سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :4

 

پير الاهي بخش مرحوم

 

ڀان ڀرسان پير ڳوٺ جي پيدائش. ننڍڙائي ۾ ئي سياست جي لونجهه لڳي ويس. تعليم ڇڏي خلافت تحريڪ ۾ ڪاهي پيو هو. انهن ڏينهن ۾ جو جوڙي جا ڪپڙا پهرڻ شروع ڪيائين ته شايد  مرندي گهڙيءَ تائين جوڙيءَ  جي پچر نه ڇڏيائين. دنيا بدلجي وئي، خلافت ختم ٿي وئي، ڪانگريس  وڃي ڪڙاهي ۾ پئي، جن چرخا هلائي جوڙي ٿي اُڻي سي پاڻ پٽ -  پٽيهر پهرڻ لڳا، پر جوڙيءَ جي جند پير صاحب مان ڪا نه ڇٽي، ساڳي طرح ترڪي ٽوپي.

 خلافت جي خاتمي ۽ جيل جي مختصر مهماني کانئڻ بعد، لاڙڪاڻه لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ تي وڃي عليڳڙهه مان ايم. اي، ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. اوڏانهن موٽڻ تي لاڙڪاڻه ۾ وڪالت شروع ڪيائين، پر هندو وڪيلن جو ڏاڍو زور هوندو هو. سڻڀا اصيل انهن ڏانهن ويندا هئا.  عام چوڻي هئي ته اٽي تي چٽيءَ وارا اصيل، ، چار آنا في ۽ چار آنا ٽانگي جو ڀاڙو، بوڇڻ جي ڪنڊ ۾ ٻڌيون وڃي  پير صاحب  وٽ پهچندا هئا. فيءَ  جي گهٽتائيءَ  کي مٺڙي الله جو نالو وجهي پيا پورو ڪندا. گهڻو ڪري ته منجهند جي ماني به منجهائنس ڪڍندا ۽ پٻي هيءَ  پيا ٻڌندا ته ”پير وڪيل  ٻنهين جهانن جو ٻوڙ پلاءُ“ ٻوڙ پلاءُ انهن ڏينهن ۾  پير صاحب خود کي به دعوتن جي دوران ۾ ئي ميسر ٿيندو هوندو، پر اهڙن کٿل اصيلن کي انهن ڏينهن ۾ ملندڙ ٽڪي  وارن نان به، مفت مرحمت ٿيڻ تي، ٻوڙ پلاءُ جو مزو ڏيندو  هوندو. مطلب ته جيڪا في ڏيندا هئا، سا مانيءَ ۾ ڪڍيون ويندا هئا. اهو ئي سبب هو جو لاڙڪاڻه جو ديوان گوبند رام هاسو مل وڪيل منهن ڏسي ماڻهن جو وڪيل ٿيندو هو. سندس خيال هو ته پير صاحب پنهنجي اشرافت سان وڪالت جو مارڪيٽ خراب ڪري ڇڏيو آهي. سندس اصيل بوڇڻ  ۾ ته اٺ آنا ٻڌي اچن ٿا، پر سندن وَرَ ۽ ابداڻي ۾ سـَـون  جا نوٽ لڪل رهن ٿا. تنهن ڪري گوبند رام اهڙن فريبي اصيلن کي منهن مان تاڙي اوچتو سندن پٽڪو لاهي ڏسندو هو، جنهن جي وڪڙن مان اڪثر لڪايل نوٽ ٻاهر نڪري ايندا هئا. ڪجهه ڏينهن بعد سندس واقف اصيل پنهنجي پٽڪي کي پيسن رکڻ لاءِ غير محفوظ جاءِ سمجهي نوٽ ابداڻي ۾ لڪائي يا اڳڙيءَ ۾ ٻڌي وَرَ ۾ وجهي، اچڻ لڳا. ان جو علاج وري گوبند رام پنهنجي منشي کٽو مل کان ڪرائيندو هو، جيڪو کين پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي سندن هيٺ مٿي جي پوري پوري تلاشي وٺندو هو. ان قسم جا اصيل ڳوٺاڻا هوندا هئا، ان زماني ۾ ڏاڙهيون وڏيون رکندا هئا. کٽو مل تلاشيءَ  جي دوران ڏاڙهين تي به ڪرڙي نظر رکندو هو ته متان ڪو نامراد ڏاڙهيءَ جي ڪنهن ور وڪڙ ۾ ڪو ننڍو نوٽ نه لڪائي آيو هجي.

سنڌ 1936ع ۾ جدا ٿي. 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون پهريون عام چونڊون ٿيون. پير صاحب مرحوم دادوءَ مان اميدوار بيٺو. نوڙت، غريبت ۽ سڀاءُ  جي سادگي ڪم آيس. هڪ دولتمند ۽ نالي واري وڪيل کي ڪيرائي ڪامياب ٿي آيو. انگريز موجود هو.  ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان ووٽ ڏيندا هئا. سرڪاري هستا بودي جو خطرو ڪو نه هوندو هون.

