ميان محمد هاشم
عباسي مرحوم
پيدائش ٺٽي شهر جي هئس. حضرت سائين مسڪين شاهه
رحمة الله عليه جي درگاهه جي خادمن جي خاندان
منجهان هو. روينيو کاتي ۾ منشي ڀرتي ٿي انگريزن جي
زماني ۾ ترقي ڪندي ڪندي ڪليڪٽر ۽ سنڌ سرڪار جو
ڊپٽي سيڪريٽري بڻيو هو.
سندس ڪليڪٽريءَ جا جلوا زياده تر دادو ضلعي ڏٺا.
جهڙس ڦڙت، حاضر دماغ، هوشيار، قانون جي ورن وڪڙن ۽
رُولن جي رولن جو ڄاڻو مون ٻيو ڪو ڪامورو، ڪنهن به
کاتي ۾، سنڌ يا پاڪستان
اندر، ڪڏهن ڪونه ڏٺو. ڌڻي جي ڏنل ڪا ڏات هئس.
فيصلو صحيح ڪيائين يا غلط، تائيد ۾ دليلن، قاعدن ۽
اڳ ٿئي جي مثالن (Precedents)
جا ڍير لائي ڇڏيندو هو. سڀ شئي جو ڄاڻ هئس،
تنهنڪري ڪنهن به ڪم ڪندي ڪو نه ڊڄندو هو. نفسيات
جو ماهر هو، پنهنجن بالادستن جي طبيعتن جو اڳواڻ
مطالع ڪري
ساڻن اهڙو سلوڪ ڪندو هو جو هو مٿس ڇڪن ٿي پوندا
هئا ۽ سندس سڳي ڌاڳي مان نڪري ڪو نه سگهندا هئا.
ائين به ٿيو ته، انهن جي مرضي رکڻ لاءِ، ميان محمد
هاشم ڪڏهن ڪڏهن مناسب حدون به ٽپندو رهيو جنهنڪري
عام ماڻهن ۾ سندس باري ۾ چڱي راءِ ڪا نه رهي. پر
هن جو اصول هو ته پنهنجي بالا آفيسر کي خوش رکجي،
جيڪڏهن بالا آفيسر، سندس زيردستي ۽ مجبوريءَ جو
فائدو وٺي، کانئس ڪو غلط ڪم ڪرائي ٿو ته ان جي
جوابداري، خدا ۽ خلق خدا جي اڳيان، ان بالادست
آفيسر تي آهي، هو پاڻ سرڪاري نوڪر ۽ امر جو بندو
آهي. سرڪاري ڪاروبار جي معاملن ۾ سندس لـُـغت ۾
”ناممڪن“ جو اکر ڪو نه هو. جيڪي گهرندو هو سو ڪري
۽ نباهي سگهندو هو.
دادو ضلعي جي ڪليڪٽريءَ واري زماني ۾ هن ڪن خود
غرض ۽ خود پرست وزيرن جي چوڻ تي ڪجهه ڏاڍائيءَ جا
ڪم ڪيا. مثلاً: ٻن-
ٽن آبرو وارن ماڻهن کي سيفٽي ايڪٽ هيٺ جيل موڪلي
ڇڏيائين، جنهنڪري ضلعي ۾ ڏاڍو هراس ڦهلجي ويو. ان
هراس جو فائدو ته وزيرن ورتو، پر نالو محمد هاشم
جو خراب ٿيو. ٻي شڪايت سندس خلاف هيءَ کڙي ٿي ته
پيسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ هو، غير معمولي حد تائين،
ڪمزور دل واقع ٿيو آهي.
دادو ضلعي سان منهنجو تعلق هو. سندس خلاف شڪايتون
ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پيس. ٿوري عرصي اندر سنڌ جا
وزير، پروڊا هيٺ، راهه رباني وٺي رمندا رهيا. صوبي
جو انتظام گورنر دين محمد مرحوم پاڻ سنڀالڻ لڳو.
مون محمد هاشم خلاف شڪايت ڪري کيس دادوءَ مان بدلي
ڪرائي ڇڏيو. گورنر کيس روينيو کاتي ۾ ڊپٽي
سيڪريٽري ڪري رکيو. محمد هاشم کي منهنجي مخالفت ۽
پنهنجي بدليءَ جي اصلي ڪارڻ جي خبر پئجي ويل هئي.
اتفاق اهڙو بڻيو جو سال ڏيڍ کان پوءِ آءٌ پاڻ
روينيو کاتي جو وزير بڻجي ويس. مون ٻڌو ته وزارت
ٺهڻ جي موقعي تي (جڏهن اسيمبلي ميمبرن ۾ ڊڪ ڊوڙ
هلي رهي هئي) محمد هاشم ۽ هڪ ٻئي اڳوڻي ڪليڪٽر
(جيڪو ان وقت هڪ اهڙي کاتي جو سيڪريٽري هو، جنهن
جو پڻ آءٌ ئي وزير بڻيس) منهنجي وزير چونڊجڻ جي
خلاف نهن چوٽيءَ جو زور لاتو. جن جن اسيمبلي
ميمبرن تي سندن اثر هو، انهن کي پيرن جا پلاند
وجهندا رهيا ته ڪاري چور کي وزير ڪن، پر مون کي
وزارت ۾ گهڙڻ نه ڏين.
پر قدرت جو فيصلو اٽل هو، انهن جي مخالفت جي
باوجود آءٌ وزير چونڊجي ويس ۽ سو به اهڙن کاتن
تي، جنهن ۾ هنن ٻنهي صاحبن ملازمت پئي ڪئي.
وزير بڻجڻ کان پوءِ، آفيس ۾ ويٺي اڃا مون کي ڏهه
منٽ به ڪو نه ٿيا هئا ته منهنجو هڪ ساٿي وزير
دروازي منجهان داخل ٿيو، سندس پٺيان ميان محمد
هاشم به لڳو آيو، هٿ ۾ درخواست هئس.
ساٿي وزير فرمايو:”آءٌ تو وٽ محمد هاشم بطور
عرضدار وٺي آيو آهيان. هو رٽائر ڪرڻ گهري ٿو. سندس
درخواست منظور ڪري کيس چئن مهينن جي موڪل ڏيو ۽
کانئس چارج ڇڏائڻ جو حڪم فرمايو.“
آءٌ: ”اهڙي تڪڙ ڇو؟“
وزير: ”اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا، ويچارو دل جهلي
ڪو نه ٿو سگهي.“
آءٌ:(محمد هاشم سان مخاطب ٿيندي) ”عباسي صاحب!
اوهان منهنجي بيعزتي ڇو ٿا ڪريو؟ اوهان ڇو ٿا ائين
سمجهو ته آءٌ وزارت جهڙيءَ خدائي امانت کي خانگي
زندگيءَ جي ويرن وٺڻ لاءِ استعمال ڪري خدا اڳيان
پاڻ کي خائن ثابت ڪندس؟ ڇو نٿا ٿورو ترسي منهنجا
عمل ڏسو ۽ ان کان پوءِ جيڪڏهن اوهان جهڙي هوشيار
ماڻهوءَ کي نظر اچي ته آءٌ اوهان کي ويساهه ڏياري
پاڻ وٽ رکي اوهان کي نقصان رسائڻ گهران ٿو ته پوءِ
اوهان ڀل ڀڄڻ جي ڪجو. في الحال ”آب نديده موزه
ڪشيده“ جو معاملو ڇو پيا ڪريو. اڳ جون هيٺ مٿاهيون
۽ شڪوه شڪايتون اڳ جي ڳالهه سمجهو. هيءُ زندگيءَ
جو نئون باب کليو آهي. نيون ذميداريون ۽ انهن کي
نباهڻ جا نوان اصول هوندا.“
منهنجي ان يقين دهانيءَ کان پوءِ وزير صاحب ۽ ميان
محمد هاشم هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ درخواست ڦاڙي روانا
ٿي ويا.
* * *
ورندي ڏينهن محمد هاشم وري آيو. چيائين، ملاقات جا
ٻه مقصد آهن:
(1) هيءُ معلوم ڪرڻ ته اوهان اسان زيردستن کان ڇا
ٿا گهـُـرو، اوهان جي پاليسي ڪهڙي هوندي، انتظام
هلائڻ لاءِ اوهان جا اصول ۽ مقصد ڇا هوندا؟
(2) دادو واري زماني ۾ اوهان کي مون ڏانهن ناراض
ٿيڻ لاءِ ڪهڙا سبب مليا؟
وڌيڪ چيائين ته: ”جيستائين بالا عملدار ۽ زيردست
جا ذهن هڪ ٻئي ڏانهن صاف نه هوندا، ۽ مستقبل جي
باري ۾ ٻنهين کي تصوير صاف نظر نه ايندي، شڪ شبها
قائم رهندا ۽ خدمت ۽ تعاون جي اها صورت پيدا ٿي
ڪا نه سگهندي جيڪا هڪ بامقصد وزير جي مد نظر رهڻ
گهرجي. آءٌ اوهان کي ٺـُـڙڪائو ۽ وقت ٽپائو وزير
ڪو نه سمجهان، جنهن کي ٺلهيءَ چاپلوسيءَ سان خوش
رکي سگهجي، اوهان سان هر ڳالهه صاف ٿيڻ گهرجي.
”سنئين راند سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.“
مون پنهنجي مقصدن ۽ طريقه ڪار ٻڌائڻ کان اڳ سندس
ٻئي نمبر سوال جو جواب ڏنو. کيس ٻڌايم ته منهنجون
شڪايتون، سندس باري ۾، هيءَ هيون ته هن سيفٽي ايڪٽ
کي غلط استعمال پئي ڪيو ۽ پيسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾
نرم دل هو.
سوال ڪيائين ته: ”اوهان کي ڪا اهڙي شڪايت به ملي
ته مون ڪنهن شخص کي پنهنجي دشمنيءَ يا ذاتي ضد،
يا ڪنهن سياسي مقصد ڪري جيل اماڻيو؟“
آءٌ:”اهڙي شڪايت ڪا نه ملي، پر پوءِ ماڻهو جيل ۾
ڇو پوندا رهيا؟“
محمد هاشم:”اهي ماڻهو ڇو جيل ۾ پيا، سو سوال
اوهان انهن وزيرن کان پڇو جن پنهنجي بالادستيءَ جو
فائدو وٺي اسان کي انهن ڪمن ڪرڻ تي مجبور پئي ڪيو.
