سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :17

 

 

دادا ليکراج

 

سنڌ جي هندو عاملن ۾ هڪ خراب رسم پئجي وئي هئي، جنهن کي ”ڏيتي ليتي“ چيو ويندو هو. ان رسم هيٺ  نياڻيءَ کي شاديءَ وقت وڏي رقم ۽ قيمتي ڏاج ڏيڻو پوندو هو، جنهن جا ريٽ مقرر هوندا هئا، يعني جيتري قدر مڱيندو زياده تعليم يافته ۽ برسر روزگار، اوتري قدر زياده پـِـڙو ڏيڻو پوندو هو. نتيجو اهو نڪتو هو جو ڪيترا پيئـُـر پنهنجون شاديءَ جي قابل نياڻيون اٿاري ڪو نه سگهندا هئا، ڇو ته وٽن ايتري دولت ڪا نه هوندي هئي، جنهن مان هو نياڻيءَ جي پـِـڙي ۽ ڏاج ڏيوڻ جي پورت ڪري سگهن. هڪڙو وقت اهڙو به آيو جڏهن، وڏي تعداد ۾، شاديءَ جي لائق ڇوڪريون ڪنوارپ جي حالت ۾ حياتي گذارڻ لڳيون. هندن ڪوشش ڪري ”ڏيتيءَ ليتيءَ“ کي بند ڪرائڻ لاءِ قانون به پاس ڪرايا، مگر فرق ڪو نه پيو.

دادا ليکراج پاڻ حيدرآباد جو هندو عامل هو. هن کي ڪنيائن جي اهڙي هيڻي حال تي ڪهل آئي. اوم منڊليءَ  جي نالي سان هڪ ادارو کوليائين، جنهن ۾ ڏيتيءَ ليتيءَ  جي ستايل شاديءَ  کان نااميد ڇوڪرين کي پاڻ وٽ پناهه ڏئي کين باقي عمر ڌيان گيان ۽ گهريلو هنرن ۾ مشغول رکڻ جو بندوبست ڪيائين. گهٽ ۾ گهٽ، ظاهري طرح ته منڊليءَ جا اصول اهي بيان ڪيا ٿي ويا.

منڊلي ٿورن ئي ڏينهن اندر عورتن ۾ ڏاڍي پاپولر ٿي وئي. وڏي تعداد ۾ عاملن جون غير شادي شده عورتون پنهنجن گهرن مان ڀڄي وڃي منجهس رهڻ لڳيون ۽ عاملن جي معاشري ۾ وڏو ٽاڪوڙو پئجي ويو. وايو منڊل اهڙو بڻيو جو، گهڻو ڪري، ڪنهن به ڇوڪريءَ تي مائٽن جو اعتبار ڪو نه رهيو. جيڪي اڃا نه ڀڄي سگهيون هيون، تن لاءِ به اهو ٿي سمجهيو ويو ته هو اڄ نه سڀان ضرور اوم منڊليءَ ۾ وڃي پناهه وٺنديون ۽ مائٽن لاءِ بدناميءَ جو سبب بڻبيون.

حيدرآباد جا عامل وڏي شيءِ هوندا هئا. علم جي لحاظ سان، اقبال جي لحاظ سان، سياسي اثر ۽ جاڳرتا جي لحاظ سان، تن ان خجالت کان ڇٽڻ خاطر ليکراج ۽ سندس منڊلي خلاف وڏو طوفان برپا ڪيو.

دستور موجب، پهريان، هندو اخبارون، جيڪي گهڻو ڪري عاملن جي قبضي ۾ هونديون هيون، ميدان ۾ آيون. طرح طرح جا الزام ليکراج تي آڻڻ لڳيون. چي: ”راجا اِندر بڻيو آهي، اندرسڀا  قائم ڪئي اٿائين، مـُـرليءَ جي مدد سان گوپيون پيو گڏ ڪري، بنگلي اندر تلاءُ ٺهرايو اٿائين، جنهن ۾ گوپين کي لباس جي بار کان آجو ڪري پاڻ سان گڏ پيو تـُـڙڳائي، سنياسين وٽان طاقت جا ڪـُـشتا پيو گڏ ڪري: و علي هذالقياس“

