڏر، اندر مڙيو ئي اڳڙيون.

سنڌ ۾ عزت روڪڙ تي منحصر هئي، ڪامورن جي مهربانيءَ تي منحصر هئي، زمين جي ايراضيءَ تي منحصر هئي، بنگلن ۽ ماڙين تي منحصر هئي، ڪرسين ۽ پروانن تي منحصر هئي، خطابن ۽ ميمبرين تي منحصر هئي. جنهن ملڪ ۾ عوام جو مان ۽ شان ڪو نه هوندو، ات اهي ئي شيون عزت جو معيار ليکبيون آهن. خود ماڻهوءَ جي سڃاڻ ۽ ماڻهپي جي ڄاڻ ڪا نه رهندي آهي. سنڌ انهن ڏينهين ڪافي ذليل هئي.

ان زماني ۾ الوحيد اخبار جي ايڊيٽريءَ جي معنيٰ هوندي هئي ته هڪ پير الوحيد پريس ۾ ته ٻيو پير جيل ۾. ايڊيٽرن پٺيان ايڊيٽر گرفتار ٿيندا ٿي رهيا، پر الوحيد جي ڪرسي ڪڏهن خالي نه رهي. اهي قربانيون ڪنهن ٿي پيش ڪيون؟ نه وڏيرن ۽ نه سردارن ۽ نه سيٺين، پر چند تعليم يافته غريبن ۽ زياده ۾ زياده ته وچولي  درجي جي ڪن ماڻهن.

مولانا دين محمد وفائي انهن جانباز غريبن مان هو، جن دماغ ۽ قلم جي زور سان، ۽ پنهنجون عمريون آزارن ۾ گذاري، سنڌ اندر آزاديءَ ۽ عزت نفس جو جذبو جاڳايو ۽ پنهنجن پوين پساهن تائين ان جي پوئواري ڪندا رهيا. مڻن مـُـهين مـَـسِ کپايائين، بي حساب نيڻن جو نور هاريائين، ان لاءِ ته من نه من سنڌين ۾ ڪا لوئيءَ جي لـڄ پيدا ٿئي.

مون کي سندن ديدار، پهريون ڀيرو 1924ع جي لڳ ڀڳ نصيب ٿيو. مون ”الراشد“ نالي هڪ ماهوار رسالو ڪڍيو. فقير فقير کي نه سهي، ڪـُـتو ڪـُـتي سان نه ٺهي. وڏيرڪن ٽڪرن ۽ سرڪاري اشتهارن تي پلندڙ پرچن کي ڏاڍي مٺيان لڳي. چؤطرف ”الراشد“ خلاف ڌوڙيو مچي ويو. آءٌ سيکڙاٽ هوس، اخباري مقابلا ڪونه ڏٺا هئم. منجهي پيس. مولانا ڏانهن رجوع ڪيم. پاڻ لاڙڪاڻي اچي پهتو. گهاڙ ڀر تي، پراڻي گيان باغ جي سامهون، منهنجيءَ اوطاق ۾ ويهي جوابي مضمون لکيائين. هڪ ئي مضمون سان مڙني معترضن جا لابارا لاهي ڇڏيائين.

ساڻس هڪ ٻي نسبت به انهن ڏينهن کان ئي پيدا ٿي چڪي هئي. سنڌ جي تاريخ بنسبت مولانا صاحب ئي منهنجي من ۾ دلچسپي پيدا ڪرائي. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي تاريخ جي تحقيق سان ڪنهن جي به دلچسپي ڪا نه هوندي هئي. تعليم کاتي جا عملدار تاريخ تي چوپڙيون لکندا هئا. شروعات راڻي وڪٽوريا جي راڄ سان ڪندا هئا ۽ خاتمو جارج پنجين جي عمر، اقبال ۽ اولاد لاءِ دعائن تي! اڳ ۽ وچ جون ساريون حقيقتون هضم ٿي وينديون هيون، گويا سنڌ ۾ نه ڪڏهن ڪو ماڻهو پيدا ٿيو هو ۽ نه سنڌين ڪنهن ميدان ۾ ڪڏهن پاڻ ملهايو هو.

مولانا دين محمد وفائي مرحوم پهريون ئي سنڌي عالم هو، جنهن انهيءَ گهٽتائي کي پوري ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. سندس خيال هو ته جنهن قوم کي پنهنجي تاريخ ڪا نه آهي، جنهن قوم کي پنهنجي ماضيءَ جي حقيقت معلوم نه آهي، ان قوم مان ڪو ٻوٽو ٻرڻو ڪو نه آهي. مولانا ان احساس جي هڪ چڻنگ منهنجي دل ۾ رکي ڇڏي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين ٻرندي پئي رهي آهي.

مولانا صاحب جن ڏينهن ۾ تحقيق شروع ڪئي، انهن ڏينهن ۾ محققن جي رستي ۾ ڏاڍيون ڏکيائون هونديون هيون. سنڌ جي مقامي ڪتبخانن سان وقت بوقت هاڃيون ٿيل هيون. ڪجهه ڪتاب انگريز کڻي ويا، ڪجهه ڪتاب انهن کان اڳ (ايراني) نادر شاهه وارا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ لٽي ڦري پاڻ سان ايران کڻي ويا. ڪيترا ڪتاب وڏن خاندانن پنهنجن تهخانن ۾ بند ڪرائي ڇڏيا هئا،جيئن ماڻهن کي منجهانئن فائدي وٺڻ جو موقعو نه ملي. قلمي ڪتابن جا گهڻا نسخا محض هن ڪري دريا داخل ٿي ويل هئا، جو انهن جي مالڪن کي خيال هو ته شايد انهن ڪتابن ۾ ڪيميا جو نسخو لکيل هجي، جيڪو ماڻهن جي هٿ نه چڙهڻ گهرجي. پاڻ پنهنجي سر انهن نسخن مان فائدو وٺي ڪو نه ٿي سگهيا، ڇو ته بي علم هئا، تنهنڪري رڳو ڪتابن جو مٿو وڃائڻ ٿي گهريائون.