جيڪڏهن مون سندن حڪمن يا پاليسين جي ابتڙ، خواهه
مخواهه بيگناهن کي جيل پئي اماڻيو، ته پاڻ پبلڪ جا
پنهنجا موڪليل نمائندا هئا، ڇو نه ٿي پاڻ انهن
ماڻهن کي آزاد ڪيائون، ۽ منهنجي خلاف قدم کنيائون؟
ان مان ظاهر آهي ته مون سندن حڪمن جي تعميل پئي
ڪئي ۽ انهن جي حڪم عدولي ڪري، انهن جي هٿان پنهنجو
مٿو ڪو نه ٿي وڃايم. آخر خود سيفٽي ايڪٽ ڪنهن
ٺاهيو ۽ پاس ڪرايو هو؟ انگريز جي زماني ۾ ڇو نٿي
اهڙو قاعدو پاس ٿيو؟“
کـَـنگهي کــُـڻڪي، پوءِ اڳتي هليو. چي: ”باقي
رهيو پيسي ڏوڪڙ جو سوال:
آءٌ ضلعي جو ڪليڪٽر هئس، پر ٽيڪسن ۽ مسواڙن ڪٽئي،
مون کي درماهه مشڪل سان اٺ نو سؤ روپيا پئي مليا.
ان مان گهر جو خرچ، آڪهه جو لٽو ڪپڙو، ٻارن جي
تعليم جو خرچ، غريب ۽ نادار مٽن مائٽن جي امداد،
خاندان ۾ شادين مرادين، نياڻين کي ڏيج ڏيوڻ جون
ضرورتون پوريون ڪرڻيون پونديون هيون. گهر اڏائڻ
يا رٽائرمينٽ کان پوءِ جيئري رهڻ لاءِ خرچن خفن
جا خيال فوري ضرورتن کان علاوه، دامنگير رهيا ٿي.
فرض ڪريو ته ان ساريءَ مالي ڇڪتاڻ جي پورت ته
پگهار مان ڪيان، پر ”بالائي مصيبتون“ ڪٿان ڀريان؟
مثلاً: سياري ساوڻ وزيرن جا ورود ۽ انهن جون
مهمانيون، جهنڊيون، دلي دروازا، پارٽيون وغيره.
گورنر صاحب جا دورا، ڪمشنر صاحب جون تشريف آوريون
۽ سندس قسما قسم عملي جون رنگا رنگي تقاضائون.
آڊٽ پارٽين جي آمد، روينيو کاتي جي انسپيڪشن ٽيم
جي ”ٽيٽا ٽـُـٻڻيءِ، متفرق مرڪزي ۽ صوبائي کاتن جي
سربراهن جا وقتي لامارا، هاڻي ٻڌايو ته اهي خرچ
ضلعي جو انتظامي پريو مـُـڙس ، ڪٿان پورا ڪري؟ ۽
جيڪڏهن نه ڪري ته گهڻا ڏينهن ان عهدي تي رهي
سگهي؟“
ٻه ٽي مثال به ٻڌايائين:
چي: ”شام جو تار پهتي ته ملڪ جو فلاڻو حاڪم اڌ رات
جو اسپيشل ٽرين ۾ دادو لائن سان دادوءَ مان
لنگهندو. اسپيشل ٽرين جي باورچيخاني لاءِ
سٺ ڪڪڙ، چوڏهن درجن آنا، منڇر جا پکي، تازي مئل
ڪـُـرڙي مڇي، ٻه درجن تتر ۽ هرڻ يا ڦاڙهي جي هڪ ٻه
ران، پليٽفارم تي موجود رکجو. هاڻي خدا لڳ انصاف
ڪريو ته ڪليڪٽر وٽ ڪڪڙي خانو هوندو آهي جو اتان
هڪدم سٺ ڪڪڙ ۽ چوڏهن ڊزن آنا ڪڍي آڻي آڌيءَ رات جو
حاضر ڪري؟ ڇا ڪليڪٽر ڍنڍ جا پکي ڦاسائيندو وتندو
آهي، يا جهنگلي جانور پڃري ۾ بند ڪيو ويٺو هوندو
آهي، جن کي هڪدم ڪـُـهي انهن جون رانون آڻي موجود
ڪري؟“
آءٌ: ”اوهان انڪار ڇو نه ڪيو؟“
محمد هاشم:”انڪار ڪجي ها ته هاشم جا ٻچا ٻير تي
هجن ها. رپورٽ ٿئي ها ته دادوءَ جو ڪليڪٽر سخت
نااهل آهي، برجستو نه آهي، انتظام رکڻ جي ناقابل
آهي. ريڪارڊ خراب، سڄيءَ عمر جي محنت چـَـٽ! اهڙا
جوکم ڪهڙو سرڪاري نوڪر کڻندو؟“
آءٌ: ”پوءِ ڪيئن بندوبست ٿيو؟“
محمد هاشم:”هيڊ ڪوارٽر جي مختيارڪار ۽ تپيدارن کي
گهرائي حڪم ڏنم ته وچ ۾ اڃا اٺن ڪلاڪن جو ٽائيم
اٿو، ان اندر اهي سڀ شيون پيدا ڪريو، ڊڪيا ڊوڙيا،
وٺ پڪڙ ۽ ڀڄ ڀڄان ڪيائون. جيپون هٿ ڪري هيڏانهن
هوڏانهن ڀڳا. فلاڻن ڳوٺن مان ماڻهن جا پاليل تتر
وٺي ڪٺائون. رات وڳڙي وڻن تي ويٺل ڪڪڙيون لهرائي
ذبح ڪيائون. فلاڻي شاهه وٽ پاليل ڦاڙهو بيٺل هو،
جنهن سان سندس ڏاڍو پيار هو، شاهه صاحب
کي
دڙڪا ڏئي کانئس ڦاڙهو وٺي حلال ڪيائون. شاهه صاحب
۽ سندس ٻارڙن کي روئندو ڇڏي اچي دادوءَ پهتا. هڪ
ٻئي تپيدار، ٿاڻي جا هڪ ٻه سپاهي ساڻ ڪري، جيپ تي
چڙهي وڃي منڇر جي ميربحرن جي هڪ مياڻيءَ جو
محاصرو ڪيو. ويچاريون مهاڻيون ۽ سندن ٻار کين
ڌاڙيل سمجهي اونداهيءَ رات ۾ گهل ڦر ڪري اٿيا.
مياڻيءَ جي چڱن مڙسن ٻاهر نڪري اچي سرڪاري عملي
سان ڳالهايو. ڏينهن جا ڦاسايل پکي ۽ مڇيءَ جا ڪرڙا
پيش ڪري پنهنجي جان ڇڏيايائون.“
آءٌ: ”آخر قصو ڪيئنءَ ختم ٿيو؟“
محمد هاشم: ”اهو سامان کڻائي آءٌ وڃي وقت کان ڪلاڪ
کن اڳ پليٽفارم تي بيٺس. اسپيشل آئي، بورچين ۽
ٻٽڙيلن ۽ پوليس گارڊن جا ٽولا لهي آيا. سڀ شيءَ
لسٽ سان ڀيٽي هٿ ڪيائون. انڌير ته اهو ڏسو ته پوءِ
به هيڊ بورچي راضي ڪو نه ٿيو. مڇي کڻي، ان کي
سنگهي وڦلڻ لڳو ته واهه جو مڇي آندي اٿو! ڇا اوهان
ههڙي پاروٿي مڇي کارائي ملڪ جي حاڪم کي مارڻ گهرو
ٿا؟ اسان جو دفتردار ۽ سپروائزنگ تپيدار ڄاڻو مڙس
هئا، اهڙا گهڻا تڙ تانگهيل هئن. مون کي چيائون ته:
”توهان
پٺي ڏئي بيهو“.
هو هيڊ باورچيءَ کي اشارو ڏئي پاسي تي وٺي ويا.
اتان جو هيڊ باورچي موٽيو سو سڌو وڃي گاڏيءَ ۾
گهڙيو ۽ پنهنجن ماڻهن کي اشارو ڏيندو ويو ته مال
اندر ڪيو. دروازي کان بيهي مون کي چيائين:
”خانصاحب،
هاڻي اوهان ڀل وڃو، مهرباني.“ موٽندي دفتردار کان
پڇيم، چيائين ٻه سو روپيا وٺي، نوٽ کسڪائي کيسي ۾
وجهي، مشڪندو موٽي ويو.“
ان قصي ٻڌائڻ کان پوءِ سوال ڪيائين.
”وزير
صاحب! هاڻي انصاف ڪريو، محمد هاشم اهڙا ڀن ڪٿان
ڀري ها؟“
سوال:
”پوءِ
ڪٿان پورائي ڪندا هئا؟“
جواب:”رسائي
فنڊ جي
”وچ
خرچ“
مان؟ رسائي فنڊ
”آنڪي“
مان ڪٺو ٿيندو رهندو هو، يعني تپيدار سرڪاري ڍل
سان گڏ آني رپئي جي حساب سان کاتيدارن کان خرچي
وٺندا هئا. ان جي عيوض ۾ هو کين معمولي سهولتون
ڏيندا هئا ۽ سندن معمولي قانون ڪوتاهين کي درگذر
ڪري ڇڏيندا هئا. اها
”آنڪيءَ“
جي
رقم هر تعلقي جي هيڊ ڪوارٽر جي تپيدار وٽ جمع
ٿيندي هئي، جتان
”وچ
خرچ“
هلندو هو ۽ کاتي جي هر ڪاموري جي حاجت روائي ٿيندي
رهندي هئي. اهو دستور صدين کان هلندو رهيو هو.
انگريز به ان کي بند ڪري ڪو نه سگهيا هئا،ٽوڙڻ جون
ڪيتريون ڪاميٽيون ويهاريندا رهيا هئا.“
سوال: ”هاڻي ائنٽي ڪرپشن کاتو کليو آهي.“
جواب: ”فقط رشوت جا ريٽ وڌندا. جيڏا خطرا اوڏي
رشوت، اها اصولي ڳالهه آهي. اسان پراڻن آفيسرن تي
سڀ کي پئي ڪاوڙ اچي. ٿورو ترسو، ويهي ڏسجو ته نوان
ڪامورا ڪيئن ٿا ڏُهن، ڪيئن ٿا ٻن سالن جي نوڪريءَ
وارا به بنگلا ٺهرائن، موٽرون ڌارين، ٻارن کي
ولايت مان تعليم ڏيارين ۽ نرَئين - مادئين لکن تي
مٿا ڌوئن. اسان پراڻي زماني جا ”ٿوريءَ تي خوش
ٿيندڙ“ ڪامورا ساري عمر جي چاڪريءَ ۾ جيڪي ڪجهه
ڪو نه ڪري سگهيا آهيون، سي هو مهينن ۾ ڪري
گذرندا.“
سنڌ ڦـُـربي، ڦڪي ٿيندي، ڀـُـڄندي ڀـَـتئون
ڀـَـت،
ايندي تن جي هٿ، رَتي رحم نه جن جي روح ۾!
ان تقرير ٻڌڻ کان پوءِ مون کيس ٻڌايو ته آءٌ ڇا ٿو
گهران؟ اهو سندس پهرئين سوال جو جواب هو. مون چيس:
(1) امير ۽ غريب، هاريءَ ۽ وڏيري ۾ جهيڙو هجي ته
غريب ڌر سان مـُـروت آميز انصاف ٿئي.
