سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :24

 

”ڪامريڊ“ عبدالقادر

ڌامراهن، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو نپنو هو، پر پوءِ پنهنجا وٿاڻ ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ ڪيا هئائين. هارين جو همراهه، مخاديمن(1) جو مخدوم، ساري ڄمار هارين جي حقن لاءِ جاگيردارن سان جهيڙا جنبايون ويٺو رهيو. ٽنڊي ڄام جي پاسن ۾ وڏيون وڏيون جاگيرون هونديون هيون، جت هارين سان ڏاڍو آزار هوندو هو. عبدالقادر وچ ۾ ويٺو جاگيردارن خلاف تحريڪ هلائيندو هو. مسڪين هو. نه زر نه زمين، رزاق مطلق تي آسرو هوس، جنهن منجهانئس ڪڏهن هٿ ڪو نه ڪڍيا. حيدرآباد جا جاگيردار لکاپتي، سنڌ جي سياست تي هاوي، انگريز سرڪار جا حامي، وقت جي ڪامورن جا ڄاڃي ۽ هيڏانهن هٿين خالي هڪ نادار ورڪر. ڪڏهن ريل جو ڪرايو ڪو نه، ڪڏهن ويلو ويهي رهڻ. جهرڪيءَ ۽ شهبازن ۾ جهيڙو هو، پر جهرڪيءَ کي جس هو. اوستائين جهٽ جاري رکيائين، جيستائين جاگيرون ختم نه ٿيون.

رشوتون آڇيائونس، ڪوڙا ڪيس ڪرايائونس، جن هارين جي حقن لاءِ وڙهيو ٿي، خود تن جي هٿان مارڪٽ ڪرائيندا رهيس،”ڪامريڊ“ جو ليبل مڙهي ڪميونسٽ سڏي، انگريز کي مٿس ڪاوڙائڻ جي ڪوشش ڪيائون، فتويٰ ڪڍارايائون ته مذهب ۾ جاگيرون جائز آهن، انهن کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ فسادي آهي، فساديءَ تي الله تعاليٰ جي ڦٽڪار آهي، ۽ انهيءَ منطق مطابق عبدالقادر تي خدائي ڦٽڪار وسندي رهي ٿي.

 پر عبدالقادر پرواهه ڪا نه ڪئي، ريل ۾ هجي يا جيل ۾، تن ۾ اها ئي تنوار ته هارين کي حق ملن، جاگيردار سنڌين مٿان اجائي چٽي آهن.

جاگيرن ۾ اڪثر جهيڙا ٿيندا ٿي رهيا. جاگيردارن جا ڪمدار ۽ ڪامي هارين کي هيسائي جاگيرن مان زوريءَ  بي دخل  ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ڪامورا ۽ پوليس وارا جاگيردارن جا طرفدار هوندا هئا. عبدالقادر  هارين ۾ مقابلي ڪرڻ جي جرئت پيدا ڪئي هئي. طرفين ۾ لٺ لٺان ٿيندي هئي، هارين خلاف ڪوڙا ڪيس ٺهندا هئا، تقريباً  هر ڪيس جي جوابدارن ۾ عبدالقادر کي ضرور شامل ڪيو ويندو هو، پوءِ هو موقعي تي موجود هجي يا نه. انگريز جي زماني ۾ ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ آسان هوندو هو، پر ڪورٽن اڳيان ثابت ڪرڻ مشڪل. انگريز جاگيردارن  جو همدرد ۽ عبدالقادر جو دشمن هوندو هو، پر خدا ڪارڻ سچ چئبو ته عدل ۽ انصاف جي ڪاروبار ۾ اثر انداز ٿي، پنهنجو منهن ڪارو ڪو نه ڪندو هو، تنهنڪري عبدالقادر ٿورا ڏينهن حاضري ڀري هر دفعي آزاد ٿي ايندو هو.