مولانا دين محمد صاحب انهن دشوارين هوندي به تحقيقات جو ڪم جاري رکيو ۽ ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيو. وڏي ڳالهه ته ان موضوع جي باري ۾ ٻين ماڻهن ۾ به چاهه جاڳايائين. 1940ع  ۾ سنڌي ادبي بورڊ قائم ٿيو، جيڪو سندس پوکيل ٻوٽي جو ابتدائي ثمر هو.

لکڻيءَ ۾ مولانا مرحوم جو پنهنجو اسٽائيل هوندو هو، جنهن جي ڀيٽ انگريزي لٽريچر ۾ سليس ۽ آسان زبان ۾ لکندڙ اهل قلم جي اسٽائيل سان ٿي سگهي ٿي. ٻولي آسان، جملا ننڍا، عبارت سڌي، پنهنجي علميت جي مظاهري ڪرڻ جي ڪوشش ڪا نه، اکرن جي نمائش بغير مطلب واضح ڪرڻ ۽ ٺيٺ حقائق  جي مدد سان ”ٺوس“ نتيجي  ڪڍڻ جو خيال. مون کيس ڊگها ڊگها مضمون لکندي ڏٺو، سلپن پٺيان سلپون لکيون ٿي ويون. نه ڊاهه نه ڊوهه، نه ڀڃ نه گهڙ. معلوم ائين پيو ٿيندو هو ڄڻ مضمون اڳ ۾ ئي ذهن اندر ٺهي راس ٿيل هو، فقط ان کي پني تي اتارڻ جي دير هئي. ڪمال اهو هوندو هو ته مضمون جي ساخت اهڙي ڍنگ جي هوندي هئي جو جنهن وقت ڪمپازيٽرن دانهن ڪئي ته اسپيس پوري ٿي وئي ته هڪدم تحرير بند ٿي ويندي. مضمون جو جائزو وٺبو ته ڪا به شئي کٽل نظر ڪا نه هوندي ۽ مضمون بلڪل مڪمل هوندو.

مولانا گهڻو ئي لکيو: رسالي ”الڪاشف“ سان لکڻ شروع ڪيائين، ”توحيد“ ۽ ”آزاد“ تي آڻي بند ڪيائين. وچ ۾ ”الوحيد“، ”الحزب“ ۽ ٻيا ڪيترا پرچا سندس قلم مان مستفيض ٿيندا رهيا. ساڳئي ئي وقت ڪتابن جي تصنيف ۾ تاليف به هلندي رهي. مختلف وقتن تي ڪيئي علمي، ادبي، مذهبي، تاريخي ۽ سياسي ڪتاب لکيائين.

جيتريقدر مون سندس تحرير جو مطالع ڪيو، سندس غير مولويانه مضامين مان مون کي هڪ مضمون خاص طرح وڻيو. ”الحزب“ سکر ۾ لکيو هئائين. سرخي هئس: ”عشاق ڪانفرنس.“ دنيا جي وڏن وڏن عاشقن کي هڪ پليٽفارم  تي گڏ ڪري، سندن واتان عشق جون وارداتون بيان ڪرايون هئائين. هاءِ گهوڙا لڳي پئي هئي. مجنون کي محمل ليليٰ جي مقرر ”ٽائيم ٽيبل“ نه هجڻ جي شڪايت  هئي. فرهاد کي تيشو موزون ڪو نه مليو هو. سسئي جا جهيڙا جتن سان هئا. مارئيءَ جي مهڻن جو منهن ملير ڏانهن هو. مومل پنهنجي مورکائيءَ تي مٿا منهن پئي پٽيا. تماچيءَ جي ڳچيءَ ۾ ڊبل ڳٽ، بادشاهي ۽ عاشقيءَ جو، پئجي ويل هو.  سهڻي ساري جڳ سان جهٽ ڦٺ لايون ويٺي هئي- ڪنڀار سان، جنهن ڪچو گهڙو ٺاهيو هو، درياهه سان، جنهن عاشقن جي احترام ۾ پنهنجو وهڪرو بند نه ڪيو هو،  مڇن مانگرن سان، جن دال ڀاڄي ڇڏي ماس واپرائڻ سکيو هو، چنڊ سان، جنهن کي انهيءَ رات منڊ لڳي ويل هو، خود پنهنجين ٽنگن ۽ ٻانهن سان، جي چئي موجب ڪو نه ٿي چـُـريس، ۽ جڏهن ٻين سڀني مان مايوس ٿي، تڏهن هڪ اڌ ميار ميهر کي به ڏئي ٿي ورتائين! هيءَ ته عورت هئي ۽ وڏي ڳالهه ته وره جي واسينگ، بره جي بلا تي پير پئجي ويل هوس! ماڻهو نااميد ٿيندو آهي ته زبان تڪڙي هلندي اٿس،پنهنجو پرائو ڪو نه ڏسندو آهي.

مولانا صاحب مرحوم ۽ آءٌ هڪ شام پنهنجي ڳوٺ لڳ، ڪڻڪن جي کيتن ۾ پئي گهمياسين. ڳالهين هلندي عشق عاشقيءَ جو موضوع ڇڙي پيو. مولوي صاحب تقرير ڪندو ۽ مان ٻڌو ٿي ويس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس اها تقرير بصورت مضمون شايع ٿي. پاڻ ٻڌايائين ته جنهن ڏينهن ڪڻڪن جي کيتن ۾ پاڻ عشق جي فلسفي تي تقرير پئي ڪيائين، ان وقت ان مضمون جو خاڪو سندس دماغ ۾ جڙندو ٿي ويو. بعد ۾ فقط ان کي ڪاغذ تي اتارڻ جي ضرورت رهجي ويل هئي.

سنڌي، چيٽ، ساوڪ، هير، شفق، ڪارڙي تتر جي لات، پوءِ ڇو نه مولانا جي مٿي ۾ عشق جا خاڪا ٺهي ايندا؟ هيءُ ته وري به ”وفائي“ هو  ۽ وفا جي مسئلي جو واسطو عشق جي مشق سان رهي ٿو.