(2) آفيسرن کي جيڪي وڻي سو بلا خوف و خطر ۽ منهنجي
راضپي يا ناراضگيءَ جي ڪا پرواهه نه ڪري، صحيح
راءِ ڏين ۽ فائيل تي پنهنجي ضمير ۽ سمجهه مطابق
نوٽ لکن. جيڪڏهن مون کي ساڻن اختلاف ڪرڻو پيو ته
آءٌ پنهنجي ضمير ۽ سمجهه مطابق دليلن تي مبني
تحريري حڪم ڪندس ۽ ان فيصلي جي ساري جوابداري پاڻ
تي کڻندس. البته آءٌ جيڪو آخري فيصلو ڪري موڪليان
ته ان تي اکيون ٻوٽي هڪدم عمل ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي
تعميل ۾ پوءِ ڪا ڦتڙڪ نه وجهڻ گهرجي، جڏهن ته
جوابداري سڄي منهنجي هوندي. ان کان سواءِ فيصلي
ٿيڻ کان پوءِ تعميل ۾ اينگهه به نه ٿيڻ گهرجي،
ڏينهن جو ڪم ڪلاڪن ۾ ۽ مهينن جو ڪم ڏينهن ۾ ختم
ٿيڻ گهرجي.
(3) آءٌ دوري تي هجان ته ڪو به آفيسر منهجي ”سلام“
لاءِ نه اچي. منهنجي لاءِ ڪنهن به استقبال، گارڊ
آف آنر، آڌر ڀاءُ، پارٽيءَ، پبلڪ ميٽنگ، کاڌي جي
دعوت، ايڊريس يا پوليس جي پهري جو بندوبست ٿيڻ نه
گهرجي. آءٌ بنا اڳواٽ پروگرام ٻڌائي، جيڏانهن
وڻندو اوچتو هليو پيو ويندس. سرڪاري بنگلن ۾ مهمان
ڪو نه ٿيندس. جن دوستن وٽ خانگي زندگيءَ جي زماني
۾ هميشـہ وڃي رهندو هئس، هاڻي به انهن وٽ وڃي پيو
اجهو وٺندس ۽ انهن جي ماني کائيندس. سرڪاري ڪم
لاءِ ڪنهن کي سڏائڻو هوندم ته اها گهڙي سرڪاري
بنگلي ۾ وڃي ويهندس. ڪنهن به آفيسر کي خانگي جاءِ
رهائش يا دوست جي در تي نه گهرائيندس، نه ات ڪنهن
کي ملاقات جو موقعو ڏيندس.
(4) ڪورٽ آف وارڊس ۽ انڪمبرڊ اسٽيٽس جو کاتو به
منهنجي پورٽ فولئي جو حصو آهي. آءٌ ان کاتي تي
ڪرڙي نظر رکندس. ڪنهن به يتيم ٻار، يا بيوه(جيڪي
ان کاتي جي سنڀال ۾ هجن) جو حق غصب ٿيڻ ڪو نه
ڏيندس، انهن جي پاران آءٌ بلڪل ڪات ڪهاڙا کنيون
بيٺو هوندس.
محمد هاشم:”انهن اصولن سان ته اوهان وزارت هلائي
ڪو نه سگهندا. وڏا ماڻهو سڀ اوهان جا دشمن ٿي
پوندا.“
جواب:”مون کي پنهنجن ماڻهن جو پتو آهي ته منجهن
شڪر گذاري،احسان مڃڻ، خدمت جي قدر ڪرڻ ۽ ماڻهو
ڪـُـ ماڻهو سڃاڻڻ جو مادو ڪيترو آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو
ته سنڌ جي روايتن موجب هو جلد مون کي ڊوڙائي
ڪڍندا. آءٌ ڪيتري به خدمت ڪيان، هو دعاءِ خير سان
به ياد ڪرڻ وارا مڙس ڪو نه آهن. پر جيترا ڏينهن
آءٌ وزير رهندس، پنهنجن اصولن تي ڪاربند رهندس،
جيڪي به صحيح، حق ۽ انصاف تي مبني ڏسندس سو ڪري
گذرندس. ڪو راضي رهي يا ناراض. فقير هلندو رهي،
ڪـُـتا ڀل ڀونڪندا رهن. ٽيپو سلطان (رحمته الله
عليه) جو قول ياد اٿم:”شينهن جي هڪ ڏينهن جي هستي
گدڙ جي سؤ سال زندگيءَ کان افضل ٿئي ٿي.“ هونءَ
به انسان جي زندگي خود هڪ مختصر سير سفر مثل آهي،
جنهن جي دوران ۾، ٿوري ٿوري ڪري سڀ شيءَ ڏسي وٺڻ
گهرجي، عمر ٿوري ۽ هيءُ سنسار اڻ کٽ آهي. منجهس،
گهڻيون شيون دلچسپ ۽ ڏسڻ جهڙيون آهن. جيڪي جلدي
جلدي ڏسي وٺڻ گهرجن، جيئن وڌيڪ ڪا دنيوي تمنا دل ۾
باقي نه رهجي وڃي. سيلانيءَ کي ڪنهن هڪ منزل تي ڳت
ڏئي يا گوڏو کوڙي ويهي رهڻ نه گهرجي. آءٌ وزارت ۾
ان نيت ۽ خيال سان آيل آهيان. اسيمبلي ميمبر يا
مٿيان حضرت مون کي ڊوڙائي ڪڍن، تنهن کان اڳ آءٌ
پاڻ ڪرسي کي لت هنيون هليو ويندس ۽ ڪرسي پاڻ
منهنجي پٺيان ڊوڙندي رهندي. ”وداع“ کان سواء ”وصل“
۾ مزو ڪو نه ٿو ٿئي. اڳتي وڌڻ، پوئتي هٽڻ ۽ پوئتي
هٽي وري اڳتي وڌڻ، دنيوي زندگيءَ جي معمولات
منجهان هجڻ گهرجي. بيٺل پاڻي ڪـِـنو ٿي ويندو
آهي. نئين سياست ۾ سـِـر سان هميشـہ ڪفن ٻڌل رهڻ
گهرجي.”ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾.“ سر
ناظم الدين جي مثال کي ٿئي اڃا ٽي مهينا
به نه گذريا آهن. ساري عمر خذمت ۽ عبادت ڪندو
رهيو، پاڻ کي ڪنگال بڻائي ڇڏائين. پڇاڙيءَ ۾ مٿي
لڪائڻ لاءِ جاءِ به ڪا نه رهيس، هڪ خدا ترس انسان
مسواڙ تي جاءِ وٺي ڏني اٿس، جنهن ۾ ٻچڙا وٺيو ويٺو
آهي. ڪالهه مون وٽ عرض کڻي آيو هو ته آءٌ کيس
ميرپورساڪري تعلقي ۾ ٺيڪي تي ٻه ٽي جريب زمين
گرانٽ ڪريان، جت هو ڪڪڙي خانو کولي، آنا ۽ چوزا
وڪڻي قوت گذر ڪري. هڪ انگريز فيلسوف چيو آهي ته:
”جنهن سياست جو مقصد حصول اقتدار ٿئي ٿو، تنهن ۾
شڪر گذاري ۽ احسانمنديءَ لاءِ ڪا گنجائش ڪا نه ٿي
ٿئي.“
1924ع ۾ حيدرآباد ۾ تعليمي ڪانفرنس ٿي هئي، ان
موقعي تي مرحوم سر ابراهيم رحمت الله ٻڌايو هو ته
جنهن قوم ۾ احسان مڃڻ ۽ پنهنجن کي سڃاڻڻ جي
صلاحيت ڪا نه ٿي ٿئي، سا هميشـہ ٿاٻا کائيندي
وتندي. سنڌ 1936ع ۾ بمبئيءَ کان جدا ٿي. اڄ ڏينهن
تائين گهڻيون وزارتون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون
آهن. ان کي ”ٿاٻا کائڻ “نه چئبو ته ڇا چئبو؟ آءٌ
انهيءَ پس منظر کي سامهون رکي، پوءِ وزير بڻيو
آهيان.“
محمد هاشم: ”ماشاءِ الله، اسان تعاون لاءِ تيار
آهيون.“
آءٌ: ”ته پوءِ عزت به پائيندا. آءٌ پنهنجي
معتبرائي يا اختيار ڏيکارڻ لاءِ ڪنهن به زيردست جي
نه هتڪ ڪندس، نه ان جي انتظامي رعب کي خراب ڪندس،
نه ان کي ڪنهن جي هٿان مارجڻ ڏيندس. مون کي جيڪي
به ڪرڻو هوندو ته ان لاءِ آفيسرن جي ڪلهي تي بندوق
رکي ڪو نه ڇوڙيندس، سڀ ڪم پاڻ ڪندس، پنهنجي ذاتي
جوکم ۽ جوابداريءَ تي ڪندس.“
* * *
ان گفتگو بعد محمد هاشم ۽ آءٌ هڪ ٻئي کي چڱيءَ
طرح سڃاڻي وياسين، نه هن کان ڪا سهو پهتي نه هن جي
عزت يا نوڪري جي حقن ۾ مون رُخنو پوڻ ڏنو.
* * *
ٻئي ڏينهن محمد هاشم وٽان هڪ فائيل آيو، جنهن تي
شايد منهنجي پاليسيءَ جي پرک ڪرائڻي هئس. فائيل جو
تعلق روينيو کاتي جي هڪ اعليٰ آفيسر سان هو، جنهن
تي ائنٽي ڪرپشن وارن فوجداري مقدمي جي منظوري گهري
هئي، جيڪا سنڌ جو انگريز گورنر(جنهن وزارت ٺهڻ کان
اڳ آئين جي بدنام زمانه ڪلاز 93 هيٺ صوبي جو سڄو
انتظام پاڻ پئي هلايو) منهنجي روينيو وزير ٿيڻ کان
هڪ ڏينهن اڳ ڏئي چڪو هو ۽ هينئر فقط آرڊر ٽائيپ ٿي
هيٺ وڃڻو هو. آفيسر خلاف الزام هي هو ته سندس هڪ
زيردست تپيدار پنهنجي خانگي بنديءَ ۾ لکي ڇڏيو هو
ته: ”صاحب جي منزل وقت روشنيءَ لاءِ گولو ٻاريو
ويو هو، جنهن جي مسواڙ ٻٽيهه رپيا صاحب بروقت ڪا
نه ڏني هئي.“
محمد هاشم فائيل تي نوٽ لکيو هو ته: ”ان آفيسر جي
پنجويهه سال نوڪري آهي، سندس رڪارڊ سارو عرصو بي
داغ پئي رهيو آهي. ٻٽيهه روپيا مسواڙ جي فقط ٻه
ڏينهن دير سان ملڻ جو سوال آهي. ائنٽي ڪرپشن آفيسر
انگريز، روينيو کاتي جو سيڪريٽري انگريز، گورنر
انگريز، ڇا وزير صاحب، گورنر صاحب جي ڪيل حڪم تي
نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ هيءَ فائيل ڏانهس
ان ڪري موڪلي رهيو آهيان جو سندس تنهن ڏينهن جي
ٻڌايل انتظامي پاليسي، مون کي ڪجهه ٻيءَ طرح جي
نظر ۾ پئي آئي. آئيني ۽ قانوني پوزيشن هيءَ آهي ته
وزارت قائم ٿيڻ شرط گورنر صاحب انتظامي امور کان
بي دخل ٿي چڪو آهي. جيڪي اختيار 93ع ڪلاز هيٺ
گورنر وٽ هئا، سي هينئر روينيو وزير کي حاصل آهن.“
فائيل تي مون حڪم لکيو ته: ”اڳ ٿيل ڪارروائي ۽
حڪم مهمل، ساري معاملي جا ڪاغذ، بنديءَ سميت،
منهنجي ڏسڻ لاءِ پيش ڪيا وڃن.“
ائنٽي ڪرپشن وارن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. اهڙن ڪيسن
جا اصلي ڪاغذ انهن ڏينهن تائين ڪنهن به گورنر يا
وزير ڪڏهن به پاڻ وٽ گهرائي ڪو نه چڪاسيا هئا.