1938ع ۾ سر غلام حسين مرحوم جي وزارت ڪري ۽ الله بخش مرحوم جي وزارت قائم ٿي (1). پير الاهي بخش مرحوم ان ۾ روينيو وزير بڻيو. پر وزير بڻجڻ کان اڳ جيڪي ٻه چار  ڏينهن هڪ وزارت جي ڊهڻ ۽ ٻيءَ وزارت کي ٺاهڻ ۾ لڳا. انهن ڏينهن ۾ ڪجهه  وقت ته پير صاحب کي راڻي باغ ۾ وڃي لڪائڻو پيو، ڇو ته هڪ بزرگ سر غلام حسين مرحوم پاران  کيس اسان جي ڪيمپ مان ڀڄائي وڃڻ لاءِ مقرر ٿيل هو، جيڪو سندس ڳولها ۾ سرگردان ڦرندو ٿي وتيو. لڪ واريءَ جاءِ تي ساڻس گڏ رهڻ جو فرض منهنجي سپرد هو، جيڪو مون وڏيءَ  حڪمت عمليءَ  سان بجا آندو. اسان لاءِ ماني حاجي مولا بخش سومري جي گهران ايندي ٿي رهي، پر اهو ڪم لڪ ڇپ جو هو، جيئن ڪنهن کي لڪايل پير صاحب جو پرو نه پوي. ”چانچوسي“ چوڏس چوڌار جهٽ ڏيندا پي وتيا.

وزير بڻجڻ شرط پير صاحب سنڌ جي تفصيلي دوري تي نڪتو. دوري جي دوران آءٌ به سندس خدمت ۾ رهيس. ميٽنگن، تقريرن، درخواستن، دعوتن جي ڌُم هئي. تقريرن ۾ پير صاحب ڪامورا شاهي کي خوب لتاڙيندو ۽ جوش ۾ اچي پنهنجو لڪڻ هوا ۾ لوڏيندو ۽ چوندو رهيو ته: ”هن سان هاڻي ڪامورن جو سر ڀڃبو.“ پير صاحب جي دل ۾ عوام پاران ڏاڍو جوش ۽ جذبو هو ۽ پاڻ پير به پڪو ۽ بنيادي هو ور نه ته ناممڪن هو ته صبح کان شام تائين روز روز جاري رهندڙ ڳوٺ ڳوٺ جي دعوتن کي منهن ڏئي مهيني بعد به جيئرو اچي ڪراچي پهچي ها. ڪو مصنوعي پير هجي ها ته پهرينءَ  سٽ ئي جو ڳيرجي پوي ها ۽ کيس کٽ تي کڻي اچڻو پوي ها. هڪ ڏينهن مون ڳڻيو ته صبح کان رات تائين21 جاين تي دعوتون وٺڻيون پيون ڪڪڙ، ڇيلا، ليلا، حلوا، مٺايون، ميوا سڀ درياءَ داخل ٿيندا ٿي رهيا. مان واري ڪوڙي پيري ته پهرين ڏينهن ئي ڏئي وٺي بيهي رهي هئي، ان کان پوءِ دعوت جو سڏ ٿيندو هو ته پيٽ جي سور جو بهانو ڪري گهڙي سوا ٻاهر موٽر ۾ ليٽي پوندو هوس.  منهنجي ڊيوٽي هيءَ هئي ته جيڪي درخواستون  پيش ٿين سي واپس ڪراچي پهچڻ تائين پنهنجي قبضي ۾ رکندو وڃان. اهي درخواستون گهڻو ڪري ڪامورن جي خلاف هيون، جن جي باري ۾ مون کي معلوم ٿيو ته ڪن ڪامورن سازش ڪئي آهي ته وجهه وٺي مورڳو رستي مان انهن کي چورائي  وٺجي،تنهن ڪري پهريان پنهنجي وهاڻن ۾ وجهي مٿن مٿو رکي سمهندو هوس. وهاڻن کان وڌي پيون  ته ڳوڻين ۾ وجهي ڏينهن جو پنهنجين اکين اڳيان موٽر ۾ ۽ رات جو ڳوڻيون کٽ هيٺان رکي سمهندو هوس. ڪراچيءَ  پهتاسين ته محسوس ٿيو ته پير صاحب جي نوڪر شاهي خلاف ڪيل تقريرن جو ٻڌي گورنر صاحب  ڏانهس ناراض ٿي پيو آهي. گورنر سر لانٽ سيلانٽ گراهم انگريزن جي انتظامي روايتن مطابق نوڪر شاهيءَ جو رکپال هو، تنهن سمجهيو ته نوڪر شاهيءَ جي خلاف ان تحريڪ جو بنياد وجهندڙ جناب جي. ايم. سيد ۽ ان جي پاران آءٌ آهيان، تنهن ڪري هن اهڙو چڪر هلايو جو جي. ايم. سيد الله بخش مرحوم کان ۽ آءٌ پير الاهي بخش صاحب کان جدا ٿي وياسين. ڪجهه قدرت جو به ان ۾ هٿ هو ڇو ته جيڪڏهن اهو ڦيرو نه اچي ها ته هوند بعد جي تاريخ ٻيءَ  طرح جڙي ها. ان کان پوءِ پير جو ناتو الله بخش مرحوم جي ذريعي ڪانگريس سان ٿيو. سيد  ۽ مان وڃي ليگ ۾ شامل ٿياسين. تفصيل تاريخ سنڌ جي ان ڦيري جو هن کان پوءِ ٻيءَ  جاءِ تي ايندو.

