حضرت خواجه احمد زمان رحمة الله عليـہ
لواري شريف جي درگاهه جو سجاده نشين هو، پر رهندو
ڪراچيءَ جي گارڊن ڪوارٽر ۾ هو. ڪڏهن ڪنهن مصور کي
انسانيت ڪـُـبريٰ جي تصوير ڪشي ڪرڻي پيئي ته سائين
احمد زمان رح جي صورت ئي سامهون رکڻي پوندس، جنهن
جي ڏسڻ سان روح کي راحت ۽ قلب کي قرار حاصل پئي
ٿيو. الله تعاليٰ جي پيارن جي پڇاڻ ئي اها ٿئي ٿي،
کين ڏسندي ڏک ڏور ۽ درد دفع ٿيو وڃن.
حضرت خواجه احمد زمان رحه (لـُـواري شريف)
سنڌ هونءَ ته صدين کان وڏيرن جي ويءُ، مـُـلن لاءِ
مٿي ڇانو ۽ پيرن جي پاٿاري پئي رهي آهي. وڏيرا هن
دنيا کي ٺيڪ رکڻ جا ٺيڪيدار، مـُـلا ڪفن دفن جا
مقاطعدار ۽ پير سونهارا اڳئين جهان لاءِ جوابدار
هوندا هئا.
پر سائين احمد زمان رحمة الله عليـہ جي شخصيت بلڪل
نياري هئي. پنهنجي دؤر جي وڏن علمائن ۽ علامن کان
مٿاهين مقام جو مالڪ هو، آءٌ پاڻ ته تقريباً اڻ
پڙهيل هوس، پر ساڻس ٿوريءَ گهڻيءَ گفتگو بعد ائين
محسوس ڪندو رهيس ته علم ۽ آگهي جو اهڙو ڪو ڏاڪو
تصور ۾ ڪو نه اچي ٿي سگهيو، جنهن تي اڳواٽ سندس
قدم نه پيل هجن.
جڏهن مون کي سندس زيارت نصيب ٿي، پاڻ ڪراچيءَ جي
گارڊن ايسٽ جي هڪ بنگلي ۾ رهندو هو. ڪمپائونڊ جو
در عموماً ٻيڪڙيل رهندو هو. در اندران سندن ٻه
خدمتگار ڪاٺوڙيءَ بينچ تي ويٺا هوندا هئا.مالڪ جي
معيار جو پهريون پتو سندس ملازمن جي حـُـليي ۽
هـَـلت مان پوندو آهي. ان زماني ۾ جيئن وڏو پير،
تيئن سندس خليفا خوفناڪ! مڃڻو پوندو هو ته بهشت ۽
دوزخ جون ڪنجيون اندر ويٺل بزرگ جي گيدي ۾ پيل
آهن، پر ٻاهر خليفن جي خنڪيءَ جي ڇا معنيٰ ٿي سگهي
ٿي، جيڪي خواهه مخواهه اکيون ڳاڙهيون ڪيون، ڏاڙهي
مکيون، مڇان مروٽيون، ۽ لٺ يا لڪڙ هٿ ۾ کنيو پيا
مريدن ۽ در پيهي آيل ملاقاتين کي ڌڪا ڌوڻا ڏيندا
هئا؟ آخر ڏينهن قيامت جي، اهڙو قهر ته ڪو نه ٿيڻو
هو ته پـُـڇاڻي مهل، بدقسمت بندن جي باري ۾ انهن
خليفن جو ووٽ به ورتو وڃي؟ ان هوندي به، هن جهان
۾، خاص طرح سان اليڪشنن جي ”سيزن“ ۾ خليفن جي خوف
ٻيگهي متل
هوندي هئي.
