وڏيرو يعقوب ڪونريجو
وڏيرو مرحوم اسان جي سانڀر کان گهڻو اڳ گذاري ويو
هو، پر سندس نالو ۽ ناموس قائم هئا. ايڏو وڏو طبيب
هو، جو ماڻهو ان جي ”طبابت“ کي ڪرامت سان تعبير
ڪندا هئا. ٽلٽيءَ جي علائقي ۾ ڳوٺ هوس. انگريزن جو
اوائلي زمانو هو. اڃا ايلو پٿي ڊاڪٽريءَ جو سنڌ ۾
بنياد ڪو نه پيو هو. اهو ته مون کي به معلوم آهي
ته 1924ع تائين ساري سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ ٽي چار ايلوپٿي
جا ايم. بي. بي. ايس ڊاڪٽر هوندا هئا، سي به گهڻو
ڪري انگريز، جن کي سول سرجن ڪري رکيو ويو هو. خود
ايلو پٿي طرز علاج به ايڏي ترقي ڪا نه ڪئي هئي. بن
عالمي لڙاين کان پوءِ ئي نين کوجنائن جا نتيجا
عجيب و غريب دوائن جي صورت ۾ ظاهر ٿي عام تائين
پهتا. ان کان اڳ سارو ميدان ديسي طبيبن ۽ حڪيمن جي
حوالي هوندو هو، جن جو طريقه علاج يوناني هو.
جلاب، سير، پڙيون، چاٽا، ڪشتا،معجونون وغيره
وغيره. سڻڀن مريضن کي لـِڪي لـِـڪي ”ليپن“ ۽
”طلائن“ سان به نوازيندا هئا.
هونءَ ته حڪيم ۽ طبيب بيشمار هوندا هئا، ايستائين
جو ورلي ڪو مولوي يا پير هوندو هو، جنهن کي طبيب
هجڻ جي دعويٰ نه هوندي هئي. پر پنهنجي زماني ۾ سنڌ
جي سڀني طبيبن جو سرتاج اهو وڏيرو يعقوب ڪونريجو
سمجهيو ويندو هو. پورالو هو ۽ پنهنجي فن تي ناز
هوس. جهڙي تهڙي سڏ تي ڪو نه ويندو هو. چوندا هئا
ته پري کان مريض جو منهن ڏسي هڪدم تشخيص ڪري
ڇڏيندو هو ته فلاڻو مرض اٿس ۽ سندس قياس غلط نه
ثابت ٿيندو هو، زالن ۾ پردو سخت هوندو هو. سنڌ جون
شريف زاديون بيماري وگهي مرندي مري وينديون هيون،
پر ڪوٽ جي چانئٺ اورانگهي طبيب تائين ڪونه وينديون
هيون. طبيب کي گهر گهرايو ويندو هو ته به ڪپڙن ۾
ويڙهجي سيڙهجي مشڪل سان ٻانهن ٻاهر ڪڍي نبض
ڏيکارينديون هيون. منجهان گهڻيون ته ٻانهن به ٻاهر
نه ڪڍنديون هيون. وڏيري يعقوب لاءِ مشهور هو ته هو
مريض خواتين جي ڪـَــرائي تي سڳو ٻڌرائي، پري کان
اُن سڳي جي ذريعي نبض جو حال معلوم ڪندو هو.
هڪ ڀيري ڪنهن ڪراچيءَ جي سيٺ علاج لاءِ اوڏانهن
گهرايس. موٽندي ريل جي پليٽفارم تي ڪو انگريز
ڊاڪٽر نظر آيس، جيڪو پڻ ڪنهن ڪم سان اتي ڦري رهيو
هو. وڏيري يعقوب کيس ڏسي چئي ڏنو ته اڄ هن ڊاڪٽر
تي دل جو دورو پوندو ۽ بچي نه سگهندو. اها پيش
گوئي ٻڌي ماڻهو مرڪڻ لڳا. پر ساڳي شام ڊاڪٽر تي
واقعي دل جو دورو پيو ۽ هو گذاري ويو. ڪن جو خيال
هو ته وڏيرو علم جفر جو ڄاڻو هو، تنهنڪري هو
اهڙيون ڳالهيون اڳواٽ معلوم ڪري سگهندو هو. اهو
واقعو آهي ته ان زماني جي گهڻن طبيبن بابت اهو
مشهور هو ته هو مخفي علومن جا به ڄاڻو هئا. ممڪن
آهي ته وڏيري صاحب بابت به اهو خيال صحيح هجي.
افسوس آهي ته ڪنهن به محقق اڄ تائين وڏيري يعقوب
جهڙي باڪمال شخص جي باري ۾ ڪا به تحقيق ڪا نه ڪئي
آهي. سندس بياض هوندا، ڪتاب هوندا، نسخا هوندا.
ممڪن آهي ته پاڻ به پنهنجي فن تي ڪو رسالو لکيو
هجائين. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سندس زندگي متعلق ڪي
دلچسپ ٽوٽڪا يا واقعا ئي قلمبند ڪيا وڃن ها. مگر
اڄ تائين کـُـٿو ڪنهن منجهان ڪو نه آهي. سارو
خزانو ضايع!
پير حـُـجت الله شاهه راشدي
پير حجت
الله شاهه راشدي مرحوم
جهڙو صورت جو سهڻو، اهڙو سيرت جو سهڻو. ٻـُـٽ
سرائي لڳ ميهڙ جي پير خاندان جو سربراهه هو.
راشدي خاندان جي ماڻهن جڏهن پنهنجي مرڪز تان ٽڙي
پکڙي هيڏي هوڏي جا ملڪ وسايا، تڏهن سندن هڪ شاخ،
جنهن جو شاهاڻي
پاڙي سان تعلق هو، ٻٽ سرائي ۾ اچي اقامت اختيار
ڪئي. اتاهون جا مقامي ماڻهو سندن مريد هئا. پير
پنهل رحمة الله عليـہ جي سنڌي چوڻي موجب رات هئي.
لکين ماڻهو سندس مريدي جي حلقي ۾ داخل ٿيل هئا.
همعصر کيس اولياءَ ۽ صاحب ڪرامات سمجهندا هئا. اهو
زمانو به ٻيو هو. خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ روحاني
رستا چالو هئا.
سندس فرزند ۽ کانئس پوءِ جاءِ نشين پير شاهه دوران
شاهه جي مون پاڻ زيارت ڪئي. سفيد ريش، قد ڊگهيرو،
جسم ۾ هلڪو، چهرو نوراني. لٺ تي هليو چليو ٿي، پر
جسماني ڪمزوريءَ ڪري نه، محض بزرگانه ريت مطابق.
پير حجت الله شاهه مرحوم بعد ۾ سندس گاديءَ تي
ويٺو. ڏاڍي وڻندڙ طبيعت هوس. خوش خـُـلق، خوش
لباس، خوش طبع، هر محفل جو مور. وقت پئي سڏ ڪبس ته
نـہ، نه ڪندو. پنهنجي خاندان جي اثر کي قائم رکيو
آيو. ٻيا راشدي به ان تر ۾ رهندا هئا، مثلاً:
خيرپورناٿن شاهه جي ڀر ۾، پراثر ۽ مقبوليت ۾ حجت
الله سڀ کان اڳ ڀرو هو. صورت به ڏسڻ جهڙي هئس.
