سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :6

 

 

رئيس ڏِتل خان

 

 

رئيس ڏتل خان مرحوم

 

ڪنهن نالو به ڪو نه ٻڌو هوندو. دنيا پرستن جي نظر ۾ ته ننڍو ماڻهو هو، پر دل پرستن جي نگاهه ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. قدرت جو عجيب قانون آهي: هر هڪ جي جهولي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان مڙيو ئي ڀريو ڇڏي. ڪن کي ڌن ڏنائين، پر دل جي دولت کان محروم ڪري ڇڏيائين، ڪن کي دل ڏنائين، ڌن نه ڏنائين. مون اڪثر ڏٺو  ته جت ڌن هو ات دل ندارد هئي، جت دل موجود هئي ات ڌن جي نافت هئي. سبب اهو سمجهه ۾ آيو ته اهي ٻئي تراريون هڪ کپ ۾ سمائجي ڪو نه ٿي سگهيون.

رئيس مرحوم قوم جو لـُـنڊ هو. منهنجي فارم جي ڀر ۾ ٻروچڪين ڀونگڙين ۾ رهندو هو. پنهنجيءَ شاخ جو پريو مڙس هو، پر مڃوتي موچڙي  جي ٿئي ٿي. رئيس وٽ ڌن ڪو نه هو تنهنڪري موچڙو به ڪو نه هو. البته سندس سچائي، صفائي ۽ وفائي  جو سڪو ويٺل هو، تنهنڪري هر مجلس ۾ مان لهندو هو. پنهنجي زمين جا ٽڪرا هئس، پر انهن ۾ آباديءَ جو مدار هوندو هو مينهن تي، ۽ مينهن جوهيءَ جي باراني علائقي ۾ چوٿين - پنجين  سال مس ڦيرو ڪندو هو، پر غربت ۾ غني مون اهو شخص ڏٺو.

مون سان دوستي بنا سبب ٿي ويس. ٻڌو هئائين ته پاڙي ۾ ڪنهن پير اچي باغ رکيو آهي. پاڻ ٻروچ هو. پاڙيچائي جا فرض ڄاتائين ٿي. مون سان ملڻ لاءِ لنگهي آيو. هيٺ تي گوڏ ۽ بدن تي ڊگهو چولو چڙهيل هوس. پر سندس چهرو پري کان ٻهڪندو ۽ ٻولائيندو ٿي آيو ته هي ماڻهو سکڻو ڄٽ نه آهي. مون ساڻس ملي، موڙي تي وهاريس. پنهنجو تعارف ڪرايائين. چي:”آءُ تنهنجو پاڙيچو لنڊ ٻروچ آهيان، تنهنجو ٻڌم، آڌر ڀاءُ ڪرڻ فرض هو، اهو فرض لاهڻ آيو آهيان.  منهنجي لائق ڪا به خدمت هجي ته دل سان پوري ڪندس.“ان کان پوءِ زماني جا حال احوال  ڏنا ويا ۽ ورتا ويا.  پاڻ اڻ پڙهيل هو. رهندو جهنگ ۽ برپٽ ۾ هو. اٿڻ ويهڻ به هارين، ڌنارن، پنهوارن سان ٿيندو رهيو هوس. نه اخبارن سان واسطو نه ريڊئي سان رستو. پر ڌڻيءَ جي ڏنل ڏات انهن ڳالهين جي محتاج نه ٿي رهي. هر مسئلي جي باري ۾ پنهنجي راءِ ٿي رکيائين. ڪنهن جي وڏ ماڻهائپ يا مالداري بنهه اکين ۾ ڪا نه ٿي آئڙيس. چي: وڏن ماڻهن جي هڪ ٽنگ ريل ۾ ۽ ٻي جيل ۾ رهي ٿي.” ڦڪرات (فڪرات) ڪري اندر ۾ ٽمجهڻ متل رهي ٿو. سندن شـُـکن(سخن) ڄڻ پاڻيءَ  تي ليڪو. نه ڪهڻ جا نه ڏهڻ جا.“ جديد  غير مذهبي تعليم جي سخت خلاف هو. انگريزي تعليم يافت تي خاص طرح سان ڪاوڙيل ٿي رهيو. انهن کي پنهنجي زبان ۾ ”اسڪولي“ سڏيندو هو، يعني اسڪولن جا پڙهيل. مخالفت جا سبب ڪيئي هئس. پهريون سبب هيءُ  هو ته اسڪول مان پڙهيو، سرڪاري نوڪريون وٺي، پنهنجي ماڻهن کان ئي ”رشوائون“ يعني رشوتون وٺن ٿا ۽ انهن کي ئي ڦرين ٿا. ٻيو سبب هيءَ ته ابي ڏاڏي جي ريت ڇڏيو ڏين. پڙهڻ کان پوءِ ڪڏهن گهر اچن ٿا ته ڄڻ ڌاريا پيا لڳن. نه محنت ڪري سگهن نه اباڻي ڪرت، هر هلائڻ کان ٻرو پيو ايندن. مهمان ڏسيو لڪيو پون، نه ان جو آڌر ڀاءُ ڪن نه ان سان خوش خير عافيت. نه سام جهلڻ جهڙا نه سخن تي سر ڏيڻ وارا، ڇڙو وات پيا هڻندا. شهرن ۾ رلندا، نوڪرين لاءِ ٻاڏائيندا، ۽ چانهيون پي پنهنجا آندا ساڙيندا وتندا. مڙس جو شان پڳ هوندي آهي، انهن پڳ ڇڏي واڻڪي ڪاون واري ٽوپڙي پاتي آهي، جيڪا لٺ جو ڌڪ به جهلي ڪا نه سگهندي.  پڳ ۾ وڏي حڪمت ٿئي ٿي. جهڙو تهڙو ڌڪ پڳ تي اثر ڪو نه ڪندو. مئي کان پوءِ به گازين (غازين) لاءِ پڳ ”کفڻ“ يعني ڪفن جو ڪم ڏئي ٿي. ٽوپي ڪري ٽانءِ ته به پڳ برابر ناهن.