مولانا صاحب جي تقرير ۾ به سندس تحرير جهڙي رواني هوندي هئي. پاڻ کي تقرير جو شوق بنهه ڪو نه هئس. تقرير کان ڪيٻائيندو هو. پر مون کي سندس تقرير سان دلچسپي هوندي هئي. حقيقت ۾ تقرير کان به زياده سندس تقرير ڪرڻ جي انداز سان. تقرير لاءِ بيهندو هو ته سروقد سڌو، نه جسم کي موڙو ڏيندو هو، نه اثر پيدا ڪرڻ لاءِ هٿن يا اکين جا چالا ڪندو هو. سندس انداز عام مقررن مثل ڊرامائي نه، پر خطيبانه ۽ تحڪمانه هوندو هو. جو جملو ٿي ادا ٿيو، سو ڄڻ ڪنهن حاڪم واتان حرفِ آخر ٿِي ٿي نڪتو! مولانا صاحب جي تقرير ٻڌڻ ۽ کيس تقرير ڪندي ڏسڻ لاءِ آءٌ واجهه وجهندو ٿي رهيس. ٻه ٽي سال سکر ۾ شب معراج جي محفل جو انتظام ڪندو هئس ۽ تقرير لاءِ مولانا کي ريهي ريجهائي وٺي آڻي بيهاريندو هئس. سرڪار جا وفادار وڏا ماڻهو مولانا صاحب جو نالو ٻڌي محفل ڇڏي ڀڄي ويندا هئا، پر انهن جي پرواهه ڪا نه رهندي هئي. حضور صلي الله عليـہ وسلم جن جي حيات پاڪ کي ڏند ڪٿائن جي جعلي روايتن جي ڏوجهري مان ڪڍي صاف ۽ صحيح نموني ۾ سامهون آڻڻ مولانا صاحب جو ڪم هو ۽ ان مان سندس مطالعي جي وسعت، فڪر جي قوت، تحقيق جي ڳوڙهائي ۽ اخلاقي جرئت جو ثبوت ملندو رهندو هو.

پوين سالن ۾ پاڻ مولانا عبيدالله سنڌي عيلـہ الرحمة الله جي سنگت ۾ رهڻ لڳو. مولانا صاحب 1939ع ۾ جلاوطني جا ٻاويهه سال پورا ڪري موٽي آيو هو. ان کان پوءِ جيڪي چار پنج سال جيئرو رهيو، وفائي صاحب جيئن پوءِ تيئن ساڻس وڌيڪ ويجهو پوندو ويو.

آءٌ حيدرآباد ۾ ٽڪيل هئس. پونياڙيءَ جو ڪنهن ڪم سان ريلوي اسٽيشن تي آيس. ڪراچيءَ جي طرف کان ريل گاڏي آئي. ڏٺم ته مولانا وفائي مولانا عبيدالله رح کي سخت بيماريءَ جي حالت ۾ ڪراچيءَ مان کڻائي اچي لٿو. مولانا عبيدالله رح تي اهو مرض الموت جو حملو هو ۽ آخري پساهن پوري ڪرڻ لاءِ پير جهنڊي جي ڳوٺ وڃي رهيو هو، جتان ئي سندس سياسي زندگيءَ جي ابتدا ٿي هئي. مولانا رح هوش ۾ هو، پر سخت ڪمزور، مولانا وفائي ۽ هڪ ٻه ٻيا رفيق کيس هٿن ۾ کڻي اٿاري ويهاري رهيا هئا. مولانا وفائي صاحب جي چوڻ تي مون بروقت موٽر آڻي موجود ڪئي ۽ ان ۾ پنهنجو هند وڇائي، مولانا رح جي آرام سان ليٽڻ جو انتظام ڪيم. مولانا دعائون ڪندو روانو ٿي ويو. وفائي صاحب ساڻس گڏ ويو. مولانا رح جو اهو آخري سفر هو.

مولانا وفائي پاڻ ان کان پوءِ به ڇهه ست سال جيئرو رهيو، پر وقت ڦري چڪا هئا. جنهن دنيا ٺاهڻ ۾ پاڻ ايترو حصو ورتو هئائين، تنهن دنيا اندر هينئر پاڻ کي اوپرو سمجهڻ لڳو. خود الوحيد سان سندس دل بستگي ختم ٿي ويئي،

پئي کـہ کٽن تي، ٿيا پلنگ پراڻا.

مون ٻه ٽي دفعا پوءِ به کيس ڏٺو. سندس ڏئي مان اميدن ۽ امنگن جي وٽ وسامي ويل هئي. ماڻهن جي ڳولها ڪندي مـِـرُن جي منهن پوندو رهيو:

روجهه ڏٺائين رات، هوت ڳولهيندي حب ۾.

هڪ ڏينهن خبر آئي ته جنت جا راکا خود ڏيئو به کڻي هليا ويا.

هٿين خالي آيو هو، هٿين خالي رهيو، ۽ هٿين خالي هليو ويو، پر خبردار:

مگو حقير گدايان عشق را که اين قوم،

شهان بي کلـہ و خسروان بي تاج اند.

 

 

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيرحه

ڇا سنجيدگي، ڇا شائستگي، ڇا پروقار صورت، ڇا گفتگو جي شيريني، ڇا زندگي جي اصولن جي پاسداري، ڇا ضمير جي آزادي، ڇا خودداري، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي عليـہ الرحمة ، جيڪو انهن ۽ بيشمار ٻين خوبين جو مجموعو هو، سيوهڻ مان اڀري ڪراچيءَ جي افق تي چمڪي، سالها سال سنڌ جي ثقافتي، علمي ۽ ادبي محفلن کي منور ڪندو رهيو. فرد نه هو، پنهنجي مٿي هڪ ادارو هو. کيس ڏسي ۽ ٻڌي اندازو ٿيندو هو ته ماضيءَ جي سنڌي شريفن ۽ خاندانن جي سلسلي جي، ذري گهٽ، هو بلڪل آخري ڪڙي هو، جي اٿڻي ويهڻي، علم ۽ فضل ۾ ڪيتري قدر نه پرشوڪت ۽ موجب برڪت هوندا هئا.

