سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :26

 

 

بوستان خان

لکڻ وارا وڏن ماڻهن بابت لکندا. افعال ڪهڙا به هجنن، دنيا کي سک ڏنائون يا اتس تباهي آندائون، بهرحال وڏا ماڻهو هجن، ماڻهپي ۾ نه، ته به مال و زر ۾! ننڍن ماڻهن،  هيٺين طبقي جي غريبن کي ڪو ياد ڪو نه ڪندو، ڄڻ هو ڄاوائي اجايا هئا. حالانڪ هن دنيا جو سڄو چرخو غريبن ۽ محنت ڪشن جي پگهر تي منحصر رهي ٿو. ائين جيئن پئٽرول جي آڌار تي موٽر ڪار. پئٽرول نه هجي يا ختم ٿي وڃي ته موٽر ڪار ڪيئن هلي؟

*        *        *

 بوستان خان معمولي پٽيوالو هو، پر ”ڪمشنر صاحب بهادر مالڪ ممالڪ سنڌ“ جو  پٽيوالو هو، تنهنڪري کيس چوبدار سڏيو ويندو هو. هزاري جي پاسي جو هو. ساڍا ڇهه فوٽ قد، بت موزون، منهن گول، رنگ ڀورو، ٻانهون کولي هلندو هو، ڄڻ پکي  اڏامڻ جي پيو  ڪري.

ڪراچيءَ جي انهن ڏينهن جي گورنمينٽ هائوس ۾، ڪمشنر صاحب جي دروازي تي غاليچو وڇايو ويٺو هوندو هو. ملاقاتين جو استقبال ڪرڻ ۽ رپورٽ ڪري کين ڪمشنر اڳيان پيش ڪرڻ، سندس فرائض ۾ داخل هوندو هو. عام  طرح اهو ڏٺو ويندو هو ته آفيسرن جا اڪثر پٽيوالا بدتميز  هوندا هئا، منهن بڇڙو ڪيون ويٺا هوندا هئا، ملاقاتي سلام ڪندا هون ته ويٺي ويٺي ڪنڌ  ڌوڻي ڇڏيندا هئا، صاحب کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چئبن ته ڄڻ ڪنهن موچڙو هڻي ڪڍين. گهڻو وقت سهائڻ ۽ ٽيٽمائڻ کان پوءِ ئي ملاقاتيءَ جي نالي جو پرزو کڻي اندر ويندا. ملاقات ٿي وڃڻ کان پوءِ البته سندن مزاج هڪدم بدلجي مٺو ٿي ويندو هو. ملاقاتيءَ  کان خرچي وٺڻ لاءِ بکئي گلر وانگر ٻاهر تائين ڪڍ لڳا ويندا هئس. جيستائين ٻه- ٽي روپيا نه ملندن، اوستائين پيا ڏند شيڪيندا ۽ ملاقاتيءَ  جي ڪوٽن ۽ ڪچهرين، ڪتن ۽ ڪڪڙن جي خير عافيت پڇندا.

 بوستان خان هر لحاظ سان انهن کان مختلف هوندو هو. ملاقاتين تي گورنمينٽ هائوس ۾ پير رکندي رعب چڙهي ويندو هو، پر پري کان ورانڊي ۾ ويٺل بوستان خان جو مشڪندڙ منهن ڏسي سامت ۾ اچي ويندا هئا. ننڍو هجي يا وڏو، بوستان خان هڪدم وڌي اچي مرحبا چوندس، ٻئي هٿ ڏيئي ملندس، ڪرسي سوري ويجهي ڪندس، خاندان جو حال احوال پڇندس، نالي جي چٺي وٺي جلد کان جلد صاحب سان ملائي، وري گاڏيءَ تائين  آڻي پهچائيندس. موقعي تي ڪا به خرچي ڪا نه وٺندس، ملاقاتي دعوت ڏيندس ته جڏهن واندڪائي ٿئيس ته گهر اچي ساڻس ملي. نوڪريءَ  جو وقت پورو  ڪري واندو ٿيندو ۽ مرضي پوندس ته وٽس لنگهي ويندو، نه ته خير. پر جي اتفاقاً  ڪڏهن در لنگهي  آيو ته ماڻهو اکيون وڇائي سندس آڌر ڀاءُ ڪندو. سچ ته اهو آهي ته سنڌ جا ماڻهو، ڪمشنر کان وڌيڪ بوستان خان جو احترام (1) ڪندا هئا. محبت جو جواب محبت سان ڏيندا هئس. ڪمشنر جو معاملو زور مس جو هوندو هو،  بوستان سان دل جا ڳانڍاپا هوندا هون. پاڻ هو ڇڙو پٽيوالو، پر ماڻهپو مقام ۽ مڪان جو محتاج نٿو رهي.