مگر هڪ ڳالهه، ان جدائيءَ کان پوءِ به، مڃڻ جهڙي آهي، يعني پير صاحب جا اسان سان سياسي اختلاف پيدا ٿيڻ کان پوءِ به ذاتي ۽ خانگي تعلقات ڪو نه ٽٽا. سندس شرافت، شائستگي ۽ حضورشرمي سندس سياست تي به حاوي رهي. هونءَ به انهن ڏينهن جي ماڻهن جو عام دستور اهو هو. ڪنهن جا ڪنهن سان ڪيڏا به شديد سياسي اختلاف ڇو نه هجن پر باهمي ذات تعلقات کي انهن کان متاثر ٿيڻ نه ڏيندا هئا. هڪ ٻئي جي عزت ۾ هٿ ڪو نه وجهندا هئا، دشمني ڪا نه ڪندا هئا. اهڙيءَ ذليلائي جو مظاهرو ڪو نه ڪندا جو اکيون ٻه لڳي چار ٿين ته ماڻهوءَ کي شرم وچان پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪرڻو پوي. شايد شرم ۽ حياءُ  جي وٿ انهن ڏينهن ۾ معدوم ٿي ويل ڪا نه هئي. سياسي جنگيون به زبردست لڳيون، پر سياسي جنگين کي سياست جي حدن اندر رکيو ويندو هو. اهو دؤر 46-1947ع  تائين قائم رهيو، ان کان پوءِ سياست جا ڦرڪا ئي ڦرڻ لڳا.

پير صاحب مرحوم 1938ع کان 1948ع جي ڊسمبر تائين سنڌ جي هر وزارت ۾ وزير ئي رهيو. وزارتون هر سال ٻئي ڦرنديون هيون، پر پير صاحب جي پنهنجي وزارت لازوال هوندي هئي. سندس طريقو سڌو هو. وزارتي چٽا ڀيٽيءَ  ۾ جيڪا به پارٽي ڪامياب ٿيندي هئي، پير صاحب بي ڌڙڪ ان ۾ شريڪ ٿي ويندو هو. جيستائين سنڌ جون وزارتون ڪانگريس جي زير اثر، مسلم ليگ جي مخالف رهيون پير صاحب مسلم ليگ کي پٽڻ ۽ نندڻ ۾ پيش پيش رهيو،وري جڏهن وايو منڊل“ ڦريو ته پاڻ مسلم ليگ وزيرن جي به پهرينءَ صف ۾ ڪانڀ ڪڍي ويهي رهيو. پر اهو گناهه  صرف پير صاحب نه ڪيو، سنڌ جا سياسي وڏ وڏيرا به ڪندا رهيا، سواءِ ٻن چئن ڳاڻون ماڻهن جي، جن کي سنڌ جا سياڻا سياستدان ديوانو سمجهڻ لڳا (مثلاً: جي. ايم سيد).

ٻين صوبن ۾ وزارت خاطر پارٽي بدلائڻ کي سخت معيوب سمجهيو ويندو هو. شايد 1940ع  جو زمانو هو، انهن ڏينهن ۾ پير صاحب تازو پارٽي بدلائي وزارت حاصل ڪئي هئي. ڪنهن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ شمله ويل هو، موٽندي لاهور ۾ لهي پنجاب جي وزيراعليٰ سر سڪندر حيات خان مرحوم  سان به ملاقات ڪيائين، ساڳيءَ  شام جو آءُ به سڪندر حيات سان ملڻ لاءِ سندس گهر ويس. مون کي پريان ايندو ڏسي زور سان کلڻ لڳو. ان طرح کلڻ سندس معمولات مان نه هو. آءٌ حيران ٿيس ته سر صاحب اڄ ڇو اهڙي غير معمولي ”موڊ“ ۾ آهي. ويهندي شرط مون کان ٽوڪ جي نموني ۾ پڇيائين:

”راشدي صاحب، اوهان جي سنڌ ۾ پير صاحب جهڙيون ٻيون به ڪي سياسي جنسون آهن يا ان جنس جي فقط هيءَ ئي هڪ نشاني آهي؟“

 هڪو ٻڪو ٿي مون پڇيس  ”سو وري ڪيئن؟“

 پاڻ چيائين:”هن نيڪ مرد اڃا ڪالهه  پارٽي بدلائي آهي ۽ اڄ وزير بڻجي مون وٽ آيو آهي، ۽ کلندو آيو آهي؟“

غصي کي روڪي مون عرض ڪيس: ”جناب اعليٰ! ڀل اهي چٿرون اسان غريبن تي ڪندا رهو. خدا ڪري اوهان کي عمر خضري عطا ٿئي، پر اوهان کان پوءِ اوهان جي علائقي تي به دنيا ٽوڪون ڪندي رهندي. في الحال ته -ع- ”هر ايک مڪان ڪو هي مڪين سي شرف اسد“ وغيره

هڪ ٻيو صاحب به ان مجلس ۾ موجود هو، جنهن فرمايو ته: ”اسان جو علائقو مردم خيز آهي، هت بااصول ماڻهن جي گهٽتائي ڪڏهن محسوس ڪا نه ٿيندي.“

 سر سڪندر حيات خان مرحوم ته ان کان پوءِ ستت ئي گذاري ويو ۽ جنهن صاحب کي ”مردم خيزي“ جو ايتري قدر  يقين هو، سو پاڻ افسوس آهي ته 1947ع وارن فسادن جي دوران ۾ وچ بازار ۾ شهيد ٿي ويو. پر صورتحال هيءَ رهي ته جيڪي صاحب سڪندر حيات خان جي زماني ۾ بلڪه ان کان پوءِ به سالن تائين يونيسنٽ پارٽي جا ڪٺا ميمبر رهيا، سي وقت ڦرندي سڀ مسلم ليگ ۾ ڪاهي پيا ۽ نئين نظام هيٺ وڏا وڏا عهدا وٺي ويهي رهيا ۽ اسان جي يگاني نمائندي پير الاهي بخش مرحوم جا ان طرح سڀ گناهه ڌوپي ويا.

1945ع ۾ جناب جي. ايم. سيد کي مسلم ليگ مان ڪڍيو ويو. ان واقعي جو تفصيل ٻئي ڪنهن موقعي تي ايندو، في الحال صرف اهي ڳالهيون لکندس، جن جو تعلق پير صاحب مرحوم سان آهي.