پنهنجي زماني ۾ ساري دادو ضلع اندر مرداني مورت جو
بهترين نمونو هوندو هو. اوچتو گذاري ويو. اڃا وڃڻ
جو وقت ڪو نه هوس، پر الله جي سرڪار ڏاڍي آهي.
سندس دوست کيس ياد ڪندا رهن ٿا.
حاجي
عبدالمجيد جتوئي مرحوم
ٻيٽي جو جتوئي خاندان اثر ۽ پڄنديءَ ۾ چوٽيءَ جو
خاندان سمجهيو ويندو هو. خاندان جو سربراهه مرحوم
خانبهادر ڌڻي بخش خان هو، جنهن کي مون ڏٺو. سندس
صورت يا طرز رهائش سنڌ جي پراڻن خاندانن جو عڪس
هئي. انگريز سرڪار ۾ ڏاڍي هلندي هئس. خانبهادر جو
لقب ڏنائونس، ساڳي وقت آنريري اسپيشل ماجسٽريٽ جا
پاور به. 1920ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو.
سندس انتقال کان پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ خانصاحب
ڪريم بخش خان مرحوم بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي
ويو ۽ تادم زيست چونڊبو رهيو. سندس فرزند حاجي
عبدالمجيد مرحوم ڪجهه عرصي بعد پنهنجي والد مرحوم
واري پوزيشن حاصل ڪئي. سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر
چونڊيو ۽ ڪيترا سال پنهنجي علائقي جي نمائندگيءَ
جا حق بجا آڻيندو رهيو. ون يونٽ ٺهيو ته گڏيل
اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊيو ۽ ات ايوب خان ۽
نواب ڪالا باغ جي راڄ ۾ به اپوزيشن بينچن تي ويهي
سرڪار جي مخالفت ڪندو رهيو ۽ سنڌ جي حقن لاءِ
وڙهندو وتيو. ان زماني جي حالتن سارو اپوزيشن ۾
ويهڻ ۽ سرڪار جي مخالفت ڪرڻ وڏيءَ همت جو ڪم هو.
عبدالمجيد مرحوم جي اڳيان جڏهن ”فرض“ ۽ ”مصلحت“ ۾
مقابلو ٿيو ته هن هميشـہ مصلحت کي ڇڏي فرض جو
پاسو ورتو. ڏاڍو خوددار ماڻهو هو. پڇاڙيءَ تائين
پنهنجي ڳالهه تان ڪو نه هٽيو. آخر سرڪار عالي
پنهنجي دستور موجب مقامي حالتن کي چڪر ڏئي کيس
چونڊ ۾ شڪست ڏياري. پر ان کان پوءِ به مرحوم
پنهنجي آزاد خياليءَ کي قائم رکيو آيو ۽ حڪومت جي
آڻ ڪا نه مڃيائين. جڏهن کان منهنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ
ٿي، هو منهننجو دوست ٿي رهيو. پر اهڙو دوست، جنهن
۾ مون کي اهو آسرونه رهيو ته هو ان دوستي خاطر
پنهنجن اصولن ۾ ڪا ڦير ڦار ڪندو. سنڌ ۽ سنڌين سان
ڏاڍي محبت هئس. گهڻو ڪري صبح کان شام تائين انهيءَ
اُڻ تڻ ۾ لڳو رهندو هو. سواليءَ کي خالي موٽائڻ،
مناسب نه سمجهندو هو. سواليءَ جي وڃڻ جي دير هوندي
هئي. سفارش ڪرڻ لاءِ هو هڪدم موٽر تي چڙهي روانو
ٿيندو هو. ڪو ٻڌي يا نه ٻڌي، پر مرحوم پنهنجي
پاران ڪوتاهي ڪو نه ڪندو هو.
پڇاڙيءَ ۾ خرابي صحت جي باوجود حج تي ويو. مديني
جي مير(ﷺ)
سندس خدمتن جو کيس اهو انعام ڏنو جو قيامت تائين
پاڻ وٽ رهائي ڇڏيائينس. اسان سندس دوست پويان سندس
ياد ۾ روئندا رهجي وياسين.
همايون جو عشق
روم ۾، خوبصورت بار بريني محلات جي ڀتين تي اڃا
تائين هڪ تصوير ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا ٻڌائي ٿي ته
ڪهڙيءَ ريت ماڻهو پهرينءَ نظر ۾ عشق هٿان گهائل ٿي
وڃي ٿو. مار گريٽا يا لافور نرينا، اٻوجهائيءَ سان
پنهنجا ڊولائتا پير هڪ ٿڌي چشمي ۾ لڙڪايو ويٺي
هئي، جڏهن سندس حسن جي واچوڙي هڪ واٽهڙوءَ،
اٽليءَ جي نامياري مصور رفائل اربينو کي پنهنجي
وڪڙ ۾ آندو ۽ کيس پٽ ليٽائي ڇڏيو. پاڪ مڊونا
(مريم) سندس ياد جي ڦرهيءَ تان ڌوپي وئي ۽ مار
گريٽا جي سونهن جي درگاهه جو عقيدتمند پوڄاري
بڻيو. سندس هٿ مار گريٽا کي جيڪو نذرانو پيش ڪيو،
اهو هينئر روم جي عظيم قومي گئلريءَ جي ڀتين جي
سوڀيا آهي.
اهڙي قسم جا واقعا، اسان جي پنهنجي تاريخ ۾ به ڇڊا
نه آهن. نامور نورجهان سان جهانگير جو پيار ڪن
ڊگهين ملاقاتن جو ڦل نه هو، نه وري شاهجهان جي
ممتاز بيگم سان پريت يا هيرا ٻائيءَ لاءِ اورنگزيب
جي اُڪيرڪنهن چڱيءَ ريت سوچيل ۽ اڳ رٿيل ارادي جو
نتيجو هجي.
مشهور بادشاهه بابر جو پيارو پٽ همايون، جيڪو پاڻ
اڻ ڳڻت ايذائن جو شڪار هوندي به ٻين جي ٿورڙي اهنج
تي لڙڪ وهائي ويهندو هو، سو مغل تاريخ ۾ هڪ خاص
جاءِ والاري ٿو. ان لحاظ کان هو شايد هندستان جو
اڪيلو ئي فاتح هو، جنهن پنهنجن پونيرن لاءِ سلطنت
قائم ڪرڻ لاءِ،
تيز واچوڙي وانگر زندگي گذاري، پر پورهئي جو ڦل
پاڻ نه ماڻيائين.
هڪ فاتح ۽ هڪ پناهه ڳوليندڙ جي حيثيت ۾ تاريخ سندس
جانبازين جا ننڍا ننڍا تفصيل سانڍڻ ۾ ته سخاوت
ڏيکاري آهي، پر سندس زندگيءَ جي هڪ ٻئي رخ يعني
محبت جي ميدان ۾ سندس سورهيائين کي سهيڙڻ ۾ انصاف
کان ڪم نه ورتو آهي. هو نه رڳو هڪ عظيم سپاهي هو،
پر گڏوگڏ قرباني ڏيندڙ عاشق پڻ هو. هڪ اهڙو بي صبر
عاشق، جنهن جي ڳلن تان پنهنجي محبوب جي سڪ ۾ گهڻا
گهمرا گرم ڳوڙهن جا نار وهيا.
مان هت جيڪو قصو بيان ڪريان ٿو، اهو نه رڳو
”پهرينءَ ئي نظر ۾ عشق “جو هڪ مثال آهي، پر ان
سان گڏ انهيءَ عظيم انسان جي زندگيءَ جي نرم
پهلوءَ جي به ڄاڻ پوي ٿي.
