حاجي عبدالله هارون جي خطبه
استقباليه جو سنڌي ترجمو
page 02
الله بخش وٽ هليو ته ان کي سمجهائجي ته ان
مذهبي ڳالهه تي ضد نه ڏيکارجي ۽ صلح
صلاحيت جو ڪو رستو ڪڍجي. ان ملاقات جو قصو
هن ڪتاب جي پهرين جلد صفحه 249 تي بيان ٿي
چڪو آهي. مطلب ته خانبهادر مرحوم اسان کي
ڌتڪاري ڪڍي ڇڏيو.
ساڳئي وقت خانبهادر مرحوم به تحريڪ کي
دٻائي ختم ڪري ڇڏڻ لاءِ انتظامي پيش
بنديون شروع ڪري ڏنيون. مقامي عملدارن
وٽان کيس رپورٽون مليون هيون ته ٻن ٽن سون
ماڻهن کي گرفتار ڪري جيل ۾ رکڻ سان مسلمان
بزدل ٿي بس ڪري ويهي رهندا. پاڻ جيل کاتي
وارن کان پڇيائين ته سنڌ جي جيلن ۾ ڪيترن
وڌيڪ ماڻهن کي بند ڪرڻ لاءِ گنجائش نڪري
سگهي ٿي؟ کيس ٻڌايائون ته چئن سون تائين
ماڻهن لاءِ ساريءَ سنڌ جي جيلن ۾ گنجائش
ڪڍي سگهبي. خانبهادر مرحوم حڪم جاري ڪيو
ته جيڪڏهن ستياگره شروع ٿئي ته گرفتاريون
ڪري ان کي ختم ڪيو وڃي.
حاجي عبدالله هارون مرحوم کي مسلمانن جي
جذبي ۽ تيارين جون خبرون پونديون ٿي
رهيون. هن صاحب به سمجهيو ٿي ته حڪومت جي
تشدد ڪري جوابي تشدد ضرور ٿيندو ۽ انساني
خون وهندو. فيصلو ڪيائين ته هندن کي سڌيءَ
طرح اپيل ڪجي ته هو حڪومت جي آسري تي
هروڀرو پاڙيچن مسلمانن سان نه ڦٽائين ۽
منزلگاهه جي مسئلي تي مسلمانن سان گفتگو
ڪري، ڪنهن ٺاهه تي پهچن، نه ته ڳالهه وڌي
ويندي ۽ ڪنهن جي موٽائڻ جي ڪا نه رهندي.
ساڳئي وقت مون کي به هدايت ڪيائين ته
فوراً هڪ دل ڀڄائيندڙ اپيل هندن جي نالي
لکي، ڪتابي صورت ۾ ڇپائي، سنڌ جي سمجهدار
۽ دورانديش هندو ليڊرن ۽ پنچاتين ڏانهن
موڪليان. ان ڪتاب جو ترجمو انگريزيءَ ۾ به
ڇپايان، جيئن سنڌ کان ٻاهر جي ماڻهن ۽
گورنمينٽ هندن کي به مسئلي جي ماهيت ۽
نزاڪت معلوم ٿئي. مون حڪم جي فوراً تعميل
ڪئي ۽ رات کي ڏينهن سمجهي پنجن ڏينهن اندر
سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب تيار ڪري، ڇپائي،
ورهائي ڇڏيا.
حاجي صاحب ڪتاب ڇپجڻ شرط هندو ليڊرن کي
صلاح ڏني ته هو ڪنهن جاءِ تي گڏجي مسلمان
ليڊرن کي گهرائي، انهن سان صلح صلاحيت جون
ڳالهيون ڪن.شيو رتن مـُـهيٽا جي ڪلفٽن
واريءَ محلات ۾ (جنهن ۾ هاڻي قائداعظم رحه
جي همشيره محترمه جي رهائش آهي) ٻه چار
دفعا گڏيل ميٽنگون ٿيون. حاجي صاحب ۽ آءٌ
به مسلمانن طرفان ميٽنگن ۾ شريڪ ٿيندا
رهياسين، پر هندن جا دماغ آسمان تي هئا.
هنن سمجهيو ٿي ته اجهو ٿي الله بخش جي
وزارت مسلمانن کي ڏنڊا هڻي هميشـہ لاءِ
زير ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ هندو
الوليون ڪندا وتندا ۽ مسلمان سندن پير
چٽيندا وتندا. سنڌ جي مهاسڀائي ليڊرن جي
پراڻي آرزو هئي ته هڪ دفعي مسلمانن جي
هڏڙي، حڪومت هٿان ڀڃرائي ڇڏجي، جيئن هو
هندو اقليت جي اڳيان ڪڏهن به ڪنڌ کڻي نه
سگهن ۽ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ ڪري،
جن فائدن جون کين اميدون آهن، تن جي ماڻڻ
کان محروم رهن. ڳالهين دوران سندن هٺ ۽
زورآوري ڏسڻ وٽان هئي، جنهن اسان کي ڏاڍو
ڏکويو. ائين پئي سمجهيائون ته ڄڻ اسان
مسلمانن جا نمائنده سندن ڪنهن شڪست کاڌل
دشمن جا ايلچي آهيون، جيڪي هينئر کين
پرچائڻ لاءِ سندن اڳيان هٿ ادب جا ٻڌيو
وينتيون پيا ڪريون. مناسب کان مناسب ڳالهه
به سندن دل کي ڪا نه ٿي آئڙي. هر ڳالهه تي
اِڪريءَ جي ڦـِـڪري.ڪڏهن ڪڏهن ته اجايو
سجايو ڪاوڙجيو ٻاهر نڪريو ٿي ويا ۽ پاڻ ۾
ڪا نا ڦوسي ڪري وريو ٿي آيا. حاجي صاحب
مرحوم گهڻو ئي سمجهاين
ته ”ڀائي صاحب هوش ڪريو، اجايو حڪومت جي
ڏٽن تي لڳي، ڪنڊا نه پوکيو.“ پر هندو
نمائندن سندس ڪا نه ٻڌي. منجهان نااميد
ٿي، حاجي صاحب سنڌ جي گورنر سان ملي، کيس
چيائين ته: ”هيءُ نازڪ مذهبي معاملو آهي،
جنهن جي سلسلي ۾ انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي
هلڻ حڪومت کي ڪو نه جڳائي.“ حاجي صاحب
گورنر جي اُگري موڊ کي ڏسي ساڻس اها
گفتگو ڪئي، جنهن جو ذڪر هن مضمون جي
شروعات ۾ اچي چڪو آهي. سندن ملاقات هنن
اکرن تي ختم ٿي:
گورنر صاحب: ”حڪومت ڏسي رهندي.“
حاجي صاحب: ”اسان به ڏسي وٺنداسين ته
حڪومت ڪيئن ٿي اسان کي ڏسي رهي.“
انهن ٻنهي ڪوششن ۾ ناڪام ٿيڻ بعد حاجي
صاحب سارو توجهه ستيا گره جي تيارين تي
ڏيندو رهيو. ٻيا مسلم ليگي ليڊر اڳ ۾ ئي
ان ڪاروبار ۾ مشغول هئا. خان بهادر کهڙو
صاحب پاڻ واگذاري ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو.
قاضي فضل الله صاحب لاڙڪاڻي کي تحريڪ جي
حمايت ۾ اٿاري کڙو ڪيو. دادو طرف جناب
جي. ايم. سيد هو. حيدرآباد جناب پير غلام
مجدد صاحب سرهندي مرحوم جي سپرد هئي. سکر
۾ شڪارپور جي پسگردائي شيخ واجد علي صاحب
۽ آغا غلام نبي خان جي حوالي هئي. ڪراچيءَ
جو مرڪز محمد هاشم گزدر مرحوم پنهنجي ذمه
ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ سڀ جوان هئا ۽ جوان
همت، مسلمان عوام ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ کين
جهنجهوڙي جاڳائڻ لاءِ ڪافي محنت ڪيائون.
جيتري قدر مون کي ياد آهي، سيپٽمبر جي 28
تاريخ سنڌ مسلم ليگ جو هاءِ ڪمانڊ هلي سکر
پهتو. سکر ڊاڪ بنگلي ۾ چار ڪمرا هوندا
هئا، چارئي ڪرائي تي ورتا ويا. ان کان
ٿورڙي پنڌ تي عيد گاهه جي چؤديواري هئي،
جنهن ۾ ستيا گره ڪيمپ کولي وئي هئي ۽
گرفتاريءَ لاءِ ٻهراڙيءَ مان ايندڙ
ستياگرهين کي رهائڻ جو انتظام ڪيل هو. 3
تاريخ کان سکر ۾ ٻاهران مسلمانن جا ڪٽڪ
اچڻ لڳا. ڀر وارا مسلمان ته مجاهدن جي
مهماني لاءِ خوراڪ جي سامان جون گاڏيون
به ڀري آيا. ٻئي سامان سان گڏ هنن ڳئون،
ڏاند، ٻڪريون ۽ ڇيلا به پئي آندا، جن کي
ڏسي هندن کي ڏاڍو جوش پئي آيو ۽ حڪومت
ڏانهن تارن پٺيان تارون موڪلڻ لڳا ته
مسلمان ”گئوڪوس“ جون تياريون ڪري رهيا
آهن ۽ ان ڪري هندن جي ”جذبن ۾ جوش جي
جولاني پيدا ٿي رهي آهي.“
حڪومت طرفان تحريڪ کي زبردستي ختم ڪرڻ جو
فرض سکر جي پارسي ڪليڪٽر ڪوٺا والا صاحب
جي سپرد ٿي چڪو هو. هو وڏو زمانه شناس
آفيسر هو. هر ڌر سان ان جي مطلب جون
ڳالهيون ڪندو هو. حڪومتي ڪم ڪار ڪرڻ سان
گڏوگڏ ڪڏهن ڪڏهن مسلم ليگي ليڊرن وٽ پهچي،
انهن سان به ڪي
ڳالهيون ڪري ويندو هو. طرفين کي سرچايون،
پنهنجي جان بچايو ويٺو هوندو هو. حڪومت
ڏانهن جيڪي رپورٽون موڪليون هئائين، تن ۾
هيءُ غلط اندازو لڳايو هئائين ته وڌ ۾ وڌ
ٽي چار سو مسلمان ستيا گره لاءِ ايندا، جن
کي بند ڪرڻ لاءِ جدا جيل ڪيمپ کولڻ جو
انتظام رکيو ويو آهي.
پهرين تاريخ آڪٽوبر جي ستيا گره شروع ٿي.
پهريون ڊڪٽيٽر شيخ واجد علي صاحب هو، جنهن
پهرئين ڏينهن 313 ستيا گرهين کي جلوس جي
صورت ۾ منزلگاهه وارين عمارتن تي قبضي ڪرڻ
لاءِ روانو ڪيو. انهن کي رستي ۾ ئي
گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو.حاجي عبدالله
هارون ۽ ٻيا ليڊر ساڳئي ڏينهن پاڻ به
گرفتار ٿيڻ لاءِ تيار ويٺا رهيا، پر
ڪوٺاوالا حڪومت کي ٻڌايو ته هزارن جي
تعداد ۾ مسلمان سکر تي پرٽجي پيا آهن ۽
جيڪڏهن ليڊر گرفتار ڪيا ويا ته پيدا ٿيندڙ
اشتعال ۾ سکر جو شهر لـُـٽجي، سڙي ٻري
برباد ٿي ويندو ۽ هندن جو عام ڪوس شروع ٿي
ويندو، تنهن ڪري ليڊر ڪو نه گرفتار ٿيا.
پهرين ڏينهن جي ستيا گرهين جي قيادت مرحوم
مغفور پير غلام مجدد صاحب سرهندي فرمائي،
جيڪو پراڻو خلافت جي زماني جو ليڊر هو ۽
علي برادران سان گڏ ڪراچي واري بغاوت جي
مقدمي ۾ ٻه سال جيل جي سزا ڀوڳي چڪو هو.