*        *        *

سنڌ جدا ٿي ۽ پراڻي ڪمشنري ٽٽي ته بوستان به پينشن وٺي غائب ٿي ويو. سنڌ ۾ وڌيڪ رهي سـُـور نه پاتائين! هڪ ادارو هو جو ختم ٿي ويو. ويندي ڏسيندو ويو ته عزت ڏيو، عزت لهو، بدخوئي مان ڪجهه ڪو نه وري.

 بوستان خان کان موڪلائيندي، مناسب آهي ته سنڌ جي پراڻي ”گورنمينٽ هائوس“ سان  به ”رضا مالڪ جي“ ڪبي هلجي.

*        *        *

اهو گورنمينٽ هائوس، سر چارلس نيپئر جي زماني ۾ ٺهيو هو ۽ بمبئيءَ کان سنڌ جي جدا ٿيڻ تائين قائم رهيو. سادي عمارت هئي. وچ وارن ڪمرن مٿان فقط ٽن ڪمرن جي ماڙي مٿانس جڙيل هئي. باقي سڄي عمارت هڪ تهي، پنجن ڇهن فوٽن جي ٿلهي تي اڏيل هئي. ڪمرا وڏا، ڇتيون  مٿاهيون، فرش ٽائلس جو. ملاقاتين جي ويهڻ لاءِ ورانڊو هوندو هو، ٽن پاسن کان کليل. ڏاڍو هوادار، ويٺي ننڊ پئي ايندي هئي.  ان ورانڊي کان پوءِ ڪمرا هوندا هئا. پهريون اسسٽنٽ ڪمشنر(جيڪو پڻ انگريز هوندو هو)جو ڪمرو، ان کان اڳڀرو ڪمشنر جي پنهنجي آفيس جو وڏو ڪمرو، تنهن کان پوءِ گهر جا ڪمرا. سامهون ميدان ۽ گلدار ٻوٽا. ورانڊي ۾ ويٺي ڪياماڙي پئي ڏسبي هئي. وچ ۾ ڪابه وڏي عمارت ڪانه هوندي هئي. ڪل ٽي چار ماڻهو گورنمينٽ هائوس ۾ ويٺل نظر ايندا هئا.  ڪمشنر پاڻ، سندس اسسٽنٽ ۽ ٻه- ٽي پٽيوالا  سانت لڳي پئي هوندي هئي. سڪون، اطمينان ۽ آرام سان پيو ڪاروبار هلندو هو.  ائين ڪو نه محسوس ڪبو هو ته ساريءَ سنڌ تي هن سانتيڪي ويٺوڙي بنگلي مان پيو راڄ ٿئي. نه آفيسرن جي ڀڄ ڊڪ، نه دروازن کلڻ يا بند ٿيڻ جو کڙڪو، نه ماڻهو مچا مچا، نه ڪن ڳالهيون، نه ڪنڊن ۾ ويهي ملڪ يا ماڻهن کي ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ جون سازشون. ماحول سادو، صاف، سانتيڪو، پر رعب وارو. ملاقاتين واري ورانڊي ۾ ڪٽهڙي سان گڏيل سفيد رنگ جون نيٽ سان واڻيل ڪرسيون ۽ بئنچون رکيل. سامهون هڪ وڏي ميز، جنهن تي لکڻ پڙهڻ جو سامان ۽ ملاقاتين جو ڪتاب پيل هوندو. ان زماني ۾ اڃان فائونٽين قلم عام ڪو نه ٿيا هئا. ماڻهو مس جي ڪـُـپڙيءَ مان اسٽيل ٻوڙي ملاقاتين جي ڪتاب ۾ پنهنجا نالا لکندا هئا.  مس ڪپڙي چينيءَ جي هوندي هئي گلابي گلن سان. اهڙي سهڻي  مس ڪپڙي مون وري ڪا نه ڏٺي. پئرس، روم ۽ لنڊن ۾ به ڳوليم، پر نظر تي ڪا نه چڙهي.