 رئيس کي کنگهه جو ٽونڪارو هوندو هو. ان مان واندو ٿي وري تقرير شروع ڪندو هو. چي: ”اسان جي ٻچن کي اسڪولن ارن کان ڪڍي ڇڏيو آهي. ڀرت جي ٽوپڙي پائي چيلهه  کي لوڏا ڏئي پيا هلن، ڄڻ ميتڙيون مکڻ يا بازيگرڻيون گهگهڙا وڪڻڻ شهرن ۾ نڪتيون آهن. چيلهه کي اهڙا ئي موڙا، اکين جا ساڳائي چالا،  لٽا به اهڙا ئي رنگا رنگ زالاڻا. اسان جي جوانيءَ واري زماني ۾ ڪو اسان جو ٻار پنهنجو اهڙو حال ڪري سامهون اچي ها ته لٺين سان اُجهائي وجهونس ها يا کدڙو سمجهي ڳوٺ نيڪالي ڏئي ڇڏيونس ها.“

 کيس سمجهائبو هو ته: ”اهي ماڻهو پڙهيل آهن. اسان جا پنهنجا آهن. منجهن ملڪ جون اميدون آهن. هي نئون زمانو آهي، جنهن سان نئون ٿي هلڻو آهي، وغيره وغيره.“  پر اثر ڪو نه ٿيندو هوس. رئيس جا پنهنجا خيال هوندا هئا. چي: ”انهن مان گذا(غذا)  ٿيڻي ڪا نه آهي. پڙهيا پر ڪڙهيا ڪو نه ته ڇا حاصل؟ سنڌ جو مرڪ ڪڙهڻ آهي نه پڙهڻ.  اسان جا وڏا، جن سنڌ تي سر ٿي ڏنا، سي پڙهيل نه هئا پر ڪڙهيل هئا، ڇو ته ”اکران دي وچ جوئي اڙيا،عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا.“ اهو ڪهڙو پڙهڻ آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ مان ماڻهپو ئي نڪريو وڃي. جڏهن کان ڦلنگي ( فرنگيءَ)  اسڪول چالو ڪيا، اسان جي ماڻهن مان ماڻهپي جا انگ مٽبا ويا. منهنجي عمر اسي ورهيه آهي، مون جيڪي انگ ماڻهپي جا اوائلي ڏينهن ۾ ڏٺا سي به اڄ نظر ڪو نه ٿا اچن.“

 پوءِ ويهي رئيس مرحوم پراڻيءَ سنڌ جي ماڻهپي جا انگ ڳڻائيندو هو ۽ هر هڪ جي شرح لاءِ ڪو نه ڪو واقعو  ٻڌائيندو هو. کيس ٻڌڻ کان پوءِ سندس نظريي سان کڻي اتفاق نه به ڪبو  هو، تڏهن به هيءَ مڃڻو ٿي پيو ته جيڪا سنڌ رئيس ڏسي چڪو هو ۽ جن انساني خوبين کي هن ماڻهپو ۽ سنڌ جي ميراث ٿي قرار ڏنو، سا سنڌ هينئر واقعي ڪا نه رهي آهي ۽ نه گهڻي پر اهي خوبيون.