ٻئي نمبر ۾ انگريز سرڪار تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ٿي ته هو ان اداري کي خلاف قانون ٺهرائي بند ڪري. پر ان ۾ ڪاميابي ڪا نه ٿي. انگريز جو پنهنجو اصول هوندو هو. ٻڌين ڳالهين يا اخباري پروپيگنڊا جي آڌار تي هو هڪ شهريءَ جي چوديواريءَ جي احترام کي مجروح ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيندو هو. جيستائين ڪمشنري راڄ هو ۽ سنڌ بمبئيءَ کان جدا ڪا نه ٿي هئي، سرڪاري طرح ڪو قدم ڪو نه کڄيو. ليکراج ڦڻ ڪڍيون ويٺو رهيو.

تنگ ٿي عاملن ”ڊئريڪٽ ايڪشن“ کڻڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪسرت شالائن جو رواج پئجي چڪو هو. نوجوان هندو صبح ويلي ات وڃي تيل مالش ڪرائي بدن کي ٻلوان بڻارائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ لٺين، گـٰـُهوشن ۽ گهوٻاٽن استعمال ڪرڻ جي سکيا به وٺندا هئا. ڪوٺ وين ته هو جاتيءَ خاطر اوم منڊليءَ تي حملو ڪري ان چنڊال چوڪڙيءَ کي زور سان بند ڪرائين.

اها خبر منڊليءَ وارن تائين به وڃي پهتي ته حملي جي تياري ٿي رهي آهي. انهن پنهنجي دفاعي حڪمت عملي اڳواٽ سوچي ورتي، جيڪا هن طرح هئي: دادا صاحب، فوجي جنرل وانگر، پنهنجي ڪئمپ، ميدان جنگ کان پري، ڪنهن بند ڪمري ۾ رکي اتان ويهي رهنمائي ڪندو. ميدان جنگ ۾ منڊلي ۾ رهندڙ عورتون خود وڃي حمله آورن جو مقابلو ڪنديون. هٿيار منڊليءَ ۾ اڳ ۾ ئي موجود هئا، يعني: ٻوهارا، گند سان ڀريل ڇڄ، بوتلن ۾ بند بدبودار پاڻي، ڪاغذي پـُـڙن ۾ ويڙهيل ڪن ڪچرو، مختلف رنگن سان پـُـر پچڪاريون، رنڌڻن جا چمچا ۽ ٻيا ٿانو، پراڻين جـُـتين جا پادر، وغيره وغيره.

شڪر ٿيو جو انسان جو رَتُ اڃا مهانگو هو، ڇرا ۽ چاقو مقبول عام ڪو  نه ٿيا هئا. قانون جبرو هو، عدالتن جي عصمت بحال هئي. مجبوراً  عدم تشدد جي اصول کي ملحوظ رکڻو پئي پيو.

حملي جو ڏينهن آيو. حملو ٿيو، سؤ پنجاهه والنٽيئر، جن سان پنج چار اخبارن جا خاطو به ساڻ هئا، اُوم منڊليءَ جي گيٽ تائين پهچي در کي ڌڪا ڏيڻ ۽ لـُـڙ مانڌاڻ ڪرڻ لڳا. اندران عورتون به پنهنجن هٿيارن سان ليس ٿي گيٽ کي منهن ڏئي بيهي رهيون. معاملو شروع ٿيو. والنٽيئرن مـُـڪا ڏيکاريا، عورتن ٻوهارا لهرايا، هنن ليکراج  جي حق ۾ زباني گند مـَـيو، هنن حقيقي گند مٿن اڇلايو، هنن دڙڪا ڏنا، هنن بـُـجا ڏيکاريا، هنن مها سڀائي ليڊر ”وير ساورڪر جي جئي“ جا نعرا هنيا،هنن ”دادا ليکراج جي جئي“ جا آواز ڪسيا. گهڙي سوا اهو چهچٽو هليو. اصلي ڪم گند جي پـُـڙن خراب ڪيو. پـُـڙو لڳو، مـُـنهن  يا ڇاتيءَ  تان شـُـڌ کاڌيءَ جي ڪپڙن تي ڪـِـنُ ڳڙيو ۽ جوان ڀڳو. اڃا بوتلن ۾ ڀريل مال جي ورکا جو وارو ئي ڪو نه آيو هو ته والنٽيئر ڀڄڻ لڳا. گيٽ پڇاڙيءَ  تائين ڪو نه کــُـليو، ٻاهران ئي ٻاهران فيصلو ٿي ويو. حملو ڪامياب ڪو نه ٿيو.  اصل ڳالهه هيءَ هئي ته ان دؤر جا غنڊا اڃا ڪافي ترقي يافته ڪو نه هئا، عدم تشدد ۾ وشواش هوندو هئن، زباني جمع خرچ تي ڀاڙيندا هئا.