مون کي ان ڏينهن وارو نظارو اڄ به اکين
اڳيان پيو ڦري، پير صاحب مرحوم غسل ڪري،
نوان اڇا ڪپڙا پهري، مٿي تي سفيد پڳ ٻڌي،
کلي مشڪي ٻهڪندو ٽهڪندو اٿي روانو ٿيو.
خدا ڏسي ٿو، ائين ٿي لڳو ته ڄڻ ڪو سهڻو
سينگاريل گهوٽ پنهنجيءَ ڄڃ ۾ شامل ٿيڻ
لاءِ هلڻ لڳو آهي. اهو پهريون ڏينهن هو.
حڪومت جي ڇاڙتن اڳ ۾ ئي هـُـلائي ڇڏيو هو
ته جلوس تي فائرنگ ٿيندي ۽ گهڻا ماڻهو
شهيد ٿي ويندا. شڪ هو ته هندن کي به اهڙي
سڌ هئي، جنهن ڪري اهڙي نظاري ڏسڻ لاءِ هو
به رستي جي ڪنڊن پاسن مان اکيون لائي بيهي
رهيا هئا، تنهن ڪري پير غلام مجدد صاحب
چوندو ويو ته: ”آءٌ گوليءَ وگهي مران ته
منهنجو لاش ساڳين ئي ڪپڙن ۾ عام مجاهدن جي
لاشن سان گڏ، بنا غسل ڏياري پورائي ڇڏجو،
جيئن قيامت ڏينهن به انهن سان گڏ بارگاهه
ايزديءَ ۾ حاضر ٿيڻ جو موقعو مليم.“ سندس
اهو گفتو ٻڌي اسان ٻڌڻ وارن جون اکيون ته
آليون ٿي ويون، پر پاڻ بي فڪر، بي پرواهه،
الله توآهر چوندو روانو ٿي ويو. ستت ئي
ستيا گرهين جي جلوس سان گڏ گرفتار ٿي وڃي
جيل ۾ رسيو.
جاچ مان معلوم ٿيو هو ته سکر جو ڪيمپ جيل
پهرين ڏينهن ئي انهن 313 ستياگرهين جي
داخل ٿيڻ ڪري پـُـر ٿي ويو هو ۽ منجهس
وڌيڪ ماڻهن رکڻ جي گنجائش ڪا نه رهي هئي،
تنهنڪري ورندڙ ٻن ڏينهن اندر هزار کان مٿي
ستيا گرهين کي جيل اماڻارائي انتظاميه
لاءِ بحران جي حالت پيدا ڪئي ويئي. ان
اپرانڌ ستيا گرهين کي هي به چيل هو ته
منجهان ڪو به پنهنجو نالو يا تفصيل نه
ٻڌائي، جيئن جيل ۾ رکڻ لاءِ وارنٽ يا ڪيس
هلائڻ لاءِ چالانن جا ڪاغذ تيار ٿي ڪو نه
سگهن. جنهن کان به نالو پڇيو وڃي سو چوي:
”مسلمان پٽ مسلمان ذات مسلمان رهندڙ مسجد
منزلگاهه“ مسٽر غلام مجتبيٰ عيساڻي مرحوم،
وڪيل، پنهنجون خدمتون مسلمانن جي حوالي
ڪري ڇڏيون هيون، ان کي هيءَ هدايت ڏئي
موڪليو ويو ته هو جيل جي اختياريءَ وارن ۽
علائقي ماجسٽريٽ کان گرفتاريءَ جي وارنٽن
۽ چالانن جي نقلن وٺڻ جي گهـُـر ڪري، جيڪي
نالن معلوم نه هجڻ ڪري کانئن تيار ٿي ڪو
نه سگهڻا هئا. مسٽر عيساڻي کي جڏهن نقل ڪو
نه ڏنا ويا ته هن درخواست پيش ڪئي ته
قيدين کي بنا وارنٽ ۽ بنا چالان جي ناحق
بند ۾ رکيو پيو وڃي جيڪو خود از روءِ
قانون ڏوهه بڻجي ٿو. پهريان فقط 1400
ماڻهن کي جيل ۾ رهائڻ ۽ کارائڻ جي مسئلي
تي بحران هو، هينئر ناحق بند جي پائنٽ تي
به شديد قانوني بحران پيدا ٿي پيو. ڪنهن
به ماڻهوءَ جي باري ۾ نه وارنٽ جاري ڪري
ٿي سگهيا نه چالان، ڇو ته جنهن کي سڏين
سو: ”مسلمان پٽ مسلمان ذات مسلمان رهندڙ
مسجد منزلگاهه“جو پئي نڪتو. هڪ کي سڏ ڪن
ته چوڏهن سئو ماڻهو اٿي کڙا پيا ٿين. عدم
تعاون جو اهو نسخو مون تجويز ڪري ڏنو هو
ڇو ته گرفتار ٿيل ستياگرهين کي هر طرح سان
عدم تعاون ڪرڻو هو، نالو ٻڌائڻ تعاون جو
هڪ قسم پئي بڻيو.
3 - تاريخ شام جو ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ
ٽيليفون تي سنڌ گورنمينٽ کي ان نازڪ
صورتحال کان واقف ڪيو ۽ اهو به ٻڌايائين
ته پنج هزار وڌيڪ ستياگرهي گرفتاريءَ لاءِ
هن وقت سکر ۾ موجود آهن ۽ هر روز
ٻهراڙيءَ مان وڌيڪ هزارن جي تعداد ۾
مسلمان سکر ۾ وارد پيا ٿين. ڪافي قانوني
صلاحن ۽ مشورن بعد حڪومت وٽان کيس هدايت
پهتي ته هيلتائين گرفتار ڪيل سڀ ستياگرهي
جيل مان آزاد ڪيا وڃن ۽ منزلگاهه تان
پوليس پهرو هٽائي ڇڏجي، جيڪڏهن مسلمان ان
۾ داخل ٿيڻ گهـُـرن ته انهن کي روڪ نه
ڪجي.
ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ اها خوشخبري کڻي اسان وٽ
پهتو، پر اسان چيس ته: ”حڪومت طرفان اسان
کي لکت ۾ هيءُ فيصلو ملڻ گهرجي ته هينئر
تڪراري عمارتن جو قبضو سرڪاري طرح مسلمانن
جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، ورنه اسان جا ستيا
گرهي جيل مان ٻاهر ڪو نه نڪرندا.“
اها ٻي
عجيب ڳالهه حڪومت جي سامهون آئي، 4 تاريخ
شام کان اڳ عمارتن تان پوليس جو پهرو ته
لهي ويو، پر ستيا گرهين جيل مان نڪرڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو(جيستائين واگذاريءَ جو حڪم
کين لکت ۾ نه ملي) . لکت ۾ اهڙو حڪم حڪومت
ڪو نه ڏنو، جنهنڪري ستيا گرهي ٿڌو
مـَـنـَـههُ ڪري
جيل اندر ويهي رهيا. ٻئي ڏينهن سرڪار جيل
جي عملي کي جيل مان هٽائي ڇڏيو، جنهن تي
ستيا گرهين پنهنجي طرفان پاڻ مان ”جيل جا
عملدار“ مقرر ڪيا، سرڪار سندن ماني بند
ڪئي ته ستيا گرهه ڪيمپ مان بريانيءَ جون
ديڳيون رڌجي کين پهچڻ لڳيون، آخر پاڻي ۽
بجليءَ جا ڪنڪشن ڪاٽي ڇڏيا ويا. لاچار ٿي
ستيا گرهي نعرا هڻندا جيل مان ٻاهر نڪري
آيا ۽ منجهان گهڻن وڃي عمارتن جو قبصو
ورتو. ٻه ڏينهن جيل خود ستيا گرهين جي
قبضي ۾ رهيو.
اهو سڀ ڪجهه تڙتڪڙ ۾ ٿي گذريو، هندن خواهه
مرحوم الله بخش جي وزارت جي اميدن ۽
اڳڪٿين جي بلڪل برعڪس! هنن سمجهيو ٿي ته
سنڌ جا ڳوٺاڻا غريب مسلمان بي حس، بي همت،
سياسي شعور ۽ مذهبي جذبي کان عاري آهن،
تنهن ڪري ٿوري ئي سرڪاري دڙڪي کڙڪي تي ڊڄي
ويهي رهندا، پر ائين ڪو نه ٿيو. ڪوٺا والا
ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ پاڻ سرڪار ڏانهن لکي
موڪليو ته: ”هـُـن کي ستيا گرهن جو وڏو
تجربو آهي، ڇو ته هو بمبئي جي طرف کان آيل
آهي، جت ڪانگريس ۽ مرهٽن جي تحريڪن جو زور
پئي رهيو آهي، مگر جهڙو جذبو، جهڙي
سرفروشي، جهڙو قرباني ۽ سرويچائيءَ جو
مادو، هن موقعي تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ مان
آيل مسلمان ستيا گرهين ڏيکاريو آهي، ان جو
مثال هـُـن(يعني ڪوٺاوالا) پنهنجي ساريءَ
عمر ۾ ڪنهن به قوم يا سياسي پارٽيءَ ۾ ڪو
نه ڏٺو آهي. هي ٻرندڙ جبل وانگر آهن، ماٺ
۾ آهي ته ماڻهو ۽ ڍڳا ڍور ڀل پيا کيس
لتاڙين، پر ڦاٽي ته دنيا کي ڌوڏي ڇڏي.“
ڪوٺا والا پنهنجيءَ رپورٽ ۾ سرڪار کي
پنهنجي هن مشاهدي کان به مطلع ڪيو ته:
”سرڪار کي سنڌ جي عام وڏيري کي ڏسي ڪا به
سياسي قياس آرائي يا منصوبه بندي ڪرڻ نه
گهرجي، ڇو ته سنڌ جو وڏيرو هڪ شيءَ ٿئي
ٿو، ۽ سنڌ جو ڳوٺاڻو عوام ٻي شيءِ ۽ ٻيئي
هڪٻئي کان بلڪل مختلف.“
ڪوٺاوالا غلط ڪو نه هو، جيڪي ڪجهه سکر ۾
ڏٺو ويو، ان خود اسان کي به اچرج ۾ وجهي
ڇڏيو هو. مرد ته مرد پر سنڌ جون ڳوٺاڻيون،
اڻ پڙهيل عورتون به ڪنهن جهل جهلجڻ واريون
ڪو نه ٿي ڏٺيون. ننڍڙا ننڍڙا ٻار هنج تي
کڻي، جيل هلڻ لاءِ ستيا گرهه ڪيمپ ۾ اچي
پهتيون هيون ۽ منٿون پئي ڪيائون ته مردن
کان پهريان کين جيل ۾ موڪليو وڃي. ستيا
گرهه هلندي هڪ ڏينهن پوليس جي پهري مان
ڳـِـٿو ڏسي ستيا گرهين منزلگاهه جي
چوديواري تي حملو ڪري ڏنو ۽ زور سان ڀت
ٽپي اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ڀت تي
سرڪار سوڍا جي بوتلن جا ڀڳل نوڪدار شيشا
هڻائي ڇڏيا هئا، جيئن ديوار ۾ هٿ وجهندڙن
جا هٿ وڍجي پون. ڪوٺاوالا ۽ انگريز پوليس
ڪپتان ٻڌايو ته ان جٿي جون اڳواڻ ڳوٺاڻيون
زالون هيون، جيڪي هڪدم ڊوڙي وڃي
چوديواريءَ جي شيشن لڳل ديوار سان چنبڙي
مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. سندن هٿ وڍيا
پئي، هٿن ۽ ٻانهن مان خوب رت پئي وهيو، پر
ان هوندي به ڀت ٽپڻ جي ڪوشش کان باز نٿي
آيون.
مون ان ڏينهن محسوس ڪيو ته اسان جي شاهه
سونهاري، ڀٽائي گهوٽ، سنڌ جي مومل، مارئي
۽ سسئي کي اجايو ڪو نه ساراهيو هو.