جنهن هنڌ اهو قصو شروع ٿيو، اهو پاٽ جو ڳوٺ هو،
جيڪو هاڻوڪي دادو ضلعي جي حد اندر اڄ به پنهنجي
پراڻي نالي سان قائم آهي. ان قصي جي شروعات سال
1541ع ۾ ٿي.
پڙهندڙن کي اها ڄاڻ هوندي ته گنگا نديءَ جي ڪناري
تي شڪست کائڻ، پاڻيءَ جي قبر ۾ لڙهڻ ۽ نوڪرن جي
ٻن ويساهه گهاتين کان ٻه دفعا بچڻ بعد، همايون
انهيءَ اميد سان سنڌ ڏانهن، جيڪا ان وقت شاهه حسين
ارغون جي هٿ هيٺ هئي، رخ رکيو ته هو اتي پنهنجي
طاقت کي زور وٺائڻ لاءِ ڪو حيلو هلائيندو.
پناهه ڳوليندڙ بادشاهه جو بکر ڏانهن سفر اهنجن کان
آجو نه هو، پر هو پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ هندال، حرم
جي ڪجهه عورتن ۽ فوج جي رهيل سپاهين سميت آخرڪار
سنڌ پهچڻ ۾ سوڀارو ٿيو.
هن بکر جي سامهون، جيڪو ان وقت سلطان محمود
ڪوڪلتاش جي سلطانيءَ هيٺ هو، سنڌو نديءَ جي کاٻي
ڪپ تي چار باغ وٽ اچي خيما کوڙيا ۽ ٺٽي ۾ شاهه
حسين ڏانهن ايلچي اماڻيا ته هو اچي وٽس حاضر ٿئي.
چار باغ پهچڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هن پنهنجي
ماٽيلي ڀاءُ هندال کي حڪم ڪيو ته هو سيوهڻ ڏانهن
ويندڙ رستي تي پاٽ وٽ ترسي ۽ اتي همايون جي وڌيڪ
حڪم جو انتظار ڪري. هندال حڪم مڃيندي پاٽ اچي
پهتو.
شاهه حسين جواب ڏيڻ ۾ اينگهه ڪرڻ جون اٽڪلون ڪرڻ
لڳو، تنهن ڪري همايون جو صبر جواب ڏئي بيٺو. شاهه
حسين نه ته پاڻ پئي آيو ۽ نه وري ايلچين کي موٽڻ
جي موڪل ٿي ڏنائين، پر ايلچي جيئن تيئن ڪري، گستاخ
شاهه حسين وٽان سوکڙيون کڻي پهتا. انهيءَ ڪري
پريشانيءَ جي حالت ۾ بادشاهه پاٽ ڏانهن رخ ڪيو. هن
سفر ۾ ست ڏينهن لاتا ۽ بيهيلا (درٻيلي) ۾ ٽي
ڏينهن رهڻ کان پوءِ پاٽ پهتو، جتي اڳ ۾ ئي سندس
ڀاءُ هندال ڪٽنب جي ٻين ڀاتين سان گڏ رهيل هو.
هندال جي حرم ۾ ان وقت هندال جي ماءُ دلدار بيگم
جي حفاظت هيٺ چوڏهن سالن جي هڪ ڪنواري نينگر
رهندي هئي. اها ڇوڪري مير بابا دوست جي، جيڪو
مشهور اولياءَ احمد ڄام جي اولاد مان هو، نياڻي
هئي. ڇوڪري ”سونهن، سمجهه ۽ صفت ۾ خيالي هيلن،
هندستاني دمينتي، ستي لڪريس ۽ پاڪ دامن پدمڻيءَ
کان اڳري هئي.“ سندس والد مير بابا دوست، هندال جو
استاد هو، تنهنڪري سندس سڄو ڪٽنب هندال جي ڏک سک
جو ساٿي هو.
همايون جڏهن پنهنجي ماٽيلي ماءُ، دلدار بيگم جي
دعوت تي وٽس ويو ته، سندس نظر ان مهل وڃي ڇوڪريءَ
حميده تي پئي. ڏسڻ ويرم ئي همايون جي سيني ۾ عشق
جي آنڌي اٿي کڙي ٿي. توڙي جو همايون جي ان وقت عمر
ٽيٽيهه ورهيه هئي ۽ هو اڳ پرڻيل هو، تنهن هوندي به
حميده لاءِ منجهس اهڙي اڻ جهل اُڪير پيدا ٿي، جهڙي
هن اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي. هو پنهنجي
تنبوءَ ڏانهن ته موٽيو، پر دل پٺيان ئي ڇڏي آيو.
همايون اهڙي اهنج وقت ۾ڪلهن تي هڪ وڌيڪ جوابداريءَ
جي بار کڻڻ کان دل ئي دل ۾ پاڻ کي پرچائڻ لڳو، پر
عشق اڳيان سندس هڪ حجت به نه هلي. هن شايد نيپولين
وانگر اهو سوچي پاڻ کي آٿت ڏنو ته ”سهڻي ستارن
ڀرئي آسمان هيٺان، ڪنهن پياريءَ عورت سان رات
گذارڻ ۾ سڀ کان وڏو آنند آهي.“ ٻئي ڏينهن هو وري
به اڻ سڏيو هندال جي حرم ۾ ويو. حقيقت ۾، ڪنهن به
عاشق کي اهڙن معاملن ۾ سڏ جي گهرج نه هوندي آهي.
”هوءَ ڇوڪري ڪير آهي؟“ همايون دلدار بيگم کان
پڇيو.”حميده“ دلدار بيگم وراڻيو،”مير بابا دوست جي
ڌيءُ آهي.“ ”ڏاڍو سٺو،“ همايون وري چيو،”مير بابا
دوست اسان جو مائٽ آهي. اها ڳالهه منهنجي شان وٽان
آهي ته اوهان مون کي سندس ڌيءُ سان پرڻايو.“
هندال انهيءَ آڇ کي قبول نه ڪيو. چي: ”مان هن
نينگر کي پنهنجي ڀيڻ ۽ پنهنجي اولاد وانگر ڏسان
ٿو. اوهان شهنشاهه آهيو. الله پناهه ڏئي، جيڪڏهن
خرچ جو پورو بندوبست نه ٿي سگهي ۽ اهو پوءِ ڪاوڙ
جو سبب بڻجي.“
عاشقن کي ڪڏهن جلد مٺيان به لڳندي آهي. هندال جي
جواب شهنشاهه کي ڪاوڙ ڏياري ۽ نااميد ٿي پنهنجي
خيمي ڏانهن موٽي ويو. هينئر سندس وقت ذهني عذاب ۾
گذرڻ لڳو، پر جلد ئي کيس هندال جي ماءُ وٽان چٺي
پهتي، جنهن سندس درد لحظي ۾ لاهي ڇڏيا. گلبدن بيگم
جي سر گذشت جي صفحن ۾ اها چٺي ۽ ان جو آيل جواب
محفوظ آهن. دلدار بيگم همايون ڏانهن لکي موڪليو:
”ڇوڪر جي ماءُ هن کان اڳ ئي شرط وجهي رهي آهي.