خواجه صاحب موصوف جا ملازم مون کي گهڻن پيرن جي
روايتي خليفن کان مختلف نظر آيا. سادڙا ۽
ميرانجهڙا ڪپڙا پهريل هـُـون . منهن ۾ مروت ۽ اکين
۾ حياءُ هون. ڀر ۾ نه لٺ نه لڪڙ. مون کي ڪو نه
سڃاڻندا هئا. آءٌ اڳ ڪڏهن اوڏانهن ويل به ڪو نه
هوس. 25 کن ورهيه ڄمار هئم. اڃان گمنام، نه
بدنام. نه موٽر ۾ چڙهي وڃي لٿو هوس، نه وڪٽوريا
گاڏيءَ ۾. پيدل جاکوڙيندو، پتو پڇائيندو، وڃي پهتو
هوس. ڏسندي سائينءَ جي خدمتگارن اٿي آڌر ڀاءُ
ڪيو. مون ٻڌاين ته حضرت خواجه صاحب سان ملڻو اٿم،
”ڀلي آيا، جي آيا“ چئي، منجهانِ هڪ مون کي اڳ ۾
ڪري بنگلي جي دروازي ڏانهن هلڻ لڳو. مون استدعا
ڪيس ته: ”پهرين وڃي سائينءَ کي رپورٽ ڪيو، جيڪڏهن
پاڻ اجازت ڏين ته پوءِ مون کي وٺي هلو.“ چيائون:
”فقير جي گهر رپورٽ نه ٿيندي آهي.“
اندر ورانڊي ۾ پير رکندي، سامهون ورانڊي جي
پراهين ڇيڙي تي ڏٺم ته هڪ ڪرڙ وڍ ڄمار جو شخص ڪاٺ
جي صندل تي ويٺو آهي. صندل تي پـُـراڻي سـُـٽ جي
فراشي وڇيل آهي. ائين نه سمجهيم ته اهو شخص خود
خواجه صاحب رحه آهي. ڪو به پيراڻو ٺٺ ٺانگر ڪو نه
هو، رنگ ڪڻڪ ونون، قد وچولو، سنهاري مبارڪ ڪتريل،
جسم تي سنهڙو سفيد چولو، ٻه تختي سٿڻ، مٿي تي اڇڙي
ٽوپي، جيڪا گهڻا ماڻهو نماز پڙهڻ وقت پائيندا آهن.
اڳتي وڌي کانئس ئي پڇيم ته: ”مون کي حضرت خواجه
صاحب سان ملڻو آهي.“ پڇڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي
جو ورانڊي ۾ داخل ٿيڻ بعد پوئتي اک ورائي ڏٺو هوم
ته جيڪو خليفو مون کي ٻاهران وٺي آيو هو، سو مون
کي ڇڏي غائب ٿي ويل هو. پاڻ صندل تان اٿي ڏاڍي قرب
سان هٿ ملائي، مرڪي چيائين: ”منهنجا حبيب لبيب،
احمد زمان آءٌ آهيان.“ منهنجي حيرانيءَ جي حد ڪا
نه رهي. صندل تي پاڻ سان گڏ ويهڻ لاءِ اشارو
ڏنائين. مون ادب وچان احتراز ڪيو. ڀر ۾ هڪ پراڻي
ڪاٺائين ڪرسي ڏسي ان تي ويهڻ جي ڪوشش ڪيم. مون کان
اڳ پاڻ ڪرسيءَ کي ريڙهي، صندل جي سامهون رکي
فرمايائين:”هاڻي هت ته ويهو.“
اها ڳالهه پاڪستان ٺهڻ کان پندرهن سال اڳ جي آهي.
سنڌ ۾ مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ ميمبرن جون نيون
چونڊون ٿي رهيون هيون. منهنجو هڪ دوست اميدوار هو.
اوچتو بيمار ٿي پوڻ سبب پاڻ ڪراچيءَ ڪو نه اچي
سگهيو هو، پنهنجي پاران مون کي خواجه صاحب جي
خدمت ۾ حاضر ٿي، درگاهه جي مريدن ڏانهن، ووٽن جي
باري ۾، خطن وٺڻ لاءِ موڪليو هئائين.
خواجه صاحب پهريان ته روايتي ”خوش خير عافيت“ڪئي.
هلڪي، مٺي، محبت ۽ شفقت ڀرئي آواز ۽ انداز ۾.
منهنجو حوصلو وڌيو. ٿورن اکرن ۾ مقصد عرض ڪيم.