* * *
4 - آڪٽوبر جو منزلگاهه جي قبضي وٺڻ کان
پوءِ ڪجهه والنٽيئر اتي ئي رهي پيا. ڪجهه
اڳواڻ به ساڻن شامل ٿي ات ويهي رهيا ته
مبادا هندن جي هاءِ گهوڙا ڪري سرڪار
دوباره سندن قبضي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري. انهن
اڳواڻن ۾، جيتريقدر مون کي ياد آهي، هي
صاحب هئا: محترم جي. ايم. سيد، قاضي فضل
الله صاحب، شيخ واجد علي مرحوم، آغا غلام
نبي خان، آغا نظر علي خان، پير غلام مجدد
مرحوم(شڪارپور وارو) ۽ شايد ٻه-
چار ٻيا.
حاجي عبدالله هارون ۽ آءٌ سکر ۾ وڌيڪ وقت
رهي ڪو نه سگهياسون، ڇو ته اسان جي اڳيان
ٻيا محاذ به هئا، مثلاً:
(1) مون کي لاهور ۾ رهي، 1940ع واري آل
انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس لاءِ
تيارين ۾ نواب شاهنواز خان ممد وٽ مرحوم
سان همراهي ڪرائڻي هئي.
(2) ڪجهه وقت لاءِ دهليءَ پهچي پاڪستان جي
باري ۾
Feasibility Report
مڪمل ڪرڻي هئي.
(3) منزلگاهه واري معاملي متعلق هندن جي
رد عمل کي ڏسي سنڌ کان ٻاهر اهڙو انتظام
ڪرڻو هو ته جيڪڏهن هندن جي ان زوربار ڪري
سرڪار انهن عمارتن جو قبضو زوريءَ مسلمانن
کان ڇڏائي، ۽ سنڌ ۾ تشدد جي نئين لهر
هلائي، ته ان جي جواب ۾ مقابلي ۾ سنڌ کان
ٻاهر تحريڪ هلڻ شروع ٿئي، جيئن هندستان
کان ٻاهر جي حالات کي ڏسي، مرڪزي سرڪار
دخل ڏيڻ لاءِ مجبور ٿئي.
(4) اهي سمورا ڪم حاجي صاحب جي زير نظر
هليا ٿي، ان کان سواءِ کيس ڪراچيءَ جو
مرڪز به سنڀالڻو هو، جتان هندن جي
ايجيٽيشن جي نئين دور شروع ٿيڻ جا آثار
پهرين ڏينهن کان پيدا ٿيڻ لڳا هئا.
(5) ٻين ڳالهين سان گڏ آءٌ سنڌ صوبائي
مسلم ليگ جو به جنرل سيڪريٽري هوس، پر
جنهن صورت ۾ مون کي سنڌ کان ٻاهر لاهور،
دهلي ۽ شملي ۾ رهڻو هو، تنهن صورت ۾ گهٽ ۾
گهٽ سنڌ صوبائي ليگ جي صدر(يعني حاجي
صاحب) جو ڪراچيءَ ۾ موجود هجڻ ضروري ٿي
سمجهيو ويو، چنانچه 5 آڪٽوبر جو حاجي صاحب
ڪراچيءَ روانو ٿي ويو ۽ آءٌ لاهور.
* * *
هندن جي ايجيٽيشن جو اهو نئون دور، جيڪو 4
آڪٽوبر جو مسلمانن کي مسجد جي قبضي ملڻ
کان شروع ٿيو، سو پهرين دور کان وڌيڪ
خطرناڪ هو، چند ڏينهن اندر گويا سڄو
هندستان سنڌي هندن جي مدد ۾ پرٽجي پيو.
الله بخش مرحوم
تي زور اچڻ لڳو ته: ”مسجد جو قبضو خالي
ڪراءِ نه ته تنهنجي وزارت جو خير ڪو نه
رهندو.“ مهاتما گانڌي پاڻ بيان جاري ڪيو.
مرڪزي ڪانگريس اسيمبلي پارٽي پنهنجو ڊپٽي
ليڊر سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. ڊاڪٽر مونجي
مهاسڀائي ناگپور مان هلي اچي موقعي تي
پهتو ۽ سکر ۾ 12 - 13 ۽ 14 نومبر جو هندن
جي هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائي کين ”ڪمرڪشي“
بيهڻ تي اُڀاريائين ۽ اُگهاڙي تلوار فضا ۾
لهرايائين. ڪانفرنس ۾ الله بخش وزارت جو
هندو وزير به شريڪ ٿيو، جنهن اعلان ڪيو ته
جيڪڏهن وزارت منزلگاهه مسلمانن کان خالي
نه ڪرايو ته هو وزارت تان استعيفيٰ ڏئي
ٻاهر نڪري اچي پنهنجي ”جاتيءَ“ سان ٻانهن
ٻيلي ٿي بيهندو. رهيون سنڌ ۾ هندن جون
اخبارون، سو تن به پنهنجي مٿي ڇيهه ڪري
ڇڏيو، سڄي هندستان کي ڏڪائي ڇڏيائون.
* * *
انصافي انصاف، ته هن بحث ۾ مرحوم خانبهادر
الله بخش سان به حق ٿيڻ گهرجي، ۽ سندس طرف
به سمجهڻ گهرجي:
(1) خانبهادر الله بخش پاڻ مسلمان هو ۽
سندس پرورش مسلماني ماحول ۾ ٿيل هئي. سنڌ
جي وزيراعليٰ ٿيڻ کان پوءِ مولانا
عبيدالله سنڌي مرحوم جي جلاوطني ختم
ڪرائي، کيس واپس ملڪ ۾ آڻڻ وارو پاڻ هو.
(2) هن صاحب جي دل گهريو ٿي ته جنهن جاءِ
تي مسجد جو نالو پئجي چڪو آهي، سا مسلمانن
کي ملڻ گهرجي. ان جو ثبوت هيءُ هو ته
جڏهن هو اڃا بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو، ۽
اڃا سنڌ به بمبئيءَ کان جدا ڪا نه ٿي هئي،
ته هن مسلمانن سان کليو وعدو ڪيو هو، ته
هو مسجد مسلمانن کي موٽرائي ڏيڻ لاءِ
ڪوشش ڪندو. 1938ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ ٿيڻ
کان پوءِ هن مسلمان علمائن جو هڪ وفد(جيڪو
مولانا محمد صادق مرحوم کڏي واري ۽ جناب
مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم مغفور
تي مشتمل هو)، هن لاءِ سکر موڪليو هو ته
جاءِ واردات ڏسي کيس ٻڌائين ته هندن جي هن
دعويٰ ۾، ته اها عمارت مسجد نه پر
”آرامگاهه“ آهي، ڪيتريقدر حقيقت آهي.
مولانائن جي راءِ حاصل ڪرڻ بعد هن ساڻن
وعدو ڪيو ته ٻن ٽن ڏينهن اندر هو مسجد
مسلمانن جي حوالي ڪري ڇڏيندو. سندس ان
وعدي جو اعلان مولوي صاحبان بروقت پنهنجي
پريس بيان ۾ به ڪري ڇڏيو.
(3) ان سلسلي ۾ مسلمانن جي ڪيس کي مضبوط
ڪرڻ خاطر هن ٽن انجنيرن جي هڪ ڪاميٽيءَ کي
عمارتن کي ڏسي، سندن تعمير جي نوعيت تي،
رپورٽ ڪرڻ لاءِ سکر موڪليو.
(4) ساڳي طرح هن ڪن مسلمان سول آفيسرن جي
راءِ به حاصل ڪئي. انهن آفيسرن کي اسلام
متعلق وڏي معلومات رکڻ جي دعويٰ هوندي هئي
۽ اٿندي ويهندي علامه اقبال رحمة الله
عليـہ جو ڪلام سـُـر سان پيا پڙهندا هئا،
پر انهن وٽان کيس رپورٽ پهتي ته عمارتن تي
جيڪي فارسي ڪتبا لڳل آهن، تن مان اهو ثابت
ڪو نه ٿو ٿئي ته اها مسجد آهي.
(5) سر غلام حسين هدايت الله مرحوم
کانئس(يعني الله بخش مرحوم کان) اڳ
وزيراعليٰ رهي چڪو هو. منزلگاهه واري
فائيل تي اڳواٽ ئي فيصلو لکي چڪو هو ته:
”اهي عمارتون سرڪاري آهن، مسجد نه آهن،
تنهنڪري مسلمانن جو مطالبو رد ڪجي ٿو ۽
عمارتون سرڪار وٽ رهنديون.“ (کانئس اڳ
بمبئي سرڪار جا به اهڙا ئي فيصلا رڪارڊ تي
لکيل هئا.)
(6) خانبهادر الله بخش مرحوم اڃا ڪو آخري
فيصلو فائيل تي صادر ڪري، ان کان اڳ ۾ ئي
مسلم ليگ ”وچ ۾ ڪـُـڏي پئي هئي“، جنهن جي
جواب ۾ هندو به اٿي کڙا ٿيا هئا ۽ ان ڪري
مسئلي جي مذهبي پهلوءَ تي سياسي پهلو غالب
پئجي ويل هو ۽ سندس فيصلي ڪرڻ ۾ ”وقتي
رڪاوٽون“ پئجي ويون هيون.
(7) خانبهادر مرحوم هيءُ سوچيو هو ته
جنهن صورت ۾ انهيءَ مسئلي هاڻي سياسي رنگ
اختيار ڪيو آهي، ۽ اڳتي هلي شايد سياست
کان علاوه انتظامي ۽ لا اينڊ آرڊر جون
پيچيدگيون به پيدا ٿي پون، تنهنڪري ڌرين
جي منهن کي بند ڪرڻ لاءِ معاملو مورڳو
هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي خاص ٽربيونل بڻائي،
ان جي حوالي ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان فيصلو وٺڻ
گهرجي ته تڪراري عمارت مسجد آهي يا نه؟ان
مقصد لاءِ هن ضروري قانوني بل پاس ڪرائڻ
جي تياري ڪئي هئي، جيڪو بل پاڻ ايندڙ
جنوري (1940) جي اسيمبلي اجلاس اڳيان پيش
ڪري پاس به ڪرايائين
(ان ايڪٽ جو ٽائٽل هو:
Sind Public Inquiries Act 1940))
(8) خانبهادر مرحوم انتظام هلائڻ جي اصولن
جو اڀياس انگريزن جي زماني ۾ ڪيو هو ۽ ان
وقت به مٿس گورنر هڪ انگريز هو. اڃا
انگريزن جي بادشاهي قائم هئي ۽ ڪنهن کي به
خواب خيال ڪو نه هو ته اٺن سالن اندر
انگريز ختم ٿي ويندا.
بهرحال، انگريزي انتظام جو بنيادي اصول
اهو هو ته قانون شڪنيءَ يا ڪنهن سياسي
دڙڪي داٻ ڪري ڪا به ڳالهه نه مڃجي، پهريان
قانون شڪني ۽ دڙڪي کي ختم ڪرائجي ۽ ان کان
پوءِ حق ۽ انصاف موجب فيصلو ڏجي. خانبهادر
ان اصول کان متاثر هو ۽ سمجهيائين ٿي ته
قانون شڪنيءَ جي دڙڪي ۽ دٻاءَ هيٺ اڄ هيءُ
فيصلو ڏنم ته ان کان پوءِ رستو ٺهي پوندو
۽ حڪومت کان هر ڪم دڙڪو ڏئي پيو ڪرايو
ويندو، جنهنڪري حڪومت ڦلهڙي ٿي پوندي ڪو
به انتظام رکي ڪو نه سگهندي ۽ اڳتي هلي
خود عام ماڻهن جون حق تلفيون ٿينديون.