1947ع جي آگسٽ ۾ بحمد الله پاڪستان وجود ۾ آيو. آڪٽوبر 1942ع کان وٺي آگسٽ 1947ع تائين سر غلام حسين مرحوم سنڌ جو وزيراعليٰ  ٿي رهيو ۽ پير صاحب سندس وزارت ۾ وزير تعليم هو. پاڪستان ٺهندي سر غلام حسين سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ خانبهادر کهڙو سنڌ جو وڏو وزير پير الاهي بخش مرحوم کهڙي جي وزارت ۾ شامل رهيو.

فيبروري 1948ع ۾ کهڙي صاحب  ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي وچ ۾ ڪراچي شهر کي سينٽر جي حوالي ڪرڻ واري سوال تي اختلاف پيدا ٿي پيا، جنهن ڪري کهڙي کي ڊسمس ڪري مٿس ”بدعنوانين“ جي مقدمي هلائڻ جي تياري ڪئي وئي ۽ پير الاهي بخش کي کهڙي صاحب جي جاءِ تي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو.

سال اڳ ۾، يعني 1946ع ۾  سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جون عام چونڊون ٿيون هيون. جي. ايم. سيد ۽ سندس چند ساٿي هڪ طرف ۽ مسلم ليگ ٻئي طرف. سيد جو مقابلو قاضي محمد اڪبر صاحب ڪيو، جنهن جو ناٺي پير صاحب جو فرزند هو. پير صاحب هونءَ به مسلم ليگ جو وزير هو، تنهن ڪري کيس لازماً قاضي محمد اڪبر جي مدد ڪرڻي پئي.قاضي صاحب  ڪامياب ٿيو ۽ جي. ايم سيد هارايو. پر سيد صاحب، قاضي صاحب جي خلاف  انتخابي عذرداري دائر ڪري ڇڏي. اها عذرداري اڃا هلي ئي ڪا نه هئي ته پاڪستان وجود ۾ اچي ويو ۽ ڏهن مهينن کان پوءِ پير صاحب پاڻ سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ قاضي محمد اڪبر صاحب سندس چيف پارليامينٽري سيڪريٽري مقرر ٿيو. سائين ڏئي، بندو سهي.

چناچه وزيراعليٰ  جي ڪرسي وٺندي پير صاحب مرحوم ڪجهه تڪڙا حڪم جاري ڪري وڌا، پنهنجي مرضيءَ  سان يا مٿان جي ڪنهن مجبوري سببان، تنهن جو علم الله تعاليٰ کي يا پير صاحب خود کي. بهرحال حڪم هيءَ هئا:

(1) سنڌ آبزرور اخبار، جنهن جو آءٌ ايڊيٽر هوس،سا ڇهن مهينن لاءِ بند.

(2) جي. ايم. سيد پنهنجي ڳوٺ  سن ۾ نظر بند.

هاڻي سيد جي عذرداري ٽربيونل اڳيان  هلي ته ڪيئن؟  سنڌ جو ڪو به وڪيل ڦريل حالتن هيٺ سيد جهڙي نئين حڪومت جي معتوب ماڻهوءَ پاران وڪالت ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هو. جنهن هندو وڪيل ( سري ڪشنداس لولا) هيلتائين سندس وڪالت پئي ڪئي، سو به ڪاغذ ڦٽا ڪري بمبئي ڀڄي ويو هو.

سيد تي نظربنديءَ  جي حڪم تعميل ٿيندي پوليس کيس وٺي سن رواني ٿي وئي. ويندي وقت سيد صاحب، پنهنجي نوڪر کي عذرداريءَ  جا ڪاغذ ڏيندي، چوندي ويو ته ”هي وڃي راشديءَ  کي ڏئي، وڻيس ته انهن جي پوئواري  ڪري يا نه ڪري.“

ڪاغذ مون کي مليا. آءٌ ته اڳ ۾ ئي سنڌ آبزرور بند ٿيڻ تي سڙيو ويٺو هوس.  آخر بشريت جي تقاضا هئي ۽ ڏينهن به ٻيا هئا. آءٌ ڪاغذ کڻي وڃي ٽربيونل اڳيان سيد پاران پيش ٿيس. وڪيل ڪو نه هوس، پر جنهن طريقي سان مون منزل گاهه وارا مقدما هلائي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، تنهن جي طفيل منهنجي ڌاڪ ويٺل هئي.  تفصيل ۾ وڃڻ جو هيءُ موقعو نه آهي. مختصر طور، اهو ڪيس ٽربيونل جي ٽن ججن اڳيان سال کن هلندو رهيو. (ٻه جج مسلمان، تن جو چيئرمين هڪ پارسي سيشن جج) آخر ۾ قاضي محمد اڪبر صاحب پاران وزيراعليٰ پير صاحب جي پنهنجي شاهدي ٿيڻي هئي.  حاضري حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي ڪچهريءَ ۾ ٿي. قاضي صاحب  پاران وڪيل، سندس دوست، باڊي گارڊ ۽ ڳاڙهن پٽڪن ۽ پٽن وارا پٽيوالا برف جي پاڻيءَ جا ٿرماس مٿي تي کڻي وڏيءَ سـَـجَ - ڌَڄَ  سان اچي ڪورٽ ٻاهران ڪڙڪيا. آءُ اڪيلو، ڪاغذ هٿ ۾، حڪومت جي اک ۾، پيرين پنڌ، اڃيو ۽ بکيو، گرميءَ ۾ ڄڀ  ڪڍيو، سهڪندو ڦٿڪندو اچي موجود ٿيس. ٻاهران منهنجي ويچارائي ان ڏينهن ڏسڻ وٽان هئي، البته اندر ۾ جيڪي ڪجهه وهيو واپريو ٿي سو مون کي معلوم هو.