ٻيو ڀيرو هن ڪري ”سڌو قدم“ کڄي نه سگهيو، جو هيءُ افواهه ڦهلجي ويو ته ٻئي حملي کي پسپا ڪرڻ لاءِ منڊليءَ جي عورتن اڳ کان به وڌيڪ جبرا بندوبست ڪري رکيا آهن. مثلاً: ڪپڙي جي ننڍڙين  ڳنڍڙين ۾ ڪڪڙا ۽ ڪپاهه وجهي رکيا اٿن، جيڪي مقابلي وقت گاسليٽ ۾ ٻوڙي، تيلي ڏيئي، حملي آورن تي اڇلائينديون، جنهن به والنٽيئر تي اها ٻرندڙ ڳنڍڙي ڪرندي تنهن کي باهه وٺي ويندي. وڏي جوکم جو ڪم ٿي پيو.

بالاخر پئنچن فيصلو ڪيو ته رات وڳڙي منڊليءَ تي پٿرن ۽ سـِـرُن  جا وسڪارا ڪجن، جيئن منجهس رهڻ وارن ۽ وارين جو ويهڻ وهـُـه ٿي پوي. منڊليءَ وارن هندو پوربيا چوڪيدار رکيا. پر اتفاقاً ڪنهن نوجوان پوربئي چوڪيدار کان لچائي ٿي وئي، جنهنڪري آئينده لاءِ دادا ليکراج کي نـَـر پکيءَ تي به اعتبار ڪو نه رهيو.

تنگ ٿي حيدرآباد مان منڊلي منتقل ڪري ڪراچي آندائين. ڪلفٽن پاسي هڪ وڏو بنگلو وٺي ان جي چوڌاري وڏو ڪوٽ ڪڍرائي ڇڏيائين. حيدرآباد جي بلا ڪراچيءَ مٿان اچي ڪڙڪي. ڪراچيءَ  جي هندن ۾ به مانڌاڻ پئجي ويو. خطري جا گهنڊ گهڙيال وڳا. اخبارن خاندانن کي خبردار ڪيو ته گهر ڀاتين تي ڪـَـرڙي نظر رکن، گهرن تي ڪڙا ڪلف چاڙهين، پاپي ليکراج پهچي ويو آهي.

جيستائين انگريز پنهنجي اصلي حالت ۾ هو، ليکراج کي ڪو سو واءُ ڪو نه لڳو، پر 1937ع ۾ نوان سڌرا آيا، 1938ع ۾ الله بخش مرحوم جي وزارت ٺهي، جنهن جو مدار وڃي هندو ووٽن تي ٿيو. هندن مٿس زور آندو ته اوم منڊليءَ کي خلاف قانون قرار ڏئي حڪماً بند ڪيو وڃي. گورنر اڃا به انگريز هوندو هو، تنهن اهڙيءَ قانوني داداگيريءَ جي اجازت ڪا نه ڏني. وزارت کي چيائين ته پهريان هاءِ ڪورٽ جي جج کان تحقيقات ڪرائي، ان جي راءِ وٺي، پوءِ مناسب قدم کڻي.

هاءِ ڪورٽ جو جج بطور ٽربيونل مقرر ٿيو. ان ڪهڙي رپورٽ ڏني، تنهن جي خبر ڪا نه پئي. پر منڊليءَ  کي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ٿي ويا.

هندن تان ڪوپ لٿو. ليکراج جو ان کان پوءِ ڪهڙو ليکو رهيو، تنهن جي خبر خالق کي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org