*        *        *

ڪراچيءَ جي ذڪر ۾ مون عبدالقادر کي انڪري آندو آهي، جو منهنجون ساڻس ملاقاتون ڪراچيءَ ۾ ئي ٿينديون رهيون هيون. سرڪاري آفيسن ۾ يا اخباري دفترن جا چڪر ڪاٽيندو رهندو هو. کاڌيءَ  جي شلوار ۽ قميص،  تنهن تي گيڙو رنگ جي صدري، مٿي تي ٽوپڙي، هٿ ۾ هر وقت ڏنڊو. قميص ۽ صدريءَ جا کيسا درخواستن ۽ اخبارن سان ڏٽيل. شروع ۾ منهنجي ساڻس ڪا نه پوندي هئي. آءٌ جاگيردارن کي سنڌ جي قديمي تمدن، معاشري ۽ روايتن جي نشاني سمجهندو هوس، جن جي مٽجڻ ڪري (منهنجي خيال ۾)  سنڌ جو پنهنجي ماضيءَ سان ڪو رشتو باقي  ڪو نه رهندو. عبدالقادر جي نظرن ۽ اکرن ۾ اهي سنڌ جي روايتي تمدن ۽ تهذيب جون علامتون نه هيون، پر سنڌ جي بدن تي پراڻن ناسورن جون نشانيون.

انهن نظرياتي اختلافن ڪري آءٌ نه عبدالقادر سان ڳوڙهائي پيدا ڪندو هوس ۽ نه پنهنجين اخبارن ۾ سندس تحريڪ جي پبلسٽي ٿيڻ ڏيندو هوس. منهنجي ياراني جاگيردارن سان هئي، سندن دعوتون وٺندو هوس ۽ وٽن شڪار ڪندو هوس. جاگيرن ۾ هارين جو حال ڪو نه ڏٺو هوم.

1953ع ۾ آءٌ سنڌ جو روينو وزير بڻيس. عبدالقادر مون وٽ آيو. چيائين: ”هاڻي توتي  خدا ۽ خدا جي بندن پاران جوابداري آهي. دفتر ۾ قران جي آيتن جا ڪتبا ۽ قطعا هنيو ويٺو آهين. جاگيرون هنيئر تنهنجي کاتي ۾ آهن. تنهنجي ساٿي وزيرن ۾ جاگيردار آهن، تنهنجو اٿڻ ويهڻ انهن سان ٿي رهيو آهي، پر تنهنجي قبر ۾ اُهي ڪو نه ويندا، پنهنجو حساب ڪتاب تو کي پاڻ ڏيڻو پوندو. آءٌ  جاگيرن جي هارين پاران انصاف گهرڻ آيو آهيان. هڪ وار تون پاڻ ويس بدلائي، هلي جاگيرن جي هارين جي حالت پنهنجي اک مان ڪڍ. سرڪاري پروگرام بڻائي هلندين ته ڪامورا ۽ جاگيردار اڳواٽ اهڙو انتظام ڪندا، جو تون ڪجهه ڏسي ڪو نه سگهندين،  تنهنڪري وزيري ٽيپ ٽاپ ڇڏي، الله تي آسرو رکي، خانگي طرح مون سان گڏ هلي انهن ڳوٺن ۽ وانڍين ۾ گهمي ڦري گهرن جو معائنو ڪر ۽ ظلمن جا داستان ٻڌ. ذاتي طرح آءٌ ڪجهه ڪو نه آهيان، تو تي ڪو زور بار آڻي ڪو نه ٿو سگهان. تنهنجي پارٽيءَ  يا اسيمبليءَ  ۾ هارين جو هڪڙو نمائندو ڪو نه آهي، سڀ جاگيردار ۽ وڏا زميندار آهن، هندو آهن يا مسلمان، اسان جو فقط نانءُ  الله جو آهي، ٻيو ڪو ڌڻي ڌوڻي ڪو نه آهي. انگريز هوندا هئا ته اسان سان ٿورو گهڻو انصاف ٿيندو هو. هاڻي ته جاگيردارن جي پنهنجيءَ وزارت ۾ اهو آسرو به ڪو نه رهيو آهي.“