مون کي جڏهن ساڻس واقفيت جي سعادت نصيب ٿي، تڏهن پاڻ گاڏي کاتي ۾ رهندا هئا. ڪچهري روڊ تي، ٻه ماڙ جاءِ ۾. هيٺ مطب ۽ محفل گاهه، مٿئين منزل تي مهمان خانو.  هر وقت ملاقاتين جو گهيرو هوندو هو.  سنڌ مان آيل مير، پير، وڏا زميندار ۽ جاگيردار ته کيس ڦٽ ڦرڙيون ڏيکاري ۽ پوشيده امراض، خصوصاً ڪم طاقتيءَ جون هاڃيون بيان ڪري، گوريون، معجونون، ليپ ۽ ڪشتا وٺي هليا ويندا هئا، پر غريب قومي ورڪر يا ”بي ثمر“ اديب  سارو ڏينهن چهٽيا پيا هوندا هئا. مفت جو علاج ٿيندو هون. وقت آئي ماني کارائي ويندي هون. رات پئي بسترو ڏئي سمهاريو ويندو هون. اڪثر موٽ جو ڀاڙو کـُـٽل هوندو هون، تنهنڪري اهو به ادا ڪري کين بنا منهن گهنجائي کلندي مشڪندي پنهنجي پنهنجي ماڳ موٽايو ويندو هو. کٻي هٿ کي پروڙ ڪا نه پوندي هئي ته سڄي هٿ وسيلي ڇا وهيو واپريو. دهليءَ واري حڪيم اجمل خان جون سڪون لاهيندو هو. سچ ته سنڌ جو اجمل خان هو. جيڏو طبيب تيڏو اديب، جهڙو سياست جو ماهر اهڙو شاعر. لاڙو ڪانگريس طرف هوس. سيوهڻ جي فضا ۾ ابتدائي تربيت ٿيل هئس، جت هندو خواهه مسلم سڀ لعل جا لاکا هوندا هئا. فرقيوارانه ڀيد ڀاءُ سمجهه ۾ ڪو نه ايندو هوس. ڪرسين لاءِ ڪٽڪ چاڙهڻ ۽ انسان کي انسان سان ويڙهائڻ سکيو ئي ڪو نه هو. ماڻهوءَ جي سوچ جو هڪ انداز ٿيندو آهي، سندس سوچ جو انداز اهو هو. ميرن جي صاحبيءَ تي خاص طرح سان تحقيق ڪئي هئائين ۽ پنهنجي راڄ جي خوبين جي خبر پئجي چڪي هئس، تنهنڪري انگريز سان بنهه ٻوٽي ڪا نه رجهندي هئس. ”صاحب لوڪن“ جي شڪل ڏسڻ حرام سمجهندو هو ۽ وٽانِ اعزاز حاصل ڪرڻ خود داريءَ جون خون. ڪچهري روڊ تي رهندي به ڪڏهن ڪچهريءَ(1)  جو منهن ڪو نه ڏٺائين.

عربي ۽ فارسي علوم سڀ سندس پيٽ ۾ هئا، پر ان پيٽ ۾ علم يا مذهب جي فروخت مان ڪنهن آمدنيءَ جي آميزش ڪا نه هوندي هئي. نه مذهب کي انساني خون وهارائڻ لاءِ ڪتب آڻيندو هو، نه علم کي فتنه جوئي ۽ شرانگيزيءَ لاءِ. نه پنهنجي مولويت کي سياسي ڪرسيءَ تائين پهچڻ لاءِ ڏاڪڻ بڻائيندو هو، نه ذاتي اثر ۽ تعلقات کي پنهنجي سياسي دڪان کي چمڪائڻ لاءِ استعمال ڪندو هو. حقيقت ۾ وٽس سياست جو دڪان هوندو ئي ڪو نه هو.

الله تعاليٰ جنت ۾ جاءِ ڏئيس. مون تي خاص طرح سان شفقت جي نظر هوندي هئس. انهن ڏينهن ۾ هونءَ به سؤ مان نوي ماڻهو دوا درمل لاءِ حڪيمن ۽ طبيبن وٽ ويندا هئا. ايلوپيٿي جي ڊاڪٽرن کان هن ڪري ڪيٻائيندا هئا جو ماڻهن ۾ عام خيال هوندو هو ته ڊاڪٽرن جون دوائون ”گرماش“ پيدا ڪن ٿيون. ڪراچيءَ جي آب و هوا ۾ مون کي اڪثر انفلوئنزا ٿيندي هئي. حڪيم صاحب وٽ ان مرض لاءِ ڦڪي رنگ جون زود اثر گوريون هونديون هيون، گورين جي دٻلي ڀري منهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيندو هو ۽ تاڪيد ڪندو هو ته ”هڪ  دٻلي خالي ٿئي ته هڪدم ٻي دٻلي وٺندو ڪر.“ مان  نه ويندو هوس ۽ وقت گذرڻ لڳندو هو ته نئين دٻلي پاڻ کڻي اچي گهر ۾ ڦٽي ڪري ويندو هو. 1939ع جي شروع ۾ مون کي سنڌن جو سور ٿيو. حڪم ڪيائين ته ملير ۾ وڃي رهان، جتان جي آب و هوا نسبتاً خشڪ ٿئي ٿي. مون چيس:”ات رهي اوهان کان ڪهڙيءَ طرح علاج ڪرائي سگهندس؟“ فرمايائين:”آءٌ پاڻ هر روز ملير پيو ايندس.“ ۽ ائين ڪندو رهيو.

مارچ مهينو آيو. بهار جي موسم هلي. کٽ تي پئي پئي ڏاڍو تنگ ٿيس. هڪ پرزيءَ تي هيءَ اردو مصرع لکي موڪليمانس:

اب کي بهي دن بهار کي يون هي گذر گئي

پرزي پهچندي، ان جو جواب منظوم موڪليائين. افسوس آهي ته اهو ڪاغذ مون وٽان هيٺ مٿي ٿي ويو. پر ان ۾ ڏاڍي دلداري ڏني هئائين ۽ هيءُ دلاسو به ته بهار ختم ٿيڻ کان اڳ منهنجي بيماري ختم ٿي ويندي ۽ ٿيو به ائين. اسان جو اهو تعلق اهڙيءَ حالت ۾ هلندو رهيو جو پاڻ ڪانگريسي اصولن موجب ملڪ جي آزاديءَ جو خواهان هو ۽ آءٌ ڪٽر مسلم ليگي، ملڪ جي تقسيم لاءِ ڪوشان. پاڻ الله بخش مرحوم جي سياست جو قائل ۽ آءٌ ان جو سخت گهايل. پاڻ الله بخش وزارت جي اخبار جو مدير ۽ مرتب ۽ آءٌ ان وزارت جي مٿي وڃائڻ جي در پئي.