هڪدم در تي ويٺل خليفن مان هڪ کي سڏائي حڪم ڪيائين
ته خط لکي تيار ڪريو.
خليفو خط لکڻ ويو. پٺيان خواجه صاحب پڇيو ته:
”منهنجي اميدوار جي عمر ڪيتري آهي؟“ مون عرض ڪيو
”منهنجو هم عمر آهي.“ ٻيو سوال: ”مقابلي ۾ ڪير
اٿس؟ منهنجو جواب:”حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ
عبدالمجيد“. پاڻ ٿورو مشڪي فرمايائين: ”ڀؤ نه
ڪريو، سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي نوجوانن کي ميدان ۾ اچڻ
گهرجي، انهن کي حوصلو ڏيارڻ جڳائي.“
جيستائين خط لکجي آيا ۽ سائين مٿن صحيحون ڪيون،
مون کي پنهنجيءَ گفتگو سان نوازيندو رهيو. هر
جملي جي ابتدا ”منهنجا حبيب لبيب“ سان پئي ٿي.
زبان سادي، لفظ ٿورا، علم ۽ معلومات جي نمائش جو
نشان ڪو نه، نماڻائي، عاجزي، نه حقيقت، طريقت، يا
روحانيت جي اپٽار وسيلي ٻڌندڙ تي پنهنجي روحاني
پهچ جي رعب ويهارڻ جي پيراڻي زباني وٺ پڪڙ، نه
ڦوڙاٺ عربي عبارتون، نه مولويانه همه داني جو
مظاهرو، نه خطيبانه شعله بياني جي ڪوشش جيڪڏهن ڪا
ڪوشش هئي ته اها ته علم ۽ دانش جي اوگهڙ نه ٿئي.
اڌ ڪلاڪ جي گفتگو بعد بلڪل واضح ٿي ويو ته علم ۽
روحانيت جو هڪ ڀريل ۽ ڍڪيل مٽ آهي، محفلن اڳيان
وڄڻ وارو خالي گهڙو نه آهي.
خط وٺي آءٌ ان ڏينهن ته روانو ٿي ويس، پر پنهنجي
دل ديواني سندس در تي وڃائي ويهي رهيس. هر وقت
اندر ۾ اها ائي اڪير رهي ته وري وري وٽس حاضر ٿي،
علم جي ان مٽ مان ڪو چـُـڪو حاصل ڪجي. مخالف
اميدوارن کي خبر پئجي ويئي ته آءٌ خط حاصل ڪري چڪو
آهيان. انهن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طرح اهي خط
ڦيرارائجن، پر ڪامياب ٿي ڪو نه سگهيا. آءٌ نٿو
سمجهان ته ساڳين حالت هيٺ هو ڪن ٻين پيرن وٽان
اهڙيءَ طرح ناڪامياب ٿي موٽيا هوندا، ڪڏهن ڪڏهن
ڏهه-
ڏهه دفعا به پيرن جا خط ڦرندا رهيا. مدار رهندو هو
واڪ جي واڌ گهاٽِ تي!
* * *
پهرينءَ حاضريءَ کان پوءِ آءٌ ور ور ڪندو وٽن
ويندو رهيس، هفتي، پندرهين ڏينهن. ڪم حاج ڪو نه.
سمجهي ڪو نه سگهيس ته سندن ڪهڙيءَ ادا جو اهو اثر
هو پر اثر هو، ۽ ڏاڍو اثر هو.