هينئر هنن چالاڪي ڪري ٽي چار وڏيون لوهيون ٽرنڪون،
قسما قسم ڪاغذن ۽ ڪتابن سان ڏٽيل، کڻائي آڻي
منهنجي دفتر ۾ رکيون. سندن خيال هو ته ڪاغذن جون
ايڏيون ٽرنڪون ڏسي آءٌ ڊڄي ويندس ۽ اها همت ڪا نه
ٿيندي جو پراڻن ڪاغذن جي ايڏي انبار جو پنو پنو
اٿلائي چڪاسيان.
هفتي ٻن کان پوءِ آءٌ اهي ٽرنڪون پاڻ سان کڻائي
ٽنڊي محمد خان پهتس. ات مون بندوبست ڪيو ته
منهنجي ساٿي وزير ۽ ميزبان مير علي نواز خان مرحوم
مون کي ڪنهن ويران ۽ ڏورانهين اوطاق ۾ ويهاري،
اهڙو انتظام رکي، جو اوطاق جي ٻاهران قلف چڙهيل
رهي، ڪنهن کي به مون تائين پهچي منهنجي وقت خراب
ڪرڻ جي اجازت نه هجي.، صرف نوڪر وقت سر ماني کڻي
آڻي دريءَ مان اندر لنگهائي ڏئي.
مير علي نواز مرحوم اهڙو انتظام رکيو ۽ آءٌ ٽي چار
ڏينهن اوطاق ۾ پورجي ٽرنڪن ۾ سٿيل ڪاغذن جو مطالعو
ڪندو رهيس.
مون سڄي دفتر کي اٿلائڻ کان پوءِ ڏٺو ته هن ڪيس
سان واسطو رکندڙ هڪ به ڪاغذ، سواءِ تپيدار واريءَ
ان بنديءَ جي، ڪو نه هئن. ائنٽي ڪرپشن وارن محض
مون کي منجهائي مارڻ لاءِ اجاين ڪاغذن ۽ ڪتابن جون
ٽرنڪون ڀري منهنجي مٿي تي هنيون هيون.
بندي اٿلائي ڏٺم ته بنديءَ جي جنهن پني تي ملزم
آفيسر جي کاتي ٻٽيهه روپيه لکيل هئا، ان ساڳئي پني
تي ٻين به ڪيترن وڏن آفيسرن ۽ اڳين پوين وزيرن جي
کاتي خرچ ڪيل نسبتاً گهڻيون وڏيون رقمون درج ٿيل
هيون:
مثلاً: ضلعي جي ڪليڪٽر جي گهوڙن ۽ مال جي گاهه ۽
اوطاق جي بلي چار هزار روپيه، دفتردار صاحب جي
بلي ٻه هزار روپيه، سنڌ جي ان وقت جي وزيراعليٰ جي
بلي (جنهن زماني ۾ هو مرڪز جي فوڊ کاتي جو وزير
هو) چڱي خاصي رقم، تعليم کاتي جي اڳوڻي وزير جي
نالي به ڪجهه رقم، ان وقت جي اسيمبلي اسپيڪر
صاحب(جيڪو اڳ ۾ به حيثيت وزير، ان ضلعي ۾ منزل ڪري
چڪو هو) جي مهماني بلي ڪافي خرچ، وغيره، وغيره.
مقابلتاً جنهن بدقسمت آفيسر خلاف گورنر صاحب،
پنهنجي بيدار مغزيءَ کان ڪم وٺي، مقدمي جي منظوري
ڏني هئي، تنهن جي بلي گولي جي مسواڙ جا فقط ٻٽيهه
روپيا لکيل هئا، جيڪي پڻ هن بل پهچڻ شرط پاڻ هرتو
ادا ڪري ڇڏيا هئا.
ٻين بزرگن (جن جا نالا تپيدار صاحب پنهنجي بنديءَ
۾ درج فرمايا هئا)کي نه بل ڏنا ويا هئا، نه هنن
اهي رقمون ادا ڪيون هيون! اها هئي ”ثابتي“، جنهن
جي بنياد تي گورنر منظوري ڏني هئي!
* * *
مون پنهنجو فيصلو لکيو. وڏن دليلن، دلائلن ۽
حجتن جي بنياد تي. سنڌيءَ چوڻيءَ موجب پير کوڙي
قلم هلايم. معلوم هئن ته کـَـکـَـر ۾ کڙو هڻي رهيو
آهيان. وڏو طوفان مچندو. شايد ”پروڊا“ به مون تي
داخل ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي بدنام ڪرڻ لاءِ هي
هـُـل ته هلندا ته مون هڪ ڦاٿل ”رشوتي“ ڪاموري کي،
گورنر صاحب بهادر جي حڪم کي ريٽي، بچائي ڇڏيو. اهو
ڪو ڪو نه ڏسندو ته ان معاملي ۾ انصاف ۽ بي ريائيءَ
جون تقاضائون ڇا هيون؟
منهنجي فيصلي جو ماحصل هيءُ هو:
(1) گورنر جو فيصلو نظرثانيءَ بعد رد. اهو فيصلو
سطحي آهي ۽ بنا ثابتين جي تڪ تور ڪرڻ جي ٿيل آهي،
ان مان بي ريائيءَ جي بوءِ ڪا نه ٿي اچي، پاڻ ان
مان چشم پوشيءَ جي ڪوشش جو شبهو پيدا ٿي رهيو
آهي، ڇو ته جيڪڏهن اڪيلي بنديءَ کي، هڪ پنجويهن
ورهين جي بي داغ ريڪارڊ رکندڙ سرڪاري ملازم کي جيل
اماڻڻ لاءِ بطور جڊيشل ثبوت جي ڪافي سمجهيو ويو
ٿي ته پوءِ جن جن بزرگن جا نالا ان بنديءَ ۾ آيل
هئا، تن سڀني تي ڪيسن جي منظوري ڏيڻ کپندي هئي.
اهو ڪهڙو انصاف هو ته ساڳي بنديءَ ۾ ڏيکاريل مانگر
مڇن کان پاسو ڪري، فقط هڪ ننڍي ۾ ننڍيءَ ڪرڙيءَ
کي ڦاسايو وڃي؟
(2) تپيدار جي بنديءَ ۾ ڄاڻايل نالن وارن سڀني
ماڻهن تي
مقدمي هلائڻ جي منظوري ڏني وڃي ٿي، مڙني کي هڪ ئي
وقت سلهڙ ڪري ڪورٽ جي حوالي ڪيو وڃي.
فائيل، ان حڪم سان، موٽي محمد هاشم وٽ ويو، جنهن
کي حڪم مطابق وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻي هئي. منهنجو نوٽ
پڙهي هو ڊڄي ويو. ٻه ٻيا ڊپٽي سيڪريٽري ساڻ ڪري،
وفد جي صورت ۾ مون وٽ آيو ۽ اچي منٿون ڪيائين ته
آءٌ، خاص پاڻ کي ۽ پنهنجيءَ وزارت کي بچائڻ خاطر،
اهڙو حڪم جاري ڪري اجايو طوفان نه کڙو ڪريان، سندس
صلاح هئي ته آءٌ ”جـُـڙيءَ کي جـَـسُ“ جي سنڌي
اصول تي عمل ڪري، پاڻ کان ڏاڍن سان نه اٽڪا ن.
وغيره وغيره.
پر آءٌ پنهنجي ڪئي تي قائم رهيس. محمد هاشم مايوس
ٿي هليو ويو. ان فيصلي جي ڳالهه عام مشهور ٿي
ويئي.
وزيراعليٰ صاحب تائين به اها خبر پهتي، جنهن
فائيل ڪابينه اڳيان پيش ڪري هي فيصلو ڪرايو ته:
”تپيدارن جي خانگي بندين کي جڊيشل ثابتي سمجهي ان
جي بنياد تي ائنٽي ڪرپشن مقدمن جي منظوري ڏيڻ نه
گهرجي. بنديءَ کي ثابتي شمار نه ڪيو وڃي. تپيدارن
کي ان طريقي سان پنهنجي بالا آفيسرن کي بليڪ ميل
ڪرڻ جو وجهه ملي ٿو. هو ڪنهن به بالا آفيسر جو
نالو پنهنجي بنديءَ ۾ اٽڪائي، ان کي ڦاسائي سگهن
ٿا. هو بنهه ڪوڙيون بنديون به رکي سگهن ٿا. اهو
سلسلو انتظام ۽ ڊسيپلن
لاءِ تباهيءَ جو باعث ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري ان کي
ختم ڪيو وڃي ٿو.“
ڪابينه جي ان اصولي فيصلي کان پوءِ جنهن آفيسر
تي اهو ممڻ متو هو سو ته ڇٽي ويو، پر تقريباً ٽي
چار سؤ ٻيا ماڻهو به، جن کي تپيدارن بنديون
رکي ڦاسرايو هو، ائنٽي ڪرپشن جي بيهودن مقدمن مان
آزاد ٿي ويا
.