حڪيم صاحب انهن وضعدار سنڌي بزرگن مان هو، جيڪي سياست ۽ ذاتي تعلقات کي هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏيندا هئا.

پنهنجيءَ ماتر ڀومي سنڌ سان اٿاهه محبت هئس. سندس نظر ۾ ساري دنيا پنهنجين خوبين ۽ خوبصورتين سميت سمو هجي اچي سنڌ ۾ سمائي آهي.

سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي جو اعلان ٿيو ته هڪ نظم لکي اخبارن ۾ ڇپارايائين، جا تبرڪ طور هت پيش ڪريان ٿو(1). ان نظم مان سندس شاعري جو معيار معلوم ٿيندو.

”حب وطن“

خوشيءَ ۾ نه ماپي ٿو منهنجو قلم اڄ،
 

هڻي شاخ طوبيٰ هجڻ جو ٿو دم اڄ،
 

کڻي ناز انداز سان ٿو قدم اڄ،
 

ٿي ڄڻ عيد ان لئه، خدا جو قسم اڄ،
 

مليو آهي مضمون حب وطن جو،
مليو موقعو آهه سير چمن جو
 

ٿيو صحن ڪاغذ جو اڄ خوب رنگين،

 

بهشت برينءَ جو ٿيو فرش زرين،

 

ٿي مس منهنجي مـُـشڪ ختن نافہء چين،

 

لکان لفظ جنهن سان معطر ۽ مشڪين،

 

وطن جي محبت جو هيءُ داستان ٿيو،
وطن منهنجو دنيا ۾ جنت نشان ٿيو.

 

وطن جا وڻن ٽڻ، وڻي ٽاري ٽاري،

 

خزانِ وطن ۾ ڀي آهي بهاري،

 

ٿي ڄڻ روز روشن سنديس رات ڪاري،

 

منجهس مثل جنت جي ٿيون نهرون جاري،

 

وطن منهنجو هڪ جنت آباد آهي،
وطن سان ئي بس منهنجي دل شاد آهي.

 

ڇا آب و هوا ٿي اسان جي وطن جي،

 

ٿي خوشبو اچي ياسمين ۽ سمن جي،

 

منجهس سونهن ٿي نرگس و نسترن جي،

 

ڪريان ڳالهه ڪهڙي وطن جي چمن جي،

 

وطن ۾ جو چوطرف چانڊاڻ آهي،
وطن منهنجو بس پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

 

هوا جنهن جي سرهي،مٺو جنهن جو پاڻي،

 

ندي جنهن جي سڀني ندين جي ٿي راڻي،

 

ڪڏهن شمع روشن نه جنهن جي وساڻي،

 

ٿئي سک ۾ ساٿي ٿئي ڏک ۾ ساڻي،

 

جي دنيا ۾ ڪو ديس مثل چمن ٿيو،
ته منهنجو مٺو ۽ پيارو وطن ٿيو.

 

وطن منهنجو سچ پچ ته گلزار آهي،

 

گلن جهڙو  ان جو خس و خار آهي،

 

هنئين لاءِ منهنجي سو هڪ هار آهي،

 

اکين لاءِ ٺنڊڪ ۽ من ٺار آهي،

 

نه منهن جي وطن جو ڪو دنيا ۾ ثاني،
نه جهڙس ڪو جنسار ۾ جوڙ جاني.

 

وطن منهنجو جڳ جو مددگار آهي،

 

غريبن جو غم خوار غم ٽار آهي،

 

اجهو عاجزن جو ۽ آڌار آهي،

 

نڌڻڪن يتيمن سندو يار آهي،

 

وطن منهنجو داتا ۽ جڳ پال آهي،
وڏو اوج ان جو ۽ اقبال آهي.

 

وطن منهنجو آهي وڏي شان وارو،

 

وطن منهنجو داتا سدا دان وارو،

 

جو ڏئي مان ان کي سو ٿئي مان وارو،

 

وساري وطن کي نه ايمان وارو،

 

ٿيو حب وطن آهي ايمان منهنجو،
اتي ماني منهنجي، اتي مان منهنجو.

 

وطن جي ڇا سهڻي نه ٿي سبزه زاري،

 

اچي بوءِ جنهن مان سدا ٿي بهاري،

 

وڻي خاڪ ان جي وڻي ان جو واري،

 

وطن لئي رهي ٿي سدا بيقراري،

 

نه منهنجي وطن جو ڪو مٽ مور آهي،
ڀلاين سان ڀرپور پرنور آهي.

 

وطن جي محبت ٿي آهي اها ئي،

 

رکؤن هڪ ٻئي سان سچائي صفائي،

 

نه هرگز رکؤن ڪا جدائي ٻيائي،

 

ٿيون هڪ ٻئي تي سدائي فدائي،

 

اها ئي وطن جي محبت ٿي سڏجي،
انهيءَ طرح ٿو پاڻ ۾ ملڪ گڏجي.

 

وطن جي رهاڪن کي ٿو ڀاءُ ڀايان،

 

وطن کي ٿو پنهنجي مٺي ماءُ ڀايان،

 

نه ڪنهن ۾ به ڪو ڀيد ۽ ڀاءُ ڀايان

 

انهيءَ ۾ ئي ٿو ساز ۽ ساءُ ڀايان

 

وطن جي محبت جي آهي تقاضا،
رهون پاڻ ۾ گڏجي سڀ ڄڻ سڳا ڀا.

 

وطن جي محبت جي آهي نشاني،

ته ڪنهن کي نه سمجهون سندس مٽ ۽ ثاني،

 

پنهنجي لاءِ سمجهونس جانب ۽ جاني،

 

مٿس جان صدقي ڪريون ۽ جواني،

 

پنهنجي ديس جو ويس پوشاڪ پهريون،
نه ديسي شين جهڙيون ڀايون ڪي ٻهريون.