خانبهادر الله بخش مرحوم جي انهن دليلن ۾
ڪيترو به وزن هو، مگر هيٺين سببن ڪري، ان
جو اثر زائل ٿي ويو ٿي:
(1) سندس نيت ڪيتري قدر به نيڪ هئي، مگر
اها به هڪ حقيقت هئي ته هن کي سڀ کان
پهريون وزارت مطلوب هئي، جنهن کي هن ڇڏڻ
نه ٿي گهريو، ۽ سندس ان خواهش جو فائدو
وٺي، هندو کيس بليڪ ميل ڪري رهيا هئا ۽
مسلمان اهو نظارو رات ڏينهن پنهنجن اکين
ساڻ ڏسي رهيا هئا. جيڪڏهن سندس پنهنجي
وزارت ۽ سياسي خودغرضي جو سوال وچ ۾ نه
هجي ها، ته ماڻهو سندس نيت واري پهلو تي
به نظر ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ها.
(2) ساڳئي قسم جي ايجيٽيشن جي دٻاوَ هيٺ
پاڻ اڳ ۾ لواري شريف واري ميلي ۽ اوم
منڊليءَ تي بندش وجهي چڪو هو. پوءِ انهن
موقعن تي سندس انگريزي انتظامي اصول ڪاڏي
هليا ويا هئا؟ ڇا انهن اصولن جو نفاذ خالي
منزلگاهه جي باري ۾ مسلمانن جي مطالبي
لاءِ رهيل هو؟
(3) سندس لاءِ مناسب هو ته هو وزارت کان
مستعفي ٿي، مسلمانن سان شامل ٿي وڃي ها.
سندس ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ هندو اهڙي ڪا به
وزارت ٺاهي ڪو نه ٿي سگهيا، جيڪا منزلگاهه
مسجد مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ لاءِ تيار نه
ٿئي ها. جيڪڏهن الله بخش مرحوم هندن کي
فقط اهو دڙڪو ڏئي ها ته هنن کي اها ڳالهه
آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃي ها ۽ هو کيس
اجايو وزارت مان ڪو نه ڪڍن ها. پر هن صاحب
ايترو جوکم کڻڻ به قبول ڪو نه ڪيو.
(4) سڀ کان مکيه ڳالهه اها آهي ته اڳتي
هلي ان سڄي معاملي جي ڇنڊڇاڻ ٽربيونل جي
انگريز هاءِ ڪورٽ جج اڳيان ٿي، جنهن جي
سامهون پاڻ به پنهنجو طرف بيان ڪيائين ۽
شاهد ۽ ڪاغذ وغيره به پيش ڪيائين. جج اهو
فيصلو ڏنو ته معاملي کي اِنگهائڻ،
مـُـنجهائڻ، ۽ ڦرندڙ گهرندڙ پاليسين سان
پيچيده بڻائڻ جي ذميداري مٿس عائد ٿي
ٿـِـي ۽ اهو ئي ڪارڻ بڻيو فسادن ۽
خونريزيءَ جو.
* * *
4 - آڪٽوبر کان پوءِ جا واقعا ٻڌو.
هندن جي ايجيٽيشن جي نئين دؤر، جيڪو 4-
آڪٽوبر کان شروع ٿيو هو، تنهن آخر هڻي هنڌ
ڪيو. الله بخش وزارت مجبور ٿي حڪم جاري
ڪيو ته منزلگاهه کي مسلمانن کان کسي زور
سان خالي ڪرايو وڃي ۽ خالي ڪرائڻ لاءِ
تاريخ 19- نومبر مقرر ڪئي ويئي.
19- نومبر کان اڳ سنڌ جي سمورن ضلعن مان
پوليس جا دستا گهرائي سکر ۾ موجود رکيا
ويا. ڳوڙهن وهائڻ واريءَ گيس جا بم ۽ انهن
کي استعمال ڪندڙ عملو ڪراچيءَ کان اچي
ويو. ان سان گڏ گهوڙن جو رسالو به گهرايو
ويو، جيئن گهوڙن تي چڙهي پوليس وارا
منزلگاهه مسجد ۾ ويٺل مسلمان والنٽيئرن تي
يلغار ڪن ۽ کين گهوڙن جي سـُـنبن هيٺان
لتاڙائين. رائفلن، لٺين ۽ پوليس جي ڏنڊن
جا انبار ان کان علاوه لڳي ويا. ان زماني
۾ بکر ۾ فوج به رهندي هئي، ان جو هڪ دستو
گهرائي، ان ڪم لاءِ تيار رکيو ويو ته جڏهن
پوليس وارا ڏنڊا ۽ گيس هڻي مسجد خالي
ڪرائين ته هي چوڌاري خاردار تارن
جو جهنگلو کڙو ڪري وٺن، جيئن وري ڪو اندر
گهڙڻ جي ڪوشش ڪري نه سگهي. اها ايڏي ساري
تياري ڪنهن جي مقابلي لاءِ ڪئي وئي هئي؟
جناب جي. ايم. سيد ۽ ٻين چئن پنجن ليڊرن ۽
پندرهن ويهن مسلمان والنٽيئرن جي سرڪوبيءَ
لاءِ.
پوليس جو حملو منجهند کان پوءِ شروع ٿيو.
گهوڙا ٽپ ڏيندا گهڙندا آيا، گيس جا بم
ڦاٽندا رهيا، پوليس جي لٺين ۽ ڏنڊن جا
وسڪارا ٿيندا ويا، پر مسلمان موقعي تان ڪو
نه ڀڳا. منجهان ڪجهه زخميا، رت ڳاڙيندا
رهيا، پر اتي ئي پيا ڦٿڪندا رهيا. نيٺ
پوليس وارن کين ٻڌي ٻاهر ڪڍيو ۽ جي. ايم.
سيد ۽ ٻين کي گرفتار ڪري، انهيءَ ئي وقت
کين خشڪيءَ جي رستي سان حيدرآباد موڪلي
ڏنائون، جت هو وڃي بند ٿيا. جيڪي ليڊر
(مثلاً شيخ واجد علي مرحوم) يا والنٽيئر
گرفتاريءَ کان بچي ويا، تن منزلگاهه ڇڏڻ
بعد شڪارپور جو رستو ورتو. سندن حال ڏسي
رستي جي ڳوٺن جي مسلمانن کي خبر پوندي
ويئي ته سکر ۾ مسلمانن سان ڪهڙا ويل وهيا
آهن!
سکر جي هندن کي اڳواٽ معلوم ٿي چڪو هو ته
ڪهڙي وقت منزلگاهه تي حملو ٿيندو، تنهنڪري
هنن پنهنجي طرفان هيءُ بندوبست ڪري ڇڏيو
ته جنهن وقت هوڏانهن حملو ٿئي، عين ان وقت
شهر جا هندو پنهنجي هستي ۽ طاقت ڏيکارڻ
لاءِ پنهنجي
شهر جي مسلمانن کي قتلام ڪرڻ ۽ سندن گهرن
۽ دڪانن کي باهيون ڏيئي ساڙڻ جو ڪم ڪري
ڏين. سندن اهو پروگرام ڪافي حد تائين
ڪامياب ٿيو. ٻن اڍائن ڪلاڪن اندر رستن تي
۽ گهٽين ۾ مسلمانن جا لاش پيل ڏٺا ويا ۽
جنهن جنهن پاڙي ۾ مسلمانن جون هوٽلون يا
دڪان هئا، اتان باهين جا اُلا پئي نڪتا.
هڪ مشهور هندو غنڊو گورڌن
ان مهم جو سرغنو هو ۽ جيستائين مسلمان
سجاڳ ٿي پنهنجي بچاءَ لاءِ ميدان ۾ آيا ۽
گورڌن جو پنهنجو خاتمو ٿيو، اوستائين
گورڌن جي غنڊن مسلمانن کي ڪافي کان وڌيڪ
نقصان پهچائي ڇڏيو.
اهو قصو ته ٿيو سکر جي شهر اندر. شهر کان
ٻاهر ڳوٺن ۾ وري هندن لاءِ مصيبت کڙي ٿي
ويئي. جيڪي ڪجهه سکر شهر اندر ٿي رهيو هو،
ان ۾ افواه سازن اضافو ڪري ٻهراڙي ۾
اهڙيون ڳالهيون ڦهلائي ڇڏيون، جو نتيجي ۾
مسلمانن جو هوش مان نڪرڻ نيچرل ڳالهه بڻجي
پئي. گهڻا هندو ماريا ويا ۽ سندن جايون
ساڙيون ويون. ورندڙ ٻن ٽن ڏينهن اندر سکر
تعلقو، جنهن ۾ هندن جو وڏو تعداد رهندو هو
۽ جتان جي 80 سيڪڙو زرخيز زمين سندن ملڪيت
هئي، کانئن خالي ٿي ويو. انهن فسادن دوران
اڳتي هلي ٽربيونل اڳيان جيڪي جاني نقصان
جا انگ اکر ضلعي جي انتظاميه طرفان پيش
ٿيا، سي هن طرح هئا:
مئلن جو تعداد
هندو 151
مسلمان 14
زخمين جو تعداد
هندو 58
مسلمان 12
* * *
4- آڪٽوبر ۽ 19- نومبر جي وچ ۾ هڪ ٻيو وڏو
حادثو ٿي گذريو، جنهن سنڌ کي ڏڪائي ڇڏيو ۽
فضا کي حد کان زياده زهر آلود بڻائي ڇڏيو.
حضرت پير صاحب ڀرچونڊي شريف جو فرزند سکر
گهمڻ لاءِ آيل هو. اُت ڪن هندو غنڊن مٿس
کليءَ بازار ۾ حملو ڪري کين مارڪـُـٽ ڪئي
۽ سخت بي آبرو ڪيو. پير صاحب جي جماعت ۾
انڪري سخت اشتعال پيدا ٿيو. چوڻ ۾ آيو ته
انتقام طور پير صاحب جي هڪ مـُـريد
رُڪ اسٽيشن تي 2 تاريخ نومبر جو ريل جي
گاڏي ۾ ويٺل ڀڳت ڪنور رام کي بندوق هڻي
ماري ڇڏيو. ڀڳت صاحب صوفي خيالن جي
مسلمانن خواهه هندن ۾ گهڻو مقبول هو. ساري
سنڌ سندس ڀڳت ۾ سندس واتان ڪافين ٻڌڻ لاءِ
آتي هوندي هئي. ذاتي طرح وڏو داني پـُـرش
هو. ڀڳتين ۾ ماڻهو هزارين رپيا مٿس نڇاور
ڪندا هئا، جن کي هٿ لائڻ کان سواءِ بروقت
سائلن ۽ غريبن (مسلمانن خواهه هندن) ۾
ورهائي، پاڻ هٿين خالي بوڇڻ ڇنڊي ڀڳت مان
اٿندو هو. ڳائڻ لاءِ اڌ رات کان پوءِ
اٿندو هو ۽ صبح تائين ساريءَ فضا کي
موسيقيءَ ۾ منڊل ڪيو بيٺو هوندو هو. آواز
۾ اثر ۽ دل ۾ درد هوس. سندس هڪ خاص ڪافي
هئي، جيڪا چيل ته صوفي دريا خان سائين
ڪنڊڙيءَ واري جي هئي، پر جڏهن اها ڪافي
ڀڳت ڪنور رام جي مــُـک مان ادا ٿيندي هئي
ته ٻڌندڙ بيخود ٿي ويندا هئا. ان ڪافيءَ
جو ٿلهه هو:
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، مون کي تن ماروئڙن جي
.
بدقسمتيءَ سان اهڙو بي ضرر فنڪار ۽ انسان
به سکر جي واقعات جي هاڃيءَ ۾ هڄي ويو.
جيڪڏهن سکر جا ڪوتهه انديش ۽ عقل کان عاري
هندو غنڊا پير صاحب جي فرزند جي بيعزتي
نه ڪن ها ته ڪنور رام جهڙي انسان جي جان
ضايع ڪا نه ٿئي ها. پر سکر جي هندن کي ڪير
ٿي سمجهائي سگهيو؟ جيئن ٿڌ، تيئن وڌ!
