سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :13

 

حاجي عبدالله هارون جي خطبه استقباليه جو سنڌي ترجمو

page 03

 


 

پيغام موڪليو ته: ”ساٿي(2) تعاون ڪو نه ڪري رهيا آهن، تنهنڪري آءٌ به لاچار آهيان. نه ڊاڪٽر عالم لاءِ پيسا ٿي سگهيا، نه سنڌ جو ئي ڪو مسلمان وڪيل هٿ ڪري سگهجي ٿو، جو مفت مسلمانن جو ايڏو وڏو ڊيگهه وارو ڪيس کڻي.“ حاجي صاحب بسر خود اڪيلي سر سارو بار کڻي سگهيو ٿي، پر هن جي پيسن ڏيڻ جا اصول اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان، يعني جيستائين ٻيا مالدار رفيق به پيسو نه ڪڍندا، تيستائين سڄو بار پاڻ تي کڻڻ لاءِ حاجي صاحب به تيار ڪو نه ٿيندو هو. اهو سندس عام اصول هو، جنهن کان هٽڻ لاءِ تيار ڪو نه هو. آءٌ سکر ۾ اٽڪيل هوس، ڪراچي پهچي ساڻس ان باري ۾ روبرو گفتگو به ڪري ڪو نه ٿي سگهيس! اها غير يقيني حالت ٻه چار ڏينهن هلندي رهي.

ان وچ ۾، يعني اسان جي سکر پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي پهرين حاضري آئي. ٽربيونل بيراج ڪالونيءَ ۾ هڪ وڏو بنگلو پنهنجي ڪاروبار هلائڻ لاءِ حاصل ڪيو هو. ٽربيونل جو نوٽيس منهنجي پنهنجي نالي تي نڪتل هو، ڇو ته آءٌ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري هوس. منهنجو پنهنجو حاضر ٿيڻ تنهنڪري ضروري هو.

آءٌ نوٽيس کيسي ۾ وجهي وڃي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيس. هندو وڪلين، آفيسرن، الله بخش مرحوم جي طرفدارن ۽ عام تماشبينن جا اُت ميڙا لڳا پيا هئا. مون کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. شملي وٽ گاڏيءَ جي ڪـِـرڻ ۽ ان گاڏيءَ ۾ منهنجي سوار هجڻ جي خبر ريڊيي ذريعي کين اڳئين ڏينهن تي پهچي ويئي. هنن سمجهيو ٿي ته آءٌ ان حادثي ۾ مري کپي ويو هوندس، ڇو ته حادثي کان پوءِ منهنجي فوراً ڪالڪا رواني ٿي وڃڻ ڪري نه مون کي ڪنهن اُت ڏٺو هو، نه منهنجي باري ۾ بچڻ يا مرڻ جي ڪا خبر اخبارن کي موڪلي سگهيو هو.

مون کي ڏسي هندو وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ چرپر پئجي ويئي. مون کان پڇڻ لڳا: ”تون راشدي آهين يا راشديءَ جو ڀوت؟ تون ڪيئن جيئرو ٿي آئين؟“ مون چين: ”ان ڪري جو اوهان گهريو ٿي ته آءٌ مران.“

 هندن پنهنجي طرف هلائڻ لاءِ ڪراچيءَ جو ناميارو هندو بئريسٽر شاهاڻي گهرايو هو، جنهن جي مدد لاءِ ٻارهن مکيه مقامي هندو وڪيل مقرر ڪيا هوائون ۽ هڪ وڏو دفتر کوليو هوائون، جت رات ڏينهن ڪاغذن ٺاهڻ، ثابتين سموهڻ ۽ شاهدن کي سيکارڻ وغيره جو ڪاروبار هلڻ لڳو هو.

مسلمانن مان صرف ٻه - چار اڙيا ٿڙيا ماڻهو آيل هئا، جن جا منهن لٿل ۽ همٿون هاريل هيون. منهنجي پنهنجي ويچارائي به ڏسڻ وٽان هئي.

سرڪاري عملدارن طرفان جسٽس اوسليوان آيل هو. اهو صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج هو. سرڪار ان کان عارضي طور استعفا ڏياري، هن ڪيس ۾ وڪالت ڪرڻ لاءِ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو هو.

خانبهادر الله بخش مرحوم جي پاران سري ڪشن داس لولا ڪراچيءَ جو چوٽيءَ جو هندو وڪيل آندل هو.

ڪورٽ ۾ ڌرين کي سڏ ٿيو. سڀ اندر گهڙياسين. اوسليوان صاحب ۽ هندو وڪيل حشمت سان وڏيون وکون وجهندا اڳتي وڌيا. آءٌ سڀني جي پـُـٺ  ۾ رهيس، صورت نماڻي، نه سوٽ نه ڪوٽ، سنڌي ڳوٺاڻي لباس ۾، مٿي تي اڇي پڳ، هيٺ اڌ ميرو چولو ۽ سٿڻ، پير ۾ سنڌي جتي ٻيا سڀ حشمت سان هلي اڳين ڪرسين تي ويهي رهيا، آءٌ پويان عام ماڻهن جي قطار ۾ بيٺو رهيس. پر وقت اجايو ڪو نه ٿي وڃايم. آءٌ ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ شرط جج جي چهري تي اکيون کوڙي قيافو ويڙهائڻ لڳس. مون سمجهي ورتو ته جج ڏاڍو تـُـند مزاج، اُگرو، مغرور، تجربيڪار، هوشيار، ۽ نـُـڪته رس ماڻهو آهي، تنهنڪري وٽانئس راند کٽبي ته هيٺاهين  وٺڻ ۽ نماڻائي جي نمائش ڪرڻ سان، ارهه زورائي سان بنهه نه!

سڀني ڌرين کان پڇڻ بعد مسلمانن کي ياد ڪيائين. پڇيائين ته: ”مسلمانن پاران  ڪير آيل آهي؟“

هندن سڌيءَ طرح ۽ اڻ سڌيءَ طرح اهڙو بندوبست رکيو هو ته سکر جي ٻن چئن نام نهاد مسلمان قومي ورڪرن کان درخواستون ڪرايون هئائون ته مسلمانن پاران نمائندگيءَ جو حق مسلم ليگ کي نه پر سندن انجمنن کي ملي. انهن بزرگن کي سٺا ڪپڙا پهرائي پاڻ سان گڏ آڻي ڪرسين تي ويهاريو هئائون. مقصد اهو هـُـون ته نمائندگيءَ جو حق مسلم ليگ کي نه پر انهن انجمنن کي ملي، جن کان هو اڳتي هلي چوارائي سگهن ته فسادن جي ساري جوابداري مسلم ليگ تي پئي ٿي، فساد ڄاڻي واڻي مسلم ليگ پاڻ ڪرايا هئا. تنهنڪري هندن جي دعويٰ سچي آهي ۽ حرجانه مسلم ليگ کان ڀرائڻ گهرجن، يعني مسلمانن کان.

انهن مسلمانن کي ٻڌڻ کان پوءِ جج پڇيو: ”۽ مسلم ليگ پاران ڪير آهي؟“

هندو بئريسٽر  ڪنڌ پوئتي ورائي تمام نفرت سان مون ڏانهن اشارو ڪري چيس ته: ”شايد هيءُ آهي.“

 جج مون کان پڇيو: ”مسلم ليگ طرفان تون آهين؟“ (اردوءَ ۾).

آءٌ: ”جي حضور“ (اردوءَ ۾)

جج: ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟ تون ڪير آهين؟“

آءٌ: ”هن مسڪين جو نالو علي محمد راشدي آهي، مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري آهيان، نوٽيس منهنجي نالي تي نڪتل آهي.“

جج: ”اوهان جي پاران ڪهڙو وڪيل پيش ٿيندو؟“

آءٌ:  ”اسان مسلمان ڪنگال ٿي ويا آهيون، اسان وٽ پيسو ڪو نه آهي جو وڪيلن جون فيون ڀري سگهون. اسان پاڻ کي ڪورٽ جي رحم تي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“

جج: ”ساريون شڪايتون مسلم ليگ جي خلاف داخل ٿيون آهن، تنهنڪري مکيه ڌر مسلم ليگ آهي. ان کي ئي مسلمانن پاران ساري جوابداري کڻڻي پوندي، هن ڪيس کي منهن ڏيڻ جي.“

ان کان پوءِ جج ”مسلم انجمنن“ جي نمائندن ڏانهن منهن ڪري چيو ته: ”اوهان  جون انجمنون سڀ بوگس آهن. اوهان پنهنجي درخواستن ۾ خود اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن، جن مان اهو شبهو پيدا ٿئي ٿو ته اوهان به مسلم ليگ کي جوابدار ٺهرائيندا، تنهنڪري بچاءُ جي ساري ذمه داري مسلم ليگ تي پوي ٿي، جنهن کي مسلمانن پاران نمائندگي جو حق ڏنو وڃي ٿو. اوهان جي دعويٰ خارج آهي.“

(هو حضرت روانا ٿي ويا. هندو وڪيل سندن ۽ جج جو منهن تڪيندا رهيا. مسلمانن جي انهن هٿ ٺوڪين ”نمائندن ۽ کي رعبدار پوشاڪن پهرائڻ ۽ هار سينگار ڪرائڻ تي جيڪو سندن خرچ ڪيل هو، سو سڀ اجايو ثابت ٿيو.)

ان کان پوءِ جج صاحب، عدالت اندر ويهڻ يعني (Seating) جو طريقو طئي ڪرڻ لڳو. هر ڌر لاءِ هڪ ڊگهي ميز ۽ ڪرسيون مهيا ڪيل هيون. مسئلو هو ته ڪهڙي آرڊر ۾ اهي ميزون پون ۽ ڌريون ويهن.

بحث شروع ٿيو ته هندن دعويٰ ڪئي ته کين سڀ کان اڳ ۾ ويهڻ ڏنو وڃي. ان کان پوءِ سرڪاري وڪيل مسٽر اوسليوان جو وارو آيو. جج، و چ ۾ پئي، مون ڏانهن نهاري، پڇيو ته: ”مسلمانن جي ڌر ڪٿ ويهڻ گهرندي؟“

مون عرض ڪيو ته: ”حضور، مسلمانن پاران آءٌ حاضر آهيان، پر نه آءٌ وڪيل آهيان، نه ڪورٽ جا دستور يا قاعدا قانون ڄاڻان ٿو. مون کي جت ڪورٽ حڪم ڪندي، اُت ويهي وقت گذاريندس.“

 جج: ”مسلم ليگ مکيه ڌر آهي، تنهنڪري هندن جي سامهون تون ويهندين ۽ تنهنجي ميز پوندي.“

آءٌ: ”ٿينڪ يو، ماءِ لارڊ!“

 باقي ڌريون اسان کان پوئتي ويٺيون.

ٽيبل ۽ ڪرسيون فيصلي ڪيل آرڊر موجب پئجي ويا. آءٌ ان وقت تائين اُڀ پيرو بيٺو رهيس، هينئر سـُـرڪي وڃي پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺس.

پوءِ شنواين جو پروگرام ۽ تاريخن جو پروگرام ٺهڻ لڳو. هندن گهريو ته شاهديون وٺڻ هڪدم شروع ڪيون وڃن، ڇو ته ”وڏا وڪيل ڪراچيءَ کان آيل آهن، اهي وري وري ڪراچيءَ کان هلي سکر اچڻ تڪليفون ڀائيندا.“ سندن اصلي نيت اها هئي ته ڪيس فوراً شروع ٿئي، جيئن مسلمانن کي ڪنهن وڪيل آڻڻ لاءِ وقت ملي نه سگهي ۽ سندن (يعني مسلمانن جي) ڪيس جو بنياد ئي غلط پئجي وڃي. شاهاڻي ۽ اوسليوان مون کي ڪو نه سڃاڻندا هئا. هنن مون کي ڏاڍو سادو، مـَـڄـُـو ۽ جاهل سمجهيو هو. سکر جي هندن کي منهنجي باري ۾ ڪجهه خبر هئي، پر هنن به اهو ڪو نه ٿي سمجهيو ته آءٌ ڪو ڪورٽ جو ڪم هلائڻ ڄاڻان ٿو، تنهنڪري هو به شاهاڻي کي آگاهه ڪري نه سگهيا.

جج مون کان پڇيو، مون اُٿي عرض ڪيس: ”جيڪا ڪورٽ سڳوريءَ جي مرضي.“

فيصلو ٿيو ته ورندي صبح کان شاهديون ريڪارڊ ٿيڻ شروع ٿينديون ۽ هندن جو پهريون شاهد ديوان بسنت رام (وڪيل) سکر ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ هوندو، جنهن جي ذريعي هندو پنهنجي ڪيس جو بنياد رکرائيندا.