 

منهنجي ديس جي ملڪ ۾ ڌاڪ آهي،

 

سندس حسن جي جا بجا هاڪ آهي،

 

وطن جهڙي خوش ڪٿ نه خوراڪ آهي،

 

Text Box: 277

 

Text Box: 278

 

وطن جي ڇا پياري نه پوشاڪ آهي،

 

 

وطن جي کٿيءَ سان نه مٽ پٽ کي ڄاڻان،
وطن کان سواءِ آءٌ نه ڪنهن کي سڃاڻان.

 

وطن جون اچو تا شيون واپرايون،

 

نه ڪم اينديون هرگز شيون ڪي پرايون،

 

ٻين کان ئي اهڙو سبق ڀل پرايون،

 

ڪي سوچو ته ڇو پاڻ کي ٿا ڦرايون،

 

وطن جي محبت جي آهي علامت،
ته ان ۾ سڌارو ڪريون ساڻ صنعت.

 

محبت ۾ هرگز نه گمراهه آهيون،

 

جو ٻئي ملڪ جا پڻ نه بدخواهه آهيون،

 

مگر ڇا ڪريون بک ۾ ٿيا پاهه آهيون،

 

جيتوڻي پنهنجي ملڪ جا شاهه آهيون،

 

اسان کي به حق آهي جڳ ۾ جيڻ جو،
اسان کي به حق آهي کائڻ پيڻ جو.

 

ٿيو هيڻو آ حال اهل وطن جو،

 

ويو ملڪ مان مانُ اهل وطن جو،

 

ٿيو اڄ اونڌو اقبال اهل وطن جو،

 

ويو بيهي گهڙيال اهل وطن جو،

 

وري تن کي خوشحال ڪر تون خدايا،
دعا لاءِ در  تنهنجي تي آهيون آيا.

 

جڏهن ڪراچيءَ کان ٻاهر ڪنهن مريض کي ڏسڻ لاءِ ويل نه هوندو هو ته شام ويلي مطب جي سامهون فوٽ پاٿ تي ڪرسيون وجهائي آئي وئي سان ويهي مجلس ڪندو هو. نه فوٽ پاٿ تي لاريءَ جي چڙهي وڃڻ جو امڪان، نه پان جي پيچڪن لڳڻ جو خطرو. آيو ويو، لڙيو ٿڙيو، وٽس ڍري سندس منهن مان نڪرندڙ معنيٰ جا موتي پيو جهٽيندو هو. پاڻ شائستگيءَ جو شاهه هو. غير شانائتو ۽ هلڪو لفظ سندس زبان تي ڪو نه ايندو هو. دوران گفتگو ، دلچسپ کان دلچسپ ٽوٽڪي تي به ڪڏهن ٽهڪ ڪو نه ڏنائين. وڌ ۾ وڌ هلڪيءَ مرڪ جو شائبو پيدا ٿيندو هو، پر اها مرڪ به ماريو ڇڏيندي هئي. لباس سنڌي سٿرو ۽ صاف پائيندو هو- مولويت کي مخفي رکڻ لاءِ سنهاريءَ کي ڇيڪ ڪو نه ڇڏيندو هو.  قد موزون، بدن ڇڙڪ، رنگ نه ڀورو نه سانورو، ڪڻڪ ونو پر سفيديءَ ڏانهن مائل. مٿي تي مختصر پڳ يا بـَـجـُـوري ٽوپي، پير ۾ سليپر، اڪثر ننڍو  ڪوٽ، جنهن جي کيسي ۾ رومال.

حقيقت ۾ بقول سائين خير محمد فقير هيسباڻي:

سوين پوشاڪون پهرين ٿو،

پر ڳوٺ ڳليءَ ۾ ناهين ڳـُـجهو.

13 ڊسمبر 1943ع جو وفات ڪيائين.

(انا لله و انا اليـہ راجعون)

 

 

 

 

حڪيم علي محمد قادري مرحوم

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم مغفور کي ڏسندي ائين پئي لڳو ته مولويت جو مٿس اجايو الزام آهي. پر حڪيم علي محمد صاحب قادري مرحوم جي حالت ۾ اهڙو شبهو، سندس زيارت ڪئي، حقيقت ۾ تبديل ٿي ويندو هو. مـُـنهن، رنگ ۽ روشنيءَ کان قطع نظر، چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر گول، سنهاري سهڻي چاپوين، جسم مان ثابت ته سنڌ ۾ خوراڪ جي ڪـَـمي ڪڏهن ڪانه رهي هوندي. مٿي تي عمامو يا ترڪي ٽوپي، بدن تي سنڌي لباس، ڪـُـلهن تي ڳاڙهو رومال، پري کان ائين پيو لڳندو ته ڄڻ اسان جي پنهنجي خاندان جو ڪو پير بزرگ حـُـجري جي صحن ۾ ٽور پيو ٽلي. هٿ ۾ بانس جي ٿلهي، ڏنڊي جهڙي، لڪڻ جو هجڻ لازمي، ڪراچيءَ ۾ نانگ سپ جو ڀؤ ته ڪونه هوندو هو، پر نيم حڪيم خطره جان گهڻا هوندا هئا، جيڪي حڪيم صاحب مرحوم جي نظر ۾، بلائن کان به بڇڙا هوندا هئا ۽ انهن جي تواضع لاءِ ڏنڊي جو هر وقت وٽس موجود رهڻ ضروري هوندو هو. پاڻ مـُـڙندو ڪنهن به هم پيشه حڪيم مان ڪو نه هو. اهي نيم حڪيم ته ڇڏيو، پر وقت جي وڏن طبيبن حڪيم شمس الدين مرحوم ۽ حڪيم قائم الدين مرحوم کي به طب جي فن ۾ جاهل مطلق سمجهندو هو. ساڻن مباحثي ۽ مقابلي ڪرڻ لاءِ ساري حياتي واجهائيندو رهيو، پر شايد اهڙو موقعو هـُـنن ڪونه ڏنس. سندس عزم بالجزم هوندو هو ته جيڪڏهن هو زباني بحث ذريعي باز نه اچن، ۽ کيس جملي حڪيمن جو سرتاج نه مڃين، نه ڏنڊي جي ٺوڪ سان سندن عقل ۽ ادراڪ کي تيز ڪرڻ، سندس لاءِ، فرض ٿي پوندو.