رئيس جي اڄ ڪالهه جي سيدن پيرن تي به خاصي رنجش هوندي هئي. چي: ”گهڻو کائي دل پيٽ ۾ پوري ڇڏي اٿائون، آنڊن ۾ پوريل دل کي الله ڪيئن نظر ايندو.“  سيدن پيرن  جي خلاف گهڻيون شڪايتون هئس، پر منهنجي شرم کان انهن جي اپٽار ڪو نه ڪندو هو. پڇبو هوس ته مـُـرڪي ڪري ماٺ ڪندو هو ۽ سندس اها مـُـرڪ  به ڏاڍي معنيٰ خيز ۽ من موهيندڙ هوندي هئي.

رئيس مرحوم جي سوچ سنڌ جي ٺيٺ خداداد فهم يا Wild Wisdom جو نتيجو هئي، جنهن تي مصلحت، منافقت، زمانه سازي، يا نون تمدني يا تعليمي اثرن جو اثر ڪو نه هو.  هو جيڪا ڳالهه ڪندو هو سا ائين هوندي هئي ڄڻ سنڌ جي ڌرتي پئي ڳالهائي ۽ ماڻهو ڌرتيءَ  سان ڪن لايون ڌرتيءَ جي ڌڙڪندڙ دل جا داستان پيو ٻڌي.

اسان جو تعلق ڏهه سال هليو. پاڻ اهو دستور بڻائي ڇڏيو هئائين ته جڏهن به آءٌ باغ تي ويندس (ڀل روز وڃان ۽ مهينن  جا مهينا ويندو رهان) ۽ پاڻ موٽر جو آواز ٻڌندو  ته هڪدم جوار يا ڪڻڪ جون مانيون ٿوٻيءَ تي پچرائي،  لوٽو لسيءَ  ۽ تازي مکڻ سان ڀري، مٿي تي کڻي هڪدم اچي مون وٽ پهچندو، هٿين خالي نه ايندو، ناغو نه وجهندو.

منهنجي باغ تي پهچڻ کان گهڙي ساعت بعد پري کان ڏسبو هو ته پوک يا وڻن مٿان پهريان دکي ٻاهر نڪرندي هئي، پوءِ رئيس جي اڇي پڳ ۽ ان کان پوءِ رئيس صاحب پاڻ. اها سنڌ جي روايتي وضعداري هئي، ناتو رکڻ ۽ ناتو نباهڻ.

1974ع جي پڇاڙيءَ ۾ پاڻ انتقال ڪيائين. ساڻس دوستي کهنبي جو چـُـٽڪو ثابت ٿي.

ويچارا وڻجارا ويا، ڇني سنڱ سندام،

ائين چئي چڪام ته اسان اچڻ ايترو.

شال سندس مرقد مبارڪ  الاهي رحمتن سان منور رهي.

 

 

 

 

رئيس شمس الدين بلبل مرحوم

 

سنڌ جي علم ادب  يا لٽريچر تي دادو ضلعي جا وڏا احسان آهن. اهڙي موقعي تي جڏهن سنڌ جي نئين تاريخ پئي ٺهي، دادو ضلع ٽي ماڻهو سنڌ کي ڏنا، جن مان هر هڪ پنهنجي لائن ۾ يگانو هو.

صحافت ۽ لٽريچر ۾ رئيس شمس الدين بلبل (ميهڙ).

ادب ۽ تاريخ ۾ علامه دائودپوٽو (ٽلٽي).

فلسفه، تصوف ۽ متفرق علوم ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي (پاٽ).

اهي ٽي ماڻهو اهي هئا، جن نئين سنڌ ۾ پنهنجي علمي ڪمالات سان ذهني انقلاب آندو ۽ ان انقلاب جي خود قيادت ڪيائون. هر هڪ جو ذڪر پنهنجيءَ جاءِ تي ايندو، هت فقط بلبل مرحوم بابت مان پنهنجا تاثرات پيش ڪريان ٿو.

مون مرحوم کي اکين سان ڪو نه ڏٺو، پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ڏٺم ته هن مڙس جو ساريءَ سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو. جـُـوءِ ۾ ٻيا به گهڻائي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا، پر بلبل جو مٽ ڪو نه هو. صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٻه شير ٻڌبا هئا: لاڙ ۾ محمد هاشم ”مخلص“ ۽ اتر  ۾ شمس الدين ”بلبل“.  ٻئي اخبار نويس هئا، ٻئي نظم ۽ نثر ۾ صاحب ڪمال هئا. فرق فقط هيءُ هو ته مخلص جي تحرير قدري اُگري هوندي هئي ۽ بلبل جي تحرير سلوڻي. مخلص جو زور وقتي مسئلن تي هوندو هو، بلبل کي قوم جي مستقبل جو به خيال رهندو هو تنهنڪري سندس فڪر جو انداز تعميري ۽ نظر ڊگهي هوندي هئي. هجو ۽ مذاق ٻنهي جي تحرير جو خاصو هوندي هئي ۽ ماڻهو ٻنهي جي تحرير پڙهڻ لاءِ آتا هوندا هئا. البته هجو گوئي ۾ مخلص جي قلم جو گهوڙو ڪڏهن ڪڏهن ذاتيات ۽ شخصيات ۾ به ڪاهي پوندو هو، ۽ برعڪس ان جي بلبل اڪبر الله آباديءَ جي طرز ۾ عام حالات تي تنقيد ڪندو هو.