آغا نظر علي خان مرحوم جو تعارف هن ڪتاب جي پڙهندڙن سان پهرين جلد(1)  ۾ ڪرائي چڪو آهيان. هو صاحب مون سان گڏ ڪورٽ ۾ موجود رهيو هو. اسان ڪورٽ مان گڏ ٽانگي تي چڙهي، جنهن جاءِ تي آءٌ مهمان ٿي اچي رهيو هوس، اتي پهتاسين. مون کيس چيو ته: ”هاڻي ڪراچيءَ وارن کي سـُـڌ ڏي ته ڪيس سڀاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن جي پيرويءَ لاءِ وڪيل جو انتظام پاڻ ڪن. آءٌ سڀاڻي ڳوٺ وڃي، پرينءَ واپس شملي هليو ويندس.“

آغا صاحب جي منهن تي پگهر اچي ويو. فرمايائين: ”تون رسول صلعم جي اولاد  ٿي ڪيئن رسول صلعم جي امتين کي هن رڻ ۾ رولي پاڻ وڃي شملي جون ٿڌيون هوائون جهٽيندين؟ تنهنجي غيرت ايماني تو کي اهڙي قهر ڪرڻ جي ڪيئن اجازت ڏيندي؟“

مون مـُـنهن بڇڙو بڻائي چيس: ”آغا، آءٌ تو کي ۽ تنهنجي ڪراچيءَ وارن آقائن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. توهان جي پنهنجيءَ ”غير ايمانيءَ“ سان به آشنا آهيان. سکر جي مسلمانن غريبن کي ٻوهي ۾ ڏئي هڪڙا ويٺا وزارتون هلائين ۽ ٻيا پيا پنهنجيءَ دولت کي پوڄين. ڇڙو وڪيل جي پنج هزار رپيا في به گڏ ڪري نه ٿا سگهن. مون تي ڪهڙي ذميداري آهي جو ويهي ان ساري خرخسي جو بار کڻان؟“

آغا مرحوم:”هاءِ هاءِ، اڙي راشدي ميان! هاءِ هاءِ، پنهنجن وڏن جون روايتون به وساري ويٺو آهين. تنهنجو اهو حال ڏسي ڪربلا جو ڪونڌر به روز قيامت، تو کي پنهنجيءَ اولاد مان شمار ڪو نه ڪرائيندو.“

آءٌ: ”اهو اسان جو خانداني معاملو هوندو. تنهن ۾ توهان پٺاڻن جو ڪهڙو درڪ؟“

آغا: ”اسان پٺاڻ به امتي آهيون، حشر جي ميدان ۾ منهنجو هٿ تنهنجيءَ گردن ۾ هوندو؟“

آءٌ:”۽ جواب ۾ منهنجو هٿ ڇا ۾ وڃي پوندو؟“

(آغا صاحب کي ڏاڙهي هئي.)

آغا: ”ٻـُڌ، سڀاڻي جڏهن مسلمانن پاران ڪو به ڪورٽ ۾ ڪو نه هوندو ۽ مشرڪن هٿان اسلام جو قافلو لـُـٽجڻ لڳندو، ان وقت سائي گنبذ جو سائين مديني ۾ منهن مبارڪ ڪڍي توتي ڦٽڪار وجهڻ شروع ڪندو.“

آءٌ:”۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪي پيا الوليون ماڻين، تن تي گلن جي ورکا ڪندو؟“

آغا:”هاڻي معلوم پيو ٿئيم ته جڏهن کان تون سنڌڙي جي مٺڙي ڌرتيءَ کان دور ٿي وڃي ٻين ملڪن ۾ رهڻ لڳو آهين، تڏهن کان تنهنجي ايمان ۾ لغزش اچي وئي آهي.“

آخر آغا صاحب جڏهن ڏٺو ته آءٌ سندس دام ۾ ڪو نه ٿو اچان، ته اتان اٿي هلڻ لڳو. مون ٻانهن مان جهلي کيس سامهون وهاري پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي. چيومانس: ”آغا صاحب، عقل جي به ڪا ڳالهه ڪر ۽ ڳالهه سمجههءِ آءٌ وڪيل ڪو نه آهيان. مخالفن طرفان هن ملڪ جا مشهور مٿير وڪيل اچي سهڙيا آهن. اسان جي پاران ڪو به بندوبست ڪو نه آهي، حتاڪه لکڻ لاءِ ڪاغذ جو پرزو به ڪو نه آهي. ڪروڙين جي حرجاني ڀرڻ جو سوال آهي. مسجد جي واگذاريءَ جو معاملو آهي. پندرهن سؤ ماڻهن جي جيل ۾ پوڻ يا آزاديءَ جي ڳالهه آهي. خدانخواسته جيڪڏهن مسلمانن جي پنهنجي بي بندوبستيءَ ڪري مسلمان ڪيس هارائين ٿا ته ٻيا سڀ نڪري ويندا ۽ ساري لعنت ملامت مون غريب تي وسڻ لڳندي. غريب هجڻ هن قوم ۾ گناهه آهي، حالانڪه ايمان غريبن ۾ ئي ٿيندو آهي. سياسي وڏن ماڻهن جي ايمان جو ٿرماميٽر موسم سارو  وڌندو ۽ گهٽندو رهي ٿو. سڀاڻي ڪيس هارائڻ جي صورت ۾ مون تي الزام هڻندا ته مون ساڌ ٻيلي (1)  واري ٻائي کان ٻه ٽي لک روپيا وٺي هٿ سان مسلمانن جو ڪيس خراب ڪري مٿن ڪروڙين جو حرجانو وجهرائي ڇڏيو. اهو ڪو نه چوندا ته سندن پنهنجي بي بندوبستي ۽ بيپرواهي ڪري ڪيس جي پوئواري ٿي ڪا نه سگهي هئي.“

مون آغا صاحب کي چيو ته فوراً وڃي ڪراچيءَ ٽيليفون ڪري ۽ اها ڳالهه ليڊرن کي سمجهائي کين هڪدم ڪنهن قابل وڪيل جي انتظام ڪرڻ لاءِ تيار ڪري. آغا صاحب ڪنهن ڪنهن کي ٽيليفون ڪيو، تنهن جو پتو ڪو نه پيو. البته ٻڌم ته حاجي عبدالله هارون سان جڏهن ڳالهايائين ته هن چيس ته: ”آءٌ راشديءَ کي سڃاڻان، توهان ساڻس ڇيڙ ڇاڙ نه ڪيو، پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيوس، هو پنهنجي ذميداري اڪيلي سر به نباهيندو ۽ وڪيلن کان گهڻو بهتر ثابت ٿيندو.“

آغا صاحب ساڳئي وقت شهر سکر ۾ ڍنڍورو گهمائي ڇڏيو ته: ”راشدي ڪيس ڇڏيو ڀڳو ٿو وڃي، شهر وارن تي ڪروڙين روپيا حرجانو پئجي ويندو.“

ان خوف وچان شام جو سکر جي مسلمانن جا ميڙ اچي مون وٽ ڪٺا ٿيا ته: ”تون  اسان کي ڇڏي نه وڃ، مري وينداسين، تباهه ٿي وينداسين.“ مون  ”هائو ناهه“ جو جواب کين ڪو نه ڏنو، ڪنڌ ڌوڻيندو ۽ مـُـرڪندو رهيس.

لڙيءَ رات منهنجو هندو دوست مسٽر آرت مل ايڊيٽر ”هندو گزيٽ“ اچي مون  وٽ سهڙيو.(سندس ذڪر پهرين جلد ۾ سکر جي سرخيءَ  هيٺ اچي چڪو آهي.) مون کي صلاح ڏنائين ته: ”تون ڪيس ڇڏي هليو نه وڃ. سڀاڻي جي جنهن بدناميءَ کان بچڻ لاءِ تون ائين پيو ڪرين، سا بدنامي ڪيس ڇڏي ڀڄي وڃڻ جي حالت ۾ اڄ کان ئي شروع ٿي ويندي. تنهنجا مسلمان چوندا ته هندن کان ٻه ٽي لک وٺي ڀڄي ويو. آءٌ هندو آهيان، پر تنهنجو ذاتي دوست ۽ خيرخواهه آهيان. تو کي صلاح سٺي ڏيندس.“

 مون چيس: ”پنهنجن هندن جي ڪئمپ جي ته ڪا خبر ڪر.“

 وراڻي ڏنائين: ”مون وٽ خبرون آهن، پر تو کي ڪو نه ٻڌائيندس، ڇو ته اها وري پنهنجيءَ هندو قوم سان غداري ٿيندي. هڪڙي ڳالهه چوانءِ ٿو ته پنهنجن ڏسڻن وائسڻن مسلمانن کان خبردار رهجانءِ. اوچتو شاهد بڻجي اچي ڪٽهڙي ۾ بيهندئي.“

 آرت مل روانو ٿي ويو. دل جي ڳالهه اها هئي ته نظر علي خان سان مون فقط ظاهر ڏڏو ٻڌو هو. جنگ جو ميدان خالي ڇڏي ڀڄي وڃڻ، منهنجيءَ پنهنجيءَ طبيعت جي خلاف هو.

صبح جو ڪورٽ ۾ حاضر ٿياسين. ڪيس ٻڌڻ لاءِ ماڻهن جا انبوه لڳا پيا هئا.

شروع ۾ هر ڌر جي وڪيل مختصر تقرير جي ذريعي پنهنجي ڪيس جو تت ڪورٽ کي ٻڌايو.

منهنجو وارو آيو ته مون فقط ايترو چيو ته اسان جو ڪيس سنئون سڌو ۽ تمام مختصر آهي. فسادن جا سبب ٻه هئا:(1) هندن جي اڳرائي، هلڪڙائي، بيجا دخل اندازي ۽ اشتعال انگيزي ۽ الله بخش وزارت جي ڦلهڙي پاليسي ۽ پاڻ کي قائم رکڻ جو انتظار. (2) ۽ انهن حالتن ڪري حرجانو مسلمانن تي نه، پر هندن ۽ الله بخش  وزارت تي پوي ٿو.

هندن جو پهريون شاهد بسنت رام پريزيڊنٽ سکر ميونسپالٽي پيش ٿيو. هن هندن جو سارو طرف بيان ڪيو ۽ فسادن جي دوران ۾ جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو هو، اهو به ٻڌايائين. سندس مکيه پڇا منجهند تائين هلي. ٿوري وقفي کان پوءِ آڏي پڇا جو دور آيو.

مون ڏانهن نهاري جج صاحب چيو: ”اوهان کي ڪو سوال پڇڻو آهي؟“

آءٌ ڪو جواب ڏيان، تنهن کان اڳ هندو وڪيل ڳچي ڊگهي ڪري مون ڏانهن واجهائڻ  ۽ حقارت جي نموني پاڻ ۾ کلڻ لڳا. سرڪاري وڪيل اوسليوان صاحب جي منهن تي به مـُـرڪ نظر آيم. مون کي باهه وٺي وئي.

اٿي کڙو ٿيس، جج کي چيم: ”مون وٽ، شاهد جي بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ اڄ ڪو به منشي ڪو نه هو. مون کي اڄ شام تائين شاهد جي بيان جو نقل خود ڪورٽ سڳوري ڏيڻ فرمائي. ان کي پڙهي سڀاڻي جيڪڏهن ڪو سوال خيال ۾ آيم ته اهو پڇندس، نه ته ٿيو ڀلو.“

هندو وڪيل بيرسٽر شاهاڻي وڏي رعبدار آواز سان منهنجي عرض جي مخالفت ڪئي. چيائين: اهو انتظام مسٽر راشديءَ  کي خود رکڻ کپندو هو، جيڪڏهن اهو فيل ٿيو آهي ته ان جي سزا باقي ڌرين کي ملڻ نه کپي، ڪيس سڀاڻي تي مهمل نه ٿئي. مسٽر راشديءَ  کي جيڪڏهن ڪو سوال پڇڻو آهي ته اڄ ئي پڇي وٺي، نه ته اسان جي ٻئي نمبر شاهد کي هڪدم سڏايو وڃي. مسٽر اوسليوان به هندن جي پٺ ڀرائي ڪئي. ٻنهي ڌرين مون کان بروقت آڏي پڇا شروع ڪرائڻ تي زور ان ڪري ٿي ڏنو جو هنن سمجهيو پئي ته آءٌ پاڻ آلڙو ڀولڙو آهيان. بروقت آڏي پڇا ڪري ڪو نه سگهندس. جيڪڏهن مون کي وقت ڏنو ويو ته رات جي وچ ۾ آءٌ شايد ڪن وڪيلن سان صلاح ڪري ٻئي ڏينهن تيار ٿي اچان.

جج فيصلو منهنجي خلاف ڏنو ۽ چيائين ته: ”هاڻي ئي آڏي پڇا ڪر.“

هيڻن ۽ هيکلن جو حامي الله! آءٌ ٽي دفعا الحمد سڳوري پڙهي اٿي بيٺس. دمادم مست قلندر!  ڪورٽ جو باقي وقت ٽي ڪلاڪ هو. مان اهي ٽيئي ڪلاڪ ديوان بسنت رام ويچاري جي ابتي کل لاهيندو رهيس. بنيادي سوال ٻئي ڏينهن لاءِ ڇڏيندو ويس. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جج منهنجي باري ۾ چڱي راءِ قائم ڪئي. هڪ سوال به غير متعلق (Irrelevant) يا آئوٽ آف آرڊر ڪو نه ٿيو. آهستي آهستي هندن جي ڪيس جا بخيا اڊڙڻ لڳا. هندو وڪيلن جا منهن لهڻ شروع ٿيا. انگريز سرڪاري وڪيل جا ڪن اُڀا ٿي ويا.