دوران گفتگو سندن ارشادت کي قلمبند ڪرڻ لاءِ ڪتاب
گهرجي. هت اختصار کان ڪم وٺڻ جي مجبوري آهي. مثال
لاءِ ٻه-
ٽي ڳالهيون عرض آهن:
اٽليءِ ۾ مسوليني جي ڊڪٽيٽري قائم ٿي چڪي هئي،
جرمنيءَ ۾ هٽلر هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا هئا. اخبارن ۾
دنيا جي واقعات تي بحث ٿيندا پئي رهيا. پاڻ
فرمايائون: ”ڊڪٽيٽري سيزر کي ڪا نه ڦٻي، هنن کي
ڪٿان ڦٻندي؟ الله تعاليٰ نافرمان بندن کي سزا
ڏيارڻ لاءِ وقتي علاج طور اهڙيون بلائون نازل ڪندو
آهي، پر اهو علاج عارضي هوندو آهي. الله تعاليٰ
پنهنجن بندن کي مستقل طور ذليل ۽ مجبور ڪري رکڻ
پسند ڪو نه ڪندو آهي. جيڪڏهن باري تعاليٰ کي اهڙي
صورتحال منظور هجي ها ته هو انسانن کي اونداهيءَ ۾
ڇڏي ڏئي ها، سندن رهنمائيءَ لاءِ نه پيغمبر موڪلي
ها نه ڪتاب، ۽ نه نيڪو ڪاريءَ جا اصول ٻڌائي ڇڏي
ها .“
مون عرض ڪيو ته: ”دنيا جي تاريخ مطابق ته ڪن قومن
کي طويل مدتن تائين اهڙين مصيبتن ۾ گرفتار رهڻو
پئي پيو آهي.“
خواجه صاحب: ”هائو، منهنجا حبيب! حڪيم علاج جو
عرصو مرض ۽ مريضن جي حالتن مطابق متعين ڪندو آهي،
وڏو مرض ته ڊگهو علاج!“
ٻيءَ هڪ صحبت ۾ قومن جي تنزل ۽ تباهيءَ جي سببن تي
پنهنجي راءِ ظاهر فرمايائون. ائين پئي معلوم ٿيو
ته مغرب ۽ مشرق جي ڪنهن به قوم جي تاريخ، تهذيب،
تمدن، ترقي ۽ تنزل جي باري ۾، ڪنهن به ٻوليءَ ۾،
شايد اهڙو ڪو ڪتاب ڪو نه هو، جيڪو سندن نظر مان نه
گذريل هجي. ڪلاڪ ڏيڍ اندر سميري، اشوري، مصري،
بابلي، قلداني، فنيقي، يوناني، رومي، چيني، هندي،
سيماطيقي قومن جي تاريخ تي تبصره جا وَڏَ ڦـُـڙيا
مينهن وسائي ڇڏيائين. عقل دَنگ ۽ زبان گـُـنگ رهجي
وئي! آخر ۾ نتيجو به ٻڌايائين:
”قومون تڏهن تباهه ٿينديون آهن، جڏهن منجهان
انساني محبت گـُـم ۽ پئسي جي پوڄا ڪرڻ لڳنديون
آهن. ماڻهو، ماڻهوءَ کان نفرت ڪندا آهن، هڪ ٻئي
سان، بطور انسان جي، محبت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽
پئسي پٺيان ائين ڪاهي پوندا آهن، گويا پئسو سندن
معبود آهي، شرڪ جو اهو بدترين قسم آهي ۽ شرڪ الله
تعاليٰ جي نظر ۾ سڀ کان وڏو گناهه آهي. بادشاهه
بغاوت کي ۽ الله تعاليٰ شرڪ کي ناپسند ڪندو آهي.“
تعجب ان ڳالهه تي آيم ته ان نظريي جي تائيد ۾ پاڻ
جيڪي سَنَدون
پيش فرمايائون، سي صرف قرآن پاڪ، انجيل، تورات ۽
مختلف قومن جي متفرق مذهبي ڪتابن تي مبني ڪو نه
هيون، پر اقوام عالم جي سياسي تاريخ ۽ تهذيبي ۽
معاشرتي روايات ۽ ذهني رجحانات (لٽريچر، آرٽ
وغيره) جي ريڪارڊ تي پڻ.
اهڙيون ڪيئي مجلسون ٿينديون رهيون. مون کي بي غرض
طالب عالم سمجهي، ڪوشش فرمائيندا رهيا ته الله جي
ڏني مان مون کي به، منهنجي اهليت مطابق، ورثائيندا
رهن.
پوئين ملاقات ۾ ازراه بنده نوازي مون کي ململ جي
پڳ عنايت فرمايائون، جيڪا آءٌ مدتن تائين بطور
تبرڪ، سنڀاليو ويٺو رهيس.
|