مون چيس:”اهي ڊگهيون ڳالهيون ڇڏي ڏي، ڪن خاص شڪايتن جي باري ۾ درخواستون  آنديون هجني ته اهي ڏيئي وڃ، انصاف ٿيندو.“

ڪا به درخواست ڪا نه ڏنائين، اٿي هليو ويو. ويندي چوندو ويو: ”مان پنهنجو فرض ادا ڪري ڇڏيو، هاڻي تون ڄاڻ تنهنجو الله.“

ان ڏينهن ته اهو قصو ٿي گذريو، پر هو جيڪي ڪجهه چئي ويو، سو منهنجي اندر ۾ چڀندو رهيو. هوريان هوريان اهو ارادو ٿيندو ويو ته ڪامريڊ جي ڪوڙ سچ پرکڻ لاءِ اوچتو کيس جهلي هلي جاگيرن جي اندر جو حال پنهنجين اکين سان ڏسجي.

ڪنهن کي  ٻڌائڻ يا پروگرام بنائڻ کان سواءِ اوچتو، هڪ ساٿي ساڻ کڻي، موٽر ۾ چڙهي، لڙيءَ رات ڪراچيءَ مان روانو ٿي صبح سج اڀرڻ کان اڳ ٽنڊي ڄام پهچي،وڃي عبدالقادر کي ننڊ مان اٿاريم: چئلينج ڏنيمانس ته: ”هينئر جيڪي ڏيکارڻو هجئي سو هلي ڏيکار. پر هڪدم هـَـلُ، هن گهڙيءَ نڪرُ، دم دير نه ڪر.(1)

چيائين: ”پر موٽر جو رستو ڪو نه هوندو، ٽانگي تي هلڻو پوندو.(1)

اسٽيشن ڏانهن ويندڙ هڪ ٽانگو بروقت جهلي، مٿس سوار ٿي، ست ميل کن رستو طئي ڪري، وڃي ڪنهن واهڻ ڀيڙا ٿياسين. هڪ وڏي جاگيردار جو علائقو هو. چوڌاري فصل: ڪڻڪ، ڪمند، ان جا باغ، واڙيون وغيره هارين جي ان واهڻ کان ٿورو پري، باغ جي ڪناري سان، ڳاڙهين سرن سان تعمير ٿيل هڪ بنگلو هو، جيڪو جاگيردار پنهنجي تفريح لاءِ ٺهرايو هو. عام طرح سان منجهس جاگيردار جا ڪاردار ۽ ڪامدار رهندا هئا.

مان پنهنجو حـُـليو بدلايو ويو هوس، مٿي تي وڏو پڳڙ، پير ۾ ڍوري ناري مان وڏيري محمد هاشم هاليپوٽي (مرحوم) جي سوکڙيءَ طور موڪليل سنڌي جتي، باقي بـُـت تي ميرو چولو ۽ بافتي جي سـُـٿڻ. ڏسڻ ۾ ائين پئي آيس ڄن عبدالقادر جو ڪو نوڪر يا ڏڪاريل ساٿي ورڪر آهيان.

وانڍ ۾ وڃي گهر گهمياسين، مردن، عورتن ۽ ٻارن جو حال ڏٺوسين، غربت، بک، ڏک ۽ بيماري جو ڀيانڪ نظارو هو، ڪکائن ڇپرن اندر ڦاٽل رَليون، ٺـِـڪر جا پراڻا گهـَـڙا، ٻه - ٽي ڇـِـنل مـَـنجيون. باقي نانءُ الله جو. گهر جا ڀاتي اڪثر مليريا جا ماريل، جيڪي بچيل سي سڪل سڙيل، پاسريون ظاهر، ڄنگهون ٻانهون جهڙيون خشڪ ڪاٺيون.

مون پڇين، ”وانڍ جي چوڌاري هيترا فصل، تنهن هوندي به اوهان جو هي حال!“

جواب: ”اهي فصل جاگيردار جا آهن. اسان کي روزانو مزدوريءَ يا ونڊيءَ تي وهائيندو آهي. مرد جي اٺ آنا ڏهاڙي، عورت جي ڇهه آنا، سا به مرضي پوين ته ڏين نه ته اڄ صبح ڪندا رهن.“

*        *        *

ورندڙ ٻن مهينن  اندر مون ساڳيءَ طرح ڪڏهن عبدالقادر سان گڏجي ۽ ڪڏهن کانئس جدا وڃي پنجن ڇهن جاگيرن جو دورو ڪيو، ساڳيو ئي حشر هو هارين جو، انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو.