مون
پنهنجي طرفان ٻيو حڪم جاري ڪيو ته زيردستن تي
ڪنٽرول رکڻ کاتي جي وزير جو فرض آهي، پنهنجن کاتن
جي باري ۾ آءٌ پاڻ کي ذميدار ٺهرايان ٿو. آئينده
آءٌ پاڻ کين سزا ڏيندس ۽ اسيمبلي اڳيان انهن جي
عملن لاءِ آءٌ خود جوابدار هوندس. في الحقيقت مان
پنهنجن کاتن تي ڏاڍي تکي نظر رکڻ لڳس. نقصان ڪنهن
کي ڪو نه
پهچايم، پر ڊيڄاري سڀني کي رکيم. پنهنجي باري ۾
ايتريقدر غير يقيني حالت پيدا ڪيم جو منهنجو
ويجهڙي کان ويجهڙو دوست به اهو ڪو نه چئي سگهندو
هو ته ڪاغذن پيش ٿيڻ کان پوءِ مون کي ڪهڙو پور
پوندو ۽ ڪهڙو فيصلو ڪري وجهندس، تنهنڪري سڀ
واسطيدار ماڻهو هميشه ڀؤ ۾ رهيا. ساڳئي وقت آءٌ
گاهه بيگاهه اوچتا چڪر به ڏيندو وتندو هئس. رات
جي وقت موٽر ۾ سفر ڪندو هئس. صبح جو اوچتو ئي
اوچتو وڃي دفترن ۾ پهچندو هئس ۽ عام عرضدارن جي
مجمعن ۾ لڪي ويهي ڪامورن جون ڪار گذاريون ڏسندو
هئس ۽ کين موقعي تي ئي سزا جزا ڏئي، ۽ تنبيهون
ڪندو اڳتي هليو ويندو هئس. ڪنهن کي يقين ڪو نه
هوندو هو ته آءٌ ڪهڙي لباس ۾ ڪهڙي وقت اوچتو اچي
سندس دفتر تي نازل ٿيندس. انهن ڳالهين جي نه شهرت
ڪندو هئس، نه اخبارن ۾ ڇپجڻ ڏيندو هئس. ڪامورا يا
ويري ڀل ڀونڪندا وتن. اصل سوال پنهنجي دل جي تسڪين
جو هوندو هو. فرض بجا آندم، پگهار حلال ڪيم.”نيڪي
ڪـُـن به دريا افگن.“
محمد هاشم مرحوم کي منهنجن انهن ڦيرين ۽ چڪرن جو
اڪثر پتو هوندو هو، پر هو ٻڙڪ ٻاهر ڪو نه ڪڍندو
هو. ڪنهن کي ڪو نه ٻڌائيندو يا خبردار ڪندو هو ته
آءٌ ڪنهن طرف وڃڻ جو ارادو ڪري رهيو آهيان،
حالانڪه سنڌ جي ڪامورن ۾ گهڻا ئي سندس گهـَـڻ
گهـُـرا دوست به هوندا هئا. هو اعتبار ٽوڙڻ وارو
مڙس ڪو نه هو.
* * *
هڪ دفعي آخر ڊسمبر جي پارن ۾ آءٌ رات جو چئين بجي
موٽر ۾ جيڪب آباد کان موٽي ڪراچي پهتس. موٽر مان
لهي دروازي ڏانهن وڌڻ کان اڳ پاسي پـَـلوَ ڏانهن
نهاريم ته صحن ۾ وڻ جي پاڇي ۾ هڪ ماڻهو بيٺل ڏٺم
گهر تي پوليس جو پهرو ڪو نه رکيو هئم. ڊرائيور
موڪلي ان ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن گهرايم. ڏسان ته
محمد هاشم مرحوم آهي.
حيرت وچان مون کانئس پڇيو ته: ”ميان محمد هاشم!
خير ته آهي جو هن وقت هيڏيءَ ٿڌ ۾ اچي هت بيٺا
آهيو؟“ چيائين: ”مون کي سـُـڌ پيئي ته اوهان اڄ
رات ڪنهن نه ڪنهن وقت ضرور موٽڻا آهيو. مون ڏٺو
آهي ته موٽر ۾ ويٺي اوهان جي سوچ جاري رهندي آهي ۽
ڪيتريون ڳالهيون اوهان جي دماغ ۾ اينديون رهنديون
آهن. مون هت حاضر ٿي ان لاءِ انتظار پئي ڪيو ته
شايد اوهان کي ڪن سوچيل ڳالهين جي باري ۾ منهنجي
فوري ضرورت محسوس ٿئي.“
آءٌ: ”ميان! خدا کان ڊڄ. هي به ڪو وقت هو؟“
محمد هاشم: ”سرڪاري نوڪرن جا ڪي فرض به ٿيندا آهن.
متان نه متان، ضرورت پئجي وڃي، تنهنڪري نوڪر کي هر
وقت چوڪس رهڻ گهرجي.“
ٿرماس مان چانهه ڪڍي کيس پيالي پياريم. پوءِ
ويهي سفر جا حال ساڻس ونڊيم. کيس ڪيتريون هدايتون
ڏنم. اٿڻ کان اڳ مـُـرڪي چوڻ لڳو: ”ڏسو، هت موجود
رهڻ ڪري ڪيترا نه معاملا صاف ٿي ويا. رات ڪارائتي
گذري، سمهڻ لاءِ ته ماڻهوءَ کي قبر ۾ ڪافي ٽائيم
ملي ٿو. ڊيوٽي ڪندي جا خوشي حاصل ٿئي ٿي، سا ننڊ
مان ڪٿي ملي ٿي؟“
* * *
ڪجهه مهينن کان پوءِ سندس پينشن تي وڃڻ جو ٽائيم
آيو. پڇاڙيءَ جي چئن مهينن جي حقي موڪل وارا ڏينهن
وڃائي به ڊيوٽي ڪندو رهيو هو.
مون کيس ٻڌائڻ کان سواءِ حڪم لکي موڪليو ته کيس
ايڪسٽينشن ڏيئي نوڪري جاري رکڻ جو موقعو ڏجي ٿو.
واسطيدار وڏي اهلڪار، جنهن کي اهو حڪم جاري ڪرڻو
هو، تنهن سخت اعتراض اٿاري هڪ زهريلو نوٽ لکي مون
ڏانهن ڪاغذ ورائي موڪليا. فائيل موٽندي هاشم خود
وٽان گذريو. روئندو، رڙيون ڪندو، مون وٽ آيو.
چيائين: ”مون سان اهڙو ظلم تو ڇو ڪيو؟ مون کان
پڇين ها ته آءٌ اوهان کي روڪيان ها، ڇو ته مون کي
معلوم هو ته ان صاحب کي اسان سان ڪيڏي عداوت رهي
ٿي. هو اسان سڀني جي پاڙ ڪڍڻ لاءِ کاهيون ۽
کـُـڙپيون کنيو وتي ٿو. مفت ۾ منهنجي ڏاڙهي ان
ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏئي، پڇاڙيءَ عمر ۾ ههڙا نوٽ
منهنجي خلاف ريڪارڊ تي آڻائي، مون کي بي آبرو
ڪرايـُـئي.“
مون کيس دڙڪو ڏئي، دانهن کان روڪي ٻاهر ڪڍيو.
پٺيان فائيل واسطيدار اهلڪار ڏانهن هن نوٽ سان
موڪلي م:
”هيٺيان ڪاغذ اڄ جو اڄ منهنجي اڳيان پيش ڪيا وڃن:
(1) محمد هاشم جو گذريل پنجويهن سالن جو
ڪانفيڊنشل پرسنل ريڪارڊ.
(2) اهلڪار صاحب جو پنهنجو ڪانفيڊنشل پرسنل
ريڪارڊ.“
ٻئي ريڪارڊ پيش ٿيا. پڙهي ۽ مقابلو ڪري ڏٺم، محمد
هاشم جو ريڪارڊ ڪلارڪيءَ کان ڪليڪٽريءَ تائين
آئيني جهڙو صاف. انگريزي لغت ۾ اهڙو ڪو به تعريفي
جملو ڪو نه هو، جيڪو سندس حق ۾ ڪم آندل نه هو. اهي
جملا ڪنهن ڪم آندا هئا؟ وڏن وڏن نالي وارن انگريز
ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن ، جيڪي سنڌ جي انتظامي تاريخ ۾
غير فاني حيثيت ڪري چڪا هئا.
مقابلتاً اهلڪار صاحب جو پنهنجو ريڪارڊ ڇا هو؟
”ڌوڙ جو ڌاڻيون،پٽنس نياڻيون!“ ڪو به اهڙو سال ڪو
نه هو، جنهن ۾ سندس بالا عملدارن سندس خلاف ڪجهه
نه ڪجهه تند ۽ تيز ريمارڪ نه ڪيا هجن. اهڙي بڇڙي
ريڪارڊ ڪري مورڳو کيس بمبئي پريزيڊينسيءَ مان
نيڪالي ڏئي سنڌ مٿان مڙهيو ويو هو. حقيقت ۾ ديوان
نهچلداس پنهنجي وزارت جي زماني ۾ کيس بمبئيءَ مان
گهرائي سنڌي مسلمان آفيسرن جي ڇنڇري لاهڻ لاءِ هت
رکيو هو. فائيل تي مون نئين سر ٺاهي جوڙي ”مٿي
ڦاڙ“ نوٽ لکيو. سال سال جو تقابلي مقابلو ڪري
ڏيکاريم ته فلاڻي سال ۾ اهلڪار صاحب کي ڪهڙو نوٽ
مليو ۽ محمد هاشم کي ڪهڙو.
پڇاڙيءَ ۾ لکيم ته: ”جيڪڏهن اهڙي ريڪارڊ هوندي به
ان اهلڪار صاحب کي اڃا پاڻ نوڪري ڪندي شرم ڪو نه
ٿو اچي ته محمد هاشم کي نوڪري ۾ وڌيڪ عرصو رکندي
مون کي به شرم محسوس ڪو نه ٿو ٿئي، تنهنڪري منهنجو
ڪيل حڪم بحال رهي.“
ساڳئي وقت اهو به حڪم ڪيم ته محمد هاشم کي موٽائي
دادوءَ جو ڪليڪٽر ڪري رکيو وڃي ٿو.
نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو. ان کان پوءِ محمد هاشم کي
پنهنجي نوٽ جو نقل ڏيکاريم، جيڪو ٽائيپ به مون پاڻ
ڪيو هو، جيئن ٻئي ڪنهن کي اندر جي خبر نه پوي، ڇو
ته ان مان اهلڪار صاحب جي رعب خراب ٿيڻ جو انديشو
هو، جيڪا ڳالهه مون ڪا نه ٿي گهري، انتظامي امور ۾
هر ڳالهه کي ڪن حدن اندر رکڻ ضروري هوندو هو.