* * *
19 نومبر وارن فسادن کان پوءِ وري
گرفتارين جو سلسلو شروع ٿيو. گرفتار سڀ
مسلمان ٿيا، هندو هڪ به ڪو نه. جنوري
تائين مسلمانن جي گرفتارين جو تعداد
پندرهن سون کي وڃي پهتو. ساڳئي ئي مهيني ۾
سنڌ اسيمبليءَ اڳيان تقرير ڪندي خانبهادر
الله بخش مرحوم اعلان ڪيو ته هندن جي
املاڪ جو جيترو نقصان ٿيو آهي، اهو ڏوهاري
ڌر(جيڪا سندس نظر ۾ مسلم ليگ هئي) کان
ڀرائي ڏنو ويندو ۽ ان ڪم لاءِ هڪ ٽربيونل
مقرر ٿيندو.
سنڌ جي مسلمانن کي پيڙڻ لاءِ اها پراڻي
پاليسي هئي، جنهن تي هندو پاڻ به عمل ڪندا
ٿي رهيا ۽ حڪومت کان به عمل ڪرائيندا ٿي
رهيا. پاليسيءَ جا مکيه جـُـزا هي هوندا
هئا:
(1) پهرين ڪنهن مسئلي تي ضد ٻڌي اشتعال
پيدا ڪجي ۽ ڪشمڪش شروع ڪرائجي.
(2) ساڳئي وقت اخباري هاءِ گهوڙا مچائي،
ملڪي فضا کي مسموم بڻائجي ۽ مسلمانن خلاف
عام نفرت ڦهلائجي ۽ هندو جاتيءَ کي مقابلي
لاءِ اُڀارجي(سنڌ جي پريس ساري جي ساري،
سواءِ هڪ الوحيد جي، هندن جي قبضي ۾ هئي).
(3) شهرن
۾ فساد مچائڻ ۽ مسلمانن سان مقابلي ڪرڻ
لاءِ نوجوان غنڊن جي تنظيم ڪري کين ورزش
جا آکاڙا کولي، هٿيارن هلائڻ جي سکيا
ڏيارجي(اهڙا آکاڙا هر شهر ۾ کلي چڪا هئا.)
(4) فساد ٿين ته مسلمانن سان هٿياربند
مقابلو ڪجي.
(5) فسادن جي سلسلي ۾ هاءِ گهوڙا مچائي ۽
حڪومت خاص طرح پوليس کي دٻائي، گهڻي ۾
گهڻي تعداد ۾ مسلمانن کي گرفتار ڪرائجي،
گهڻو ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ يا ڪوڙيون ثابتيون
ٺهرائي.
(6) مقدمن جي ذريعي مسلمانن کي خوب
پيڙارائجي، جيئن سندن حوصلا
ڪري پون ۽ وري ڪڏهن ڪنڌ کڻي نه سگهن(سنڌ ۾
مئجسٽريٽ ۽ وڪيل 90 فيصد هندو هوندا هئا،
هيڪڙ ٻيڪڙ جيڪي ننڍا ننڍا مسلمان وڪيل
هوندا هئا، سي يا ته هندن جي خوف کان اهڙن
ڪيسن ۾ مسلمانن جا وڪيل ڪو نه ٿيندا هئا،
يا ڳاٽي ڀڳيون اهڙيون فيون گهرندا هئا،
جيڪي سندن محنتاڻي ۽ لياقت کان وڌيڪ
هونديون هيون ۽ مسلمان ڀري نه سگهندا
هئا.)
اها هئي سياستدان هندن جي نئين نسل جي
مسلمانن جي باري ۾ پاليسي، جنهن تي فسادن
کان سکر ۾ به عمل شروع ٿيو!
پر وڌيڪ تفصيل ۾ وڃجي، ان کان اڳ آءٌ
مناسب سمجهان ٿو ته سنڌ جي
نئين نسل کي واقف ڪرڻ لاءِ ڪن ڳالهين کي
هن منزل تي واضح ڪري ڇڏيان:
پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته آءٌ، هن ذڪر ۾،
هندو لکان ٿو ته منهنجي مراد ان وقت جي
ساري هندو جنتا کي ذميدار ٺهرائڻ جي نه
آهي. حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ جو هندو 1920ع
کان اڳ باقي برصغير جي هندن کان گهڻين
ڳالهين ۾ مختلف هوندو هو. هيءَ صوفي منش
هو، مسلمان پيرن فقيرن جو معتقد هوندو هو.
فارسيءَ ۾ اسلامي لٽريچر کان متاثر هو.
قرآن شريف جو ايتري قدر احترام ڪندو هو،
جو ان تي هٿ رکي ڪڏهن ڪوڙ ڪو نه
ڳالهائيندو هو. ڪي هندو ته باقاعده ڪلام
مجيد جو دؤر به ڪندا رهندا هئا. ٻيراني جي
هڪ هندو سيٺ جي باري ۾ چيو ويندو هو ته هن
کي ٽي هزار صحيح حديثون ياد هيون. جت اڃا
اسڪول نه کليا هئا، ات هندو ٻار مـُـلن
جي مڪتبن ۾(جيڪي گهڻو ڪري مسجدين ۾ هوندا
هئا) تعليم وٺندا هئا. مسجدن ۾ رات جو
ڏِيا هندو عورتون ٻاري رکنديون هيون.
قرآن شريف تي هندو عورتون باسون باسينديون
هيون ۽ باس پوري ٿيندي هـُـوَن ته قرآن
مجيد کي ”ريشمي پوتي“ پهرائينديون هيون ۽
مسجدن ۾ وڃي مٺايون ورهائينديون هيون.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام تي گهڻي
۾ گهڻي تحقيقات هڪ هندو عالم ڊاڪٽر هوتچند
مولچند گربخشاڻي ڪئي. راءِ بهادر وشنداس
جو ذڪر اڳ دادو ضلعي ۾ اچي چڪو آهي. اهڙا
ٻيا هندو به هوندا هئا، جيڪي ڪنهن به فرق
ڪـَـئي بغير مسلمانن جي خدمت ۽ حاجت روائي
ڪندا رهندا هئا. بيوهه عورتن کي قوت گذر ۽
يتيم مسلمان ٻارن ۾ اسڪالرشپون ورهائيندا
رهندا هئا.
اکين جون اسپتالون شڪارپور جا سيٺيون
پنهنجي خرچ تي کولرائيندا هئا، مثلاً:
اکين جي مشهور ڊاڪٽر سر هينري هالنڊ جي
اسپتال هر سال شڪارپور ۾ کولرائيندا هئا،
جنهن جو سارو خرچ هندو ڀريندا هئا (مسلمان
مريضن جي رهائش ۽ خوراڪ جو به). سرڪاري
ڪاليجون کليون، ان کان اڳ هندن خانگي طرح
پنهنجي پيسي سان ڪاليجون کوليون، جن مان
مسلمان به فائدو وٺندا ٿي رهيا. ٿرپارڪر
ضلعي جا هندو راجپوت پنهنجون نياڻيون
مسلمان خاندانن ۾ پرڻائي ڏيندا هئا. بئنڪن
کلڻ کان اڳ سنڌ جي مسلمانن جي ڪمائي هندو
شاهوڪارن وٽ امانت طور رکي ويندي هئي.
ساريءَ تاريخ ۾ اهڙو مثال ڪو نه ٿي مليو،
جنهن ۾ ڪنهن هندو شاهوڪار مسلمانن جي
امانت ۾ خيانت ڪئي هجي. سنڌ کي بمبئي
پريزيڊينسيءَ جي هندو اڪثريت مان آجو
ڪرائي علحده صوبي بڻائڻ جي تحريڪ سڀ کان
پهرين سيٺ هرچند راءِ وشنداس شروع ڪئي ۽
وقت جي ٻين هندو بزرگن ان جي پٺ ڀرائي ڪئي
۽ منجهان ڪنهن به مخالفت ۾ اکر نه ٻوليو
. عام رهڻي ڪرڻي ۽ لباس جي هيءَ حالت
هوندي هون جو هندو بزرگ ڏاڙهيون رکندا
هئا. هيٺ تي شلوار ڍڪيندا هئا“ مٿي تي وڏي
پڳ، راڳ هندن جي مذهبي لائف جو هڪ اهم
جزو ٿئي ٿو، سنڌ جي هندن جو راڳ سو فيصد
مسلماني طرز جو هو. مسلمان بزرگن جي ڪلام
کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڳائيندا يا ٻڌندا
هئا. سنڌ جي هندن ۾ اڌ کان گهڻو وڌيڪ
مسلمان صوفي بزرگن جي درگاهن جا مريد هئا.
حضرت قلندر لعل شهباز رح ۾ جيترو اعتماد
مسلمانن جو هو، اوترو هندن جو به هو،
درگاهه جي متولين ۾ هڪ ”ڪافي“ هندن جي
هوندي هئي.درگاهه شريف جون بعض رسومات صرف
هندو بجا آڻيندا هئا،مثلاً: مينديءَ جي
رسم. سنڌي زبان جي به هندن وڏي خدمت ڪئي،
سنڌي زبان جا گهڻا چوٽيءَ جا اهلِ قلم
هندو هئا. سنڌ جي اڪيليءَ آرٽس ڪاليج ۾
فارسيءَ جو پروفيسر هندو هو. سنڌ جي قديمي
تاريخ جي کوجنا پهرين پهرين هندن شروع
ڪئي. سنڌ جا هندو سوئر جي گوشت جي ويجهو
قطعاً ڪو نه ويندا هئا. ٻڪر جو گوشت به
جيستائين مسلمانن جو حلال ڪيل نه هوندو،
ڪو نه واپرائيندا هئا. سندن جذبات جو
احترام ڪندي سنڌ ۾ کليل گاؤڪشي ڪا نه
ٿيندي هئي. مٿئين طبقي جا مسلمان ته ساري
عمر وڏي گوشت جي ويجهو ڪو نه ويا. شاديءَ
خواهه غميءَ ۾ هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ايتري
قدر قريب هئا، گويا هڪ ئي قوم جا ماڻهو
بلڪه پاڻ ۾ عزيز آهن. مسلمانن جي وڏين
زميندارين ۽ جاگيرن خواهه گهرو ڏيتي
ليتيءَ جو انتظام هندو ڪاردارن ۽ مودين
جي حوالي هوندو هو. ڳوٺاڻي زندگيءَ جو
مرڪز هوندا هئا. عام چوڻي هوندي هئي ته:
”ڳوٺ جي سونهن ۽ وستيءَ جي وندر“ هندو
آهن. ڪن وڏن مسلمان گهراڻن ۾ ته سترونديون
خواتين پنهنجن هندو مودين ۽ ڪارڪنن کان
پردو ڪو نه ڪنديون هيون. حالانڪه عام طرح
هو پردي جون سخت پابند هونديون هيون.
ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ ڪو به راڄوڻو فيصلو
اوستائين ڪو نه ٿيندو هو، جيستائين ڳوٺ جو
مـُـکي وچ ۾ ويهي ٻين چڱن مڙسن کان
ڳالهيون نه ٻڌي.
غرض، سنڌ جي سوشل لائف باقي برصغير جي
سوشل لائف کان بلڪل مختلف هوندي هئي ۽ ان
جو نتيجو اهو هو جو هت هڪ مشترڪه ۽ متوازن
گڏيل ڪلچر يا معاشرو اُپڙي رهيو هو، جنهن
۾ باهمي مذهبي ۽ معاشرتي تضادات کان وڌيڪ
تصورات، معتقدات ۽ اقدارن جو پهلو نمايان
نظر ايندو هو.
انهن حالتن کي سامهون رکندي، سوال پيدا
ٿئي ٿو ته پوءِ سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن جي
وچ ۾ اهو نفاق ڇو پيدا ٿيو ۽ ڪڏهن کان
پيدا ٿيڻ شروع ٿيو.