آخر ۾، جڏهن ڪورٽ جو وقت ختم ٿيڻ تي آيو ته جج پڇيو: ”اڃا گهڻو  وقت هن شاهد کان آڏي پڇا ڪندين؟“

 جواب: ”ٽي ڏينهن.“

هندو وڪيلن هولچو مچائي ڏنو، پر جج چين:”اوهان سامت ۾ رهو.“

ڪورٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته هندن جا منهن ڪاراٽيل ۽ مسلمانن غريبن جا چهرا چَهرا. ڊوڙي مون کي ڀاڪر پاتائون. بسنت رام جڏهن پريشان ٿيندو هو ته نڪ مان ڦوهارا ڏيندو هو. اڄ اڳئين کان به وڌيڪ ڦوهارا ڇڏيندو پنهنجن هندو وڪيلن پٺيان لڙڪندو هليو ويو. بسنت رام منهنجو ڏاڍو دوست هو، مون کي ڏک به ڏاڍو ٿيو، پر ڪري ڪجهه نٿي سگهيس. ڊيوٽيءَ جو مسئلو هو ۽ ان قوم جو، جنهن جو ان گهڙيءَ نه ڪو ”آهـِـي هو نه پـَـهـِـي.“

آءٌ سانجهي جو گهر آيس ته حاجي عبدالله هارون اُت اڳ ۾ ئي پهچي چڪو هو. ان کي ماڻهن ڊوڙي وڃي ٻڌايو هو ته مان ڪيتريقدر ڪامياب آڏي پڇا ڪئي آهي. ڏاڍو خوش هو، ڀاڪر پاتائين، نراڙ تي چميون ڏنائين ۽ چيائين: ”مون کي تنهنجي خبر هئي، نظر علي خان کي مون ٽيليفون تي چيو هو ته توهان راشديءَ کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو. هن کي تنگ نه ڪيو. هو پاڻهين معاملي کي منهن ڏيندو ۽ وڪيلن کان بهتر ڪم ڪندو.“

آغا نظر علي خان خود به اچي پهتو، خوشيءَ وچان ٽهڪن ڏيندي ڪو نه ٿي ٿڪو.

حاجي صاحب مون ساڻ پنهنجي منهن ڳالهيون ڪيون. چيائين: ”سڄو بار ڪڙڪي اچي اسان جي ڪنڌ تي پيو آهي، هاڻي جيئن صلاح ڪرين؟ چوين ته ڊاڪٽر عالم کي آءٌ پنهنجي هڙان پئسن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، چندو ته ڪو ڪو نه ٿو ڏئي.“

 مون چيس: ”جيڪي اوهان فرمايو ٿا سو آءٌ پاڻ اڳ ۾ ئي محسوس پيو ڪريان. آءٌ ڊاڪٽر عالم سان ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن گڏ رهيو آهيان. وڪيل وڏو ۽ مسلمان سچو آهي. پر مون ڏٺو آهي ته هينئر سندس صحت اهڙي نه آهي جو هو دماغي طرح ههڙي ڊگهي ڪيس تي ڌيان ڏئي سگهي. هر پندرهن منٽن کان پوءِ غسلخاني ڏانهن وڃڻ جي ضرورت محسوس ٿئيس ٿي. رات جو ننڊ ڪا نه اٿس، دماغ ٿڪل رهيس ٿو.“

حاجي صاحب: ”پوءِ؟ سنڌ مان ڪو مسلمان وڪيل ڪجي پر اهي ته بـُـنڊ  ٻڌيو بيٺا آهن. هي ڪيس مهينن جا پلاند وٺندو. اسان جا وڪيل هر چوٿين ڏينهن ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ حاضريءَ  جو بهانو بڻائي ڀڄيو پيا ويندا. چار مهينا ساندهه گوڏو هڻي ويهڻ جي معنيٰ اها به ٿيندي ته هو پنهنجي مستقل پريڪٽس مان هٿ ڌوئي ويهن. ايڏي قرباني ڪير ڪندو؟“

حاجي صاحب اهي ڳالهيون اهڙيءَ نماڻائي ۽ دلسوزيءَ سان ڪيون، جو مون کي شرم اچڻ لڳو. مون چيس ته: ”اهڙين حالتن ۾ ته پوءِ مون تي ڇڏي ڏيو، پريان دعائون ڪندا رهجو.“

 فقط ايتري گهـُـر ڪيم ته منهنجي مدد لاءِ هو صاحب پنهنجي صوبائي مسلم ليگ جي دفتر جو ڪجهه عملو، ڪاغذ ۽ ٽائپ رائٽر وغيره سان سکر موڪلي ڏي، باقي الله خير ڪندو.“

حاجي صاحب رات جي ريل ۾ واپس هليو ويو، پر اطمينان سان.

صبح جو ڪيس جو ٻيو ڏينهن شروع ٿيو. سارو ڏينهن ساڳئي بسنت رام جي آڏي پڇا هلي. هندن جي دعوائن جا پول کلي ويا. جج جي اڳيان ڪيس جي صحيح ۽ سچي صورت اچي وئي. تاڙي ويو ته هندن جي ڪيس جو بنياد ئي غلط آهي. ساڳئي وقت منهنجي باري ۾ به ڏاڍي چڱي راءِ قائم ڪيائين. جنهن جو هر گهڙيءَ ثبوت ملندو رهيو.

وقت ختم ٿيڻ تي آيو ته پڇيائين:”سڀاڻي به آڏي پڇا هلندي؟“

مون نماڻو ٿي چيس:”آءٌ وڪيل ڪو نه آهيان، مون کي ته خبر ڪا نه ٿي پوي. اڃا مواد ته گهڻو رهيل آهي. وڌيڪ جيڪا ڪورٽ سڳوريءَ جي مرضي. جيڪڏهن ڪورٽ منهنجي رهنمائي فرمائيندي ته آءٌ ان موجب عمل ڪندس“.

جج: ”اهو تنهنجيءَ پنهنجي مرضيءَ تي منحصر آهي. پر آءٌ سمجهان ٿو ته هن شاهد کان وڌيڪ پڇڻ جي ضرورت ڪا نه رهي آهي.“

آءٌ: ”ته پوءِ بس. منهنجي آڏي پڇا ختم.“

 جج اٿي ويو ته ڪيترا هندو وڪيل مون کي وڪوڙي ويا. مذاق ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ گاريون ڏيندي چيائون: ”.........وڏو چالاڪ آهين. پڇاڙيءَ  ۾ جج کان به چوارائي ڇڏيئي ۽ کيس ڪمٽ ڪري ڇڏيئي ته هندن جو ڪيس ڪوڙ تي بيٺل آهي.“ ساڳئي  وقت بسنت رام سان ڦٺ جٺ ڪندا رهيا ته ”فلان سوال جو جواب هينءَ نه هينءَ ڏيڻ گهربو هيئي،“ وغيره وغيره.

اوسليوان ڪنڌ تي هڪ هٿ رکي شاباس ڪئي:

“ Well done Mr. Rashdi, I didn't know that.”

ٽن چئن ڏينهن جي ڪارروائي  کان پوءِ جج صاحب ارادو ظاهر ڪيو ته هو ڌرين ساڻ گڏجي معصوم شاهه جي ٺهرايل سمورين يادگارين جو معائنو  ڪرڻ گهري ٿو. مقرر ڏينهن تي اسان سڀ ساڻس گڏ پهرين معصوم شاهه جي مناري ڏسڻ لاءِ وياسين. ات مسجد به هئي. سڀني جـُـتيون لاٿيون. مون جج صاحب جي جـُـتي کڻي ديوار جي ڇانو ۾ رکي. جڏهن اتان نڪتاسين ته مون جـُـتي کڻي جج صاحب جي اڳيان رکي. هو گهڻو ”نهين، نهين، مسٽر راشدي، نهين“ چوندو رهيو،پر مون سندس ڳالهه ڪا نه ٻڌي. مون چيس، اوهان مون کان عمر ۾ به وڏا آهيون ۽ منصب ۾ به. اسان کي اسلام  سيکاري ٿو ته وڏن جي تعظيم ڪيو. جج تمام متاثر ٿيو. حاطي کان ٻاهر نڪتاسين ته پاڻ اچي مون ساڻ گڏ منهنجيءَ موٽر ۾ ويٺو. اتان روهڙيءَ روانا ٿياسين. بئراج جي پل اڪري درياهه جي کٻي ڪناري وارو رستو ڏيئي هلياسين. جج صاحب پهريون دفعو چهري تان گهـُـنڊ لاهي عام ماڻهن وانگر ڳالهائڻ لڳو. سکر جي تاريخ پڇيائين. سنڌ جي پلي مڇيءَ جون خوبيون معلوم ڪيائين. جڏهن ساڌ ٻيلي جي سامهون لنگهياسين ته کلي پڇيائين:

”مسٽر راشدي، ان ساڌ ٻيلي تي ڪڏهن مسلمانن پاران ڪليم وجهندين؟“

 مون چيس: منهنجا لارڊ! اسان مسلمان غريب ڏتڙيل آهيون. هڪ مسجد ڇڏائڻ لاءِ ايتري قدر مصيبتن ۾ گرفتار ٿيا آهيون. اسان ۾ اها همت ڪاٿي رهي آهي ته پنهنجا وڃايل حق هٿ ڪيون. ورنه سچي ڳالهه اها آهي ته ساڌ ٻيلي تي به هندن جو قبضو ناجائز آهي. ان ٻيٽاريءَ  جو اڌ ”شاد بيله“ نالي سرڪاري ملڪيت هو، جنهن تي هڪ ساڌو ديرو دمائي ساري زمين ڦٻائي ويو،ٻيو اڌ ٻيٽاريءَ جو ”دين ٻيلي“ جي نالي سان  مشهور هو. اهو دين ٻيلو خاص منهنجي خاندان جي خانگي ملڪيت هو. اسان جي هڪ بزرگ تي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيو. کيس پيسي جي ضرورت پئي. دين ٻيلو گروي رکي پيسا ٻائي کان ورتائين. قرض تي ڳاٽي ڀڳو وياج ۽ وياج تي وياج چاڙهي آخر ۾ ساري دين ٻيلي تي قبضو ڪري، ٻنهي ٻيٽارين جي وچ ۾ جيڪا پاڻيءَ جي ليڪ هئي، ان کي پٿرن ۽ واريءَ سان ڀرائي، ٻنهي ٻيلن کي گڏي، عمارتون اڏارائي ڇڏيائين.“

ڏٺم ته ان تاريخي ڪهاڻيءَ جج صاحب تي ڏاڍو اثر ڪيو، پر وڌيڪ ڪڇيائين ڪو نه. باقي وقت صبر ۾ رهي، هلي روهڙيءَ پهتو ۽ ات معصوم شاهه جو ٺهرايل عيدگاهه ڏسي واپس به وري مون ساڻ منهنجيءَ موٽر ۾ ئي اچي سکر سهڙيو.

الله تعاليٰ جي مهرباني ٿي. چار مهينا ڪيس هليو. پر ان ساري عرصي اندر منهنجو هڪڙو عرض، هڪڙو سوال، به ڪڏهن رد ڪو نه ڪيائين. آءٌ جيڪا به استدعا ڪندو هوس، هندن ۽ سرڪاري وڪيل جي شديد مخالفت جي باوجود به منظور ڪندو هو.

*        *        *

ايندڙ نسلن کي آگاهه ڪرڻ لاءِ، ته اهڙن پيچيدن معاملن ۾ جت قومون يا فرقا پاڻ ۾ ”دست و گريبان“ ٿي پون ٿا، ماڻهوءَ کي ڪهڙين ڪهڙين منزلن مان گذرڻو پوي ٿو، آءٌ ٻه ٽي واقعا نمونتاً هت ٻڌائي ڇڏيان ٿو.