دل ۾ فيصلو ڪيم ته اهو هڪ ٺيٺ انساني مسئلو آهي، تنهن ڪري جاگيرون ضرور رد ڪندس، پوءِ جيڪا به قيامت آئي ته ان کي منهن ڏيندس. سيڪريٽريٽ مان  جاگيرن متعلق اڳيون پويون  سارو ريڪارڊ گهرائي پڙهڻ شروع ڪيم. معلوم ٿيم ته  سنڌ اندر ڏهن لکن ايڪڙن ۾ جاگيرون آهن، ڪي ڪي ته ايڏيون  وڏيون، جو فقط هڪ جاگيردار وٽ ٽي لک چوويهه هزار ايڪڙ ايراضي آهي. جاگيرن جون سندون انگريز جي اوائلي زماني ۾ سنڌ جي پهرئين انگريز گورنر سر چارلس  نيپئر جون ڏنل هيون(گهڻو ڪري 1844ع ۾، يعني مياڻيءَ واريءَ جنگ کان سال کن پوءِ.)  پر خوش قسمتيءَ سان سندن ۾ ٻه شرط پيل هئا: (1) جاگيردار انگريز سرڪار سان وفادار رهندو، ۽ (2)  جاگير جي آمدنيءَ مان پاڻ وٽ فوج تيار رکندو، جيڪا ضرورت وقت انگريز سرڪار جي فوج ۾ شامل ٿي جنگيون لڙندي.

مون لاءِ انهن ٻن شرطن جي آڙ وٺي سندون ختم ڪرڻ آسان هو. اهو حڪم آءٌ بحيثيت روينيو وزير پاڻ ڪري ٿي سگهيس. اسيمبليءَ اڳيان ڪنهن به بل آڻڻ جي ضرورت ڪا نه هئي، ڇو ته جاگيرون ڪنهن به اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ايڪٽ هيٺ ڏنل ڪو نه هيون، محض انتظامي حڪم (Executive Order)  هيٺ گورنر  جون عطا ڪيل هيون. 1935ع واري آئين هيٺ گورنر جا اختيار  کاتن جي وزيرن کي سونپجي ويل هئا. هن وقت روينيو محڪمي جي باري ۾ سمورا اختيار منهنجي حوالي هئا، تنهنڪري آءٌ اهڙو ئي نئون انتظامي حڪم ڪڍي اهي سندون ۽ جاگيرون هن بنياد تي رد ڪري ٿي سگهيس ته هينئر انگريز ڪو نه رهيو آهي، جنهن سان جاگيردار پنهنجي وفاداري ڏيکارين، يا ان جي جنگين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڻ وٽ فوجون رکن.

جاگيرن متعلق ڪاغذن جي پڪڙ پڇاڙ ڪري، اسان جي دفتر مان ڳالهه نڪري، اسيمبلي ۽ وزارت اندر موجود جاگيردارن جي نمائندن تائين وڃي پهتي، تن جا ڪن کڙا ٿي ويا.

اهو زمانو مرحوم پيرزادي عبدالستار واريءَ وزارت جو هو. پيرزادو مرحوم خود جاگيردار پارٽيءَ جي اسيمبلي ميمبر جي مدد سان اوائل ۾ وڏو وزير مقرر ٿيو هو، حالانڪ  ان وقت تائين پاڻ به اسيمبليءَ  جو چونڊيل ميمبر ڪو نه هو(1) شروع 1954ع ۾ سندس ۽ منهنجي  وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا هئا، جن جو ذڪر هن کان اڳ هڪ ٻن جاين تي اچي چڪو آهي. جاگيردارن  جي پهچ پاڪستان جي وزيراعظم محمد علي بوگري مرحوم تائين به هئي. سڀني مڙي مون کي وزارت مان ڪڍرائي ڇڏيو.