جواب آسان آهي.
1920ع ۾
آئيني سڌارا مليا ۽ ان ڏينهن کان ملڪ جي
سياست هڪ نئون رخ اختيار ڪيو. اسيمبلين،
ميونسپالٽين، لوڪل بورڊن ۽ اسڪول بورڊن
جون ميمبريون کليون ۽ جدا چونڊن جو طريقو
رائج ٿيو، هندو هندن کي چونڊين ۽ مسلمان
مسلمانن کي. هر چرندڙ پرندڙ ماڻهو ۾ پاور
جي بوءِ تي نيون هـَـوسون ۽ امنگون پيدا
ٿيون، جن ”ڇڪتاڻ“ جو روپ ورتو. مثلاً:
مسئلو پيدا ٿيو ته هڪ اميدوار پاڻ کي ٻئي
اميدوار جي مقابلي ۾ پنهنجي قوم اندر،
ڪيئن وڌيڪ مقبول بڻائي اليڪشن کٽي ۽
پنهنجي هوس جي پوئواري ڪري؟ سنڌ ۾ نه ڪا
مستقل سياسي پارٽي هئي، نه ڪو اقتصادي
پروگرام، جنهن جي بنياد تي اميدوار ووٽرن
کي اپيل ڪري کانئن فيصلو وٺن ها. ماڻهوءَ
جو پنهنجو ذاتي اثر به گهڻو ڪو نه ٿي هلي
سگهيو. گهڻا اهڙا شهري هندو اميدوار ميدان
۾ ٽپي پيا ٿي، جن کي ٻهراڙيءَ ۾ ڪو
سڃاڻندو به ڪو نه هو ۽ ووٽ گهڻي تعداد ۾
ٻهراڙي جا هوندا هئا، تنهنڪري ضرورت محسوس
ٿين ته ملڪ ۾ ڪو اهڙو ممڻ مچائجي ۽ مسئلو
کڙو ڪجي، جنهن جي آڌار تي سياست جي ميدان
۾ آيل شوريده سر نوان شهري هندو آسانيءَ
سان ووٽ وٺڻ جا حقدار بڻجي پون.
بدقسمتيءَ سان انهن 1920ع وارن سڌارن کان
پوءِ باقي هندستان جي هندن کي به ساڳئي
قسم جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي هئي، جنهن ڪري
هنن ٽي چار تحريڪون هڪدم شروع ڪري ڏنيون
هيون:(1) شـُـڌي ۽ سنگهٽن، (2) آريا سماج
۽ (3) هندو مهاسڀا. انهن سڀني جي سرتاج
وري پراڻي ڪانگريس هئي، جنهن کي نالي ماتر
ته هيءَ دعويٰ هئي ته هوءَ هندو ۽
مسلمانن جي گڏيل جماعت يا تحريڪ آهي،
مگر حقيقت ۾ ان جو مقصد به هندن جي
بالادستي قائم ڪرڻ
جو هو (ٿورو اڻ سڌيءَ طرح) چالاڪي هيءَ
هئي ته جيڪي هندو اڃا پراڻي حجاب جا پردا
ڦاڙي، ٽن ڪٽر هندو جماعتن ۾ کليءَ طرح
شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿين، تن کي هن
وچولي پليٽفارم تي جمع
ڪري ۽ ساڻ کڻي اڳتي وڌجي. جنهن صورت ۾
مقصد چئني جماعتن جو آخر ۾ ساڳيو هو،
تنهن صورت ۾ بنيادي هندو ڪاز کي ڪو نقصان
ڪو نه ٿي پهتو.
سنڌ جي هندن جو اهو گروپ، جنهن 1920ع وارن
سڌارن ڪري نئين سر
سياست تي قبضو ڪرڻ پئي گهريو، سو هندستان
جي انهن تحريڪن مان هڪ نه هڪ سان شامل ٿي
ويو. اهي سڀ پڙهيل لکيل ماڻهو هئا. دنيا
جي مختلف تحريڪن جي تاريخ پڙهي چڪا هئا.
هنن کي نظر آيو ته ڪنهن به تحريڪ کي
تيزيءَ سان ماڻهن ۾ ڦهلائڻ لاءِ ضروري ٿئي
ٿو ته ڪنهن ڌر سان دشمني پيدا ڪجي، جنهن
جو ڀوت بڇائي ، پنهنجن ماڻهن کي ڊيڄاري ۽
نفرت جي بنياد تي انهن کي منظم ڪري،
مقابلي لاءِ ميدان ۾ آڻجي ۽ ان جي اڳواڻي
پاڻ ڪجي، پوءِ پنج ئي آنڱريون گيهه ۾.
چنانچه سنڌي هندو گروپ ان نسخي تي عمل
ڪندي ڀوت جي طور مسلمانن کي پيش ڪيو ۽
انهن جي خلاف هندن ۾ نفرت جو ٻج پوکڻ
شروع ڪيو. ان خرابيءَ جا خاص مرڪز ٻه
بڻيا. لاڙڪاڻو ۽ سکر. جتان پيشقدمي شروع
ٿي ۽ ان جي تائيد ڪراچي، حيدرآباد ۽
ميرپورخاص مان نڪرندڙ هندو اخبارون ڪرڻ
لڳيون ۽ باقي سنڌ جي هندن ۾ زهر ڦهلائڻ
لڳيون.
لازم هو ته هندن جي سياست جو اهو نئون
لاڙو ڏسي مسلمانن جا به ڪن کڙا ٿين. هنن ۾
به اهو احساس پيدا ٿيڻ لڳو ته هندن جي ان
ايجيٽيشن ڪري سندن حقن تي حملو ٿيڻو آهي.
مثلاً: کين سرڪاري نوڪرين مان پورو حصو ڪو
نه ملندو ۽ اقتصادي ۽ معاشي نظام ۾ اهڙيون
ڦيريون گهيريون ڪرايون وينديون، جو سنڌ
جو واپار ته اڳ ۾ ئي ساري جو سارو هندن وٽ
آهي، پر هينئر مسلمانن جون زمينون به هندو
وياج خورن جي قبضي ۾ هلي وينديون.
ان کان وڌيڪ هڪدم ڏکوئيندڙ ڳالهه هيءَ هئي
ته اوچتو ئي اوچتو هندن ۾ ڏاڍي مغروري
پيدا ٿي وئي هئي ۽ هو مسلمانن کي وحشي ۽
ذليل سمجهڻ لڳا هئا.عام طرح هندن پاڻ کي
باقي سنڌ جي معاشري کان ڪاٽي هڪ علحده ۽
نسبتاً اعليٰ ۽ ارفع (Exclusive
and Superior Society)
سوسائٽي طور رهڻ ۽ اڳتي وڌڻ شروع ڪري ڏنو
هو، جنهن نئين رجحان سندن بهترين
گهڻگهـُـرن مسلمانن کي به سخت ڏکويو ٿي.
ان خرابيءَ ۾ جيڪڏهن اڃا ڪا گهٽتائي رهجي
ٿي ويئي ته اها هندو اخبارن، هندو سرڪاري
ڪامورن
۽ هندو لٽريچر لکندڙن پوري پئي ڪئي.
مثلاً: ڪن دريده دهن هندو قلمڪارن اهڙيون
چوپڙيون به ڇپائي مسلمانن ۾ پئي ورهايون،
جن ۾ حضور پاڪ صلي الله عليـہ وسلم جي ذات
گرامي تي سخت بيهودا حملا ڪيل هوندا هئا.
آءٌ تسليم ڪريان ٿو ته اها ساري ڪارروائي
هندن جي نئين سياسي هوسناڪ پوڌ جي هئي ۽
ان ۾ پراڻيءَ معاشرت جي هندو بزرگن جو ڪو
ڏوهه ڪو نه هو. مگر هيءَ به حقيقت هئي ته
اهي بزرگ نئون زمانون ڏسي پاڻ هٽي، سارو
ميدان انهن ناتجربه ڪار، ڪوتهه انديش،
فسادي ۽ ڪٽر فرقه پرستن جي حوالي ڪري، پاڻ
عملي سياست مان رٽائر ڪري ويا هئا. هو
انهن نون ماڻهن جو مقابلو پاڻ ڪري ڪو نه
سگهيا ۽ سنڌ کي، پنهنجن خاندانن کي، بلڪه
پنهنجي ساري جاتيءَ کي مصيبت ۾ وجهي
ڇڏيائون.
هن ڪتاب جي پهرين جلد ۾ صفحي 491 کان 497
تائين ان عمل ۾ رد عمل (Chain
Reaction)
جو تفصيل ڏنل آهي، جيڪو 1927ع کان لاڙڪاڻي
کان شروع ٿيو ۽ 1947ع ۾ پاڪستان بڻجڻ ۽
هندن جي سنڌ مان جلاوطن ٿيڻ تائين جاري
رهيو.
لاڙڪاڻي جي فساد کان پوءِ فسادن جو سلسلو
هندن روهڙي ڊويزن ۽ سکر شهر اندر شروع ڪري
ڏنو. اهي فساد لاڙڪاڻي وارن ڪيسن ڇٽڻ کان
پوءِ تمام ٿورڙي وقفي بعد شروع ٿيا ۽
1931ع تائين هلندا رهيا. فسادن جي سلسلي ۾
جيڪي مقدما هندن کڙا ڪيا(مسلمانن خلاف) سي
ٻه-
ٽي ورهيه
پوءِ به هلندا رهيا ۽ مسلمان پامال ٿيندا
رهيا.
ان مصيبت مان جان ڇڏائڻ لاءِ مسلمانن سنڌ
کي بمبئيءَ کان جدا ڪرايو.
1936ع ۾ سنڌ جدا ٿي، پر هندن ان جو ثمر به
مسلمانن کي چکڻ ڪو نه ڏنو. جهڙيءَ طرح
سنڌ جي الله بخش وزارت جي سلسلي ۾ مٿي ذڪر
ٿي چڪو آهي، هندو، مسلمان اسيمبلي ميمبرن
۽ وزارتن جي اميدوارن کي پاڻ ۾ ويڙهائي هڪ
نه هڪ ڌر کي پنهنجي اڳيان نوايون ويٺا
هوندا هئا.
1939ع ۾ منزلگاهه تي جيڪي فساد ٿيا، تن
جو احوال مٿي ڏئي چڪو آهيان. اهي فساد به
ان وڏيءَ ۽ عام هندو مسلم ڇڪتاڻ جي سلسلي
جي هڪ ڪڙي هئا.
* * * *
منزلگاهه جي قصي هلندي ٻيون به ڳالهيون وچ
۾ بيان ڪرڻيون پيون اٿم، ڇو ته انهن
ڳالهين کي ذهن ۾ ويهارڻ کان سواءِ اهي خاص
نفسياتي ۽ سياسي ڪيفيتون (جن جو نتيجو
انهن فسادن جي صورت ۾ نمودار ٿيو هو)
سمجهه ۾ اچي ڪو نه سگهن ها.
هاڻي منزلگاهه جي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ٻڌو.
19 نومبر 1939ع جو منزلگاهه تي سرڪار
طرفان زوريءَ قبضو ٿيو ۽ فساد شروع ٿي
ويا. الله بخش وزارت پندرهن سو مسلمان
مختلف قسم جي ڪيسن ۾ پوليس هٿان ڦاسارائي
جيلن ۾ بند ڪرايا. اها ”وٺ پڪڙ“ چار مهينا
هلي، مگر مسلمانن جي جوش ۾ ڪا به گهٽتائي
ڪا نه آئي. سنڌ جي حالتن تي مڪمل ضابطو
ٿئي، ان کان اڳ پنجاب ۽ ٻين صوبن جا
مسلمان سندن مدد لاءِ ڪر ڀڃڻ لڳا. آءٌ خود
لاهور ۾ رهندو هوس. اتان لٽريچر ڇپائي سنڌ
۾ موڪليندو رهيس
۽ ساڳئي وقت پنجاب ۽ ٻين صوبن جي
مسلمانن ۾ به تقسيم ڪرائيندو رهيس.