اهو عجب آهي ته اوهان ٿورڙن لفظن تان ڪاوڙجي هليا
ويا.“
همايون جواب موڪليو:”اوهان جو نياپو مون لاءِ
ڏاڍي خوشي آڻيندڙ آهي. جيڪي به شرط وجهن،اهي مان
اکين سان قبول ڪندس.خرچ بابت هو جيڪي چون،مان
مڃيندس.اوهان جي جواب لاءِ منهنجون اکيون واٽ تي
وڇايل رهنديون.“دلدار بيگم پاڻ وٽ همايون کي ٻيهر
سڏي، اميدن کي آٿت ڏنو.
ٻئي ڏينهن تي هو وري شهزاديءَ ڏانهن ويو ۽ کيس منٿ
ڪئي ته ڪنهن کي موڪلي، حميده بانوءَ کي گهرايو.
حميده اچڻ کان هيئن چئي انڪار ڪيو: ”جيڪڏهن مون کي
سڏائڻ جو مقصد شهنشاهه کي نياز پيش ڪرڻ آهي ته اڳ
۾ ئي مان اها عزت حاصل ڪري چڪي آهيان، تنهنڪري
ٻيهر مان ڇو اچان؟“ شهنشاهه انهيءَ بيعزتيءَ کي
مشڪي لنوائي ڇڏيو. ڪو به عاشق خودداريءَ کان ڪم
نٿو وٺي سگهي، تنهنڪري بادشاهه سلامت سبحان قلي
خان هٿ هندال ڏانهن نياپو ڏياري موڪليو ته ڇوڪري
ڏانهنس موڪلي وڃي. ظاهر آهي، همايون جو ان وقت
مقصد ڇوڪريءَ سان روبرو ڳالهائڻ هو.
هندال کي شروع کان ئي اها سڄي ڳالهه پسند نه هئي،
تنهنڪري هن بادشاهه جو نياپو آڻيندڙ کي کهرو جواب
ڏنو: ”مان ڪجهه به چوان، پر ڇوڪري اچڻ قبول نه
ڪندي. تون پاڻ وڃي ڇوڪريءَ کي چئه.“
تنهن تي سبحان قلي خان پنهنجي دل ٻنهي هٿن ۾ جهلي
حميده وٽ ويو.
حميده کيس چيو: ”بادشاهن کي هڪ دفعو ملڻ جائز آهي،
ٻيو ڀيرو ڏسڻ منع آهي. مان ڪنهن صورت ۾ نه
اينديس.“
سبحان قلي خان موٽي وڃي بادشاهه کي سڄي روئداد
ٻڌائي. بادشاهه خوشطبعيءَ سان ڳالهه ٻڌي، راءِ
ڏني: ”شايد هوءَ محسوس ڪري ٿي ته هوءَ اوپري عورت
آهي، تنهنڪري مون سان ايترو گهڻو نه ملي سگهندي،
جيتري منهنجي خواهش آهي. بهرحال اسان کيس پنهنجو
ساٿي بڻائي، سندس لــڄ دور ڪنداسين.“
همايون جي لائق ڀيڻ گلبدن بيگم لکي ٿي: ”چاليهن
ڏينهن تائين حميده مقابلو، بحث ۽ انڪار ڪندي رهي.“
هندال جي ماءُ بهرحال، پنهنجي ماٽيلي پٽ طرفان
وڪالت ڪندي رهي. هن حميده کي چيو: ”تون آخرڪار
ڪنهن سان ته شادي ڪندينءَ، پوءِ ڀلا بادشاهه کان
بهتر ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟“
توڙي جو حميده کي آخر آڻ مڃڻي پئي، پر ان وقت
جيڪو هن جواب ڏنو، اهو سندس اندروني شخصيت ۽ هٺ کي
ظاهر ڪري ٿو. حميده وراڻيو: ”ها، مان ڪنهن سان
شادي ته ڪنديس، پر هو اهو ماڻهو هوندو، جنهن کي
مان ڳچيءَ کان جهلي سگهنديس ۽ انهيءَ سان نه، جنهن
جي پلوَ تائين به منهنجو هٿ نه پهچي!“
”عورت، خاص طرح جوانيءَ ۾، ڪمزور ۽ اڻ پختي هوندي
آهي ۽ حميده بانوءَ تي چاليهن ڏينهن جو زور بار
رائگان نه ويو. جمادي الاول 948 هه ( سيپٽمبر
1541ع) سومر(؟) ڏينهن منجهند جو، بادشاهه سلامت
موزون وقت پسند ڪرڻ کان پوءِ،
مير عبدالبقا کي گهرائي حڪم ڏنو ته شاديءَ جو
تڪڙو بندوبست ڪيو وڃي. بادشاهه نڪاح لاءِ مير کي
ٻه لک نقد ڏنا. شاديءَ جا پهريان ٽي ڏينهن پاٽ ۾
رهڻ کان پوءِ همايون ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، بکر ڏانهن
روانو ٿي ٿيو.“ گلبدن بيگم جي لفظن ۾ اها هئي سڄي
معاملي جي پڄاڻي.
جيتوڻيڪ حميده شروع ۾ شهنشاهه سان شاديءَ لاءِ
راضي نه هئي، پر پوءِ بيحد وفادار ۽ فرض شناس عورت
ثابت ٿي. جڏهن بادشاهه محتاجيءَ جي حالت ۾ سنڌ جي
رڻن ۾ پئي رليو ته حميده خوشيءَ سان پنهنجي وَرَ
جي ڏکن ۾ حصيدار ٿي ۽ عمرڪوٽ(سنڌ) ۾ هڪ ٻار کي جنم
ڏنو. انهيءَ ٻار جو نالو ڇا هو؟ اڪبر اعظم.
ميڊم نوران
”نوران“ ٺيٺ سنڌي نالو هوندو هو. بنياد تور تي
هوس. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن عورت کي نور سان
تشبيهه ڏيڻي پوندي هئي ته پيار ۽ عزت وچان نوران
يا نوري نالو کيو ويندو هوس. نور بيگم،نور بانو،
نورجهان، نور خاتون ۽ اهڙا ٻيا ڳؤرا ۽ سنڌ جي
ڌرتيءَ سان نامناسب نالا گهڻو پوءِ جون لفظي جعل
سازيون آهن.
البته انهن ڏينهن ۾ به جيڪڏهن ڪا سنڌي نوران ڪنهن
ٻاهر جي ڄام تماچيءَ سان اک جي اَڻي اٽڪائي، اُن
ڀوت کي ازدواج جي بوتل ۾ بند ڪري وجهندي هئي ته
”ميڊم نوران“ جي نالي سان نوازي ويندي هئي، پر عرف
عام ۾ وري به نوران جي اضافت ڇڏي کيس ”منڊم صاحب“
يا ”ميم صاحب“ سڏيو ويندو هو ان جو هيءُ سبب به هو
ته سنڌي معاشري ۽ تهذيب ۾ ڪنهن معزز عورت کي هر هر
سندس اصلي نالي سان سڏڻ معيوب سمجهيو ويندو هو،
تنهنڪري ”ميم صاحب“ جي لقب کي استعمال ڪندا هئا.
دادو ضلعي ٻاهرينءَ دنيا کي صرف اڪبر بادشاهه جي
والده حميده بانو بيگم نه ڏني، پر هڪ ميڊيم نوران
به ارپڻ ڪئي، جيڪا بنگال جي آخري نواب جي نهن بڻي.
مائي منڇر جي ڪنهن امير البحر خاندان جي چشم و
چراغ هئي، پر جڏهن اسان ڏٺي، چشم ۽ چراغ ٻئي محض
الزام جي صورت اختيار ڪري چڪا هئا.