نوٽ پڙهڻ بعد محمد هاشم هيءُ ٽيڪاٽپڻي فرمائي:
”پير سائين، تنهنجي مهرباني. تو ته گڏهه کي گج
پهرائي ڇڏيا، پر هڪ ڳالهه جو خيال ڪجانءِ. جڏهن
تو کي وزارت ڇڏڻي هجي ته ان کان هفتو اڳ مون کي
رٽائر ڪرائي ڇڏج، ورنه تنهنجي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ
ضد وچان اهو اهلڪار صاحب منهنجا جيرا بـُـڪيون
ڪباب ڪري کائي ڇڏيندو. وڏي جوکم جهڙو ڪم ٿي چڪو
آهي.“
* * *
اڃا ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ئي هو ته هڪ فائيل
مون ڏانهن حڪم لاءِ موڪليائين. فائيل جو تعلق سنڌ
جي ڪـَـٻـِـرين سان هو. ڪجهه عرصي کان بيلجيم جي
ماڻهن کي سنڌ جي ڪٻرين سان عشق پيدا ٿيو هو، جت هو
انهن پکين کي پاليندا به هئا ۽ ڪجهه ٻوليون ٻولڻ
به سيکاريندا هئا. پيسا ڪافي ڏيندا هئا، جنهن ڪري
لالـچ جا ماريا پکين جا واپاري ڪٻرين کي ڦاسائي
ٽوڪرن جا ٽوڪرا ڀري اوڏانهن موڪلي ڪمائي ڪرڻ لڳا
هئا.
محمد هاشم کي سنڌ جي ڪٻرين جي اهڙي طرح ملڪ
نيڪاليءَ تي سخت اعتراض هو. هن نوٽ لکيو ته سنڌ
جون ڪٻريون به سنڌ جون رهاڪو آهن، سنڌ جي رزق ۾
انسانن جهڙيون ڀاڱي ڀائيوار آهن، الله تعاليٰ انهن
کي سنڌ جي سونهن وڌائڻ، پوکن مان جيتن جڻين کي
کائي صاف ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. انهن جو به سنڌ
تي اوترو ئي حق آهي، جيترو اسان انسانن جو آهي.
قصور صرف اهو اٿن جو هو ڪمزور آهن ۽ بي زبان آهن.
اسان پنهنجي ڏاڍائيءَ جو ناجائز فائدو وٺي، نفعي
ڪمائڻ خاطر انهن گگدامن کي ڦاسائي، ديس نيڪالي
ڏئي، انهن حقن کان محروم ڪيون ٿا، جيڪي جڳ جي
ٺاهيندڙ ۽ پاليندڙ کين هن ديس مٿان ڏنا آهن. اها
پاليسي اصولي طرح غلط آهي. سنڌ جي رزق ۾ پاڻ ساڻ
ڀائيوار ساهدارن کي ملڪ نيڪالي ڏئي پيسا ڪمائڻ ۽
پنهنجن ڀڀن کي ڀرڻ خراب عادت آهي: اڄ ڪٻريون
وڪڻون ٿا، سڀاڻي اگهه چڱو نظر آيو ته ڇا نه وڪڻڻ
لڳنداسين، تنهنڪري شروع ۾ ئي ان عادت کي روڪڻ
ضروري آهي. بي جان جنسون(اناج وغيره) وڪڻڻ واپار
آهي، بي ضرر ساهدارن کي وڪڻڻ ۽ ديس نيڪالي ڏيڻ بي
رحمي ۽ حق تلفي آهي. وغيره، وغيره.“
مون ساڻس اتفاق ڪندي ڪٻرين جي ڦاسائڻ ۽ ٻاهر موڪلڻ
تي بندش وجهڻ جو حڪم جاري ڪيو. ڪي ماڻهو کلڻ لڳا،
مون محمد هاشم کي ٻڌايو، چيائين: ”فڪر نه ڪريو،
اهي ماڻهو ته نياڻيون به وڪڻي ڪمائي ڪندا آهن، اهي
عادتي چمڙيءَ جا واپاري آهن. اسان کي پنهنجي اصول
تي رهڻ گهرجي.“
* * *
پاڻ دادوءَ جو ڪليڪٽر ٿي ويو. سنڌ جو ڪمشنر مسٽر
نذير احمد مرحوم
گشت تي اوڏانهن ويل هو. ريل تي کيس ڇڏڻ لاءِ محمد
هاشم ساڻس گڏجي دادو اسٽيشن تي آيو. ات ڏٺائين ته
ڪڪڙن سان ڀريل کارا ڪراچيءَ وڃڻ لاءِ بڪ ٿيا، پليٽ
فارم تي پيل آهن.
بابوءَ کي سڏي کانئس پڇيائين ته: “هي جهنگلي
پکي ڪراچيءَ لاءِ ڇو بڪ ڪيا اٿوَ؟“ بابوءَ ٻڌايس
ته: ءِ هي پالتو ڪڪڙ آهن ۽ ڪراچيءَ موڪلڻ تي بندش
ڪا نه آهي.“
محمد هاشم:”هي جهنگلي پکي آهن. کارن ۾ بند آهن ته
به پيا هڪ ٻئي سان وڙهن ۽ هڪ ٻئي کي ٺونگا هڻن. ڇا
اهي پرڪار پالتو پکين جا ٿيندا آهن؟“
پوليس کي حڪم ڪيائين ته بابوءَ کي گرفتار ڪري،
ٽوڪرا کڻائي، سندس ڪورٽ ۾ حاضر ٿئي.
ڪمشنر صاحب کانئس پڇيو ته: ”هيءُ قدم ڪهڙي قاعدي
هيٺ پيو کڄي؟“
چيائينس: ”صاحب، اوهان فڪر نه ڪريو، جوابداري
منهنجي آهي. بابو هاءِ ڪورٽ مان به ڪو نه ڇٽندو.
آءٌ ڪراچيءَ وارن کي هن ضلعي جا ڪڪڙ کائي هوائن
ڇڏڻ ڪو نه ڏيندس. قاعدو ڄاڻان ۽ آءٌ ڄاڻان.“
محمد هاشم بابوءَ تي متبادل چارجون مڙهيون:
(1) جهنگلي پکين جي ڦاسائڻ ۽ انهن جي واپار تي
قانوني بندش آهي، جنهن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي(اهو
قاعدو تازو خود مون پاس ڪرايو هو). اهي ڪڪڙ جهنگلي
پکين جي زمري
۾ اچن ٿا، ڇو ته شاهدن ۽ مشيرن کين پاڻ ۾ وڙهندي
ڏٺو آهي.
(2) اهي جهنگلي پکي نه به هجن ته به ڪڪڙ ته ضرور
آهي، ۽ ڪڪڙن جي ڪراچي موڪلڻ تي گذريل جنگ جي زماني
۾ قانوني بندش وڌل هئي، جيڪا اڄ تائين رد ڪا نه
ٿي آهي.
بابو غريب مصيبت ۾ ڦاسي ويو، محمد هاشم سندس ڪيس
کي اِنگهائيندو
رهيو. ان وچ ۾ ڳالهه ضلع بلڪ سنڌ اندر پکڙجي ويئي.
دادوءَ جا ڪڪڙ ڪراچي اچڻ بند ٿي ويا، ڪراچيءَ
وارن دانهون ڪرڻ شروع ڪيون. محمد هاشم بانڪو بي
پرواهه ٿي چوندو رهيو: ”هي قانون جي ڳالهه آهي،
ڪراچيءَ وارن کي به معلوم ته ٿئي ته دادو ضلعي ۾
به ڪا حڪومت آهي.“
* * *
ان زماني ۾ هڪ عجيب ۽ غير معمولي ڪيفيت پيدا ٿي.
ڪراچيءَ ۾ وڏي گوشت واپرائڻ جو شوق، اوچتو ئي
اوچتو، وڌي ويو. سارو مارو سنڌ جي چوپائي مال تي
پوڻ لڳو. هندستان مان سمگل ٿي آيل مال جون ٽرڪون
ڀرائي راتو رات ڪراچيءَ جي ڪوس خانن ڏانهن موڪلڻ
جي جرئت اڃا ڪنهن ۾ ڪا نه پيدا ٿي هئي.
سنڌ جي پنهنجي زندگيءَ جو مدار سارو زراعت تي ۽
زراعت جو مدار وري چوپائي مال تي هو. ان کان سواءِ
کير، ڏڌ ۽ مکڻ تي ڳوٺاڻن جو گذر ٿيندو هو. سندن
خوراڪي ضرورتون به پوريون ٿينديون هيون ۽ صحت به
قائم رهندي. هـُـوَن. چانهه جي وبا اڃا ڳوٺاڻن ۾
ڪا نه پکڙي هئي. کير ڦڙيءَ، مکڻ ڦٽيءَ ۽ لسيءَ جي
لپ تي اوڳرايون ڏيندا، پوتڙو هيٺ تي، ڪهاڙي ڪلهي
تي رکيو مال چاريندا، نڙ ۽ بينون وڄائيندا، مست
الست بڻيا وتندا هئا. سڀ شئي گهر جو گهر مان پئي
ملندي هئن.صحت بحال رهندي هئن. نيچرل غذا،
کلي هوا، نه ڊالڊا نه ملاوٽي مسالا، نه آنڊي ۾ وڪڙ
نه پيٽ ۾ ڌُڪڙ، نه حڪيمن جي حاجت نه ڊاڪٽرن جي
محتاجي، نه دواخانن جا ڌڪا،نه اسپتالن جا ٿاٻا، نه
ٿاڻن جا گهڙا ڀرڻا نه انڪار جي صورت ۾ رولاڪ ليکجي
”رجوع“ ٿيڻ جا خطرا. تندرست، تنومند، ڄڻ کيرٿر جي
کليل وادين ۽ ويئـُـن ۾ هرڻ پيا ٽلن، ٽپن ۽
ڪـُـڏن.
آءٌ روينيو وزير سان گڏ صحت کاتي جو به وزير هوس.
مون کي سنڌ جي زراعت ۽ صحت ٻنهي جو خيال رکڻو پيو
ٿي. مون فيصلو ڪيو ته سنڌ
۽ ڪراچيءَ جي دنگ تي چوڪيون ويهاري سنڌ جي چوپائي
مال کي سمگل ٿي ڪراچي ۾ اچي ڪـُـسجڻ کان بچايو
وڃي.
ان ”ناڪه بندي“ کي عمل ۾ آڻڻ جو فرض مون ٻين
آفيسرن سان گڏ، (خاص طرح سان) محمد هاشم جي سپرد
ڪيو. رات جي وقت آءٌ پاڻ به پيدل دنگ تي ڦري ڏسندو
هوس ته ات ڇا پيو وهي واپري.(ان ڪم ۾ منهنجو ساٿي
وزير خان صاحب غلام رسول خان ڪيهر به ڪڏهن ڪڏهن
منهنجو ساٿ ڏيندو هو). محمد هاشم خود جي ته ان کان
پوءِ ننڊ ڦٽل رهي. ساري رات پيو لانڍيءَ جي پريان
ٽڪرين ۾ (جت ڪراچي ۽ سنڌ جو دنگ هو ۽ هينئر ات
اسٽيل مل کڙي ٿي رهي آهي) ٿاٻا کائيندو هو ۽ چوڪين
تي ذاتي چوڪسي رکندو هو. هفتي کن اندر چوپائي مال
جي واپارين ۽ سمگلرن کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيائين. لانڍي
پريان ٽڪرين ۾ جو گهڙيو سو ڦاٿو، ڏنڊ نه پر رُکي
جيل جي سزا. ٽنگو ٽالي ٿي راتو رات ساڪري جي لاڪپ
ڏانهن کڄي ٿي ويو. ڌَڪن جا شاهد ڦٽ. ٿورن ئي ڏينهن
۾ ڪراچيءَ جي قاصاين ۽ وڏي گوشت جي شائقن جا
ڪـُـنا اونڌا ڪرائي ڇڏيائين ۽ سنڌ جي چوپائي مال
تان هڪدم ڪوپ لاهي وڌائين.