جنهن ڏينهن جو ذڪر آهي، ان ڏينهن اهو مقدمو ڪراچيءَ جي هاءِ ڪورٽ بلڊنگ ۾ هلي رهيو هو. مسلمانن جي پاران حاجي عبدالله هارون جي شاهدي ٿيڻي هئي. حاجي صاحب اچي شاهدن جي ڪٽهڙي ۾ ويهي رهيو هو. کانئس مکيه  پڇا مون کي ڪرڻي هئي. پر جج صاحب پاڻ ڪورٽ ۾ داخل ٿئي، ان کان اڳ ڌرين جي وڪيلن پاڻ ۾ چرچا گهٻا پئي ڪيا. خانبهادر الله بخش مرحوم جو وڪيل  مسٽر ڪشنداس لولا وڪيل ته تجربه ڪار ۽ نالي وارو هو، پر طبيعت هلڪڙي هئس. ڪنهن ڏينهن ڪا خاص ڳالهه سندس مرضيءَ مطابق ٿيڻي هوندي هئي، ته اڳواٽ خوشيءَ ۾ ڀرجي، اکيون ڦوٽاري، مارڻيءَ مينهن وانگر سڄي کاٻي پيو واجهائيندو هو.حاجي عبدالله هارون ڏانهن ڪاوڙ مان نهاري وري پنهنجن ڪاغذن ۾ پيو منهن وجهي ۽ فائلن کي هيٺ مٿي ڪري. مون کي شڪ پيو ته اڄ ڪا نئين ڳالهه ٿيڻي آهي، جنهنڪري مسٽر لولا کي اچي ايتري قدر آنڌ مانڌ لڳي آهي. سندس فائلن ڏانهن غور سان ڏٺم ته ات هڪڙو فائل صوبائي مسلم ليگ جو نظر آيم، جنهن جو رنگ سائو هو ۽ مٿس ”مسلم ليگ“ سنڌ جو ٽائيٽل  ڇاپيل هو. ليگ جو سارو دفتر منهنجيءَ  نظر هيٺ هلندو هو ۽ مان هر فائل سڃاڻندو هوس. مون سمجهيو ته اهو فائل مسلم ليگ جي دفتر مان ڪنهن طرح چورارائي هٿ ڪيل آهي ۽ ان جي آڌار تي اڄ حاجي صاحب کان آڏيءَ پڇا ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿيندي. فوراً فيصلو ڪيم ته اڄ ڪيس مهمل ڪرائيندس، حاجي صاحب جي شاهدي نه وٺرائيندس، هتان سڌو ليگ دفتر ۾ وڃي جاچ ڪندس ته ڪهڙو فائل گم ٿيو آهي ۽ پوءِ ان ۾ رکيل ڪاغذن کي خيال ۾ رکي، حاجي صاحب کي جوابن ڏيڻ لاءِ تيار ڪري ايندس.

جج صاحب آيو. سرشتيدار حاجي صاحب کي قسم کڻايو. مون کي حڪم ٿيو ته مکيه پڇا شروع ڪر.  آءٌ پنهنجيءَ نشست تان ڪو نه اٿيس. ويٺي ويٺي عرض ڪيم ته اڄ منهنجي طبيعت تمام خراب آهي. چار مهينا ساندهه ڪم ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيو آهيان. ڪورٽ اڄ مون کي مهلت ۽ موڪل ڏئي ته گهر وڃي آرام ڪيان، ڊاڪٽر کي پاڻ ڏيکاريان ۽ دوا درمل وٺي سڀاڻي اچي حاضر ٿيان ۽ شاهد کان پڇا شروع ڪريان. اها ڳالهه به سچي هئي. مان واقعي ٿڪل به هوس ۽ وري جو مسٽر لولا وٽ فائل ڏٺم، تنهن ته مون کي دل هول ڏيئي ڇڏيو هو.

مسٽر لولا ڏاڍو زور ڏنو ته آءٌ اڄ عبدالله هارون جي شاهدي وٺرائي سڀاڻي موڪل ڪريان. ساڳيءَ طرح هندن جي وڪيلن به هاءِ گهوڙا مچائي ته حاجي صاحب جي شاهدي اڄ ضرور پوري ڪئي وڃي، وغيره وغيره. پر جج سندن اعتراضن کي رد ڪري منهنجي راءِ رکي ۽ ڪيس هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيائين.

ڪورٽ مان نڪري، آءٌ ۽ حاجي صاحب سڌا مسلم ليگ آفيس ۾ آياسين. ات فائلن جي چڪاس مان معلوم ٿيو ته اهو مخفي فائل گم آهي، جنهن ۾ حاجي صاحب ۽ قائداعظم جي وچ ۾ (منزلگاهه تحريڪ جي باري ۾) هليل لکپڙهه هئي. ان لکپڙهه ۾ ڪي اهڙا ڪاغذ به شامل هئا، جن جي ڪري مسلمانن جي ڪيس تي خراب اثر پوڻ جو يقين ٿي سگهيو ٿي. حاجي صاحب ان ڏينهن جي منهنجي ڦڙتائي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، دعائون ڪيائين ۽ دعوت ڏنائين ته شام جو وٽس ماني کاوان، جنهن ۾ هو ڪبابن ۽ نان پاون جو خاص انتظام رکندو. کيس معلوم هو ته مان انهن شين جو شوقين هوس.

غرض، اسان ان وچ ۾ گم ٿيل فائل ۾ پيل ڪاغذن متعلق مناسب سمجهاڻيون ذهن ۾ رکي ڇڏيون ۽ ٻئي ڏينهن جڏهن حاجي صاحب جي شاهدي هلي ته مون مکيه پڇا ۾ ئي حاجي صاحب واتان پاڻهرتو اهي ڳالهيون ايتريقدر صاف ڪرائي ڇڏيون، جو مسٽر لولا منهن تڪيندو رهجي ويو ۽ چورايل فائل جي ذريعي ڪو به فائدو حاصل ڪري ڪو نه سگهيو.

جيڪڏهن لولا صاحب پهرين ڏينهن هلڪڙائي جو مظاهرو نه ڪري ها ۽ منهنجي دل ۾ فائل جي چوريءَ بابت شڪ اڀرڻ نه ڏئي ها ته ڪيس کٽيو ويٺو هو. پر وڪيل ۽ هلڪڙائي!

ستت ئي وري هڪڙي ٻي ڏکي منزل اچي وئي.

اوچتو ئي اوچتو هندن درخواست پيش ڪئي ته هو ست نوان شاهد پيش ڪندا، جن جي موجودگيءَ ۾ (هندو اخبار جي دفتر ۾ ويهي)  جناب جي. ايم. سيد گفتگو ڪئي هئي ته هن چئن سوَن هندن کي مارائڻ جو منصوبو بڻائي ڇڏيو آهي، جڪڏهن ”واڻين“ مسجد  منزلگاهه زوريءَ خالي ڪرائي ته نتيجو ڏسي وٺندا.

شاهد ڪهڙا ڏنائون؟ مسٽر جمشيد مهتا پريزيڊنٽ ڪراچي ميونسپالٽي، ٽي ڏسڻا وائسڻا مسلمان، جن کي ليڊريءَ جي دعويٰ هئي، ۽ ٽي هندو ديوان، جن  جي لاءِ مشهور هو ته هو صوفي مت جا آهن ۽ هندو مسلمانڪي ڇڪتاڻ مان بنهه ڪو نه ڄاڻن.

صاحب تون، ستار تون، آئي بلا ٽار تون!

جمشيد مهتا پارسي هو ۽ ساري دنيا ان کي هڪ سچو انسان بلڪه صوفي سنت ڀائيندي هئي. ان جي لاءِ اهو تصور ئي ٿي ڪو نه ٿي سگهيو ته هو ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اچي ڪوڙي شاهدي ڏيندو،  ۽ اهو اچي چوندو ڇا؟ هيءُ چوندو ته جناب جي. ايم. سيد سندس موجودگيءَ ۾ قبول ڪيو هو ته هن چئن سوَن هندن کي قتل ڪرائڻ جو منصوبو رٿي ڇڏيو آهي! گهاتڪ شاهدي هئي، ۽ ان کي ٽيڪو ڏيندڙ ٽي چار معزز نالي وارا نيڪ بخت مسلمان شاهد!

آڏي پڇا ٿيندي ته ڪهڙي؟ چور ٻوڙي ۾ موجود هو.

ڪورٽ هندن جي درخواست منظور ڪري، ٻئي ڏينهن انهن شاهدن کي گهرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.

ٻيو ڏينهن ٿيو ته ڇا ڏسان؟ شاهد نمبر پهريون مسٽر جمشيد مهتا ته شاهدن جي ڪٽهڙي ۾ موجود، پر پويان ساري ڪورٽ ڪراچيءَ جي هندو وڪيلن سان ڀريل. اهي صاحب هيءُ تماشو ڏسڻ آيا هئا ته جمشيد مهتا جي شاهديءَ ڪري ڪيئن ٿيون اڄ مسلمانن جون پڳڙيون ٿين ۽ ڪيئن ٿو هڪ ڄٽ ۽ ڪوڙو وڪيل منجهانس جان ڇڏائي؟

جمشيد صاحب مکيه پڇا جي دوران اهي سموريون ڳالهيون، جي. ايم. سيد صاحب جي باري ۾ چئي ويو، جيڪي هندن ڄاڻايون هيون.

آڏي پڇا جو حڪم ٿيو:

منهنجو پهريون سوال: ”اوهان هن ڳالهه لاءِ مشهور آهيو ته جنهن کي خونن ڪرائڻ جو منصوبو بڻائڻو هجي، سو اوهان وٽ اچي پنهنجي دل جا راز ٻڌائي؟“

 جواب: ”مون سوال نه سمجهيو!“

آءٌ: ”اوهان قتل جي منصوبه  بازن جا سٺا ۽ قابل اعتماد سرپرست طور مشهور آهيو؟ ماڻهو اوهان سان اهڙين صلاحن ڪندي ۽ ڳالهين ٻڌائيندي بلڪل ڪو نه ڊڄن؟“

جواب: ”نه، هرگز نه.“

 سوال: ”اوهان هن ڳالهه لاءِ به مشهور آهيو ته وقت پئي اوهان قـَـسم تي ڪورٽ اڳيان ڪوڙ به ڳالهائي، ماڻهن جا راز ڇپايو ۽ انهن کي سزا کان بچايو؟“

جواب: ”نه“

سوال: ”جي. ايم . سيد کي ڪڏهن کان سڃاڻو؟“

جواب: ”ننڍڙائي کان.“

 سوال: ”سياست ۾ به يا ته گڏ رهيا آهيو يا هڪ ٻئي کي ڏسندا وائسندا رهيا آهيو؟“

 جواب: ”هائو.“

سوال: ”سياست ۾ جي. ايم. سيد جا گهڻين ئي پارٽين ۽ جماعتن سان اختلاف ۽ جهيڙا ٿيندا رهيا آهن؟“

 جواب: ”هائو“

سوال: ”ان عرصي  اندر گهڻا ڀيرا جي. ايم. سيد اوهان سان خوني منصوبن جي باري ۾ پنهنجيءَ دل جا راز بيان ڪيا آهن؟“

جواب: ”ڪڏهن به ڪو نه“

 سوال: ”اوهان پاڻ به قتل ۽ خونن جي ڳالهين ۾ دلچسپي وٺندا رهيا آهيو؟ اوهان کي ماڻهن جو خون ٿيڻ پسند ايندو آهي؟“

جواب: ”ماءِ گاڊ! بلڪل نه.“

سوال: ”جڏهن جي. ايم. سيد چئن سون هندن کي مارائڻ جي منصوبي جي ڳالهه ڪئي ته اوهان کيس شاباس چئي؟“

جواب: ”اوهه گاڊ! نه.“

سوال: ”منع ڪئي؟“

جواب: ”نه.“

سوال: ”جي ايم سيد جو دماغ اڪثر خراب رهي ٿو؟“

جواب: ”نه“

ان کان پوءِ مون سندس پنهنجن عقيدن، سياسي نظرين ۽ فلسفه حيات بابت ٻه ڪلاڪ کن سوال پڇي ڪورٽ کي ڏيکاريو ته هي صاحب وهمي ۽ خيالي دنيا ۾ رهڻ وارو ماڻهو آهي ۽ اهڙو نه آهي، جنهن سان ڪو ماڻهو Serious ڳالهه ڪري.

جمشيد صاحب کان پوءِ هڪ معزز مسلمان شاهد آيو، جنهن پڻ اچي ساڳي ڳالهه چئي. مون کي معلوم هو ته هو ڏاڍو چيڙاڪ آهي. غصي ۾ اچي ته هوش مان نڪريو وڃي.

کانئس منهنجو پهريون سوال هو: ”تون مشهور دماغي بيمار آهين؟“

جواب: ”تون پاڳل آهين.“

 سوال: ”اڪثر ائين ٿيندو رهي ٿو ته تنهنجي گهر واري تو کي پادر هڻي ڪجهه وقت لاءِ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندي آهي؟“

 منهنجو اهو سوال پڇڻ ۽ هو صاحب هوش مان نڪري مون کي، هندن کي، ڪورٽ کي، غرض سڀني کي وڏي واڪي بدشد ڳالهائڻ لڳو ۽ مون کي ته ڪچيون گاريون به ڏنائين. آخر ۾ هو مون ڏانهن پادر اڇلائڻ لاءِ پنهنجي شوز جون ڪهيون کولڻ لڳو. مون جج کي هٿ سان اشارو ڏنو. هن هڪدم پوليس کي حڪم ڪيو ته شاهد کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي وڃن. ويندي ويندي هو پڇاڙيءَ تائين سڄي جهان کي گاريون ڏيندو ۽ ناٽڪ رچائيندو ويو.