پر چارج ڇڏڻ کان اڳ آءٌ جاگيرن وارو فائيل هڪ لفافي ۾ بند ۽ سيل ڪري وقت جي گورنر جناب حبيب ابراهيم رحمت الله کي هن ليٽر سان ڏيئي ويو هوس ته: ”منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڪو جاگيردار پاڻ روينيو وزير ٿيندو، جيڪو هڪدم هن فائيل کي ناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، تنهنڪري فائيل اوهان پنهنجي ٽجوڙيءَ ۾ بند ڪري رکو. انشاءَ الله آءٌ جلد وزير  ٿي موٽي ايندس ۽ اوهان وٽان اچي اهو فائيل کڻندس.“ گورنر صاحب فائيل ٽجوڙيءَ ۾ رکي، ان جي خاني تي پنهنجي سيل هڻي ڇڏي.

ستن مهينن کان پوءِ وري روينيو وزير ٿي آيس. ان وچ ۾ جناب حبيب جي جاءِ تي نواب ممدوٽ گورنر ٿي آيو هو، جيڪو پاڻ پنجاب جي هڪ جاگيردار خاندان جو سربراهه هو. حبيب صاحب کيس ڪو نه ٻڌايو  هو ته ٽجوڙيءَ ۾ اهڙو به ڪو فائيل پيل آهي. دوباره وزير ٿيڻ شرط مون نئين گورنر کان ٽجوڙي کولرائي فائيل پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.  ڪجهه ڪاغذ، جيڪي منهنجي وڃڻ وقت اڃان به سيڪريٽريٽ  ۾ رهجي ويل هئا،  تن جي تلاش شروع ڪيم. معلوم ٿيو ته منهنجي جاءِ نشين جاگيردار وزير، وزارت ۾ ويهڻ شرط، پهرئين ڏينهن ئي، اهي ڪاغذ گهرائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا هئائين ۽ چارج ڏيڻ واري ڏينهن موٽائي  ڪو نه ڏيئي ويو هو. روينيو سيڪريٽري  مسٽر محمدي مرحوم هو. مون جبرو حڪم لکي موڪليس ته جيڪڏهن  اهي ڪاغذ ٻئي ڏينهن تائين دستياب نه ٿيا ته آءٌ سيڪريٽريٽ جي سڄي عملي کي معطل ڪندس ۽ اڳوڻي وزير ۽ سيڪريٽريءَ  خلاف به جوڳي ڪارروائي ڪندس. ٻئي صبح تي محمدي صاحب ڪاغذ کڻي اچي پيش ڪيا. چيائين: ”ڪالهه شام  تائين اهي ڪاغذ منهنجي ميز ۾ ڪو نه هئا، اڄ صبح جو اچي ڏٺم  ته ڪو شخص گذريل رات جو منهنجي ميز جي خاني ۾ رکي ويو آهي.“(1)  منهنجو ڪم سان ڪم هو، ڪاغذ مڪمل ٿي ويا، وڌيڪ ڊيگهه ڪرڻ جي ضرورت ڪا نه رهي هئي. محمديءَ کان اڳ، روينيو سيڪريٽري، انگريز سر سڊني رڊلي هو. هو هارين جي فائدي ۾ هوندو هو ۽ جاگيرن جي گرفت گهٽائڻ جي باري ۾ رٽائر ٿيڻ کان اڳ منهنجي ڪافي رهنمائي ڪري ويو هو.

 آءٌ ڪراچيءَ جي ڪچري مان نڪري وڃي ڪجهه ڏينهن لاءِ ٺٽي جي مڪلي بنگلي ۾ منزل انداز ٿيس. جاگيرن رد ڪرڻ جو حڪم لکيم، فلسڪيپ جي پنجاهه پنن تي. يقين هوم اهو فيصلو جاگيردارن پاران رٽ داخل ٿيڻ تي ضرور هاءِ ڪورٽ اڳيان ويندو، تنهنڪري اهڙو مدلل ۽ ايتري قدر قانوني حدن اندر هجي، جو ان کي ڪو به چوري ڪو نه سگهي.