جنهن به رات آءٌ پاڻ ان دنگ جي دوري تي ويس ته ڏٺم
ته محمد هاشم وڏيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي کٿو
ويڙهيو سجاڳ ويٺو آهي. سندس سڄي ۽ کاٻي سپاهي ۽
چوڪيدار ڪمر ڪشيو هيڏانهن هوڏانهن، لـَڪن ۽ لنگهن
۾ ڊوڙندا، ووڙيندا ۽ واجهائيندا پئي وتيا.
محمد هاشم پوڙهو ٿي چڪو هو، پر همت جوان هئس. ڪن
نخريلن، نفيسڙن، نازڪڙن، پاوَ گـُـلن ۾ تـُـرڻ
وارن تـِـرڪ تالين منجهان ڪو نه هو. نه ڪراچيءَ
کان ٻاهر دم گهٽبو هئس، نه ڏهين بجي ڏينهن کان
پوءِ اکيون مهٽيندو ننڊ مان اٿندو هو ۽ نه چهري کي
چمڪائڻ،
سرمي، سرخي ۽ سينٽن لائڻ کان سواءِ آفيس ۾ اچڻ کان
عار لڳندو هئس. گهوڙي تي چڙهندي ڪو نه ڊڄندو، اٺ
پٺيءَ تان ڪرڻ جو خطرو ڪو نه هوندو هئس. قانون جو
خود ڪينئون هو،”ڪـِـٿ گهتان؟ هـِـت گهتان!“ وارو
قصو ڪو نه!
محمد هاشم جهڙا سخت جان آفيسر هئا، جن انگريزن
پاران انتظام پئي هلايو ۽ ان پرديسي حاڪم لاءِ
سرخروئيءَ جو باعث پئي بڻيا.
* * *
گورنر جنرل غلام محمد مرحوم سيوهڻ اچڻو ٿيو، لعل
سائينءَ جي چانئٺ چمڻ ۽ منڇر جي ملاحظه لاءِ!
سندس استقبال ۽ منزل جي انتظام
لاءِ، آءٌ ۽ محمد هاشم(جيڪو دادوءَ جو ڪليڪٽر ٿي
ويو هو) اڳئين ڏينهن تي وڃي سيوهڻ ۾ ويٺاسين.
سج لهندي آءٌ لٺ کڻي يا پياده شهر ڏسڻ لاءِ نڪري
هليس. اڪيلو ئي اڪيلو. شهر جي وٽ ۾ وارياسي ميدان
جي ڪناري تي لوڪلبورڊ جي پراڻي ويران مسافرخاني جي
ڀر مان گذريس. حاطي جي ڊَٺل ديوار ٻاهران ٻه ٽي
ٻارڙا پئي کيڏيا. ڪارڙا، اگهاڙا، هڏن جا پڃرا، کل
سڙيل، تري وڌيل، اکين تي چپيون چڙهيل. مون
پڇين:”ڪير آهيو؟“ چيائون: ”پرديسي ٻاليشاهين جا
ٻار آهيون.“
”هت
ڇو آيا آهيو؟“
”اندر
اسان جو پيءُ بيمار پيو آهي.“
آءٌ اندر گهڙي ويس. ات ڇت ڪريل ورانڊي جي ڪنڊ ۾
مٽيءَ تي هڪ نوجوان ليٽيو پيو هو، ڀر ۾ ڇيڻن جي
دونهين پئي دکي، پاڻ پٽ تي پئي سور جون دانهون پئي
ڪيائين، ماڻس مٿانئس ويٺي رُني!
سندن ماجرا معلوم ٿي: سيوهڻ تعلقي جي ڏورانهين
جابلو ڪنڊ جا ٻاليشاهي هئا، ان نوجوان کي جلندر جي
بيماري لڳي ويل هئي، ماڻس ڳوٺان لا علاج ڪرائي هت
کڻائي آئي هئي، هت سيوهڻ ۾ به نه ڊاڪٽر هو نه علاج
جي خرچ لاءِ وٽن ٻه ڏوڪڙ. نه صرف ايترو، پر کاڌي
لاءِ به ڪجهه ڪو نه هـُـون. راتاڪون پاڻ ۽ ٻار
بنهه بک ۾ پاهه ٿيندا رهيا هئا. نوجوان جي زال
هينئر شهر مان روٽيءَ ٽڪر پنڻ لاء ”گدائي“
تي نڪري ويل هئي، ٿڌ جي موسم هئي، پارو وسي رهيو
هو، ٻار اگهاڙا، بيمار جي هيٺ تي ڇڙو لانگوٽو،
مائيءَ جو پنهنجو پڙو ۽ گج ليڙون ليڙون. اوڇڻ
لاءِ نه رلهي نه ٽپڙ. هوڏانهن:
پاڙي ناهه پچار، ڪيئن رات
رنجائي گذر ي؟
اهو حال ڏسي دل دهلجي ويئي. پنهنجي ضمير کان سوال
پڇيم ته جيڪڏهن ملڪ جي رهاڪو انسانن جا هي حال آهن
ته پوءِ انهن هچارن کان هيڏيون ڍلون ۽ هيترا
محصول، ايتري قدر چيڀاٽي، چيچلائي وصول ڪرڻ جو
اسان کي ڪهڙو حق آهي؟ اها ته صريحاً حرامخوري
پيا ڪريون! ڪنهن ڏينهن ضرور پڇاڻو ٿيڻو آهي، مٿان
”دير“ ٿي ته هيٺان ئي حساب وٺڻ لاءِ اٿي کڙا
ٿيندا.
”دير“
جو نتيجو انڌير نه هوندو آهي، بلڪ دير گيرد سخت
گيرد!
آءٌ ڊوڙي وڃي محمد هاشم کي وٺي آيس. اهو درد انگيز
نظارو ڏسي پاڻ به ڏاڍو متاثر ٿيو. صلاح بيٺي ته
گورنر جنرل جي سامان لاءِ جيڪا ٽرڪ آيل آهي، ان کي
في الحال خير جي ڪم لاءِ استعمال ڪجي، يعني مٿس
کٽ رکائي، هنڌ وڇائي، بيمار کي سمهاري، راتو رات
محمد هاشم
پاڻ ٻاليشاهيءَ جي سڄي آڪـهه
کي کڻائي وڃي دادو اسپتال ۾ پهچائي، هر طرح
ٿانئيڪو ڪري موٽي اچي. آءٌ وزير صحت به هوس.
دادوءَ جي ڊاڪٽر ڏانهن هدايت نامو موڪليم ته:
”بيمار کي اسپتال جا صاف ڪپڙا پهرائي، وي. آءِ. پي
ڪمري ۾ رهايو وڃي، سندس علاج خيال سان ٿئي ۽
بهترين ٿئي (ورنه ڊاڪٽر صاحب پاڻ ۽ اسپتال جو عملو
چٽ)، ضرورت پوي ته تار موڪلي سرجن پنٽو
کي
ڪراچيءَ مان گهرايو وڃي، هر صبح مون وٽ تار يا
ٽيليفون رستي رپورٽ پهچڻ گهرجي ته بيمار جي ڇا
حالت آهي، قيمتي کان قيمتي دوا سرڪاري خرچ تي مهيا
ڪري ڪتب آندي وڃي.“
محمد هاشم اهو سڄو ڪم سرانجام ڪري آڌيءَ رات سيوهڻ
موٽي آيو. پٺيان گورنر جنرل جي منزل واري خرچ
واري رقم مان ٻه-
ٽي
سؤ روپيا به ڇڏي آيو ته بيمار جي ٻارن ۽ زالن لاءِ
ڪپڙا خريد ڪري هڪدم سبارائي کين پهرايا وڃن ۽ سندن
کاڌي خوراڪ جو به بندوبست ٿيندو رهي.
بعد ۾ جڏهن آءٌ دادو اسپتال جي چڪر تي ويندو هوس
ته هو نوجوان پنهنجي ٻوهاري سان مسلح، اچي ”سالوٽ“
ڪندو هو. پوليس جي گارڊ آف آنر کان اها ٻوهاري
واري سلامي مون پنهنجي لاءِ وڌيڪ عزت افزائي جو
باعث ٿي سمجهي. غريب وٽ اهو ئي هو، ٻيو ڇا ٿي ڪري
سگهيو؟
* * *
محمد هاشم مرحوم پنهنجو وارو وڄائي ويو، جاءِ خالي
ڇڏي ويو.
مون وزارت ڇڏي، هو به موڪلائي ويو.
رهي نانءُ الله جو.
* * *
محمد هاشم مرحوم کان علاوه به مون کي وزارت جي
زماني ۾ ڪيترا چڱا ساٿي مليا. ان لحاظ سان آءٌ خوش
قسمت هوس، توڙي جو انهن ڏينهن جي عملدارن ۾ هونءَ
به اڃا قحط الرجال ڪو نه آيو هو. ڪيترائي انسان
منجهن موجود هئا.
مثلاً: منهنجن ساٿين ۾ آغا محمد يعقوب شامل هو،
جنهن جهڙو خوددار، بااخلاق اعليٰ اهلڪار ڪن سڀاڳين
سرڪارين کي ميسر ٿي سگهيو ٿي. سندس ذاتي خواه
ملازمتي زندگي صاف ۽ شفاف، اصول ۽ انصاف خاطر
پنهنجي ذات کي جوکم ۾ وجهڻ وارو هو.
مصنف شڪايتون ٻڌي رهيو آهي. سندس سامهون مسٽر محمد
هاشم عباسي ڪليڪٽر دادو ويٺو آهي.
مسٽر نور محمد ڀٽي توڙي جو ڪليڪٽريءَ جي گريڊ ۾
هو ۽ مون وٽ ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪم ٿي
ڪيائين، پر ظاهر خواه باطن ۾ درويشن جو درويش سيرت
کان سواءِ صورت ۾ به. هڪ لحظي لاءِ به منجهس اهو
پندار پيدا ڪو نه ٿيو ته اهو ايڏي اختيار جو صاحب
آهي. سندس انسانيت پنهنجي مٿي اهڙي وٿ هئي، جنهن
اڳيان عملداري حيثيت هيچ هئي. عملداري ڪندي به
الله تعاليٰ کي اهڙن ماڻهن راضي ٿي رکيو. وجود کي
وڃائي،”اَنا“
کي اڏائي! انهن جي عملداري عبادت هوندي هئي.