انهيءَ  زماني ۾ شايد ٻئي ڪنهن ڪم ڪار نه هجڻ ڪري، ماڻهن کي اڪثر ڪم طاقتيءَ جي شڪايت رهندي هئي. جيترو وڏو ماڻهو، اوترو وڌيڪ ”ڪم طاقتيءَ“ جو بيمار هوندو هو. ان ”ڪم طاقتي“ جي علامتن، نتيجن ۽ بنيادي سببن تي بحث ڪرڻ جي ضرورت ڪا نه آهي. اسان جن علائقن جي اها پراڻي خيالي بيماري هئي. ڪو به شخص، جنهن کي قوت گذران جي ڪشمڪش کان فراغت  نصيب هئي، تنهن جو توجه هميشـہ پنهنجي ”ڪم طاقتي“ واري پرابلم ڏانهن پئي ويو. درجن ٻارن ٻاهر ڪڍڻ کان پوءِ به پيو حڪيم ۽ طبيب پڇائيندو ۽ ڪنهن جي سـُـتيءَ پـُـڙيءَ مان مطمئن ڪو نه ٿيندو. مغرب جي هڪ سياح، ڪجهه سال ٿيا ته اخبارن ۾ مضمون لکيو هو ته: ”آءٌ هندوستان (پاڪستان ان وقت تائين اڃا وجود ۾ ڪو نه آيل هو) ويس ته منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي جڏهن ڏٺم ته اتي هر ديوار جنسي امراض متعلق اشتهارن سان چٽي پئي هئي. معلوم ائين پئي ٿيو ته گويا دنيا جي ان علائقي ۾ اهي مرض وبا يا پليگ وانگر ماڻهن کي وڪوڙي ويل هئا.“ اسان جي ممدوح جناب حڪيم علي محمد صاحب قادري مرحوم وٽ اهڙين بيمارين لاءِ مجرب علاج هوندا هئا.

اڇيءَ قبر جي ڀر ۾، پراڻيءَ ڪراچيءَ  ۾ ”دواخانه قادري“ کولي رکيو هئائين، جتان جي ”ياقوتي ڪلان“ خاص طرح  سان مشهور هوندي هئي. هڪ چوپڙي ڇپائي مشهور ڪيو هئائين ته  ان ياقوتيءَ  جو نسخو کيس اسان جي پڙ ڏاڏي مرحوم، حڪيم پير علي محمد شاهه رحمة  الله عليـہ، جي ذاتي بياض مان هٿ آيل هو. اهو سچ هو ته حڪيم صاحب مرحوم جو اسان جي گهراڻي سان گهڻو تعلق رهيو هو ۽ ان ڳالهه کي بازاري ماڻهن وانگر لڪائي پاڻ کي ڄمندي ڄام ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪا نه ٿي ڪيائين. سرديءَ  جي موسم شروع ٿيندي هئي ته پاڻ مهرباني ڪري، پير ميان محمد مهدي شاهه  مرحوم جهنڊيواري جي هٿان، ٻه- ٽي شيشيون ياقوتيءَ جون مون ڏانهن به موڪلي ڏيندو هو. ٻه دفعا مون ان جو تجربو ڪري ڏٺو.

(1) منيلا(فلپائين)  ۾ هڪ مريض جي آپريشن بعد ۽ ٻاهرينءَ رت وٺڻ بعد به نبض ڪرڻ لڳي هئي. ڊاڪٽر نبض تي هٿ رکيو بيٺو رهيو، پر ان جي رفتار درجي بدرجي گهٽبي پئي ويئي. نااميدي ڊاڪٽر جي منهن مان بکي رهي هئي. مون اشاري ۾ پڇيس:”ڪا اميد؟“ چيائين: ”بلڪل نه.“ حڪيم صاحب جي ڏنل ياقوتيءَ  جي شيشي منهنجي هٿ ۾ هئي. چانهه جو چمچو ڀري پاڻيءَ ڍڪ سان ملائي مريض جي وات ۾ وڌم. مشڪل سان هڪ منٽ گذريو هوندو ته ڊاڪٽر جي منهن ۾ ڦيرو اچڻ لڳو.ڏهن منٽن  کان پوءِ نبض بحال ٿي ويئي ۽ ڊاڪٽر  مريض جو هٿ  ڇڏي مون کي ٻاهر ڪڍي پڇڻ لڳو ته: ”تو اها ڪهڙي دوا ڏني، جنهن اهڙيءَ نااميديءَ جي باوجود مريض کي بچائي ورتو!“

(2) پيڪنگ(چين) ۾ آءٌ شديد سرديءَ جي موسم ۾ صبح جي چئين وڳي شڪار لاءِ هڪ ڍنڍ اڪري، جيڪا ڄمي پٿر ٿي ويل هئي، هڪ کڏ ۾ وڃي ويٺس. (چين جي سرديءَ جو هيءُ عالم هو جو اتان جا درياهه سڀ ڄمي ويل هئا، جن جي مٿان موٽرون پئي هليون.)  منهنجي حالت هيءَ بڻي جو ڄڻ برف جو ٽڪر هوس يا پنڊ پاهڻ، عضون چرڻ پرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو، فقط ٿورڙو هوش اڃا سلامت هو. مون سان هڪ چيني ترجمان گڏ ويٺل هو، تنهن کي چيم ته منهنجي ڪارتوسن جي ٿيلهي ۾ هڪ شيشي پيل آهي. سا ڪڍي ڏي. شيشي ۾ اندر دوا خود ڄمي لوهه ٿي ويل هئي. مون چيس شيشي ڀڃ“ منجهس جيڪا شيءِ پيل آهي، تنهن جو هڪ ٽڪرو ڪڍي منهنجي وات ۾ وجهه. مقرر وزن ته ٿورو هو، پر نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ هن جيتري دوا منهنجي وات ۾ وڌي سا ٻاٿون ڏئي اڳري ويس. پندرهن منٽن کان پوءِ سامت ۾ اچي ويس. پاڻ کي ٽنگو ٽالي ڪرائي موٽر تائين پهچايم ۽ اتان سٺ ميل سفر ڪري گهر پهتس. گهر وارن به هٿن تي کڻي ڪمري ۾ سمهاريو.مون سمجهيو ٿي ته لقوو ۽ نمونيا  ته پڪ ٿي ويا هوندا، باقي دل جو ٽٽڻ رهجي ويل آهي جيستائين ڊاڪٽر پهتو، اوسيتائين پنهنجي دوا جو ٻيو به ننڍو چمچو وٺي ڇڏيو هئم. بعد ۾ ڊاڪٽر تپاسي تسلي ڏني ته نه اڌرنگو ٿيو اٿم نه نمونيا، آءٌ بلڪل تندرست آهيان. شام جو پاڻمرادو اٿي کڙو ٿيس.