وري ٻيو مسلمان هندن پاران شاهد طور پيش ٿيو. منهنجو وارو آيو ته هيٺين طرح سوال جواب ٿيو:

سوال: ”اوهان ڪانگريسي آهيو؟“

جواب: ”هائو.“

سوال: ”ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي اسيمبليءَ ۾ ميمبر چونڊيا آهيو؟“

جواب: ”هائو.“

سوال: ”ميٽنگن ۾ جڏهن اوهان تقرير ڪرڻ لاءِ اٿندا آهيو ته مسلمان لٺين ۽ موچڙن سان اوهان جو تواضع ڪندا آهن؟“

جواب: ”نه.“

سوال : ”اوستي محمد ۾ ميٽنگ ٿي هئي؟“

جواب: ”هائو.“

سوال: ”ات اوهان تي مسلمانن ڏنڊا وسايا هئا؟“

جواب: ”نه، ڇڙو گوڙ ٿيو هو.“

سوال: ”اوهان جي نراڙ تي ڏنڊو وهائي ڪڍيو هئائون ۽ اوهان ڪيترا ڏينهن ڊاڪٽرن وٽان ڦٽ چيٺرائيندا وتندا هئا؟“

جواب: ”ٿورو زخم اچي ويو هو.“

سوال: ”اوهان ڪورٽ جي ويجهو وڃي پنهنجي نراڙ تي جيڪو ڦٽ جو نشان رهجي ويل آهي، سو ڏيکاريو.“

ڪورٽ به کيس ويجهي اچڻ لاءِ حڪم ڪيو ۽ ڏٺو ويو ته نراڙ تي گهٻ جو نشان نمايان هو.

جج صاحب ان منزل تي بي صبر ٿي ويو. هندن جي وڪيل کي ڪاوڙ منجهان چيائين ته:

            “ With due respect for this type of your witnesses I shall go no further into your point about. g.M. Sayed conspiring to kill 400 Hindus Drop that point.”

(ترجمو: اوهان جي ان قسم جي شاهدن لاءِ احترام هوندي آءٌ ان پائنٽ ۾ وڌيڪ وڃڻ کان انڪار ڪريان ٿو، جنهن پائنٽ جو تعلق هن ڳالهه سان آهي ته جي. ايم. سيد چئن سون هندن کي مارائڻ جو منصوبو رٿيو هو، ان پائنٽ کي ڇڏي ڏيو.)

سڀ کان وڏي ڌماچوڪڙي خانبهادر الله بخش مرحوم جي پنهنجي شاهديءَ وقت لڳي. مون نه ٿي ڀانيو ته هندن جا اهڙا تجربيڪار وڪيل کيس شاهد ڪري گهرائڻ جو جوکم کڻندا.  پر خانبهادر صاحب کي پنهنجي دماغ تي ايترو ڀروسو هو، جو شايد هن خود شاهد ٿي اچڻ تي مٿن زور رکيو هجي. بهرحال خانبهادر  صاحب شاهد ٿي آيو ۽ پنهنجي وڪيل ۽ هندن جي ”بالشٽرن“ جي مکيه پڇا ۾ گهڻو ڪجهه چئي ويو. ان کان پوءِ جڏهن منهنجو وارو آيو ته اڍائي ڏينهن مسلسل کانئس آڏي پڇا ڪندو رهيس. مسلمانن جي ڪيس ثابت ڪرڻ لاءِ، جن جن ڳالهين جي مون کي ضرورت هئي، سي کانئس چوائي ڇڏيم. گهڻيون ته اهڙيون به ڳالهيون هيون، جو جيڪڏهن خان بهادر صاحب پاڻ شاهد ٿي نه اچي ها ته آءٌ هرگز ثابت ڪري ڪو نه سگهان ها. مرحوم کي ايتريقدر سوڙهو گهٽيم، جو موقعو وٺي مون کي چوندو رهيو:

”ٻچا،مرنئي، هاڻي ته بس ڪر.“

ساڳئي وقت شاهدي هلندي پاڻيءَ يا لمليٽ جا ڍُڪ به ڀريندو رهيو. سندس شاهدي ۽ آڏي پڇا ٽربيونل جي رڪارڊ ۾ موجود آهي ۽ مسلم ليگ طرفان ڪتابي صورت ۾ به ڇپايل آهي، تنهن ڪري تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت ڪا نه آهي. حقيقت ۾ اها ئي شاهدي مسلمانن جي مخالفن لاءِ سڀ کان وڌيڪ گهاتڪ ثابت ٿي.

*        *        *

هڪ ڏينهن هندن طرفان مسٽر پمناڻي شاهد بڻجي آيو. هو صاحب روهڙيءَ جو رهاڪو هو ۽ سکر ضلعي مان سنڌ اسيمبليءَ جو چونڊيل ميمبر هو. ڏاڍو تيز طبيعت  هو ۽ مسلمانن تي حد کان زياده ناراض رهندو هو. پنهنجي شاهديءَ جي دوران پير صاحب ڀرچونڊي شريف جي باري ۾ ڪجهه ناشائسته ڳالهيون به ڪري ويو. سندس بيان پورو ٿيو ته مون ڪورٽ کي عرض ڪيو ته مسٽر پمناڻيءَ جو بيان اخبارن ۾ ڇپجڻ کان روڪيو وڃي، ورنه موجوده اشتعال جي حالت ۾ ممڪن آهي ته سندس جان خطري ۾ پئجي وڃي. ڪورٽ پريس رپورٽرن کي درخواست ڪئي ته اهو بيان اخبارن ۾ نه ڇاپن.  پر ان زماني ۾ هندو اخبار نويسن جي منور تي ڪجهه عجيب هئي. ڪهڙيءَ به چڱي نيت سان کين ڪنهن حرڪت ڪرڻ کان روڪيو ويندو هو ته هو زور ڏئي اها حرڪت ڪندا هئا، ان خيال سان ته روڪڻ جو سبب مسلمانن کي فائدو پهچائڻ لاءِ هڪ بهانو هوندو، تنهنڪري ان بندش کي ضرور ٽوڙجي. ٻئي ڏينهن مسٽر پمناڻيءَ جو بيان وڏين سرخين هيٺ سمورين هندو اخبارن ۾ ڇپجي ويو. ٽئين ڏينهن مسٽر پمناڻي روهڙي ريلوي اسٽيشن تان لهي جيئن پيدل شهر ڏانهن وڃي رهيو هو، تيئن رستي ۾ ڪي شاهينگ کيس پستول هڻي خون ڪري پاڻ غائب ٿي ويا. وڏو هنگامو ٿي ويو. هندن جون اکيون رت ڇڏڻ لڳيون. اسان جي ٽربيونل اڳيان هندو وڪيل وڏيءَ شدومد سان شڪايت ڪئي ته: ”ٽيون ڏينهن  مسٽر راشديءَ هن کليل ڪورٽ اڳيان دڙڪو ڏنو هو ته مسٽر پمناڻيءَ کي قتل ڪيو ويندو، سو ان دڙڪي تي ڪالهه عمل ٿي چڪو آهي ۽ مسٽر پمناڻيءَ کي ڪالهه ”شهيد“ ڪيو ويو آهي ڪورٽ اها ڳالهه رڪارڊ تي رکي. مسٽر راشدي پمناڻيءَ جي خون جي منصوبي جو آٿر(Author) آهي.“

جج صاحب گهنڊ پائي ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين:

”مسٽر راشدي توهان جي خير خواهي ڪئي، جڏهن هن اوهان ۽ ڪورٽ کي مشورو ڏنو هو ته پمناڻي جو اشتعال انگيز بيان اخبارن ۾ اچڻ نه گهرجي. مسٽر راشديءَ  جي ڊگهي نظر هئي ۽ کيس وقت جي نزاڪتن جو صحيح اندازو هو. جيڪو ماڻهو خون ڪرائڻ جا منصوبا بڻائيندا آهن، سي هاءِ ڪورٽ جي جج اڳيان دڙڪا نه ڏيندا آهن.“

 هندن تنهن هوندي به خون جي منصوبي جو ڪيس بڻايو ۽ مون کي به جوابدار ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر وريو ڪجهه ڪو نه. پاڻ ان ڪوشش ڪري اصل خونين کي ڳولهڻ ۽ هٿ ڪرڻ ۾ پيچيدگيون پيدا ٿي پيون ۽ پمناڻيءَ جو خون لڙهي ويو.

پر پنهنجي جاءِ تي مون ان ڏينهن فيصلو ڪيو ته وري اهڙيون پيشنگويون نه ڪبيون، جيڪڏهن ڪو انڌو کوهه ۾ ڪري رهيو آهي ته ڪرڻ ڏبس ۽ خيرخواهي جي جذبي ۾ اچي پاڻ کي غلط فهمين جو شڪار بڻجڻ نه ڏبو.

ٽربيونل هلندي هڪ دفعي خود مون کي قتل ڪرائڻ جي سازش رٿي وئي. جڏهن ڪيس سکر ۾ هلندو هو ته هر ڇنڇر جي شام جو آءُ موٽر ۾ چڙهي، رائس ڪينال جو ڪپ ڏئي، پنهنجي ڳوٺ بهمڻ هليو ويندو هوس ۽ اتان وري آچر جي شام جو ساڳئي رستي سان موٽي سکر ايندو هوس.  منهنجي مارڻ لاءِ ڪير منتخب ٿيا هئا ۽ ڪنهن اهو بندوبست  رکيو هو، تنهن ٻڌائڻ جو اڃا وقت نه آيو آهي. هن وقت صرف ايترو ئي ٻڌائي سگهان ٿو ته اهي مسلمان بزرگ هئا، مسجد منزل گاهه جي تحريڪ، خود مسلم ليگ ۽ ذاتي طرح منهنجي خلاف هئا(1) . هنن هيءَ سٽي هئي ته جيڪڏهن مون کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته خون جو الزام هندن ۽ الله بخش مرحوم تي اچي ويندو ۽ وچان کين خون ڦٻي ويندو .

اهي هٿياربند ماڻهو رڪ ۽ مديجيءَ  جي وچ ۾، واهه جي ڪڙ واري جهنگ ۾ لڪي ويٺا هئا ته جيئن آچر جي شام جو آءٌ سکر ڏانهن موٽان ته مون کي ماري ڀڄي وڃن.

خدا تعاليٰ، جنهن جي ذات باريءَ مون کي شملي واري ريل جي حادثي  مان بچايو هو، سو هن موقعي تي به منهنجو نگهبان ثابت ٿيو. اتفاق اهڙو ٿيو، جو آچر جي صبح جو منهنجو خانداني دوست مرحوم خانهبادر محمد پناهه خان ڊکڻ مون سان ملڻ لاءِ منهنجي ڳوٺ بهمڻ اچي پهتو. هن صاحب مون تي زور رکي مون کي پاڻ سان پنهنجي ڳوٺ ڊکڻين وٺي ويو. آچر ۽ سومر جي وچ واري رات پاڻ وٽ رهائي فجر جو مون کي ڳڙهي ياسين شڪارپور  واري رستي سان وٺي هلي سکر پهچايائين. آچر جي شام جو رُڪ واري رستي سان نه اچڻ ڪري مان بچي ويس. ڪن سالن کان پوءِ اهي ساڳيا، خون جي ارادي سان ويٺل ماڻهو، منهنجا دوست بڻيا، ۽ وٺي هلي اهي ٻـُـوڙا ڏيکاريائون، جن ۾ هو لڪي ويٺا هئا. الله تعاليٰ مارڻ نه گهري ته ڪير ماري؟

*        *        *

ٽربيونل جي ڊگهي داستان جي پڄاڻي هن طرح سان ٿي ته اهو ٽربيونل اپريل کان جولاءِ تائين هلندو رهيو. 109 شاهد ڪورٽ ۾ هليا ۽ 22 شاهدن جا بيان قسم نامن جي ذريعي پيش ٿيا. آگسٽ مهيني جي 9 تاريخ ٽربيونل پنهنجي فتوا سرڪار ڏانهن موڪلي، جيڪا 11 تاريخ آگسٽ جو سرڪاري طرح ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي(1).

فيصلو ڇا ٿيو؟

(1) هندن خواهه الله بخش وزارت جون دعوائون ۽ حجتون سڀ رد،

(2) فسادن جو سبب هندن جي اڳرائي ۽ الله بخش وزارت جي ڦلهڙائي، “

(3) مسلمان بيگناهه، تنهنڪري حرجاني ڀرڻ  جو سوال ڪو نه.

*        *        *

اهو هو پهرين ٽربيونل جو فيصلو. ان کان پوءِ وري ساڳئي جج هيٺ ٻئي نمبر ٽربيونل جو ڪاروبار شروع ٿيو. ان ٻئي نمبر ٽربيونل کي فيصلو ڪرڻو هو ته جنهن جاءِ تي تڪرار آهي سا واقعي مسجد آهي يا (جهڙي طرح هندن جي دعويٰ آهي) هڪ غير مذهبي تفريح گاهه. ساڳيا وڪيل، هندن جو ساڳو ٺٺ ٺانگر، ۽ مسلمانن پاران وري هيءُ بندو! يعني ساڳي ماني ساڳي ساڳ سان!