ڪورٽ جو ڪم شروع ٿيو. هڪ - ٻه معمولي شاهد پيش ٿيا، جن جي شاهدي پوري ٿي. ان کان پوءِ ججن چيو:

”مسٽر راشدي!  هينئر سنڌ جو وزيراعليٰ  جناب  پير الاهي بخش شاهدي ڏيڻ لاءِ اچي رهيو آهي. اوهان کي ڪو اعتراض آهي، جيڪڏهن کيس ڪورٽ سندس ڪرسي پاڻ سان گڏ مٿي ٿلهي تي رکرائي.“

مون تمام ويچارو بڻجي عرض ڪيو: ”مون غريب کي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو. پير صاحب  هر طرح احترام ۽ عزت  جو لائق آهي، ڀل اچي ڪورٽ سان گڏ ويهي.“

 قاضي صاحب جو وڪيل ديوان پرڀداس هڪ تمام محنتي  هندو هو. مون کي چوڻ لڳو:

”اڙي راشدي! اڄ خبر پوندي تنهنجي،سنڌ جو چيف منسٽر صاحب پيو اسان پاران اچي.“

 مون چيس: ”ديوان وڏا، مون کي يقين آهي ته تنهنجي زبردست وڪالت ۽ قانونداني ڪري آءٌ هونءَ  به هي ڪيس ضرور هارائيندس. ڀل چيف منسٽر صاحب اچي. مون کي ته ايڏي وڏيءَ هستيءَ کان ڪا آڏي پڇا به ڪرڻي ڪا نه آهي. آءٌ هاڻي ئي پنهنجي ڪاغذ گول ڪري هليو وڃان ٿو، جيڪي تو کي وڻي سو ڀل پير صاحب جي واتان چواراءِ.“

ائين چوندي هوڏانهن پير صاحب ڪورٽ ۾ قدم رکيو ۽ هيڏانهن مون پنهنجا ڪاغذ سميٽي بغل ۾ ڪري آهستي آهستي ٻاهر نڪري ويس.  ٻاهران ورانڊي ۾ ويهي ڪورٽ ۾ هلندڙ قيل مقال  يعني پير صاحب جو بيان ٻڌندو رهيس. پير صاحب جو بيان ختم  ٿيڻ تي آيو ته آءٌ موٽي ڪورٽ ۾ آيس. پرڀداس پڇيو: ”وري ڇو آيو آهين؟ تنهنجا ڪم ته اڳ ۾ ئي لهي ويا آهن.“ مون ٻڌايس ته: ”ڪو ڪاغذ هت رهجي ويو هو،  جنهن کي ڳولهڻ  لاءِ موٽي آيو آهيان.“

ان وچ ۾  ڪورٽ  مون ڏانهن  نهاري چيو:

”مسٽر راشدي.......... آڏي پڇا؟“

 مون عرض ڪيو: ”ڪهڙي آڏي پڇا ٿيندي سنڌ جي وزيراعليٰ کان؟ پر شايد منهنجي اصيل کي منهنجي نيت بابت ڪا غلط فهمي پيدا ٿئي، تنهن ڪري پير صاحب کان صرف هڪڙو معمولي سوال ڪري قصو ختم ڪريان ٿو.“

ڪورٽ: ”اهو ڪهڙو سوال آهي؟ ڀل پڇو.“

پير صاحب به مٿان هڪل ڪري چيو: ”گهٻرائين ڇو ٿو؟ جيڪي پڇڻو هجئي سو پڇي وٺ.“

مون پير صاحب کان تمام نوڙت ۽ نيازمنديءَ سان پڇيو:

”قاضي صاحب جي تڪ  ۾ اوهان جيڪو ووٽ وڃي ڏنو، سو پنهنجي تڪ ۾ ووٽ ڏيڻ کان پهريان  يا بعد؟“

پير صاحب جو جواب:”پهريان پنهنجي تڪ ۾ ووٽ ڏئي آيس، ان کان پوءِ وڃي قاضي صاحب جي تڪ ۾ ووٽ ڏنم.“

سندس جواب کان پوءِ آءٌ هڪدم ويهي رهيس. ڪورٽ پڇيو:”ٻيو ڪو سوال؟“

آءٌ:”هڪ ئي سوال ۾ مون پير صاحب ۽ قاضي صاحب  کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ڪو به کين بچائي ڪو نه سگهندو.“

 بروقت منهنجي سوال ۽ پير صاحب جي جواب جي اهميت ۽ سنگيني ڪنهن جي سمجهه ۾ ڪا نه ويٺي. گهر وڃي قاعدي جا ڪتاب کوليائين ته معلوم ٿين ته هڪ ئي اليڪشن جي دوران ٻن تڪن ۾ ووٽ ڏيڻ سخت ۾ سخت قانوني جرم آهي، جنهن جي وگهي نه صرف خود بخود اليڪشن منسوخ ٿي وڃڻي آهي، پر ملزمن تي فوجداري ڪيس هلائي کين جيل جي سزا به ڏئي سگهجي ٿي.