اها ”دوا“ حڪيم علي محمد صاحب قادريءَ واري ياقوتي ڪلان هئي!

 

 

 

حڪيم صمصام

سڄو ۽ صحيح نالو ته الائجي ڇا هوس، پر هت انهيءَ نالي سان مشهور هو. ڪراچيءَ جي ميمڻ سيٺين دهلي يا لکنؤ مان گهرائي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو هوس. ان زماني جي ميمڻ سيٺين کي ڪم طاقتيءَ جي خاص شڪايت هوندي هئي. گهڻيءَ ويهڪ ڪري ويهڪ جون بيماريون وڪوڙي ويل هوَن، جن جون علامتون لڪائي لڪي ڪو نه سگهنديون هون.  بازار جي لاهه چاڙهه سببان ڪي قدر ماليخوليا  به شامل حال رهندي هون. سنڌ جا طبيب سستا هوندا هئا، تنهنڪري بيڪار سمجهيا ويندا هئا. گهر جو پير چلهه جو مارنگ. ان سببان علاج لاءِ ٻاهر جا نانوَ ڪٺيا حڪيم گهرايا ويندا هئا.  گهٽ ۾ گهٽ، انهن ڏينهن جا پنج سؤ روپيه روزانه في وڌ ۾ وڌ  هزار کان ٻه هزار روز، سفر خرچ، کاڌا پيتا ان کان علاوه. اسان جي هڪ دوست سيٺ دهليءَ مان هڪ ٿلهو متارو حڪيم گهرايو.  پاڻ ۽ سندس ٻه - چار آڳڙ ڳنڍ  روزانو گاڏي هنداڻن  جي واپرائي، کلن جا ٺانگر جاءِ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکيڙي ڇڏيندا هئا. ليلي جو گوشت هضم ڪو نه ٿيندو هون، تنهنڪري هر روز کارن مـُـهين تتر ۽ ڪڪڙ ۽ ٻه درجن نر جهرڪ ڪـُـسندا هئا، جيڪي سيخ ڪباب ٿي يا ترجي گيهه ۾ ترندا اچي سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا. سندن غسلخانن ۽ ڪمرن مان به اهڙي بوءِ پئي ايندي هئي جو هوا نه هوندي هئي ته ساهه پيو گهٽبو هو. جاءِ جو ڪو حصو اهڙو نه بچيو هو جنهن تي پان جي پيچڪن سان نقش و نگار چٽيل نه هجي. حڪيم صاحب جي روانگي کان پوءِ ساريءَ جاءِ کي ڪيترن ڏينهن تائين ڌورايندا رهيا ۽ جڏهن ڌوئڻ  سان به نشانيون نه مٽيون ته نئون رنگ ڏياريائون. رهيو مريض جو مسئلو، سو ان جي ماليخوليا ۾ پاڻ واڌارو ٿيو ۽ آخر ان وگهي گذاري ويو.

 پر خدا سان ڪم پوندو، حڪيم صمصام انهن کڙي گهاٽ حڪيمن مان ڪو نه هو. ڏاڍو سادو، ڊگهڙو ڪوٽ، سادي قميص، هيٺ تي عليڳڙهي پاجامو، مٿي تي کل جي ٽوپي ۽ هميشـہ  پيدل گهمندو هو. ڪنهن سان ڪو نه ڳالهائيندو هو.  ڪو سوال پڇندو هوس ته ٻن اکرن ۾ جواب ڏئي چپ ڪري ويهي رهندو هو. ڪنهن کان پئسو پائي ڪو نه وٺندو هو. مريض علاج لاءِ بنهه وچڙي پوندس  ته ڪاغذ جي پرزي تي نسخو لکي ڏيندس. مانيءَ لاءِ مقرر هنڌ ڪو نه هوندو هوس،  جتان ملي ته خير نه ته ٿيو ڀلو. عجيب لا ابالي ۽ بيپرواهه طبيعت جو انسان هو. مجلس ۾ موجود هوندو، پر ڪنهن گفتگو ۾ حصو ڪو نه وٺندو. بحث مباحثو زور وٺندو ته اٿي هليو ويندو. ياريءَ  دوستيءَ کان دور رهندو. نه پاڻ ويجهو پوندو نه ڪنهن کي ويجهو اچڻ  ڏيندو. مون پنهنجيءَ زندگي ۾ ان انسان ۾ ڪمال  سير نفسي ڏٺي. عمر جي پڇاڙيءَ  ۾ ڪراچي آيل هو ۽ سندس انتقال به شايد اتڙي ئي ٿيو. سيٺيون سمجهندا هئا ته ايتريقدر لاپرواهه صرف ڪيمياگر ئي ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري هو کيس ڪيمياگر سمجهندا هئا. اها ڳالهه سندن خيال ۾ ويهڻي ئي ڪا نه هئي ته جنهن شخص زندگي جي بي ثباتي محسوس ڪري پنهنجن حاجتن تي ضابطو رکيو تنهن جهڙو ڪو ڪيمياگر ئي ڪو نه آهي.


 


(1) ڪچهري، ڪليڪٽر جي آفيس کي چيو ويندو هو.

(1) اهو نظم وڏي اهتمام سان الوحيد جي سنڌ آزاد نمبر ۾ شايع ٿيو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org