ساڳئي  وقت سنڌ جي ڪليڪٽرن کي به اتي گهرائي ٻڌائي ڇڏيم ته: ”هيءَ حڪم فلاڻي ڏينهن، خاص قاصد اوهان وٽ کڻي ايندا، اوهان پوليس ۽ رينجرز  جو عملو اڳواٽ پاڻ  موجود رکجو. حڪم پهچڻ شرط 24 ڪلاڪن  اندر جاگيرن جي ايراضين  جا قبضا جاگيردارن کان ڇڏائي، زمينون  جن به هارين ۽ مخاديمن جي ڪاشت هيٺ هجن، تن جي حوالي ڪجو، جاگيردارن  جا ماڻهو گڙ ٻڙ ڪن ته انهن تي بروقت سخت قدم کڻجو.“ ان ڳالهه تي خاص طرح سان زور ڏنم ته قبضن جي ڦير گهير چوويهن ڪلاڪن اندر مڪمل ٿي وڃڻ گهرجي، ڇو ته مون کي يقين آهي ته جاگيردار هڪدم رٽ داخل ڪاري عارضي منع نامون وٺي اچي اسان جو ڪم روڪائي ڇڏيندا.

انهن انتظامن پوري ڪرڻ بعد آءٌ موٽي ڪراچي پهتس.  پنهنجي حڪم جي تائيد ڪابينه کان ڪرايم. اها وزارت ٽن وزيرن تي مشتمل هئي. وزيراعليٰ  خانبهادر کهڙو هو ۽ مون سان گڏ ٻيو وزير خانبهادر حاجي مولا بخش سومرو. اهي ٻئي صاحب جاگيردارن جي اثر کان آزاد هئا، تنهنڪري ڪابينه جي اسپيشل  ميٽنگ سڏائي مون واري فيصلي کي بحال ڪري ڇڏيائون.

ان کان پوءِ، بلڪ ساڳئي ڏينهن، ٺٽي واريءَ ميٽنگ ۾ ڪليڪٽرن سان طئه ڪيل پروگرام موجب ڪارروائي ڪئي ويئي. ٻئي ڏينهن شام تائين ڏهن لکن ايڪڙن مان ڇهن ستن لکن ايڪڙن تان جاگيردارن جو قبضو ڇڏائجي ويو. ان کان پوءِ هو هاءِ گهوڙا ڪري هاءِ ڪورٽ مان وقتي منع نامو وٺي آيا. پر اهي ڪيس ايوب خان جي مارشل لا لڳڻ تائين اڃان زير تجويز رهندا آيا هئا. ايوب خان جو مارشل لا آڪٽوبر 1958ع ۾ لڳو، جنـهـن جـو مـفـصـل ذڪـر ٻـئـي

 

سنڌ وزارت جو اجلاس، جنهن ۾ جاگيرداري ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.


 

هنڌ تي ٿي چڪو آهي. 20 نومبر جو مون کي منيلا مان ڪراچي  گهرائي، وزير خارجه مرحوم منظور قادر ٻڌايو ته ايوب خان جاگيرن جي منسوخي جي باري ۾ منهنجو لکيل نوٽ ۽ حڪم گهرائي پڙهيو آهي. ان کان متاثر ٿي سندس مرضي آهي ته هو مون کي زرعي اصلاحات واريءَ ڪميشن جو، جنهن جو هو عنقريب اعلان ڪرڻ  وارو آهي، چيئرمين مقرر ڪري، پر آءٌ منيلا جي سفارت ڇڏي موٽي ملڪ ۾ اچڻ لاءِ هرگز هرگز تيار ڪو نه هوس،  تنهنڪري منظور قادر  مرحوم اڳيان خوب  ليلائي، آزيون ۽ نيزاريون ڪري کيس مڃايم ته هو ايوب خان اڳيان منهنجو عذر پاڻ پيش ڪري منهنجي جان ڇڏائي ۽  آءٌ ساڳي شام جي جهاز ۾ چڙهي  منيلا ڏانهن نڪري ويس.  وڃڻ کان اڳ جاگيرن متعلق جنهن لکيل ۽ ڇپيل مواد کان مون ڪم ورتو هو، سو منظور قادر جي حوالي ڪري ويس.