بنگال جي مرشد آبادي نوابن جي خاندان جو هڪ
صاحبزادو انگلينڊ مان اعليٰ فني تعليم حاصل ڪري
سنڌ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقرر ٿي آيو هو.سندس
پورو ۽ ريڪارڊي نالو هو:”صاحبزاده هارون قدر سيد
موسيٰ علي مرزا“اهو صاحب بنگال جي
آخري نواب جو پڙ پوٽو ۽ اسان واري سڪندر مرزا جو چاچو هو.سڪندر مرزا پاڪستان
جو گورنر جنرل ۽ پهريون پريزيڊنٽ بڻيو هو.
ايگزيڪيوٽو انجنيئر جو عهدو انهن ڏينهن ۾ وڏي
ڳالهه هوندو هو، جو صرف انگريزن کي ملندو هو. هن
مرشد آبادي صاحبزادي کي انگريزن ڪن اهم سياسي
مصلحتن ڪري ان طرح نوازيو هو. مڙس ڏسڻ ۾ به سچو
صاحبزادو لڳندو هو. قداور، سهڻو چهرو، ڇڙڪ بت،
کليل رنگ، مهمان نواز ۽ خانداني نوابن وانگر ياري
باشي ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو. پراڻي گهاڙ ڪئنال
ڊويزن جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٿي آيو. اڃان براج ڪا
نه ٺهي هئي، تنهنڪري سکر کان
منڇر تائين
سندس حد هوندي هئي. شڪار جو شوقين هو. گشت تي
نڪرندو هو ته ڄڻ ڪو گشتي ميلو هليو. ننڍي وڏي سان
ڏيٺ ويٺ، دوستي ۽ پيار. وڏي سنگت ساڻ. شادي ڪيل ڪا
نه هوس. لنڊن ۽ لاهور ٻنهين منجهان بنان پاند
پسائي بچي اچي سنڌ ۾ پهتو هو. سنڌ جا خاندان
پاڻهرتو نياڻيون
ڪو نه آڇيندا هئا ۽ نه بيپردگي هوندي هئي، تنهنڪري
هڪ عرصي تائين هي شهزادو:
دنيا مين سب جوڙي جوڙي،
پر عاشق ڦرن نگوڙي
جو مصداق بڻيو رهيو، سندس سنگتين ۾ اڪثر ان مضمون
تي قال قيل رهندي هئي.
سال ڏيڍ جي عرصي کان پوءِ اوچتو ”الو الان“ ٿي
ويئي. سندس دوستن ۾ هيءُ خبر مشهور ٿي ته صاحبزادي
صاحب اوچتو ئي اوچتو شادي ڪري ورتي آهي. چئو پچو
هلي ته سنڌ جي ڪهڙي خاندان تي اهو چنڊ جهليو ۽
ساڻس اها شاهي نسبت قائم ٿي. پر ”خاندان“ جو پتو
کرو آسانيءَ سان ڪو نه ٿي پيو. جيترا وات اوتريون
ڳالهيون هيون. نيٺ صاحبزادو صاحب پاڻ پنهنجي اهليه
يعني ميم صاحب (انجنيرجي زال لازماً ميم سڏجڻي
هئي) کي دوستن سان ”انٽرويو ڊيوس“ ڪرائڻ لاءِ ساڻ
وٺي گشت تي نڪتو، جيئن هر علائقي جا دوست موقعي تي
ڪنوار جو مشاهدو ڪن.
اسان جي علائقي ۾ سندس منزل تاجيديري جي انجنيري
بنگلي تي ٿي. تاجيديرو مديجي ريلوي اسٽيشن جي لڳ
آهي. سندس سارن دوستن ڏانهن ڪوٺ آئي ته شام ويلي
بنگلي تي اچي ڪٺا ٿيو. سج لٿي منهنجو ڏاڏو مرحوم،
منهنجو والد مرحوم ۽ آءٌ اچي سهڙياسين. ٿوريءَ
وٿيءَ سان ڊکڻن مان محمد پناهه خان مرحوم ۽ قمبر
مان علي حسن خان هڪڙو به اچي پهتا. سيارو هو،
بنگلي جي صحن ۾ بـُـنڊن جي باهه جو مچ متل هو. ان
جي چوڌاري ڪرسيون، روشني صرف باهه جي هئي. اهڙين
محفلن ۾ بتي ڪا نه رکبي هئي، ڇو ته ان جي روشنيءَ
تي جيت اچي مڙندا هئا.
ٿوريءَ دير ۾ گهوٽ ڪنوار ٻئي نڪري اچي مچ تي ويٺا
۽ ماڻهن سان مليا. ڪنوار کي انگريزي ڪـَـٽ جو
گائون پيل هو. سڀني وڌي ڪنوار کي موڙو ۽ گهوٽ کي
مبارڪون ڏنيون. گفتگو شروع ٿي. آءٌ ننڍڙي ڄمار جو
هوس، پر ڏاڏو مرحوم مون کي هميشـہ پاڻ سان گڏ
رکندو هو. گفتگو جي دوران ۾ ڪنوار گهوٽ کي هر هر
”جاني“ پئي سڏيو ۽ صاحبزاده صاحب، جنهن کي شايد
ساري عمر ڪنهن عورت ”جاني“ ڪو نه سڏيو هو، جاني جو
لفظ ٻڌي پئي ٽڙيو. دير سان رات جو محفل ختم ٿي،
اسان سڀ مهمان اٿي پنهنجي جاءِ تي آياسين. اتي وري
شاديءَ جي واقعي ۽ ”ميم صاحب“ جي نسواني نزاڪتن
تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي رهي.
ڏاڏي مرحوم مون کان پڇيو:”علي محمد، تو ڪنوار ڏٺي،
تو کي وڻي؟“
مون چيس: ”ڏاڏا، مون ته ڪا نه ڏٺي،مون ڏانهن پٺي
هئس.“
سڀني مهمانن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو، ڏاڏي مرحوم مشڪندي
چيو: ”نالائق، اهو ته مائي جو منهن هو جنهن کي تو
پٺي سمجهيو آهي.“ مون عرض ڪيو ته:
”ڏاڏا،
اوهان سڀ ڀل مون تي کلو. پر جيڪڏهن مائي جو منهن
اهو هو ته پوءِ گهوٽ جو به ”هر هارو منهن ڪارو“
چئبو.
وري کل جا ڪوڪرا ٿيا. ڏاڏي مرحوم مون کي فهمائش
ڪئي ته: ”صبح جو مائي جي منهن جو رنگ ڏسي هرگز نه
کلجان”، غلطي نه ڪجان”. تون شرير آهين، خبردار،
ڪـَـن پٽيندوسانءِ.“
ميم صاحب کي انگريز ميم صاحبن وانگر سندس مڙس شڪار
جو فن به سيکاريو هو. ڦاڙهن جي شڪار لاءِ مڙس سان
گڏ هلي کـُـڏڻن ۾ ويهندي هئي. پکين کي بندوق سان
مارڻ جو شوق ڪو نه هوس، ڇو ته ساري عمر منڇر تي
پکين کي ڄارن ۾ ڦاسائيندي رهي هئي، ٻيو ته عمر سڀ
ڪجهه نظر کي به نقصان پهچي چڪو هوس. اڏامندي پکيءَ
سان بندوق جي مک ملائي ڪا نه ٿي سگهي، ٿي سگهيو ٿي
ته سندس حد نظر ئي بندوق جي مک کان اوري ختم ٿي ٿي
ويئي ڇو ته عمر جي لحاظ سان اڳ ۾ ئي کائي پي چڙهي
هئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دفعي شڪار تان موٽندي رستي ۾
ميم صاحب کي مٽرن جي پوک نظر آئي. هڪدم اٰٺ تان
لهي رائفل ڌرتيءَ تي ڦٽي ڪري پاڻ مٽرن جي پلي پٽي
(ڪچي) کائڻ ويهي رهي. اهڙي ذوق ۽ شوق سان جو جڏهن
اتان چـَـري پـُـري اُٿي ته رائفل کڻڻ وسري ويس،
جيڪا پوءِ ڌنارن کي هٿ آئي جن کڻي وڃي لڪائي ڇڏي.