آخر ۾ ٿيو به ائين. ڪورٽ فتويٰ ڏني ته قاضي صاحب جي ميمبري ۽ پير صاحب جي ميمبري ۽ تنهن ڪري سندس چيف منسٽري ڇهن سالن لاءِ ختم. ساڳئي وقت جي. ايم. سيد مٿن فوجداري مقدمو به هلائي سگهي ٿو. ڪيس جو خرچ قاضي صاحب تي.“

سچ ته اهو آهي ته پير صاحب جوا هو حال ڏسي مون کي پاڻ کي ڏاڍو ڏک رسيو، ڇو ته پير صاحب لاءِ مون کي دلي عزت ۽ محبت هئي. پر آءٌ مجبور به هوس. هڪ ته بطور وڪيل  مون کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻو هو ۽ ٻيو ته پير صاحب پاڻ داد نه ايستاد خواهه مخواهه وچ ۾ ڪڏي اچي شاهد بڻيو هو. ساڳئي وقت ان ۾ به منهنجو  قصور ڪو نه هو جيڪڏهن سندن وڪيل غور سان قاعدي پڙهڻ کان سواءِ ئي اچي سندن پاران وڪالت ڪرڻ لڳا هئا. آءٌ اڪيلو، ويچارو ۽ زور جو وڪيل هوس، تنهن ڪري خيال سان قاعدو پڙهي اچڻو ٿي پيم.

افسوس آهي ته ان لوڏي کان پوءِ وري پير صاحب ڪڏهن وزير بڻجي نه سگهيو. ڇهن سالن جي نااهليت واري مدي گذرڻ کان پوءِ به مسلم ليگ هن  شريف انسان جي ڪا دستگيري ڪا نه ڪئي. گهڻائي نيم خوانده، ناتجربيڪار، لولا لنگڙا ماڻهو به ليٽي پيٽي ان عرصي ۾ صوبن ۾ وزير بڻيا رهيا، پر پير صاحب جو ڪنهن قدر ڪو نه ڪيو، حالانڪه پير صاحب پنهنجي وزارت جي زماني  ۾ ٻن ڳالهين ۾ رڪارڊ قائم ڪيو هو:

(1)  انفرادي ليول تي هر شخص سان نيڪي ۽ احسان.

(2) اجتماعي ليول تي قوم ۽ صوبي جي خدمت.

مون پنهنجي طرفان البته موقعي سارو ڪجهه تلافي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1955ع ۾ نئين مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. چونڊن جو طريقو اهڙو رکيو ويو هو جو فيصلو هڪ ووٽ تي ٿيڻو هو، اهو ووٽ منهنجي هڪ دوست جو هو، جيڪو مون پير صاحب کي ڏياري کيس اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊرايو. پر لاهور ۾ وڃڻ کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي ڪنهن وزارت ۾ هٿ وجهي ڪو نه سگهيو، ڪيئي گرا گنجا وزارتون وٺي الوليون ماڻيندا رهيا.

وزارت جي ڏهن سالن ۾ پير صاحب پنهنجي صوبي سان گهڻا ئي ڀال ڀلايا. زوري تعليم ۽ تعليم بالغان وغيره جون تحريڪون هلايائين، سوين نوان اسڪول کولرايائين، بلڊنگون ٺهرايائين. کيس شوق هوندو هو ته بلڊنگن، باغن وغيره تي پنهنجي نالي جا پٿر هڻائي پنهنجا اهڙا يادگار ڇڏي وڃي جيڪي قيامت تائين قائم رهن- تنهنڪري جيڪا به نئين جاءِ پئي ٺهي، تنهن تي پير صاحب مرحوم جي نالي جو پٿر ٿي لڳو. اهو خيال ڪو نه رهيس ته ڀولڙن سان ڪم پيل هوس، جيئن پاڻ وزارت تان لهندو ويو تيئن سندس نالي  جا پٿر ڪڍي ڇڏيائون. سکر جي هڪ خوشامدي پارسي ڪليڪٽر ڪوٺا والا وڏيرن مان چندو ڪٺو ڪري، سکر ۾ ريلوي اسٽيشن کان ٿوري فاصلي تي، هڪ اونچي ٽڪريءَ تي، ”پيرالاهي بخش لٽرسي ٽاور“ (1)  ٺهرايو. اهو ٽاور نڀاڳو ثابت ٿيو، اڃان ٺهي مس راس ٿيو هو ۽ چوڌاري  جون کڏون به پوريءَ طرح ڪونه لٽجي سگهيون ته پير صاحب جي وزارت ختم ٿي ويئي.

جنهن زماني ۾ پير صاحب وزارت ڪئي، ان زماني ۾ اڃان صوبائي سياست ۾ پارٽيءَ جو تصور ڪو نه نکريو هو. ماڻهو پارٽيءَ کي باربرداريءَ جو گڏهه سمجهي، جيستائين گڏهه چڱي طرح هلندو هو اوستائين مٿس چڙهيا ويٺا هوندا هئا، پر جيڪڏهن ڪنهن منزل تي گڏهه گوهي ڪئي ته مٿانس لهي وري ٻئي گڏهه جي پٺيءَ تي چڙهي ويهندا هئا، ۽ ان طرح سان سندن سياست جو قافلو هلندو رهندو هو، تنهن ڪري پير صاحب تي پارٽيون بدلائي وزارت هٿ ڪرڻ جي باري ۾ ناراض ٿيڻ ناروا آهي.

مرحوم آخر عمر تائين جيڪا هوا ٿي لڳي تنهن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر حالتون اڳيون ڪو نه رهيون هيون، تنهن ڪري ملڪي سياست ۾ دوباره مرحوم جو لولو اگهي ڪو نه سگهيو.