اهو مقدمو به پورا ٽي مهينا هليو ۽ ساڳيءَ طرح هنگامه خيز هو. مثلاً: فن عمارت سازي، اسلامي عمارت گري، مغل دؤر جي عمارتن جون خصوصيتون، اسلامي آرڪيٽيڪچر، اسلامي آرٽ، مغل آرٽ، تاريخ، مغل اميرن جي عمارت سازي جي تاريخ، مير معصوم بکري(2) مرحوم جي سوانح حيات ۽ ٻيا ڪيترا علمي، فني ۽ تاريخي موضوع زير بحث ايندا رهيا.

هندن پاران هندستان منجهان انهن علمن ۽ فنن جا ماهر ۽ پروفيسر شاهدي ڏيڻ لاءِ گهرايا ويا هئا. هن ڀيري به،هندن جي شاهدن  ۾ وري به ڪي مسلمان آفيسر صاحب آيا، جن کي پنهنجي علم تي ناز هو ۽ پير کوڙي بيان ڏيئي ويا ته تڪراري جاءِ جو مسجد هجڻ مشڪوڪ آهي. پڇاڙيءَ ۾ جڏهن سڀني طرفين اوندهه ڏٺم ته مون پاڻ کي به شاهد طور ڪورٽ اڳيان پيش ڪيو، جا ڳالهه جج صاحب منظور ڪئي. آءٌ وڪيلن وارين بئنچن تان اٿي وڃي شاهدن واري ڪٽهڙي ۾ بيٺس.

سوال جواب شروع ٿيو.

هندو وڪيل جو پهريون سوال هيءُ هو:

”تنهنجي علمي لياقت ڪهڙي آهي؟“

جواب: ”دنيا جا سمورا علم منهنجي پيٽ ۾ آهن.“

سوال: ”توهان ڪٿي ڪٿي تعليم ورتي؟“

جواب: ”ڌڻي تعاليٰ مون کي ڪنهن جو محتاج ڪو نه بڻايو. سمورن علمن جا دروازا پاڻ منهنجي اڳيان کولي ڇڏيائين.“

سوال: ”توهان وڏي ڊاڙ پيا هڻو. ان جو ثبوت؟“

جواب: ”ان جو ثبوت هيءُ آهي ته اوهان دنيا جهان جي سمورن علمن منجهان ڪنهن جي به باري ۾ مون کان سوال ڪري ڏسو.“

جج صاحب بي صبر ٿي غصي مان هندو وڪيل کي چئي ڏنو:

”مسٽر ليلا رام، اوهان ستن مهينن کان هن ماڻهوءَ جون دماغي صلاحيتون ڏسندا رهيا آهيو، ان کان پوءِ به کانئس اهڙا ٻاراڻا سوال پيا پڇو؟ ڇڏي ڏيو اها ڪوشش، اصل ڳالهه تي اچو.“

 ديوان جا ڍڍر ڍرا ٿي پيا. اصل مضمون تي منهنجي شاهدي هلي. آءٌ به گهڻائي ڪتاب ساڻ کڻي ويو هوس. هڪ هڪ ڪري جج کي ڏيکاريم.

جنوري 1941ع جي يارهين تاريخ فتويٰ (1) ملي:

هندن جي دعويٰ وري به رد ۽ تڪراري جاءِ مسجد ثابت ٿي.

مسلمانن ٻيئي ڪيس کٽيا.ليڊرن هڪدم پنهنجن نالن جي لسٽ پٿر تي اڪرائي، موقعي تي لڳارائي ڇڏي. مون صاف انڪار ڪيو ته ان لسٽ ۾ منهنجو نالو نه هجڻ گهرجي. خبر نه آهي، اهو پٿر اڃا تائين لڳل آهي يا لهي ويو آهي. رهي نانءُ الله جو!

 

*        *        *

ان تڪرار جو مکيه نتيجو هيءُ نڪتو، جو سنڌ جا مسلمان هميشه لاءِ پنهنجن پاڙيچن هندن مان نااميد ٿي پيا ۽ ٻنهي قومن جو وري ميلاپ ٿي ڪو نه سگهيو، تان جو پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ سنڌ مان هندن جي لڏ پلاڻ ٿي. ان لحاظ سان اهو وڏو تاريخي واقعو ٿي گذريو ۽ ٻنهي قومن جي وڏن جي سـَـوَن سالن جي ڪمائي ڪـُـٽ ٿي ويئي.

 

*        *        *

حاجي عبدالله هارون مرحوم جو هن دنيا مان لاڏاڻو 27 اپريل 1942ع جو ٿيو. پر ان کان ڪجهه مهينا اڳ کين پٺيءَ ۾ ڳڙ نڪتو. سندس گهران ٽيليفون آيو ته هڪدم پهچ. ات پهچي معلوم ٿيم ته حاجي صاحب سخت سور ۾ مبتلا آهي، پر گهر جي ڀاتين ۽ ڊاڪٽرن جي زور بار هوندي به نه علاج ڪرائي ٿو ۽ نه ڦٽ تان پٽي بدلرائي ٿو. سندن خيال هو ته حاجي صاحب  منهنجي ڳالهه ضرور مڃيندو ۽ پنهنجي حياتيءَ مان ايتريقدر بيزاري نه ڏيکاريندو. آءٌ وڃي ساڻس ڀتيس. پاڻ چوڻ لڳو ته: ”پهرين اها ڳالهه سمجهاءِ ته هاڻي آءٌ وڌيڪ عرصي لاءِ زندگيءَ جا عذاب ڇو برداشت ڪيان؟ مون سڀ ڪجهه ڏسي ورتو آهي. الله تعاليٰ جون وڏيون مهربانيون ماڻي چڪو آهيان. دولت ملي، عزت حاصل ٿي، اولاد عطا ٿي،  چڱي گهر واري نصيب ٿي. مسلمانن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. پڇاڙيءَ ۾ مسلمانن جي جدا رياست جي تخيل پيش ڪرڻ جي سعادت به ميسر ٿي. هاڻي ستر ورهيه عمر کي پهچي چڪو آهيان. وڌيڪ زنده رهڻ ۽ زندگيءَ جي امتحانن ۾ ڦٿڪڻ جي ڪهڙي ضرورت اٿم.“

مون چيس ته: ”اهو سڀ برحق، پر خودڪشي حرام آهي ۽ جنهن صورت ۾ اڃا مسلمانن جي جدا رياست بڻجڻ جو معاملو اڌ ۾ اٽڪيل آهي، سندس زندگيءَ جي اڃا قوم کي ضرورت آهي. ممڪن آهي ته ٻي صورت ۾ مسلمانن جي اها تمنا اڌ ۾ رهجي وڃي.“ ڊگها قصا هليا. آخر ۾ علاج ڪرائڻ منظور ڪيائين.

پر اڃا ٻه ٽي مهينا مس گذريا هئا ته هڪ ڏينهن علي الصباح اطلاع مليم ته حاجي صاحب اوچتو ئي اوچتو رات جو دل ٽٽڻ سبب رحلت فرمائي وڃي جنت ۾ جائگير ٿيو. منهن پٽيندو سندس گهر پهتس. سندس فرزند يوسف ڏاڪڻ وٽ مليم: روئي چيائين:

”تنهنجو دوست هليو ويو.“

 مون چيس: ”هائو، منهنجو دوست هليو ويو!“

 

*        *        *

حاجي صاحب جي زندگي سڌي، صاف ۽ ڪن اصولن جي پابند رهي. ان جا ڪيترا پهلو دلچسپ هوندا هئا. مثلاً: حاجي صاحب خير جي ڪمن ۾ ته ڪافي پيسو ڏيندو هو، پر پينائو فقيرن کي ڪجهه ڏيڻ کان بيزار هوندو هو. هڪ شام جو آءٌ ۽ پاڻ سندس نيپئر روڊ واري دفتر مان موٽر ۾ ويهي واپس گهر اچڻ لڳاسين. سياري جي موسم هئي. مٿان ڦـُـڙ ڦـُـڙ ٿي رهي هئي ۽ ڦرڪڻي هوا پئي هلي. حاجي صاحب کي در مان ٻاهر قدم رکندو ڏسي هڪ فقير هٿ ڊگهو ڪري کانئس خيرات گهري. حاجي صاحب چڙ ۾ اچي کيس رهڙان ڪڍيون. چي: ســُـست، ناکاره، کام کيون نهين کرتي هو. بهيک مانگتي شرم نهين آتي.“

موٽر ۾ ويهي هلياسين ته مون کيس چيو ته سوالين کي اهڙيون رهڙان ڪڍڻ ۽ انهن تي ڪاوڙجڻ مناسب نه آهي.

پاڻ مون ڏانهن منهن ڪري پڇيائين: ”پوءِ آءٌ ان لاءِ ڪـُـرو ڪريان ها“

مون چيس: ”اهو جيڪي الله تعاليٰ اوهان لاءِ ڪيو آهي. حاجت وارو هميشـہ  سوالي هوندو آهي. اوهان پاڻ الله تعاليٰ وٽ سوالي نه هوندا آهيو؟“

پنهنجي ڊرائيور انڊريوز کي چيائين ته موٽر موٽائي هل. موٽي آفيس آياسين، پر فقير وڃي چڪو هو. سارو نيپئر روڊ (جنهن تي حاجي صاحب جي آفيس هئي) ڦرياسين پر هٿ ڪو نه آيو.

ٻئي ڏينهن کان حڪم ڪيائين ته هر روز ڪجهه پيسا مـَـٽائي موجود رکجن. ڪنهن به فقير کي خالي نه موٽائجي.

عام طرح، حاجي صاحب جو شروع کان هيءُ دستور هوندو هو ته محرم ۽ عيدن جي موقعن تي ڪپڙن جون وڏيون ڳٺڙيون خريد ڪري، مستحقن ۾ نوان ڪپڙا ورهائيندو هو. قومي ورڪرن جي مدد ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ موقعي تي هندوستان جي مسلمانن جو هڪ تمام مشهور ليڊر دهليءَ مان هلي اچي وٽس پهتو هو. ڀوپال جي نواب کيس ڪجهه زمين ڏني هئي، جنهن کي هن آباد ڪرائڻ ٿي گهريو، پر ان ڪم لاءِ وٽس پئسو ڪو نه هو. حاجي صاحب کيس ڪيترا هزار روپيا ڏئي ڇڏيا، ۽ وڏي ڳالهه اها هئي ته حاجي صاحب اهڙيون ڳالهيون مخفي رکندو هو. پڇبو هوس ته ظاهر اهو ڪندو هو ته: ”آءٌ سندس ڪا خدمت ڪري ڪو نه سگهيس.“ هڪ ڳالهه جو کيس هميشـہ  ارمان هوندو هو ته 1928ع واري انقلاب افغانستان جي موقعي تي نادر شاهه مرحوم کانئس مالي مدد جي گهر ڪئي هئي، مگر پاڻ پيسو ڏئي ڪو نه سگهيو هو.

ڏاڍو صاف گو انسان هو. منافقي ڪو نه ڄاڻندو هو. سنڌ آبزرور جو ايڊيٽر پنيا نالي مدراسي هندو هوندو هو.  ڏاڍو ڪٽر ۽ مسلمانن کي هيچ سمجهندو هو. حاجي صاحب سندس منهن ڏسڻ به پسند ڪو نه ڪندو هو. هڪ ڏينهن خالقڏنه هال ۾ ميٽنگ ٿي، پاڻ تقرير ڪندي چئي ڏنائين:  ”پنيا هڪ ڪاريهر نانگ آهي.“ بس، پوءِ ته پنيا جي پنهنجي اخبار خواهه ٻين هندو اخبارن ۾ مٿس گارگند جو وسڪارو شروع ٿي ويو. هڪ شام ڪراچي ڪلب ۾ هندو وڪيل مڙي آيس ته: ”تو هي ڇا چيو آهي ته پنيا ڪاريهر نانگ آهي؟“

حاجي صاحب جواب ڏنن: ”هائو، مون چيو آهي. وري به چئندو رهندس ۽ جيستائين ان ڪاريهر نانگ جو مٿو چٿجي نه ويو آهي، آءٌ پنهنجيءَ قوم کي خبردار ڪندو رهندس.“ جنهن شخص سان ڪا نه پوندي هئس ته ان کان ڪوهين پري ڀڄندو هو، پوءِ اهو ماڻهو ڪيتريقدر اثر يا طاقت وارو ڇو نه هجي. سندس پاڙي ۾ سنڌ جو هڪ وڏو ليڊر رهندو هو، پر حاجي صاحب کي شڪ هو ته هو ٿوري گهڻي رشوت وٺندي ڪيٻائي ڪونه ٿو، تنهنڪري ساڻس وير هوندو هوس. هڪ دفعي ان جي گهر ۾ شاديءَ  جي مجلس هئي. دعوت ملڻ تي، وضح داري ۽ قرابت جو خيال رکندي، حاجي صاحب جي گهر جا ڀاتي ته مجبوراً  وڃي مجلس ۾ شريڪ ٿيا، پر حاجي صاحب پاڻ اهو سارو ڏينهن مون وٽ اچي گذاريو.