خونريزي وارن واقعن جي حقيقي سببن تي
انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب
Why Bloodshed in Sind?
لکي سڄي هندستان جون ان مسئلي جي باري ۾
اکيون کوليم. نتيجاً پنجاب ۾، ۽ پنجاب
کان ٻاهرين صوبن ۾ ايتريقدر جذبو پيدا
ٿيو، جو اتان سنڌ ڏانهن والنٽيئرن موڪلڻ
لاءِ تياريون ٿيڻ لڳيون. مسلمانن جي جوش
جو هيءُ عالم هو جو خانبهادر الله بخش
مرحوم دهليءَ ۾ ”آزاد مسلم ڪانفرنس“ جي
صدارت ڪرڻ لاءِ لاهور جي رستي ريل ۾ وڃي
رهيو هو ته لاهور ۽ امرتسر جي اسٽيشنن تي
سندس خلاف نعرا لڳا ۽ ڏانهنس پٿر
اڇلايائون
.
خانبهادر مرحوم منهنجي گرفتاريءَ لاءِ
وارنٽ ڏئي چرنجي لعل ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ
پوليس کي سکر مان لاهور موڪليو ته هو مون
کي اتان پڪڙي آڻي سنڌ جي جيل ۾ بند ڪري
ڇڏي. مرحوم سر سڪندر حيات خان، پنجاب جي
وزيراعليٰ کي خبر پئي ته چرنجي لعل منهنجي
گرفتاريءَ لاءِ اچي لاهور رسيو آهي. پاڻ
لاهور جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ
F.C.Bourne
کي
حڪم ڏنائين ته هو منهنجي خلاف وارنٽ جي
تصديق نه ڪري ۽ چرنجي لعل کي هڪدم پنجاب
ڇڏي وڃڻ لاءِ حڪم ڪري جيڪڏهن هو تنهن
هوندي به نه وڃي يا دير مدار ڪري ته کيس
گرفتار ڪري جيل ۾ رکجي. ساڳئي وقت سر
سڪندر حيات ٻه ٻيا قدم به کنيا:
(1) ٽيليفون تي وائسراءِ سان ڳالهايائين
۽ کيس سمجهايائين ته الله بخش هندو مسلم
ڪشيدگيءَ جو ٻج سنڌ کان ٻاهر هينئر پنجاب
۾ به پوکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن
سنڌ سرڪار مسلم ليگ جي راشديءَ جهڙي اهم
ڪارڪن کي پنجاب اندر هٿ لاتو ته پنجاب جا
مسلمان مشتعل ٿيندا ۽ ان جو شديد اثر جنگي
ڪوششن
تي پوندو.
(2) خانبهادر الله بخش مرحوم خود ڏانهن
به ٽيليفون
ڪيائين. کيس مٿين سببن ٻڌائڻ کان پوءِ
چيائين ته جيڪڏهن سنڌ وزارت جي اهڙي روش
رهي ته سنڌ جو ڪو به وزير يا آفيسر پنجاب
مان لنگهي دهليءَ يا شملي وڃي ڪو نه
سگهندو. سماسٽي اسٽيشن تي ئي کيس گرفتار
ڪري جيل اماڻي ڇڏبو.
سر سڪندر مرحوم جي انهن دڙڪن کــُـڙڪن
کان پوءِ منهنجي گرفتاريءَ لاءِ ڪا ڪوشش
ڪا نه ٿي، پر آءٌ پنجاب ۽ دهليءَ ۾ ئي رهي
پنهنجو ڪم ڪندو رهيس. حاجي عبدالله مرحوم
به انهن ڏينهن ۾ دهليءَ اچي رهيو هو ۽
منهنجي ڪم جي نگراني پئي ڪيائين.
پويان سنڌ ۾ مارچ مهيني(1940) تائين ٺاپر
ڪا نه آئي ۽ هندو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ
لڳا. آخر الله بخش مرحوم مان بيزار ٿي،
مارچ جي ٽئين هفتي جي پڇاڙيءَ ۾ (لاهور
واري مسلم ليگ سيشن کان ٻه ڏينهن اڳ) هندن
سندس وزارت کي ڪڍي، اڻ سڌيءَ طرح مسلم ليگ
جي نمائندن کي وزارتون ڏنيون. مير بنده
علي خان مرحوم کي وزيراعليٰ بڻايائون، ڇو
ته ان جي کليل وابستگي مسلم ليگ سان ڪا نه
هئي، سندس هٿ هيٺ خانبهادر کهڙي، جناب جي.
ايم. سيد ۽ شيخ عبدالمجيد کي وزارتون
مليون.
نئين وزارت سان ڪجهه شرط رکيائون:
(1) وزارت مسجد منزلگاهه پنهنجي اختياريءَ
تي مسلمانن جي حوالي نه ڪندي. ان مسئلي جو
فيصلو، ته اها جاءِ مسجد آهي يا نه، هڪ
ٽربيونل کان ڪرايو ويندو، جيڪو هاءِ ڪورٽ
جي هڪ انگريز جج، مسٽر ويسٽن
تي مشتمل هوندو.(هندن کي يقين هو ته اهڙي
سخت جج جي اڳيان مسلمان ان عمارت کي مسجد
ثابت ڪري نه سگهندا.)
(2) فسادن ۽ خونريزي جي حقيقي سببن ۽
نقصان جي باري ۾ به ساڳئي ٽربيونل کان
فيصلو ورتو ويندو ته:
(الف) فسادن جا سبب ڪهڙا هئا؟
(ب) سول ۽ پوليس آفيسرن فسادن کي روڪڻ ۽
فسادن سبب پيدا ٿيل صورتحال تي ضابطي رکڻ
لاءِ ڪهڙا قدم کنيا هئا؟
(ج) ڪيترو جاني ۽ جائداد جو نقصان ٿيو؟
(هندن جي نيت اها هئي ته هو ٽربيونل اڳيان
اهو ثابت ڪري ويندا ته فسادن ۾ اڳرائي
مسلمانن ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ جاني ۽
جائداد جي نقصان جو جيڪو تخمينو ٽربيونل
لڳائيندو، سو مسلمانن کان ڀرايو ويندو.)
(3) ”فسادن“ جي سلسلي ۾ گرفتار ٿيلن
پندرهن سوَن
مسلمانن تي باقاعده فوجداري مقدما هلايا
ويندا ۽ سرڪار ڪو به ڪيس واپس نه وٺندي ۽
نه پنهنجي اختياري هلائي آزاد ڪندي.
وزارت ۾ ويهڻ کان هفتي اندر(يعني 27 مارچ)
نئين وزارت جج ويسٽن کي ٽربيونل مقرر ڪرڻ
جو اعلان جاري ڪيو ۽ گرفتار ٿيل مسلمانن
تي مقدمن هلائڻ لاءِ چار اسپيشل ماجسٽريٽ
مقرر ڪيا.
ان کان پوءِ ساري معاملي جو مدار وڃي ٿيو
ٽربيونل جي فيصلي تي. جيڪڏهن ٽربيونل
فيصلو ڏئي ته اها جاءِ مسجد نه آهي ته
مسلمان مسجد کان محروم ۽ جيڪڏهن ٽربيونل
اها راءِ ڏئي ته فسادن ۾ اڳرائي مسلمانن
ڪئي ته ساري جاني ۽ مالي نقصان جو حرجانو
(جيڪو ڪروڙن ۾ وڃي ها) مسلمانن کان ڀرايو
وڃي. اهو اصول الله بخش مرحوم جي وزارت
جنوري (1940)۾ اسيمبليءَ اڳيان قبول ڪري
چڪي هئي.
هاڻي سڄو بار وڃي پيو ٽربيونل تي.
ٽربيونل تي هاءِ ڪورٽ جي جنهن جج کي مقرر
ڪرايو هئائون، سو ڏاڍو بي ريا ۽ سخت طبيعت
جو انگريز هو. هندن کي يقين هو ته جنهن
صورت ۾ سندن قوم ۾ وڏا وڏا وڪيل موجود
هئا، جن جي پايي جا وڪيل مسلمانن وٽ ڪو نه
هئا، تنهن صورت ۾ هو پنهنجي عدالتي تجربي،
قانون داني، بهتر پيروي ۽ معتبر شاهدن جي
زور تي جج کان پنهنجون ڳالهيون ضرور
مڃرائي ويندا ۽ ان کان پوءِ مسلم ليگ جي
وزيرن هٿان خود مسلمانن جي حجامت
ڪرائيندا، يعني مسجد کان به کين محروم
ڪرائيندا ۽ ڪروڙين روپيا حرجانو وصول ڪري
کين ڪنگال به بڻائي ڇڏيندا.
ٽربيونل جي ڪارروائي پهرين اپريل کان شروع
ٿي. ضروري ڪاغذن ۽ دفترن جي مطالعي کان
پوءِ 7 اپريل جو ڌرين ڏانهن، حاضر ٿيڻ
لاءِ عدالتي نوٽيس جاري ٿيا ۽ 20 اپريل
کان باقاعده ٽربيونل جا اجلاس شروع ٿيا.
هندن ته پنهنجي طرفان وڪيلن ۽ دفترن وغيره
لاءِ اڳواٽ ئي ڪافي بندوبست ڪري ڇڏيو هو،
پر مسلمانن جي ڌر جي هيءَ حالت هئي:
(1) ڪيس جي پيروي لاءِ وٽن ڪو به وڪيل ڪو
نه هو.
(2) خرچ وغيره لاءِ ڪنهن به پائي پيسو ڪو
نه ٿي ڏنو.
(3) مسلمانن جي ڪيس ٺاهڻ، ڪاغذن تيار ڪرڻ،
ٻيءَ ڌر جي ڪاغذن وٺڻ، دفتر قائم ڪرڻ،
فسادن جي باري ۾ بچاءَ طرفان ضروري
معلومات هٿ ڪرڻ ۽ آڏيءَ پڇا لاءِ مواد
فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو به انتظام ڪو نه ٿيل
هو(تان جو حاضري مٿان اچي وئي.)
مسلمانن جي ٿڌائي ۽ بي تعلقيءَ جا ڪجهه
سبب هئا:
(1) فسادن ۽ گرفتارين ڪري عام مسلمان ٿڪجي
پيا هئا ۽ هنن سمجهيو ته هاڻي منزلگاهه
تحريڪ جا ليڊر پاڻ وزير ۽ حاڪم بڻيا آهن،
تنهنڪري اڳتي جي سڄي ڪم ۽ خرچ کي هو پاڻ
منهن ڏيندا.
(2) نوان مسلم ليگي وزير ڪجهه ته سرڪاري
فائلن جي مطالعي ۽ انتظامي امور ۾ مصروف
رهيا ۽ پيسي ۽ مسلمانن جي دفاع لاءِ
انتظام بابت حاجي عبدالله هارون تي ڀاڙي
ويٺل هئا. حاجي صاحب جو اصول هو ته هـُـو،
گهڻو ڪري، قومي چندن ۾ صرف تڏهن پيسا
ڏيندو هو جڏهن ٻيا به پنهنجي هڙان ڪجهه
ڪڍن. سڄو بار پاڻ تي نه کڻندو هو، ڇو ته
سندس چوڻ موجب ”ان صورت ۾ ان ڪار خير ۾
(ڪنهن به پيسي نه ڏيڻ ڪري) ٻين ماڻهن جي
دلچسپي ڪا نه ٿي رهي. مسلمان جنهن شئي تي
ٿورو گهڻو هڙان پيسو لائيندو، ان ۾ ئي
دلچسپي وٺڻ جو عادي ٿئي ٿو. جيڪڏهن مفت ۽
آسانيءَ سان پيسو ٻئي ڪنهن جي کيسي مان
نڪرندو پيو ڏسندو ته پاڻ چپ ڪري ويهي
تماشو ڏسندو.“
نئين وزارت ٺهڻ وقت حاجي صاحب مسلم ليگي
وزيرن سان هيءُ شرط ڪيو هو ته هو اڳواٽ
وزارت تان پنهنجون استعيفائون لکي وٽس
امانت رکندا ۽ جيڪڏهن هن(يعني حاجي صاحب)
به حيثيت صدر صوبائي مسلم ليگ، محسوس ڪيو
ته مسلم ليگ جا وزير مسلمانن جي حقن جي
حفاظت خاطر خواهه نموني ۾ نه ٿا ڪري سگهن
ته هو اهي استعفائون داخل ڪري سندن وزارت
ختم ڪري سگهندو. انهيءَ اميد تي ته، وزير
پنهنجون استعفائون لکي اڳواٽ سندس حوالي
ڪندا، حاجي صاحب هڪ لوهو ڪٻٽ به خريد ڪري
پاڻ وٽ موجود رکيو، تاڪ استعفائن جا ڪاغذ
حفاظت سان ان ۾ رکي سگهجن.