اَسي ورهين جي عمر ۾ تازو انتقال ڪيائين. اهو عيد جو ڏينهن هو. ٻڌوسين ته ممڻ عيد جي مانين مان متو.الله تعاليٰ جون مٿس لک لک رحمتون هجن. وس پڄندي  دوست دشمن سان نيڪيءَ جا پير ڀريائين. ڏکويائين ڪنهن کي ڪو نه. افسوس اهو آهي ته مرحوم پنهنجي وزارت جي ذريعي جن کي ٺاهيو هو، پڇاڙيءَ ۾ اهي به ساڻس ڪو نه ٿي بيٺا. دنيا دورنگي آهي. جنهن جو ڏاڙهيءَ ۾ هٿ، تنهن جي ڦيلهي ۾ ڀت! ٻيو در کان ٻاهر.

 

 

 

 

ميان علي بخش چنو مرحوم

 

ميان علي بخش چنو پاٽ جي پاسي جي پيدائش هو. پاٽ، بوبڪ، سيوهڻ ۽ بختيارپور ۾ مسلمانن جي تعليم جا پراڻا مرڪز هئا. انگريز آئي کان پوءِ به اتاهون جي ماڻهن جو تعليم لاءِ چاهه ڪو نه گهٽيو. انگريز جي ايامڪاريءَ ۾ سيوهڻ گهڻو نڪري هندو ڪامورا ۽ اعليٰ تعليم يافته (وڪيل، پروفيسر، پرنسپال)  فراهم ڪيا. ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ڪراچيءَ جو مشهور پرنسيپال بٽاڻي به سيوهڻ جو هو. سندس گهڻا شاگرد (جيڪي مسلمان هئا) ڪاليج مان ڊگريون حاصل ڪري وڏن وڏن منصبن تي پهتا. بٽاڻي صوفي منش انسان هو. سائين رکيل شاهه ناڙيءَ واري جي خاندان جو مريد هو. پنهنجي مرشد ۽ ان جي جماعت جي ماڻهن سان گهڻي عقيدت هوندي هئس. پاٽ، بختيارپور ۽ بوبڪ صرف مسلمان ڪامورا پيدا ڪيا. ڪلارڪ، مختيارڪار، ڊپٽي ڪليڪٽر، تعليم کاتي جا آفيسر وغيره وغيره. اهي سڀ بنيادي ۽ خانداني ماڻهو هوندا هئا، تنهن ڪري اشرافت جو انگ هوندو هون. ڀڀ ڀرڻ لاءِ هروڀرو لاهي پاهي ڪو نه بيهندا هئا.

ميان علي بخش چنو، خبر نه آهي ڪٿان چڙهندي چڙهندي آخر وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر بڻيو. پر ڇا انسان هو؟ ڪامل انسان هو. نماز روزو ڪندي يا ٻانگون ڏيندي مون کيس ڪو نه ڏٺو. اهو معاملو سندس ۽ سندس ٺاهيندڙ جي وچ ۾ هو، پر جيڪي اسان ڏٺو سو اهو ته انسان ۾ جيڪي خوبيون ٿيڻ گهرجن، سي سڀ منجهس موجود هيون. ڏاڍو ديرينو، ڏاڍو خدا ترس، ڏاڍو منصف مزاج، ڏاڍو همدرد، ڏاڍو خوددار، غرض هر لحاظ سان ڏاڍو نيڪ. في الحقيقت ان قسم جا آفيسر انگريز حڪومت جا زيور هوندا هئا. انهن جو ڪيريڪٽر  هڪ قيمتي مـُـوڙي  هئي، جنهن تي انگريزي راڄ جي زيب، زينت جو مدار هوندو هو. مون نه ٻڌو  ته ميان مرحوم ڪڏهن ڪنهن سان تکو ڳالهايو يا زبان  درازي يا دڙڪي داٻ سان پنهنجي آفيسريءَ  جي ڌاڪ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي. گفتگو جو انداز تمام نرم هوندو هوس، پر سندس چهري ۾ ڪو اهڙو اثر هو جو سندس منهن ڏسي، بڇڙي کان بڇڙي وڏيري يا اسيمبلي ميمبر کي به کيس ڪنهن ناجائز ڪم چوڻ جي جرئت ڪا نه ٿيندي هئي.  پنهنجي دل اندر هو گهڻائي پهه پچائي ميان علي بخش تائين پهچندو، پر ات پهچڻ ۽ ميان جي منهن ڏسڻ کان پوءِ هو خود پنهنجي مـَـرَم ۾ مـَـري بنا ڪجهه چئي واپس هليو ويندو. فوجداري ڪم ۾ ميان علي بخش جي بي ريائي ان زماني جي وڏن وڏن هاءِ ڪورٽ جي ججن جي  بي ريائي جهڙي هوندي هئي. ڪنهن کي مجال هئي جو ڪنهن ڪيس جي باري ۾ وڃي ڪو ساڻس خانگي طرح ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي. عام انتظامي ڪمن ۾، جيتري قدر جائز ڳالهه هوندي، هر اڙهئي موڙهي جي مدد ڪندو. پر اهڙيءَ طرح جو ڪنهن ٻي انسان جي به حق تلفي نه ٿئي.  ڪم ڪرڻ کان پوءِ شڪريو ڪنهن جو قبول ڪو نه ڪندو، بلڪ شڪريه جا اکر ٻڌي پاڻ لـڄ پيو محسوس ڪندو ۽ هڪ حسين مـُـرڪ  سان گفتگو جو رخ ڪنهن ٻيءَ ڳالهه طرف موڙي ڇڏيندو. ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي زماني ۾ گهڻو ڪري هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪو نه ويهندو. بسترو ۽ پراڻي بيگ کنيو پيو گشت ڪندو ۽ ماڻهن جا ڏک سور معلوم ڪندو. سرڪاري بنگلن ۾ رهندو، ڪنهن جو مهمان ڪو نه ٿيندو. ڪنهن جي دعوت ڪا نه کائيندو. حد جي تپيدار کان سواءِ ٻيو عملو ساڻ ڪو نه کڻندو. خالي هٿين سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو، خالي هٿين اتان نڪتو. اهڙا هوندا هئا ڪامورا انگريزن جي ڏينهن جا!