ٻي عالمي جنگ شروع ٿي چڪي هئي. هڪ ڏينهن صبح جو سويري انڊريوز (صاحب جو موٽر ڊرائيور)  موٽر ڪاهي اچي منهنجي در تي بيٺو. چيائين: ”سيٺ صاحب چيو آهي ته جنهن به حال ۾ هجو، هن موٽر ۾ چرهي اچي مون وٽ پهچو.“

انڊريوز کان پڇيم: خير ته آهي، جو اهڙو تڪڙو سڏ ٿيو آهي؟ چيائين: خير آه، سيٺ صاحب اخبار ڪڍيو ويٺو آهي.

آءٌ وٽس پهتس ته ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ هڪ خبر ڏيکاريائين، جنهن جو مطلب هيءُ هو ته ڪالهه مصر کان ٿوري پنڌ تي اٽليءَ ۽ جرمنيءَ جي هوائي جهازن بم اڇلائي فلاڻو شهر تباهه ڪري ڇڏيو.

مون کان پڇيائين: ”مطلب ڇا ٿيو؟“

مون چيس: ”اوهان ٻڌايو.“

فرمايائين: ”بابا، هن جنگ خواهه ايندڙ زماني جي جنگين جو فيصلو هاڻي هوائي جهاز پيا ڪندا. هوائي لڙائي جي لحاظ کان ڪراچيءَ جو شهر سخت خطري ۾ رهندو.

خبر نه ٿي پوي ته دشمن جا هوائي جهاز ڪڏهن ٿا ڪراچي پهچي اسان کي تباهه ڪن. اها به خبر ڪا نه آهي ته جرمنيءَ  وارن ڪيترا ”دور مار“ هوائي جهاز بڻايا آهن، اچڻا هوندا ته خبر ڪا نه پوندي.“

مون چيس: ”جيڪڏهن  واقعي اهڙو خطرو پيدا ٿيو ته پاڻ موٽرن ۾ چڙهي اڳواٽ هتان نڪري هلنداسين.“

حاجي صاحب:”ڪيڏانهن؟“

آءٌ: ”مون  اڳ ۾ ئي سوچي رکيو آهي. پاڻ هتان ڀڄي هلي منڇر ۾ ٻيڙين تي رهنداسين ۽ ٻيڙين کي ڍنڍ جي وچ ۾ بيهاري ڇڏينداسين. منڇر جي پاڻيءَ ۾ ڪير اچي بم ضايع ڪندو؟ ان کان سواءِ منڇر جي چوڌاري هر قسم جون خوراڪ جون شيون پيدا ٿين ٿيون، تنهنڪري کاڌي پيتي جي به ڪا تڪليف ڪا نه ٿيندي.“

ڪجهه وڌيڪ سوال و جواب کان پوءِ فيصلو ٿيو ته جيستائين لڙائي جاري آهي، اسان کي پنهنجون موٽرون هر وقت تيار رکڻ گهرجن. پروگرام سڄو ٺهيل هجي. جيڪي ٿورا گهڻا ٽپڙ پاڻ ساڻ کڻي هلڻا آهن، اهي ٻڌي جدا ڪري رکجن.

پر منڇر هلڻ جي منزل ڪا نه آئي. وچ ۾ پاڻ هن دنيا مان ئي موڪلائي جنت ڏانهن روانو  ٿي ويو. اڄ سنڌ گهڻو ئي پئي روئي رڙي ۽ پڪاري:

”ويڙهيچا آئين ورو- وو- آءٌ پئي ڏکيا گذاريان ڏينهڙا.“

پر ويڙهيچا پاڻ بيوس ٿي ويا. جو مولا کي منظور!

 

*        *        *

(2)

پڇاڙيءَ ۾ آءٌ تاريخ کي درست رکڻ خاطر، پهرين اهو خط(1) ڏيندس، جيڪو 2 فيبروري 1940ع جو سر عبدالله هارون، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ ڏانهن لکيو، جنهن ۾ انهن کي سگنل ڏنائين، ته هاڻي ڀل کليءَ طرح هندستان جي ورهاڱي ۽ ”پاڪستان“ لاءِ  مطالبو ڪيو. انهيءَ خط جي بنياد تي ئي لاهور واري اجلاس ۾ پيش ڪرڻ لاءِ مشهور ”قرارداد پاڪستان“ جو مسودو تيار ٿيو، جيڪو 23 مارچ 1940ع لاهور اجلاس ۾ پاس ٿيو ۽ ان کان پوءِ پاڪستان جي حصول لاءِ باقاعده تحريڪ شروع ٿي. اهو اصل خط قائداعظم جي ڪاغذن ۾ نيشنل آرڪائوز اسلام آباد ۾ موجود آهي ۽ مٿس آرڪائوز جو نمبر F96/70  لڳل آهي.

جيڪڏهن عبدالله هارون اهو سگنل نه ڏئي ها ته هوند قرارداد لاهور جو ڪنهن کي خيال به ڪو نه اچي ها.

خط جو مضمون

دفتر فارين ڪاميٽي آل انڊيا مسلم ليگ

نئين دهلي

2- فبروري 1940ع

از طرف:

    سر حاجي عبدالله هارون، ايم. ايل. اي،

چيئرمين فارين ۽ انلنڊ ڊيپوٽيشن سب ڪميٽي،

    آل انڊيا مسلم ليگ، نئين دهلي.

ڏانهن:

آنريري سيڪريٽري، آل انڊيا مسلم ليگ، نئين دهلي.

جناب من،

آءٌ اوهان جي اڳيان اهو ٺهراءُ پيش ڪريان ٿو، جيڪو فارين ڪميٽي ۽ هندستان جي آئين متعلق مختلف تجويزن جي تيار ڪندڙ صاحبن جي گڏيل اجلاس ۾ پاس ڪيو ويو آهي. اوهان مهرباني ڪري اهو ٺهراءُ پريزيڊنٽ آل انڊيا مسلم ليگ جي اڳيان رکندا.

”پهرين تاريخ فيبروري 1940ع جو (يعني ڪالهه) فارين ڪاميٽي ۽ انهن صاحبن، جن هندستان جي آئين متعلق متبادل تجويزون مسلم ليگ ڏانهن موڪليون آهن، تن جو گڏيل اجلاس سر حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اڄ تائين آيل سموريون تجويزون، موجوده ملڪي ۽ بين الاقوامي واقعن، ملڪ اندر جلد جلد بدلجندڙ حالتن، حڪومت جي نمائندن، ڪانگريس ۽ ٻين جماعتن جي ليڊرن جي متضاد بيانن جي روشنيءَ ۾ غور هيٺ آيون.

”هن اجلاس جي راءِ آهي ته وقت اچي ويو آهي، جڏهن مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ کان استدعا ڪئي وڃي ته هوءَ صاف، سڌيءَ ۽ کليل  زبان ۾ هندستان جي مسلمانن جي مستقبل جي باري ۾ پنهنجو عقيدو دنيا اڳيان پيش ڪري ڇڏي ۽ ساڳئي وقت مسلمان قوم کي به تيار ڪري ته هوءَ هيٺين بنيادي حقن جي حصول لاءِ (جن حقن جي باري ۾ هن وقت تائين ان جو ذهن صاف ٿي چڪو آهي) اٿي کڙي ٿئي:

(الف) هندستان جا نـَـوَ ڪروڙ مسلمان هڪ جدا قوم آهن ۽ خوداراديت جي انهن حقن حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن، جيڪي حق ساڳين حالتن هيٺ، ٻين قومن کي ڏيڻ قبول ڪيا ويا آهن.

(ب) هندستان جا مسلمان ڪنهن به حالت ۾ اها ڳالهه قبول ڪو نه ڪندا ته کين ڪن غير متعلق خيالن يا فائدن وٺڻ خاطر يا سياسي مصلحتن  سببان اقليت جي حيثيت قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

(ج)  مسلمانن کي حق اراديت صحيح ۽ اثرائتي انداز ۾ ماڻڻ جو موقعو ميسر ٿئي، تنهن لاءِ هو پنهنجو جدا ملڪ ۽ آزاد رياست بڻائيندا.

(د) جيڪي مسلمان اهڙي ملڪ جي حدن کان ٻاهر رهجي ويندا، تن کي به ان مسلماني ملڪ جو شهري سمجهيو ويندو ۽ سندن حقن ۽ مراعات کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پوري طرح اپاءَ ورتا ويندا.

(هه) مسلمان قوم هر ان آئيني اسڪيم جي زوردار مخالفت ڪندي، جيڪا مٿي ذڪر ڪيل اصولن جي ابتڙ هوندي.“

آءٌ اوهان کي وڌيڪ هيءَ ٻڌائڻ گهران ٿو ته هڪ سب ڪميٽي ٺاهي ويئي آهي، جيڪا اڄ کان وٺي روزانو اجلاس ڪري، انهن مطالبن جي جواز ۾ مواد فراهم ڪندي(1).

ان ڪاميٽيءَ جو هيڊ ڪوارٽر نئين دهليءَ ۾ هوندو.

اوهان جو نياز ڪيش

عبدالله هارون،

چيئرمين فارين سب ڪاميٽي.

*        *        *

- (3)

اهو سگنل وارو بي انتها تاريخي خط هن بندهءِ ناچيز يعني علي محمد راشديءَ  جي قلم جو ڪارنامو هو. ”ڇوٽا مـُـنه بڙي بات“ ته آهي، پر ان دعويٰ جي ثبوت ۾ آءٌ هڪ تاريخي دستاويز جو حوالو ڏيان ٿو. اهو دستاويز  منهنجو اهو مضمون آهي، جيڪو مون تقريباً بر وقت ڪراچيءَ جي هفتيوار اخبار ”مسلم وائس“، جي اشاعت مورخه 22 مارچ 1941ع ۾ شايع ڪيو هو، جڏهن ”قرارداد لاهور“ کي  پاس ٿئي اڃا چند مهينا مس گذريا هئا، ۽ قائداعظم رح،(2) سر عبدالله هارون مرحوم،  ٻيا واسطيدار بزرگ سڀ زنده ۽ موجود هئا.

مضمون ۾ مون ان تاريخي خط جي لکجڻ جو پس منظر ڏيکاريو هو: يعني ته خط ڪيئن تيار ٿيو، ڪنهن تيار ڪيو، ڪنهن حاجي عبدالله مرحوم تي مڙهيو ته هو کڻي وڃي مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ(1) اڳيان پيش ڪري، خط وٺندي حاجي صاحب جي پنهنجي ڪيفيت ڇا هئي، ان وقت ۽ ان کان پهريون پاڪستان جي مطالبي متعلق عام ليگي مزاج ڇا هو، وغيره وغيره.

مضمون جا تعلق رکندڙ ٽڪرا

نيو دهليءَ جي 20 ونڊسر پئليس (جيڪا سر عبدالله هارون جي دهليءَ ۾ جاءِ رهائش هئي) ۾ ليگ جي فارين ڪاميٽيءَ(2) جو اجلاس ٿي رهيو هو، جنهن ۾ انهن آئيني تجويزن (جن کي بعد جي زماني ۾ ”پاڪستان اسڪيمون“ سڏيو ويو) جا ٺاهيندڙ به شامل هئا. هينئر محسوس ڪيون ٿا ته اهو ڪيڏو نه هڪ اهم تاريخي موقعو هو. بروقت ته اسان ائين ڪو نه ٿي ڀانيو ته اسان اڄ خود تاريخ ٺاهي رهيا آهيون. هندستان جي آئينده جي آئين متعلق ڪهڙا اصول اسان مسلمانن لاءِ قابل قبول هوندا، تن تي غور ۽ فڪر ٿيڻو هو.

          (ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيندڙن جا نالا)

هن ڳالهه تي وڏو تڪرار هليو ته پنجاب جي امبالا ڊويزن کي مستقبل جي مسلماني رياست ۾ وٺجي، يا ان ۾ هندو آباديءَ جي اڪثريت جي پيش نظر ان کي پنهنجي علائقي کان ٻاهر رکجي.

عبدالله هارون مرحوم، ميمبرن کي پاڻ ۾ تڪرار ڪندو ڏسي وچ ۾ چئي ڏنو ته: ”امبالا تي اجايو پيا وڙهو. اڃا ته مسلم ليگ انهن اصولي ڳالهين جي باري ۾ ئي ڪو فيصلو ڪو نه ڪيو آهي، جيڪي مسلمانن لاءِ قابل قبول ٿينديون. پهريان ته اهي اصولي فيصلا  ڪرايو، ان کان پوءِ ويهي تفصيلي ڳالهين تي تڪرار ڪريو. وٺو ته پهريان ڪي اصول مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ کان قبول ڪرايون.“

اصولي ڳالهه هيءَ طئي ٿي ته هندستان جا مسلمان پنهنجي مٿي هڪ جدا قوم آهن ۽ ان حقيقت پٽاندڙ ان ڳالهه جا مستحق آهن ته سندن آزاد(Sovereign) رياستون هجن، جت هو آزاد زندگي، پنهنجي نموني ۾ بسر ڪري سگهن.