وڏا وڏا انگريز ڪمشنر ان گورنمينٽ هائوس ۾ رهي ويا هئا، جن اسي سال جي سنڌ جي تاريخ  جوڙي هئي. سر بارٽل فريئر 1851ع کان 1859ع تائين ڪمشنر ٿي رهيو. ان جي ڏينهن ۾ انگريز جي زماني جي سنڌ جي تعمير ٿي، پليون، رستا، ريلون، تار، ٽپال، اسپتالون، اسڪول، ڪاليجون، ٿاڻا، ضلعن ۽ تعلقن ۾ سر ڪاري عمارتون، سروي، لا اينڊ آرڊر وغيره وغيره سندس زماني جون نشانيون رهجي ويل آهن. جن مان گهڻيون اڃان تائين ڊاهي نٿيون ڊهن(مثلاً  صدر جو فريئر هال)  انسان جو همدرد انسان هو. لياري ڪوارٽر جي هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندڙ مسڪين ميربحر سان ڪٿي واقفيت ٿي ويئي هئس، جنهن اڳتي هلي دوستيءَ  جو رنگ اختيار ڪيو. ان مسڪين کي نه صرف سالن جا سال پنهنجي کيسي مان قوت گذران پهچائيندو رهيو، پر پاڻ يا سندس گهر جو ڪو ڀاتي بيمار ٿي پوندو هو ته طبع پرسيءَ  لاءِ ڪمشنر صاحب خود اڪيلي سر هر روز سندس جهوپڙيءَ ۾ ويندو هو. پنهنجي همدرديءَ، عدل، انصاف ۽ حسن انتظاميءَ  جي ذريعي سنڌ اندر انگريز جي راڄ جا پير پختا ڪري ڇڏيائين. سنڌ ۽ سنڌ جي لٽريچر سان دلي چاهت هئس، پنهنجي ڌيءَ  جي مطالعي لاءِ شاهه عبداللطيف رح جي سنڌي ۾ سوانح عمري لکرائي، ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرايائين.

ٻيو ناميارو ڪمشنر سر ايونس جيمس هو. سنڌ جي تاريخ ۽ لٽريچر جو وڏو ڄاڻو هو. انتظام ۽ انصاف جي معاملن ۾ هاريءَ ۽ جاگيردار ۾ فرق ڪو نه ڪندو هو. ڪنهن آبرو واري جي هروڀرو پڳ ڪو نه لاهيندو هو، پر مجال ڪا نه ٿيندي ڪنهن وڏ وڏيري يا پير سونهاري کي، جو ڪو چور يا ڌاڙيل ڌاري، سندس پير کڙڪي سان سڀ معاملا  پاڻهرتو پيا حل ٿيندا هئا.

ساڳيءَ طرح ليوڪس ڪمشنر به مٿير مڙس ٿي گذريو. سنڌ اندر ڏاڍو امن و امان قائم رکيائن ۽ وڏو ڌاڪو  پيدا ڪيائين.