 

 

 

 

ديوان اُڌارام

 

خبر نه آهي سن جو ويٺل هو يا مانجهندن جو، پر هو ان پاسي جو. مون جنهن زماني ۾ ڏٺس، سکر جو سٽي ماجسٽريٽ هو. سٽي ماجسٽريٽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي گريڊ جا هوندا هئا. انهن ڏينهن جا ڊپٽي ڪليڪٽر سنڌي چوڻي مطابق چاڪر چيوڪر ٽائيپ  جا ڪو نه هوندا هئا. نوڪري ۾ به پنهنجا انساني اصول ۽ شخصيت کي ٻڏڻ ڪو نه ڏيندا هئا. بطور ماجسٽريٽ اڌارام قانون داني خواهه ڪيريڪٽر جي لحاظ  سان مڙس مٿير ليکيو ويندو هو.  سندس ججمنٽون علم، دانش،  دماغي توازن، انصاف جي اقرار، انگريزي زبان جي ڄاڻ ۽ خداترسيءَ جو مجموعو هونديون هيون. سيکڙاٽ ماجسٽريٽ سندس ججمنٽون وٺي انهن مان سبق پرائيندا هئا. ان دؤر ۾ هر شئي جو معيار بلند هوندو هو. ان بلند دؤر ۾ اڌارام بلند ترين مقام تي رهيو.

هڪ وڏو ۽ تاريخي ڪيس کڙو ٿيو. هڪ ڌر جو وڪيل قائداعظم محمد علي جناح هو، ٻئي طرف کان يعني سرڪار طرفان سر فرانسس لوبو پيش ٿيو، جنهن کي سرڪار هاءِ ڪورٽ جي ججيءَ کان استعفا ڏياري ان ڪيس هلائڻ لاءِ پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو هو.  اهڙو وڏو ڪيس هو، جنهن جي اهميت جو هينئر اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. وڏي ۾ وڏو الزام خون جو هو. وقت جي سرڪار جو ڪيس تي وڏو زور هو. ان گهريو ٿي ته خون جو ڪيس ضرور ثابت ٿئي. ڪيس ڪيترا مهينا هليو. آءٌ سکر جي سنڌ زميندار اخبار جو ايڊيٽر هوس. قائداعظمرحه جهڙي نامور وڪيل ۽ ليڊر جو سکر جهڙي ويراني ۾ ويهي ڪيس جي پيروي ڪرڻ خود وڏو واقعو هو. آءٌ روز اخبار لاءِ ڪورٽ جي ڪارگذاري لکڻ لاءِ ويندو هوس. زبردست جڌ لڳل هوندي هئي. قاعدي جي اکر اکر تي جهيڙو،قائداعظم رحه جو سر فرانسس لوبي سان ٽڪرجڻ  ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان هوندو هو. ٻنهي طرفن جا وڪيل اعليٰ اعليٰ قسم جا ڪپڙا پائي ايندا هئا. هر روز نوان. برعڪس ان جي ديوان اڌارام پنهنجا روز مرهه جا سادا ڪپڙا پايو ويٺو هوندو هو. ڪيترا مهينا ڪيس  هليو، پر سندس سوٽ ساڳيو ئي رهيو. ان ظاهري  سادگي پٺيان البته وڏو علم ۽ ڪيريڪٽر ڪارفرما  رهيا. طرفين جي بحث ٻڌڻ کان پوءِ جو اکر چوندو هو ته سو قاطع ۽ ساطع هوندو هو وري ڪنهن جي چوڻ لاءِ گنجائش ڪا نه رهندي هئي.  آخر فتوا ڏنائين. قتل جي ڪيس کي ڪوڙ وٺهرائي ختم ڪري ڇڏيائين، البته ننڍن  ڪيسن ۾ سزا ڏنائين جنهن لاءِ اپيل چيف ڪورٽ ۾ ٿي، ۽ قائداعظم خود ”آرگيو“ڪئي،، پر اڌارام جو ڏنل فيصلو ڪو نه ڦريو. سندس فتوا کي سنڌ جي جڊيشريءَ جي تاريخ ۾ ڪلاسيڪل قانوني دستاويز جي حيثيت حاصل ٿي.  ورهين تائين وڪيل، ماجسٽريٽ ۽ عام ماڻهو پڙهندا ۽ پنهنجو مٿو ڌوڻيندا رهيا. گهري ها ته ان هڪ ئي ڪيس ۾ لکن روپين جي رشوت ماٺ ميٺ ۾ وصول ڪري سگهي ها، ۽ ان وصوليءَ کان پوءِ نوڪري ڇڏي آرام سان باقي زندگي گذاري سگهي ها، پر اڌارام انهن ڳالهن کان گهڻو مٿي هو. هو انصاف جي ڦٿڪندڙ لاش تي پير رکي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارو انسان ڪو نه هو.

مطلب ته دادوءَ جي مٽيءَ اهڙا ماڻهو به پيدا ڪيا، جن انصاف جي معاملي ۾ پنهنجي سرڪار جي به ڪا نه ٿي سـُـڻي.

 


 

(1) ان واقعي جي تفصيل لاءِ هن ڪتاب جي پهرين جلد (ٻي ايڊيشن) جو صفحه 298 کان 303 تائين ڏسڻ گهرجي.

(1)  ڏسو صفحو 207، هن ڪتاب جي پهرين جلد جي ٻيءَ ايڊيشن جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org