شام جو سـُـڌ لڌائون ته ميم صاحب رائفل وڃائي آئي
آهي. بس طوفان کڙو ٿي ويو. علائقي جا چڱا مڙس ۽
ڪاٽڪو گڏ ٿيا. رائفل لاءِ ووڙ ڪـُلءُ ڏني ويئي.
هفتو کن اهو هنگامو جاري رهيو. ان کان پوءِ ئي وڃي
رائفل هٿ آئي. انگريزن جي صاحبي هئي، هٿيار عام
جام ڪو نه هوندا هئا. ڪنهن رائفل جو گم ٿيڻ وڏو
حادثو سمجهيو ويندو هو.
ميم صاحب جي مرزا صاحب سان رفاقت ٻه چار سال هلي،
جنهن دوران ۾ هڪ پٽ به پيدا ڪيائين. پر ان کان
پوءِ پاڻ ڪيڏانهن کسڪي ويئي ۽ مرزا صاحب لاڙڪاڻي
مان وري ٻي شادي ڪري ورتي.
رٽائر ٿيڻ بعد مرزاصاحب باقي زندگيءَ جا ڏينهن وڃي
انگلينڊ ۾ گذاريا.
دادوءَ جا ٻه درويش
دادو درويشن جو به آستان پئي رهيو آهي. قلندر لال
شهباز رحمة الله عليه بنا سبب دادو ضلعي جي خاڪ ۾
قيامت تائين سمهي آرام ڪرڻ پسند ڪو نه فرمايو هو.
آخر ايران جي مرند علائقي مان هلي، وچ جا وڻ ٽڻ ۽
جملي جر، جبل جهاڳي اچي سيوهڻ جي سر زمين تي ابدي
ننڊ سمهڻ جي ڪاته معنيٰ هئي؟
عارب فقير جتوئي جو قصو مٿي ڪري چڪو آهيان. ان
سلسلي جون ٻيون به ڪيئي ڪڙيون دادو ضعي ۾ ملي سگهن
ٿيون مثلاً:
بچل شاهه مست ۽ فتح فقير.
ٻئي تارڪ، دنيا جي ڌنڌن کان دور. ڪفني اوڙهيون، لٺ
ڪلهي تي کنيون، بقول شاهه صاحب:
ڇڏي کيٽ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا!
بچل شاهه مست
هميشه هلندو ٿي رهيو. ڪنهن جاءِ تي قرار ڪو نه ٿي
آيس. پاڻي پيئڻ لاءِ کونجي ۽ ڳنڌڻ رڌڻ لاءِ ديڳڙي
پاڻ سان هوندي هئس. پيسو پائي نه وٺندو هو، نه ساڻ
کڻندو هو. ٻئي جي هٿ جي پڪي ڪا نه کائيندو هو، پاڻ
پچائيندو هو، پاڻ واپرائيندو هو. جيڪي جـُـڙيس جڳ
جي پالڻهار وٽان.
سندس هڪ ڪافي مون کي هٿ آئي آهي، جا عرض رکان ٿو.
سندس زندگيءَ جو فلسفو ان ۾ سمايل آهي:
پـيـسـي
کــؤن ٿــيءُ پــري پــري،
وَرُ وُوڙ تــون وَرَ ڪري ڪري.
1 - پيسي تــي جــن پيــار ڌريـــو،
ٿيو قلب ڪٽيو تن جو ڪارو،
گنج قاروني ٿا سانڍين سارو،
سي ويا
تحت الثريٰ جي تري تري.
2- پــيــســو مــيــڙيـــن مـــــري چـُــــــوه،
کــــٽي ڀـــريـن کـــاڻـــيــــون کــــــوه،
رُکـــي روٽــي اٿـن سانجهي صبح،
ڳـنـــڌڻ لاءِ پـــيــــو ڳــــــري
ڳـــــــري.
3- دولت جن پياري ڌاري،
ڳالهيون ڪري ويا ڳري،
ڪين کنيائون ڀاڪر ڀري،
ڌرتيءَ ۾ ويا آهن ڌري ڌري.
4- بچل شاه پيسو نه پڇن،
لالن ڪارڻ لوڙين لـُـڇن،
ڏکن ۾ ٿا ڍولڻ ڏسن،
سندن ذوق ذري ذري.
فتح فقير
اصل ڪڪڙ پاسي جو هو. وڏو عاشق الله جو هو.
پڇاڙيءَ ۾ حيدرآباد شهر جي ڊومڻ واهه جي ڪناري تي
وڃي اوتارو هنيائين ۽ باقي حياتي اتي پوري ڪري
ڇڏيائين. هجي ڪو سنڌ جو سپوت، جو انهن فلاسافرن
جي حياتي ۽ ڪلام کي گڏ ڪري دنيا اڳيان آڻي. آءٌ
انهن ماڻهن کي فلاسافر(فيلسوف)
سمجهان ٿو.
يونان جي فيلسوفن جي سر مٿان سڱ ڪو نه هوندا
هئا. اهڙائي ماڻهو هئا، جن زندگيءَ جي فلسفي ۽
مقصد متعلق هڪ خاص راءِ قائم ڪئي ۽ ان سانچي ۾
پنهنجي زندگي ڍاليائون. انهن کي ۽ انهن جي فلسفئه
حيات کي اجارڻ ۽ باقي دنيا اڳيان آڻڻ جو ڪم سندن
پوين نسلن ڪيو، جن سندن حياتين، گفتن، اشارن ۽
اهڃاڻن کي گڏ ڪري، عام فهم زبان جو حليو ڍڪائي،
موتين جي هڪ مربوط مالا طور پيش ڪيو. سنڌ جي
فلاسفر فقيرن جي سندن پوين مان نه ڪنهن ٻولي
سمجهي، نه ان جو قدر ڪيو، ڪن چريو چين، ڪن کريو
ڀايـُـن، عاشق اوڀار، لوڪَ لانوهارا.
بروبگيرد بام بليخا، مون نه پروڙين مام!
(شاهه صاحب)
فتح فقير جو ڪلام ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ عام هو،
بدقسمتيءَ سان، مون کي سندس فقط هڪ ڪافي ذهن ۾
رهجي ويئي آهي.
نينهن سڄڻ جي ڪئي نماڻي،
ڏاتر شال ڏيکاريندو.
1. وره وڍي ڪئي دل ويڳاڻي،
سالڪ مئي جو مرض سڃاڻي،
ايندو آزار اتاريندو.
2. ڄاڻ اجهو منهنجو آري آيو،
ڪندو هوت ملڻ جو سعيو،
قول ڪيل اچي پاريندو.
3. آءٌ ته آهيان عيبن هاڻي،
پنهل ايندو پاڻ سڃاڻي،
آري ننگ اجاريندو.