هندستان جي مسلمانن جي ساريءَ تاريخ ۾ پهريون دفعو اڄ ان خيال کي ايتريءَ صفائي ۽ وضاحت سان تحرير ۾ آندو ويو ۽ مون کي ان ڳالهه تي هميشـہ فخر رهندو ته سڀ کان پهريان ان کي منهنجي هٿ قلمبند ڪيو.

جيستائين اهو خيال عملي جامو پهري ٿو (يعني پاڪستان ٺهي ٿو)، اوستائين آءٌ پاڻ جيئرو رهندس يا نه، پر هڪ ڳالهه جو ڪامل يقين اٿم ته اهو وقت لازماً ايندو، جڏهن اهو خيال ضرور عملي جامو پهريندو(يعني پاڪستان ٺهندو)

ميٽنگ فيصلو ڪيو ته پهريائين اهو اصول يا خيال مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ کان قبول ڪرائجي، ۽ جڏهن اصول قبول ٿي اچي ته ان کان پوءِ وري پاڻ ۾ ملي ان کي عملي صورت وٺائڻ لاءِ باقي تفصيل ۽ طريقا طئي ڪيا وڃن.

مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ ڏانهن ان مضمون جي خط تيار ڪرڻ جو ڪم مون ڪيو ۽ ساڳيءَ شام حاجي عبدالله هارون مرحوم خط کڻي وڃي جناح صاحب رح جي خدمت ۾ پيش ڪيو.

اها ڳالهه مون کان وسرڻ جي نه آهي، ته جنهن وقت عبدالله هارون اهو خط منهنجي هٿ مان ورتو پئي، ان وقت سندس اعصابي (Nervousness )  حالت ڇا هئي. اها تجويز (جيڪا هو خط جي ذريعي اڄ کڻي وڃي رهيو هو) بلاشڪ تمام انقلابي هئي. پاڪستان جي باري ۾ ان وقت تائين ماڻهو اُڙيون ٿڙيون ڳالهيون (Loose talk)  ته ڪڏهن ڪڏهن ڪندا ٿي رهيا، پر هيلتائين ڪنهن به ذميدار سياسي جماعت اهو جوکو ڪو نه کنيو هو ته ان خيال کي قابل عمل تجويز جي شڪل ڏئي، عملي سياست جي ميدان ۾ آڻي.

ان کان سال کن اڳ (1938ع واريءَ) ڪراچي مسلم ليگ ڪانفرنس جي موقعي تي اسان محسوس ڪيو هو ته خود قائداعظم ان سوال جي باري ۾ بي خيالو(Indifferent mood) هو. بيشڪ هن اسان کي اها ڇوٽ ڏني هئي ته اسان هن امڪان ڏانهن اشارو ڪيون ته مسلمان غير مسلم مرڪز قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا، پر اهو اشارو ”اشاري“، ”دڙڪي“ ۽ سياسي ”اسٽنٽ“ تائين محدود رهندو(1)

 

    ان کان اڳتي اسان سمجهيو ٿي ته مسٽر جناح اسان کي وڌڻ ڪو نه ڏيندو. پر ڪراچي ڪانفرنس ۽ اسان واريءَ دهليءَ جي ميٽنگ جي وچ واري عرصي ۾ (سال کن اندر) گهڻا واقعا ٿي چڪا هئا.

(ڪن واقعن جو تفصيل)

مگر انهن حالتن ۽ واقعن جي باوجود مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ اڄ تائين، صاف ۽ مضبوط اکرن ۾ ان عقيدي جو اظهار ڪو نه ڪيو هو ته مسلمانن کي پنهنجي لاءِ علحده وطن (Homeland) درڪار آهي. تحقيق اسان 1935ع ۾ انگريزن جي تجويز ڪيل فيڊريشن کي ٺڪرائي چڪا هئاسين، پر ان جي جاءِ تي اسان جو مطالبو ڪهڙو آهي، تنهن جي باري ۾ مسلمانن جي ذهن ۾ اضطرابي ڪيفيت ضرور هئي، پر ان اڃا تائين پاڪستان جي مطالبي جي صورت اختيار ڪا نه ڪئي هئي.

اهو سڄو پس منظر سر عبدالله هارون مرحوم جي اکين اڳيان هو، جڏهن هن سهمي سهمي، ترسي ترسي، منهنجي هٿن مان خط ورتو. جناح صاحب رح جو خط ڏسي، ڇا رد عمل ٿيندو؟ ائين ته نه ٿيندو ته سڀان واري ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ مٿس کـِـلون ڪندا؟ اهي وسوسا سندس ذهن م اُڌما کائي رهيا هئا، جڏهن خط کڻي جناح صاحب جي جاءِ ڏانهن روانو ٿيو. حاجي صاحب مرحوم جي اها عادت آهي ته هو اسڪيمون ته وڏيون وڏيون هٿ ۾ کڻندو آهي، پر شروع ۾ تڪڙ نه ڪندو آهي، ترسي ترسي اڳتي وڌندو آهي. ٿورا ماڻهو سندس ان عادت کي برداشت ڪري سگهندا آهن.

ٻئي ڏينهن  ورڪنگ ڪاميٽيءَ، خط ۾ ڏنل ساري تجويز ڪاملتاً قبول ڪئي، البته ٿورڙي لفظي ڦير گهير ڪيائون، جنهن جي سندن ”انا“ متقاضي هئي.

حاجي صاحب ڏاڍو خوش ٿي آيو. سندس پيش ڪيل ”نورچشم“ هر هڪ کي وڻيو هو. هاءِ ڪمانڊ ان کي چـُـمي چائي پنهنجو ڪيو هو.

ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ ڪيترا ڀيرا پوءِ اسان گڏجي پاڪستان جي تفصيلي اسڪيم تيار ڪئي؟ ڪيئن اسان وارن ڏسيل اصولن جي بنياد تي لاهور واري قرارداد جو مسودو تيار ٿيو؟ ان قرارداد کي ڪيئن اڳتي ڪيو ويو؟ اهي گهڻا قصا آهن، جن جي بيان کي في الحال ترسايو وڃي ٿو.“

(- ”مسلم وائس“، ڪراچي، 22 مارچ 1941ع)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حاجي عبدالله هارون ۽ قائداعظم

 


 

(نوٽ: ياد رکڻ گهرجي ته ان مضمون ۾ جيڪڏهن ڪا غلط ڳالهه هجي ها يا ڪو مبالغو ٿيل هجي ها ته بروقت ان جي ترديد خود قائداعظم رح طرفان ٿئي ها، جيڪو ”مسلم وائس “خيال  سان پڙهندو رهندو هو ۽ ٿوري غلط بيان به برداشت ڪري ڪو نه سگهندو هو ۽ هڪدم ترديد جاري ڪندو هو. علاوه ان جي، بطور سيڪريٽري جنرل صوبائي مسلم ليگ، جنرل سيڪريٽري فارين ڪاميٽي ميمبر آل انڊيا ڪائونسل، آءٌ هڪ صورت سان سندس زيردست به هوس، مون کي ڪيئن اها جرئت ٿئي ها ته خلاف واقعه ڪجهه لکان ها، جنهن ۾ خود قائداعظم رح جي پنهنجي ذات ۽ پاليسين ڏانهن به اشارا هجن.)


(2) ساٿين مان خانبهادر کهڙي، وزير ٿي وڃڻ جي باوجود، فوجداري ڪيسن ۾ ڦاٿل پندرهن سؤ مسلمانن کي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ ڪافي ڪم پئي ڪيو، بلڪه انهن ڪيسن متعلق مسلمانن جي طرفان سڄو بار پاڻ تي کنيو ويٺو هو.

(1) ڏسو صفحو 114.

(1) عام افواهه ڦهلجڻ لڳا هئا ته ساڌ ٻيلي جو ٻائو ڪيس جو سارو خرچ پيو ڀري ۽ هر طرف پئسو پيو ورهائي. خاص طرح سان هو ڪن ڏٺن وائٺن مسلمانن کي لالچائي رهيو آهي ته هو کانئس پئسا وٺي پنهنجن ئي مسلمانن جي خلاف شاهديون ڏين.

(1) خانبهادر الله بخش مرحوم جي ڌر جو ان سازش ۾ ڪو هٿ ڪو نه هو.

(1) گورنمينٽ پريس ڪراچي مان شايع ٿي. مئنيجر سنڌ گورنمينٽ بڪ ڊپو ۽ ريڪارڊ آفيس ڪراچي(صدر)  وٽان هڪ روپيه في ڪاپي جي حساب سان ملي ٿي.

(2) جنهن اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ اهي عمارتون ٺهرايون هيون.

(1) اها فتويٰ به ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي ۽ گورنمينٽ بڪ ڊيپو ڪراچي وٽان اٺ آنا في ڪاپي جي حساب سان ملي سگهي ٿي.

(1) ان دستاويز ڏانهن اڳ ۾ به يعني هن ڪتاب جي 219 صفحي تي اشارو ڏنل آهي. پر اصل دستاويز جو نقل، ان جي انتهائي تاريخي اهميت جي پيش نظر، هت ڏئي محفوظ ڪري ڇڏيان ٿو.

(1) اهو سارو تفصيلي ڪم مولانا غلام رسول مهر مرحوم ۽ منهنجي سپرد ڪيو ويو. اسان ورندڙ ڊسمبر تائين دهلي ۾ رهي ”پاڪستان اسڪيم“ تيار ڪري ڏني جيڪا عبدالله هارون مرحوم پنهنجي خط مورخه 23 ڊسمبر 1940ع سان موڪلي ڏني ۽ اڄ به سرڪاري آرڪائوز اسلام آباد ۾ جنسي موجود آهي. آرڪائوز جو نمبر اٿس F 274/141 (عبدالله هارون جي لکپڙهه جو فائيل.)

 

(2) جناب شريف الدين پيرزاده، جنهن قائداعظم جي زندگيءَ جي احوال ۽ اقوال تي گهڻي تحقيق ڪئي آهي ۽ ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، سو ان زماني ۾ پاڻ قائداعظم رح جي ذاتي دفتر ۾ ڪم ڪندو هو. سندس گواهي آهي ته جيڪي ٻه مسلماني اخبارون قائداعظم رح تمام خيال ۽ دلچسپيءَ سان اکر اکر ڪري پڙهندو هو، تن ۾ هڪ اها ڪراچيءَ جي ”مسلم وائس“ به هئي پيرزادو صاحب بفضل خدا موجود آهي، ان کان هينئر به پڇي سگهجي ٿو.

(1) هاءِ ڪمانڊ جو اجلاس به ساڳئي وقت دهليءَ ۾ ٿي رهيو هو، جت اسان به موجود هئاسين ۽ اهو خط تيار ڪيوسين.

(2) ان ڪاميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري آءٌ هيس.

(1) مضمون جي ان جملي جي اهميت جي پيش نظر، آءُ اهو ٽڪرو بعينہ، انگريزيءَ ۾ عرض رکان ٿو:

“ In the previous year, on the eve of the League conference at Karachi, we had found Mr. Jinnah almost in an indifferent mood over this question. He no doubt allowed us to hint the possibility of th Muslims refusing to remain under a non muslim centre, but it was all to be a hint, a threat, a political stunt. Beyound that, we did not think, Mr. Jinnah will ever allow us to move.” Between the Karachi conference and our meeting at Delhi, much water had gone the bridge. But despite all those developments the League high command had as yet never declared itself so firmly and so irrepressibly for assignment of separate homelands for Mussalamans. of course, we had torpedoed 1935.federation and the ideas as to what kind of constitution would suit the moslems the most, were agitating the minds of Moslems, but they had yet never found expression through the proposal of Pakistan.

                This entire background was before Sir Abdullah Haroon, when, haltingly, hesitatingly, he took the letter from me. What would be its reaction on Jinnah? will they ridicule these ideas in tomorrows working committee meeting? These were perhaps the question which exercised the old man's mind as he proceeded toward Mr. Jinnah's residence. He undertakes stupendous schemes, but in the beginning he always hesitates, few can put up with his habit of hesitancy.

                .....I would like to mention here the fact that in the meeting of the working committee which took place on the day following the one when we had met, our recommendations had been accepted in principle, with only slight verbal modifications which the ego of the high command alone must have necessitated. Sir abdullah Haroon was most jubilant: his child has proved attractive: It had been hugged and adopted by the high command. What hapened subsequently, how we met several times afterwards to prepare a consolidated scheme, how the Lahore resolution was drafted in the light of the principles laid down at Delhi and piloted through the session, are stories which must for the present be held over.”

(“MOSLEM VOICE”, Karachi, March 22, 1941)

(1) هيءُ مضمون، جو اصل هن رٿيل ڪتاب لاءِ لکيو ويو هو، ڪجهه ورهيه ٿيا ته مولانا مرحوم جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪن اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي.

 

(پورو ٿيو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org