پر وزارت ملڻ کان پوءِ حاجي صاحب کي ڪنهن
به وزير پنهنجي استعفا ڪو نه موڪلي ۽ سندس
ڪٻٽ خالي رهجي ويو.
حاجي صاحب جي بددل ٿي، ڪيس جي خرچ لاءِ،
پيسن ڏيڻ کان ڪيٻائڻ جو اهو ٻيو سبب هو.
پر ان هوندي به سندس دل ڪا نه ٿي رهي. مون
ڏانهن شملي ۾ لکي موڪليائين ته: ”وزيرن هن
وقت تائين ته ڪو به پيسو پائي ڪٺو ڪو نه
ڪيو آهي، جنهن سان ٽربيونل اڳيان مسلمانن
جي ڪيس جي پيرويءَ جو انتظام ڪري سگهجي،
پر ان هوندي به مسلمانن کي ڇڏي ڪو نه
سگهبو. اوهان سر سڪندر حيات سان صلاح ڪري،
پنجاب جي ڪنهن وڏي مسلمان وڪيل سان
ڳالهيون ٻولهيون هلايو.“
اهڙو ئي خط حاجي صاحب سر سڪندر ڏانهن
سڌيءَ طرح به موڪليو، جنهن تي سر موصوف
ڊاڪٽر شيخ محمد عالم بيرسٽر سان گفتگو ڪري
کيس مڃايو ته هو روزانه هڪ هزار رپيا في
وٺڻ بدران، سنڌ جي مسلمانن سان رعايت ڪري،
کانئن مورڳو پنج هزار رپيا في ساري مهيني
لاءِ وٺندو.
فيصلو اهو ٿيو ته جڏهن ڪيس هلڻ شروع ٿيندو
ته ڊاڪٽر عالم سکر پهچي، مسلمانن پاران
وڪالت شروع ڪندو ۽ مسلمان هر مهيني جي في
پنج هزار رپيا مهيني مهيني جي شروع ۾ کيس
ادا ڪندا رهندا.
مون حاجي صاحب کي ان فيصلي جو اطلاع ڏنو ۽
ساڳئي وقت اهو به ٻڌايم ته ”آءٌ پاڪستان
اسڪيم تيار ڪرڻ ۾ مصروف هجڻ سببان نه پاڻ
شملو ڇڏي سکر اچي سگهندس ۽ نه ٽربيونل جي
ڪم ۾ ئي ذاتي طرح ڪو عملي حصو وٺي سگهندس.
وڪيل ڊاڪٽر عالم اسان موڪلينداسين، باقي
جو بندوبست مقامي طرح اوهان پاڻ رکجو.“
حاجي صاحب گهڻو زور رکيو ته گهٽ ۾ گهٽ
پهرينءَ ابتدائي حاضري وقت، جنهن ۾
ٽربيونل ڪي اصولي فيصلا ڪندو، آءٌ پاڻ
ٽربيونل سامهون ، به حيثيت جنرل سيڪريٽري
صوبائي مسلم ليگ، ضرور حاضر رهان. مون
ايتري ڳالهه به ڪا نه ٿي مڃي، پر سندس
تارن پٺيان تارون اچڻ لڳيون. آخر مون مان
نااميد ٿي سر سڪندر ڏانهن تار موڪليائين
ته هو ڪنهن طرح مون کي هڪ ڏينهن لاءِ سکر
اچڻ تي آماده ڪري. سر سڪندر کلندي کلندي
مون کي چيو ته: ”پرئي مڙس کي سخت بيقراري
محسوس ٿي رهي آهي، تون هڪ ڏينهن لاءِ سکر
وڃي سندس مرضي رکي اچ.“
مون کيس پنهنجي تڪليف ٻڌائي. مون چيس ته
آءٌ هن ڳالهه کان ڊڄان ٿو ته اهو مقدمو
ڊگهو هلندو. وزير پنهنجن سرڪاري ڪمن ۾
مصروف رهندا، تنهنڪري عبدالله هارون اڪيلو
رهجي ويندو. نه پيسو ٿيندو، نه وڪيل کي في
ڏئي سگهندا. آخر وڪيل تنگ ٿي ڀڄي ويندو ۽
سڄو بار مون تي اڇلائي، سنڌ جا ليڊر پاڻ
ويهي تماشو ڏسندا. آخر ۾ خدانخواسته
جيڪڏهن فيصلو مسلمانن خلاف ٿيو ته سارو
الزام مون تي مڙهڻ لاءِ اُڀا ٿي بيهندا.
مون کي پنهنجن ساٿين جو حال معلوم آهي.
مون کان جيتريقدر ٿي سگهيو ٿي، سو اڄ
تائين ڪندو رهيو آهيان. مون ۾ وڌيڪ همت ڪا
نه رهي آهي، جو آءٌ پاڻ کي نئين سر
چالاڪيءَ جي هن چڪر ۾ ڦاسايان ۽ ساڳئي وقت
عام مسلمانن کي به اهڙي اجائي آسري ۾ رکي
نقصان پهچرايان. امڪان آهي ته منهنجي پري
رهڻ ڪري، مقامي ليڊر ۽ مسلم ليگي وزير پاڻ
تي ذمه داري کڻي، ڪو بهتر انتظام ڪري
سگهن، جنهن مان مسلمانن جو ٻيڙو به تري
پوي.“
سر سڪندر صوبائي سياست جي هيٺ مٿاهين کان
بسر خود واقف هجڻ جي باوجود ان ڳالهه تي
ضد ٻڌي بيٺو ته آءٌ هڪ وار ضرور سکر وڃي
منهن پائي اچان. ٽربيونل ابتدائي حاضري 20
اپريل مقرر ڪئي هئي. اهڙو نوٽيس سنڌ مسلم
ليگ، جنهن جو آءٌ جنرل سيڪريٽري هوس،
تعميل ٿي چڪو هو.
18 اپريل منجهند ويلي آءٌ شملي مان ريل ۾
سوار ٿيس. ڊاڪٽر عالم ڏانهن به تار ڪيم ته
هو به سکر هلڻ لاءِ 19 تاريخ جو ڪراچي ميل
۾ لاهور کان اچي سوار ٿئي. اسان جي ريل
گاڏي شملي اسٽيشن کان ڇٽي ميل کن مس ڪيو
هو ته برسات سبب سندس انجڻ پٽي تان
تـِـرڪي سڌي وڃي پهاڙ ۾ لڳي ۽ چڪناچور ٿي
ويئي. ڌڪي لڳڻ ڪري مسافرن سان ڀريل گاڏا
ڇڄي وڃي سوين فوٽ هيٺ غار ۾ ڪريا. گهڻا
مسافر مئا، گهڻا زخمي ٿيا، منهنجي نوڪر جي
ٽنگ ڀڄي پئي. ساري گاڏيءَ جي مسافرن مان
جيڪي ٽي يا چار ماڻهو زخمي ٿيڻ کان بچيا،
انهن مان هڪ آءٌ به هوس. منهنجي پنهنجي
انٽر ڪلاس ۾ پنج ماڻهو ٻيا به ويٺل هئا،
جيڪي پڻ زخمي ٿي پيا. منهنجي بچي وڃڻ جو
مکيه ڪارڻ هيءُ هو ته الله تعاليٰ کي اڃا
مون کي مارڻ منظور ڪو نه هو. سبب هيءُ
بڻايائين ته گاڏيءَ ۾ سوار ٿيندي، آءٌ
وچينءَ سيٽ تي سـُـمهي ڪتاب پڙهڻ لڳو
هوس. جڏهن گاڏيءَ کي ڌڪ لڳو ۽ گاڏو ڀڳو ته
سيٽ جون ٻانهون منهنجي مٿي جي مٿان گذري
اهڙيءَ طرح بيهي رهيون جو ڀڳل ڇت جو ڪو
ٽڪرو به منهنجي مٿي يا جسم تي ڪو نه ڪريو.
ٻيا گاڏا بنهه هيٺ وڃي ڪريا هئا. مون وارو
گاڏو جيڪو وچ ۾ هو، سو پٽي تان لهي وچ جي
هڪ پل جي مٿان بيهي رهيو هو، جڏهن ته
اڳيان پويان سڀ گاڏا وڃي هيٺ غار ۾ ڪريا
هئا.
ان کي چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ
وارو ويجهو آهي. گاڏيءَ جي ڪـِـرڻ جي خبر
فوراً شملي شهر ۾ ڦهلجي ويئي، ڇو ته گاڏي
اڃا شهر جي حدن ۾ ئي هئي جو ڪـِـري پئي
هئي. ڪٽڪ ماڻهن جا ڀڄندا اچي موقعي تي
موجود ٿيا. سر سڪندر کي به خبر پئي، تنهن
پنهنجي موٽر ۾ پنهنجو سيڪريٽري چاڙهي،
هنن هدايتن سان موڪلي ڏنو ته جيڪڏهن آءٌ
مري ويو آهيان ته منهنجو لاش موٽر ۾ وجهي
وٽس پهچائين، جيڪڏهن زخميل آهيان ته
اسپتال کڻي وڃن، پر جيڪڏهن مورڳو بچي ويو
آهيان ته مون کي ساڳيءَ موٽر ذريعي هڪدم
ڪالڪا اسٽيشن پهچائين، جيئن (سکر واريءَ
گاڏي جو ڪنيڪشن نه وڃائي ويهان
۽)
اتان سوار ٿي لاهور رستي ٻيءَ شام جو وڃي
سکر پهچان.
مان الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان ٺيڪ
هوس. موٽر ۾ سوار ٿي ڪالڪا پهتس ۽ ٻئي
ڏينهن رات جو سکر پهتس. ڊاڪٽر عالم لاهور
مان گڏيو هليو هو. سکر پهچڻ تي پهرينءَ
مهيني جي في گهريائين. ڪراچيءَ مان ڪا پهر
سکر آيل ڪا نه هئي. آءٌ ڊاڪٽر صاحب کي
پيسا ڪٿان ادا ڪريان ها؟ مون ڪراچيءَ
تارون موڪليون، جن جو جواب ٻن ڏينهن کان
پوءِ رسيو ته پيسن جو في الحال انتظام ڪو
نه ٿو ٿي سگهي. ڊاڪٽر صاحب نااميد ٿي، ٻن
ڏينهن جي ترسڻ کان پوءِ آخر واپس لاهور
روانو ٿي ويو، باقي آءٌ اڪيلو وڃي سکر ۾
رهيس. سائين ڏئي، بندو سهي. اهو ئي ٿيڻ
لڳو، جنهن جو مون کي خطرو هو ۽ سر سڪندر
کي اڳواٽ آگاهه به ڪري چڪو هوس. حاجي
صاحب، مولوي حقانيءَ
وسيلي، زباني
شملي ۾ ٽرين جي حادثي جو منظر