ديوان بولچند ڪرپالاڻي ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي سيڪريٽريءَ
هڪ سچو سنت هو. سندس نظر ۾ ڪليڪٽريءَ ۽ سندس پيرن
جي پراڻي گهيتلي جي قدر ۽ قميت ۾ ڪو فرق ڪو نه هو.
خوديءَ کي ”لا“ جي لت سان ڀڃي ڀورا
ڪري ڇڏيو هئائين. سندس فرض شناسي ۽ پگهار کي حلال
ڪري کائڻ جو اهو عالم هو جو آڌيءَ رات تائين اڪيلو
دفتر ۾ ويٺو ڪم ڪندو هو. اهڙا به موقعا ٿيا، جڏهن
هو ٽيبل تي ويٺي ۽ ڪم ڪندي بيهوش ٿي ٿي ويو. اها
خبر مون کي پهتي. مون لکت ۾ حڪم ڪيو ته: ”شام جو
آفيس بند ٿيڻ وقت سر سڊني رڊلي ڪمشنر، پنهنجي
روبرو بولچند کي آفيس مان ڪڍي گهر روانو ڪري، ان
کان پوءِ پنهنجي بنگلي ڏانهن وڃي“.
سر سڊني موڪل تي ويو ته ديوان بولچند، پٽيوالن کي
ميڙيون منٿون ڪري، دروازو کولرائي وري به اڳئين
وانگر راتين جون راتيون دفتر ۾ گذاريندي ڪم ڪرڻ
لڳو.
هڪ شام مون اوچتو وڃي سندس آفيس تي ڇاپو ماريو.
ديوان بولچند، مون کي ڏسي سخت گهٻرائجي ويو. مون
نه ڪئي هم نه تم، پنهنجا ماڻهو موٽر مان لاهي
ديوان کي ٽنگوٽالي ڪرائي موٽر ۾ وجهي وڃي سندس گهر
۾ ڦٽو ڪيم. پٽيوالن کي تنبيهه ڪيم ته جيڪڏهن آفيس
جي وقت کان پوءِ ديوان کي در کولي ڏنائون ته کين
هڪدم
نوڪري
مان جواب ڏنو ويندو.
پر ديوان پوءِ به ڪو نه مڙيو. فائيلن جا سٿا گهر
کڻي وڃي اتي ڪم ڪرڻ لڳو. وري حڪم ڪيم ته فائيل
آفيس کان ٻاهر نه وڃن. مجبور ٿي مون کي چوڻ لڳو
ته: ”منهنجي طبيعت جي ساخت اهڙي آهي، جو جيڪڏهن
ڏينهن جو ڪم رهجي وڃي ٿو ته ساري رات ان چنتا ۾
ڦٿڪندو رهان ٿو ۽ ننڊ بنهه ڪا نه ٿي اچيم.“
مون پڇيس:”ديوان وڏا، ننڊ ڪڏهن ٿي اچيو؟“
ديوان: ”جڏهن يقين ٿئيم ٿو ته پنهنجي ڊيوٽي پوري
ڏني اٿم ۽ اڄ جو ڪم سڀان تي ڪو نه ڇڏي آيو آهيان.“
سنڌ مان رٽائر ڪيائين ته پاڪستان سرڪار کيس پاڻ
وٽ کنيو ۽ سندس ڪارڪردگيءَ جي پيش نظر کيس تمغئه
خدمت به عطا ڪيو.
وضع دار ۽ وفادار انسان هو. آءٌ وزارت ڇڏي ويس،
تنهن هوندي به جيستائين جيئرو هو، عيد مبارڪ ۽ خير
عافيت پرسيءَ لاءِ موٽ وٽ ايندو رهيو.
مسٽر عبدالله چنا روينيو کاتي جو ٻيو هيرو
هو.مختيارڪاريءَ مان چڙهي ڪليڪٽر ۽ پوءِ ڊپٽي
سيڪريٽري بڻيو هو. سندس منهن ڏسي ڪنهن کي همٿ ڪا
نه ٿيندي هئي جو کيس ڪنهن ناجائز ڪم لاءِ چئي
سگهي. غلط ڪم ڪرڻ کان چيف منسٽر کي به جواب ڏئي
ڪڍندو هو.حلال جي پگهار تي قانع، حرص کان پري، نه
بنگلي سازيءَ جو چڪر، نه بينڪ بيلنس جو فڪر، مروت
ڏيکارڻ لاءِ تيار، خوشامد کڙيءَ کان بيزار، قاعدي
قانون جو پابند، رولن ريگيوليشنن جو ماهر، جيڪي
لکندو ڄڻ سون تي ٽڪ!
ڊاڪٽر پنٽو ڪراچيءَ جو چوٽيءَ جو سرجن ۽ ڊاڪٽر هو.
روزانو هزارن روپين جي ڪمائي هئس. جڏهن سنڌ ۾ صحت
کاتي جو خانو خراب ٿي ويل ڏٺم ته کيس ارداس ڪيم ته
خالص انساني خدمت خاطر قرباني ڪري ڊائريڪٽر جنرل
بڻجڻ قبول ڪري. مون کي جواب ڏئي ڪو نه سگهيو. سندس
ايامڪاريءَ ۾ ۽ سندس جوش و خروش کان متاثر ٿي اسان
صحت کاتي جي رُت بدلائي ڇڏيسين. صحت جي وزارت
سنڀاليندي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي ڏٺم ته ڪاري
قيامت لڳي پئي هئي. ساري کاتي اندر ڪو به اعليٰ
ڊگري يافته (ايف. آر. سي. ايس) ڊاڪٽر ڪو نه،
معمولي ڊاڪٽر به ڳاڻوان، تعلقن ۾ ڊسپينسريون
ويران، ضلعي اسپتالون جهـُـرڻ تي، نرسون ندارد،
ميڊيڪل ڪاليج پوين پساهن ۾، دوائون غائب( ڪي ڊاڪٽر
صاحب، سرڪار وٽان مليل قيمتي دوائون دڪاندارن کي
وڪڻي ڏيندا هئا ۽ غريب مريضن کي رنگين پاڻيءَ جون
بوتلون ڀريو پيا ڏيندا هئا)،فوجداري ڪيسن ۾ ڪوڙا
سرٽيفڪيٽ ڏئي غريبن جا خون لوڙهيا ٿي ويا، اسپتالن
۾ ڦٽيل ۽ سور جا ستايل مريض ٻاڪاريندا ٿي رهيا،
پٽيءَ ٻڌڻ ۽ بدلائڻ وارو ڪو نه.
ٻن سالن اندر ڪافي ڪم ٿيو. سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب
آباد، نواب شاهه ۽ ٺٽي ۾ اسپتالن جون نيون عمارتون
ٺهيون( ڪن جون اسڪيمون پاس ٿيون)، لياقت ميڊيڪل
ڪاليج جو بنياد پيو، سرڪاري خرچ تي ايف. آر. سي.
ايس جي ڊگرين وٺڻ لاءِ نوجوان ڊاڪٽر ولايت موڪليا
ويا، قيمتي ۽ اڻ لڀ دوائن جو هوائي جهاز ڀري آندو
ويو، جيئن دير نه پوي، ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪرڻ
لاءِ نه فقط ميڊيڪل ڪاليجن ۾ سيٽون وڌايون ويون،
پر حيدرآباد ۾ هڪ خاص ميڊيڪل اسڪول کوليو ويو،
جيئن تعلقن جي ڊسپينسرين ۾ ڪم چالو ڪرڻ لاءِ، ٽن
سالن اندر ڊاڪٽر پڙهي ڪافي تعداد ۾ تيار ٿي وڃن،
ڪوڙن سرٽيفڪيٽن کي ٻـُـنجي ڏيڻ لاءِ وڏن ڊاڪٽرن جو
هڪ خاص بورڊ ٺاهيو ويو، جيڪو شڪايت يا اختلاف جي
صورت ۾ هڪدم. موقعي تي پهچي مريض يا مـُـردي جو
خود معائنو ڪندو هو. مشهور راشي ڊاڪٽر صاحبن کي
هڪدم رخصت ڏني ويئي ۽ باقين ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪيو
ويو. اسپتالن ۾ داخلا وقت مريضن کي ٽڪلي لڳل ڪارڊ
ڏنا ويا(جن تي منهنجو يا ڊاڪٽر پنٽو جو ذاتي نالو
۽ ائڊريس ڇپيل هو) ته جيڪڏهن کين ڪا شڪايت محسوس
ٿئي ته ڪارڊ ٽپال ۾ اڇلائي ڇڏين ۽ اسان پاڻ سندن
خبرگيري ڪنداسين.
اهڙا به موقعا آيا، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ ڪا
شديد بيماري پيدا ٿي ته ڊاڪٽر پنٽو پاڻ ٻيا ڊاڪٽر
ساڻ ڪري ۽ دوائون کڻي وڃي ات ڪيمپ لڳائي ويهي رهيو
۽ اوستائين اتانهون نه هٽيو، جيستائين بيماري
ڪنٽرول هيٺ نه آندي ويئي.
منهنجي وزارت ڇڏڻ کان پوءِ ڊاڪٽر پنٽو به استعفا
ڏيئي علحده ٿي ويو. ڪجهه سال ٿيا ته مورڳو ڪراچي
به ڇڏي وڃي لنڊن ۾ اسپتال کولي ويهي رهيو.
ڊسوزا:
منهنجو پي. اي هو. نوجوان، 25 ورهيه ڄمار. حافظي
جي اها حالت هئس، جو سنڌ جي سمورن مختيارڪارن،
ريزيڊنٽ ماجسٽريٽن، ڊپٽي ڪليڪٽرن متعلق ساري
معلومات بر زبان ٻڌائي سگهندو هو، نالو، ڄم جي
تاريخ، نوڪريءَ ۾ گهڙڻ جي تاريخ، ڪٿ ڪٿ نوڪري
ڪيائين، ريڪارڊ تي ڪهڙا نوٽ اٿس. وغيره وغيره. اهي
سڀ ڳالهيون، ايترن سوَن آفيسرن جون سندس حافظي جي
ڦرهيءَ تي چٽيل هونديون هيون. ڪنهن ڪاغذ يا ڪتاب
ڏسڻ جي ضرورت ڪا نه پوندي هئي. اوهان نالو کڻو ۽
هو سر سر سموريون حقيقتون بيٺي بيٺي ٻڌائي ويندو
هو.
هتان جي ماڻهن جون بي قدريون ڏسي، منهنجي وڃڻ کان
پوءِ نوڪري ڇڏي ولايت هليو ويو ۽ وري هيڏانهن جو
منهن ڪو نه ڪيائين.
حافظي جي ايتري قدر قوت مون ٻئي ڪنهن انسان ۾ ڪا
نه ڏٺي. عجوبه روزگار هو. اوهان ڪتاب جو صفحو سندس
اڳيان پڙهو، هفتي کان پوءِ پڇوس ته زباني حرف بحرف
ٻڌائي ويندو.
|