نالي وارن ڪمشنر مان پويون  سر هينري لارينس هو، جنهن نين اٿندڙ سياسي تحريڪن(ڪانگريس، خلافت، هجرت وغيره)  کان متاثر ٿي ڪوشش ڪئي ته سنڌ جي مسلمانن کي سرڪاري نوڪرين ۾ کپائي کين آزادي جي تحريڪن کان پري رکي. ان ڪوشش ۾ ڪنهن حد  تائين ڪامياب  به ٿيو، پر ان وچ ۾ سياسي بيداري زور وٺندي ويئي، جنهن جو جواب  هن سختيءَ سان ڏيڻ  گهريو. اهو اهڙو زمانو هو، جنهن ۾ سنڌ جي عمومي سوالن متعلق سنڌ جا بزرگ، هندو ۽ مسلمان  پاڻ ۾ گڏجي قدم کڻندا هئا. چنانچه سنڌ جا ٻه برک نمائندا، مرحوم رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ سيٺ هرچند راءِ وشنداس، ڪمشنر لارينس جي ڪاررواين خلاف بمبئيءَ جي گورنر ڏانهن دانهن کڻي ويا. سنڌ مان مخفي طرح منهن لڪائي ڀڄي وڃڻو پين، ڇو ته لارينس سندن گرفتاريءَ  لاءِ حڪم ڪڍي چڪو هو. بمبئيءَ  جي گورنر سنڌ جي انهن اڳواڻن جي ڳالهه ڪا نه ٻڌي، جنهن ڪري هو منجهانئس  نااميد ٿي، بمبئيءَ مان ئي جهاز ۾ سوار ٿي سڌو لنڊن پهتا. سيڪريٽري هند سان ملي کانئس حڪم ڪرايائون ته لارينس کي، جيڪو مختصر موڪل تي لنڊن آيل هو، موٽڻ بعد سنڌ جو ڪمشنر ڪري نه رکيو وڃي. لارينس جي گهر واريءَ ليڊي لارينس “Indian Embers”  نالي ڪتاب ۾ اهو سڄو قصو بيان ڪيو آهي ۽ ساڳئي وقت ٻيا به گهڻا دلچسپ احوال سنڌ جي باري ۾ ڏنا اٿائين.

لارينس کان پوءِ سنڌ جي ڪمشنري تي معمولي قسم جا انگريز اچڻ لڳا. ڪي هٺيلا، ڪي مشڪرا، ڪي ڪم چور، ڪي چورن مٿان مور. في الحقيقت پهرينءَ عالمي جنگ کان پوءِ انگريزن جو اهو نسل، جنهن شروع ۾ برطانيه جو جهنڊو  دنيا جي وڏي حصي تي جـُـهلايو هو، ختم ٿيڻ لڳو هو. وڏن گهراڻن جا ماڻهو اڳي وانگر هينئر ملڪ کان ٻاهر وڃي نوڪري ڪرڻ کان نابري واري ويهي رهيا هئا ۽ انهن جي بدران ”ڪاسبي ڪڙا“ ڀرتي ٿي اچڻ لڳا. دنيا جو دستور آهي ته رعيت سرڪاري ڪاموري جو منهن ڏسي سرڪار جي باري ۾ راءِ قائم ڪندي آهي. سنڌ جي پوين ڪمشنرن جا منهن ڏسي، سنڌ جا سست ماڻهو به هن راءِ جا ٿي ويا ته سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائي ڪمشنري راڄ جا لاهه ڪڍي ڇڏڻ گهرجن، ۽ ٿيو به ائين. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ٽامس جهڙو بدخو ۽ گبسن جهرو چلولو ڪمشنر ٿي نه اچن ها ته شايد سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ ايترو زور وٺي ڪو نه سگهي ها.

*        *        *

سنڌ جدا ٿي. ڪمشنر ان سنڌ، مالڪ ممالڪ سنڌ، جو ٿڏو نڪري ويو. تاريخي پراڻو گورنمينٽ هائوس به ڊهي ويو. ان جي جاءِ تي قافله سراءِ جي نموني تي گورنر هائوس جي نالي سان نئون گذر گاهه تعمير ٿيو، جنهن ۾ هيلتائين  پندرهن پانڌيئڙو مانجهاندو ڪندا موڪلائيندا ويا آهن.


 

(1) سرديءَ جي موسم ۾ ڪمشنر صاحب سنڌ جي گشت تي نڪرندو هو ته سنڌ جا معزز بوستان خان جي اعزاز ۾ جدا دعوتن جو انتظام ڪندا هئا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org