4. ”فتح“ فراق برهه جو باري،
ساجن چڙهي ٿيو آه. شڪاري،
محبت واريون ماريندو.
ميراڻ جمالي
خلافت ۽ ڪانگريس جي تحريڪ شروع ٿي ۽ انگريزن
صلحنامه هيٺ ترڪيءَ جي ملڪ جا ڀاڱا ڪياته هندستان
وانگر سنڌ ۾ به انگريزن خلاف ناراضگيءَ جي لهر لڳي
ويئي. ميراڻ اڻ پڙهيل جمالي ٻروچ هو. لڪيءَ واري
جبل جي بلوچستان واري ڇيڙي تي برپٽ ۾ رهندو هو.
تڏهن نه ريڊيا هئا، نه اهڙيون اخبارون، جيڪي ايتري
ڏورانهين ڏيهه تائين رسي سگهن ۽ جيڪڏهن رسن به ته
پڙهي ڪير؟ ماڻهو افواهن، ٻڌين سڌين ڳالهين ۽ ايڪڙ
ٻيڪڙ شهرن مان ٿي آيل ماڻهن کان ملندڙ حال احوال
جي آڌار تي راءِ قائم ڪندا هئا.
ميراڻ کي ڪنهن طرح خبر پئي ته انگريز سلطان ترڪيءَ
سان ڏاڍائي ڪري رهيو آهي. پر سلطان ترڪيءَ تائين
پهچڻ ۽ ان جي فوج ۾ ڀرتي ٿي انگريز کي اکين ڏيکارڻ
جو وسيلو وٽس ڪو نه هو. ماڻهن کان پڇيائين ته اهو
انگريز ڪهڙو آهي، اهو ساڳيو آهي، جنهن جو راڄ سنڌ
۾ به آهي، يا ٻيو ڪو نڀاڳو؟ ٻڌايائونس ته ساڳيو
ئي انگريز آهي. ميراڻ فيصلو ڪيو ته ولايت جي سفر
ڪرڻ بدران هتڙي
ئي ساڻس هٿن جي صفائي ڪئي ويندي. هٿن جي صفائيءَ
لاءِ سولي ۾ سولو رستو اهو نظر آيس ته انگريز جي
مال ملڪيت کي تباهه ڪجي. ٻه چار ساٿي وٺي اچي
دادو لائين جون ريلوي اسٽيشنون ڦرڻ ۽ انهن کي ساڙڻ
جو سلسلو شروع ڪيائين. وڏي ۾ وڏو نقصان ڀڳي
ٺوڙهي
ريلوي اسٽيشن کي پهچايائين، جنهن کي ساڙي ٻاري
اهڙيءَ طرح خاڪ ڪري ڇڏيائين جو اڄ تائين وري اها
اسٽيشن چالو ٿي نه سگهي آهي. اسٽيشنن جي بابن کي
چتائيندو هو ته: ”کين سندن آل اولاد ۽ مال مڏيءَ
کي هٿ نه لاتو ويندو. جنگ انگريز سرڪار سان آهي،
جنهن جي ملڪيت يعني اسٽيشن، ساڙبي ۽ ات پيل خزانو
به کڻي وڃبو.“ بابو ويچارا، جن جي دلين تي ميراڻ
جو اڳ ۾ ئي ڌاڪو ويٺل هوندو هو، سي چپ ڪري پاسي ٿي
ويهندا هئا. ميراڻ لٽ ڦر ڪري ۽ اسٽيشن ساڙي، رات
جي پيٽ اندر لڪيءَ وارو جبل اڪري وڃي ڪٿ لڪندو هو.
انگريز حڪومت جو انهن ڏينهن وڏو زور هو. پوليس
آفيسر فقط سڻڀي گراهه يا پنهنجي کيسي کي گرم ڪرڻ
لاءِ چپ مرڪائيندا ڪو نه وتندا هئا. انگريز سڀ
ڳالهه برداشت ڪري ٿي سگهيو، پر پنهنجي انتظامي رعب
۽ شان تي ريلوي اسٽيشن جي سڙڻ جهڙي هاڃي کي
برداشت ڪري ڪو نه ٿي سگهيو. انهن ڏينهن تائين اڃا
دادو ضلعو ڪو نه ٺهيو هو، اهو سارو جابلو علائقو
لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ضلعن ۾ ورهايل هو. ٻنهي ضلعن جون
پوليسون اچي ميراڻ جي ڪڍ پيون. ڪنهن به تفتيش ڪرڻ
جي ضرورت ڪا نه هئي، ڇو ته ميراڻ، جت به اسٽيشن کي
ڦريندو يا ساڙيندو هو ته پنهنجي نالي ۾ پيغام
سرڪار ڏانهن روانو ڪيو ويندو هو. چي: ”اوهان
ترڪيءَ سان کاهند ڇڏيو ته منهنجو توهان سان خير
آهي، ورنه جهاد جاري.“
انگريز ڏاڍو عاجز ٿي پيو. آخر هڪ کڙپيل بروهي
پوليس انسپيڪٽر کي ميراڻ ڏانهن موڪليائين.
انسپيڪٽر صاحب جي ڏاڙهي ميراڻ جي ڏاڙهيءَ جيڏي
ڊگهي هئي. لباس به بروهڪو پهريو هوائين ۽ مٿي تي
قرآن شريف رکي ميراڻ جو پڇائيندو، ميراڻ واري جوءِ
ڏانهن پيرين پنڌ وڌندو ويو. واٽ تي مشهور ڪندو ويو
ته انگريز قرآن شريف ميراڻ ڏانهن موڪليوآهي ته هو
ساڻس ٺاهه ڪري. ميراڻ کي خبر پئي ته ”ڀلو سونهارو“
يعني قرآن شريف هينئر ڏانهس پيو اچي، سو قرآن
شريف جي استقبال لاءِ پاڻ هلي اچي قرآن شريف
آڻيندڙ يعني ان فريبي پوليس انسپيڪٽر سان مليو.
انسپيڪٽر صاحب قرآن شريف وچ ۾ رکي ساڻس گفتو ڪئي،
گفتگو جو مطلب هيءَ هو ته”ميراڻ جي حملن ڪري
انگريز جا ڍڍر هينئر ڍرا ٿي پيا آهن. هو ترڪيءَ
سان صلح جون ڳالهيون هلائي، سندس کسيل علائقا واپس
ڪرڻ لاءِ تيار آهي. انگريز جو خيال آهي ته ترڪيءَ
سان ٿيندڙ انهن ڳالهين ۾ ميراڻ مجاهد به اچي ويهي،
جيئن کيس به تسلي ٿئي. تنهنڪري ميراڻ هڪ وار
لاڙڪاڻي تائين هلي، صاحبلوڪن سان پنهنجو ترڪيءَ
هلڻ جو پروگرام طئي ڪري.” انسپيڪٽر قرآن شريف ۽
پنهنجي ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي کيس يقين ڏياريو ته هو
جيڪي چئي رهيو آهي، سو سچ آهي ۽ ان ڳالهه جو ضامن
قرآن شريف آهي.