ايوب خان جي مارشل لا هيٺ زرعي اصلاحات ٿيا، جاگيرن جو نانءُ نشان مٽجي ويو، جاگيردارن جون داخل ڪيل رٿون خود بخود رد ٿي ويون.

*        *        *

ايمانداريءَ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ڪجهه مون ڪيو يا ڪندو ٿي رهيس، سو سڀ عبدالقادر جي ڪوشش جو نتيجو هو. هڪ بااصول ۽ سچو ڪارڪن سؤ سال جي تاريخ کي مٽائي نئين رخ وٺائڻ لاءِ ڪافي ٿئي ٿو. اهڙا ڪارڪن پراڻيءَ سنڌ پيدا ڪيا ۽ انهن جو علمبردار هو. اهو غريب عبدالقادر، ڌامراهن جو ڄاول ۽ شايد ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پوريل، سنڌ اڄ کيس ياد ڪري يا نه، تنهن  کان هو بي نياز ٿي چڪو آهي. پنهنجي سر جيڪي ڪرڻو هوس، سو ڪري ويو. هڪ دفعي اوائلي زماني ۾ مون کيس چيو هو ته ڪو دؤر اهڙو به ايندو، جڏهن سنڌ اندر سرڪاري دفترن ۾ تنهنجي تصوير لڳل نظر ايندي. پاڻ چيائين: ”اهڙو غريب نواز ۽ مردم شناس دؤر سنڌ ۾ ايندو ئي ڪو نه.“

مرندي گهڙيءَ تائين مرحوم جو عقيدو هيءُ رهيو ته: ”جيستائين سنڌ جي ڇاتيءَ تان وڏيرن، پيرن ۽ مـُـلن جون ڇپون نه لٿيون آهن، اوستائين ان بار هيٺان سنڌ دٻي رهندي،  نه چيلهه کڻي سگهندي، نه اٿي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهندي.“

 آءٌ ساڻس جهيڙا ڪندو هئس ته ڪجهه نرم رخ اختيار ڪري. منهنجون پنهنجون ڪمزوريون دامنگير هيم:  پاڻ پير(توڙي جو پيشه ور پير نه)،  ڌنڌو وڏيرپ  ۽ پڙهايل مـُـلن جو.

پر عبدالقادر پنهنجي عقيدي تي پختو رهيو. آءٌ کيس موڙي منهن معتدل ڳالهه تي آڻڻ ۾ ڪامياب ڪو نه ٿي سگهيس.


 

(1) جاگيرن جي زميندارن  کاتيدارن کي ”مخاديم“ چوندا هئا.

(1) مون کيس ايترو وقت ڏيڻ نه ٿي گهريو، جو هو اڳواٽ پيغام موڪلي ڪو خود ساخته ڊرامو رچارائي سگهي.

(1) ان خيال سان ته وزير جي اچڻ جي خبر عام نه ٿئي. مون موٽر ميرپورخاص موڪلي ڏني، ان هدايت سان ته شام جي پنجين بجي موٽي اچي ڪنڊ پاسي سان بيهي منهنجو انتظار ڪري.

(1) 1935ع واري آئين مطابق ڇهن مهينن تائين غير ميمبر به وزير بڻجي ٿي سگهيو: ڇهن مهينن اندر پاڻ کي ڪٿان ميمبر چونڊرائڻو پوندو هوس، نه ته وزارت مان خارج.

(1) هن قصي جو ايترو تفصيل ان خيال سان ڏنو اٿم ته پڙهندڙن کي اندازو ٿئي ته انهن ڏينهن ۾ ڪهڙيءَ طرح سرڪاري ڪاروبار هلندو هو ۽ ڪهڙين ڪهڙين چالاڪين کي منهن ڏيڻو پوندو هو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org