ميراڻ ويچارو جابلو ٻروچ هو. کيس ٻاهرين دنيا
جهان جي خبر يا حڪومتن جي ٺڳين ۽ ڏٽن جو تجربو ڪو
نه هو. هن سمجهيو ته قرآن شريف وچ ۾ اچي چڪو آهي،
تنهنڪري جيڪي ڪجهه هيءُ ٻروچ ڀاءُ(جو حقيقت ۾
پوليس انسپيڪٽر هو) چئي رهيو آهي، سو سڀ سچ آهي،
ڀڳي
ٺوڙهي
اسٽيشن جي سڙڻ ڪري انگريز هينئر واقعي ترڪي کي
علائقا موٽائي ڏيندو. سندس اڳيان پنهنجي علائقي جي
سردارن جي ڪچهرين جي تصوير هئي، جت داعي مدعي گڏ
ٿي، قرآن شريف تي، چورايل چوپائي مال جي چورين جا
فيصلا ڪندا هئا. هن ڀانيو ته ترڪيءَ جي باري ۾ به
اهڙي ڪچهري لڳندي، جنهن ۾ ميراڻ مجاهد پاڻ به ڪانڀ
ڪڍي ويهندو ۽ پنهنجن ”حق جي گفتن“ سان ڌرين کي
صحيح راهه تي لائيندو.
گهر وڃي تيل ڦليل لائي، وڏي پڳ پهري، گهيتلو پير
۾ ڪري، ميراڻ انسپيڪٽر سان گڏ جي دادو پهتو. ات
ساڳئي انسپيڪٽر صاحب هٿن ۾ هٿ ڪڙيون وجهي، پيرن ۾
بيل ڪڙيون پهرائي، چيلهه ۾ رسو وجهي وڃي لاڙڪاڻي ۾
ايس پي صاحب اڳيان پيش ڪيائينس ۽ پنهنجي بهادري ۽
ميراڻ سان پنهنجي هٿياربند موت مار مقابلن جون من
گهڙت ڪهاڻيون ٻڌائي، بروقت انعام ۽ آفرين ناما
ورتائين. نئين سال ۾ کيس ”خان صاحبي“ جو خطاب به
مليو.
ميراڻ لاءِ انگريز ۽ ترڪي جي ڪچهري ته ڪا نه لڳي،
ماڳهين کيس ويهه سال قيد جي سزا ملي. جنهن زماني ۾
هو سکر جي جيل ۾ بند هو ۽ آءٌ ات سنڌ زميندار
اخبار جو ايڊيٽر هوندو هوس ته ساڻس ملاقات ڪندو
هوس ۽ حسب حال سندس پرگهور لهندو هوس. ويهه سال
جيل ڪاٽي زنده سلامت ٻاهر نڪتو ۽ جبل ڇڏي وڃي نواب
شاهه ضلعي ۾ هارپ ڪرڻ لڳو. هڪ ڀيرو مون سان ملڻ
لاءِ دادوءَ به آيو.
سائين
دين محمد شاهه لڪياري
دادوءَ ۾ به هڪ چؤياري هوندي هئي، جنهن جو
سربراهه سائين دين محمد شاهه مرحوم هو. چؤياري
جا ٻيا ٽي ميمبر هوندا هئا: محمد اسماعيل زؤنر
مرحوم( جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي)،ميان
محمد اسماعيل ناريجو مرحوم(ايڊيٽر دادو گزيٽ)
۽ ميان محمد عالم گهلو مرحوم گهڻو ڪري روزانو
دادو شهر جي چونڪ ۾ ڪنهن هوٽل يا دڪان تي ويهي
پاڻ ۾ حال احوال ڪندا هئا ۽ پوين چوويهن
ڪلاڪن اندر دادو ضلع ۾ ڇا وهيو واپرايو، تنهن
جو جائزو وٺندا هئا.
ڪير آيو، ڪير ويو، ڪهڙي هنڌ ڪو خاص واقعو ٿيو،
ڪهڙي ڪاموري ڪيتري رشوت وصول ڪئي، ڪهڙي وڏيري
ڪنهن جي چوري ڪرائي يا رن ٽڳارائي، ٻاهراڙيءَ
جو ڪهڙو مظلوم ڪهڙي پوڪار کڻي دادوءَ ۾ آيل
آهي ۽ هينئر دفترن ۾ ڌڪا پيو کائي، ڪهڙي
”واڻئي“ ڪهڙي کاتيدار کي قرض ڏئي سندس زمين
ڦٻائڻ جا پهه پچايا آهن، صوبائي حڪومت جو ڪهڙو
آفيسر ڪڏهن دادوءَ ۾ اچڻو آهي ۽ وفد جي صورت ۾
ان سان ملي، دادو ضلعي جا ڪهڙا مسئلا سندس
اڳيان رکجن، ”دادو گزيٽ“ جي ايندڙ هفتي جي
پرچي ۾ ڪهڙن موضوعن تي لکجي، وغيره وغيره.
دين محمد شاهه لڪياري
ايجنڊا تمام ڊگهي هوندي هئي. ڪو به اهڙو واقعو
يا معاملو ڪو نه هوندو هو، جو چوياري ۾ زير
بحث نه ايندو هو، بحث کان پوءِ فيصلا صادر
ٿيندا هئا. ڏکين سورين کي مفت درخواستون لکي
ڏبيون هيون، جن ڳوٺاڻن کي صاحبلوڪن اڳيان
ڳالهائڻ جو ڍنگ نه ايندو هو، انهن سان گڏجي
وڃي انهن جي پاران حال حقيقت صاحب کي سمجهايو
ويندو هو. جيڪڏهن ”خرچيءَ“ لاءِ پٽيوالا
عرضدار کي چنبڙي پوندا هئا ته وچ ۾ پئي
منجهانئن غريب جي جان ڇڏائي ويندي هئي.
جيڪڏهن ڪنهن پوليس جي جماندار (جمعدار) يا
روينيو جي تپيدار ڪنهن ٻهراڙيءَ
جي گگدام کي ڦريو هوندو ته ان جي خلاف ”ڪماني
صاحب يا ڪليڪٽر صاحب جي ڌيان طلب“ اخباري
مضمون تيار ڪري انهن کي دادو گزيٽ ۾ ڇاپڻ جو
بندوبست ڪيو ويندو هو. مطلب ته جيستائين
ڪورٽون ۽ دفتر کليل هوندا، اوستائين اها ڪچهري
هلندي رهندي، ان کان پوءِ هر ڪو گهر هليو
ويندو هو. ٻئي ڏينهن جي ڳالهه، ٻئي ڏينهن سان.
سڄي سنڌ اندر، بيواهن ۽ بي وسيلن، داد خواهن
جي خدمت لاءِ مون ڪنهن به ٻئي هنڌ اهڙو نظام
ڪو نه ڏٺو. بعد ۾ ڪانگريسين ڪن ڪن شهرن ۾
”پبلڪ پوڪار آفيسون“ ضرور کوليون، پر انهن جو
فائدو مسلمان ڪو نه وٺي سگهندا هئا.
سائين دين محمد شاهه مرحوم ڦڪن جي مشهور
لڪياري خاندان جو هڪ معزز فرد هو. جهڙو
ڏسڻيءَ ۾ بارعب ۽ باوقار هو، اهڙو عمل جي
لحاظ سان. رنگ ۾ ڀورو، شهپر وڏا پر منهن تي
موزون، بت پورو پنو، لباس اڇو اجرو، هٿ ۾ لڪڻ
يا ڪلهي تي بندوق، جوانيءَ ۾ سواريءَ لاءِ
سائيڪل، چڱو زميندار هو، خاصي رهائي ۽ خاصي
اثر وارو. وعدي جو پڪو، دل جو پهلوان، سندس
وئي کان پوءِ ڄڻ وستي ئي ويران ٿي وئي.
------
|