سندن دور جو وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ هو ته انگريزن جي پيرن پختي ٿي وڃڻ ڪري هڪ وڏو انقلاب اچي چڪو هو، جنهن سبب سنڌ سان محبت جي تقاضا اها هئي ته ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪجي جيئن سنڌ جي تهذيبي ورثي کي مغربيت جي اثر کان به آجو رکجي(جيئن سنڌيت جا قديمي رنگ نه ميسارجن) ۽ ساڳئي وقت نين حالتن پٽاندڙ زماني سازيءَ کان به ڪم وٺبو رهجي. انهيءَ اصول جي بنا تي بلبل مرحوم هڪ طرف ته سنڌ مدرسي جي پايي وجهندڙ مرحوم حسن علي آفنديءَ جي تعليمي تحريڪ سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ ٻئي طرف پنهنجي تحرير ۽ ڪلام جي ذريعي نئين غير ملڪي تهذيب جون بڇڙايون بيان ڪندي سنڌين کي پنهنجن قديمي تهذيبي ليڪن لتاڙڻ ۽ اباڻي ريت وسارڻ کان به روڪيندو رهيو. اهو هڪ قسم جو وڏو تهذيبي جهاد هو، جنهن جو مقصد هو ته نوَن تهذيبي ۽ تمدني طوفانن جي عين وچ ۾ سنڌ کي پنهنجي اصلي ۽ حقيقي محور تي قائم رکبو  اچجي.

ان ۾ ڪو شڪ ڪو نه آهي ته مون واري نسل جا ماڻهو گهڻيءَ حد تائين بلبل جي تحريرن کان متاثر رهيا، تنهنڪري مغربي تهذيب جي سيلاب ۾ بنهه لـُـڙهي وڃڻ کان بچي ويا. ثبوت هيءُ آهي ته ان زماني ۾ اسانجن ماڻهن تي مغربي تهذيب جو ايترو اثر ڪو نه هو، جيترو آزاديءَ کان پوءِ اسان ڏسي رهيا آهيون. انهن ڏينهن ۾ نه ايتريون پتلونون نظر اينديون هيون، نه ايتري قدر بيپردگي، نه مغربي طرز زندگيءَ سان اهڙي وابستگي.

مرحوم ساري زندگي ٻين ڪمن سان گڏ اخبار نويسي به ڪندو رهيو. 1889ع کان 1919ع تائين(جنهن سال پاڻ وفات ڪيائين) ڪنهن نه ڪنهن اخبار سان وابسته رهي پنهنجي خيالات جي اشاعت ڪندو رهيو. سندس مضامين نـِـجو لٽريچر هوندا هئا. اهڙي طرز نگارش ورلي وري ڪنهن سنڌيءَ  جي حصي ۾ آئي. اخباري مضمونن کان سواءِ نظم توڙي نثر ۾ ڪيئي ڪتاب به لکي ڇڏيائين. مثلاً:(1) نيچرل ڪريما، (2) ديوان بلبل سنڌي، (3)بهار عشق، (4) رحيما، (5) تيرهن ڄار، (6) مسلمان ۽ تعليم (7) عقل ۽ تهذيب، (8) قرض جو مرض، (9) صد پند سود مند، (10) شمس المڪاتيب، (11) احسن التواريخ، (12) ديوان بلبل فارسي، (13) بهارستان بلبل، (14) آئينه ظرافت، (15) گنج معرفت، (16) ديني ڪتابن جو سلسلو.

مطلب ته بلبل سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو، سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو، سنڌي تهذيب جو راکو  هو.

ڪو ڏينهن ايندو، جڏهن سـُـتل سنڌ ڪر ڀڃي اُٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت سان لاهيندي ته ميهڙ جو بي معنيٰ ۽ ڪوجهو نالو مٽائي بلبل آباد يا بلبل ديرو رکندي.

 

 

 

 

مرحوم شمس العلماءُ علامه دائود پوٽو(1)

 

ست ورهيه سنڌ  کان ٻاهر رهڻ بعد، 1962ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ موٽي اچي ڏٺم ته ان عرصي اندر ڪيترائي ساٿي ساٿ سهيڙي وڃي جنت ۾ جائگير ٿيا هئا. سندن ماڳ، سندن سانگ موجود هئا.  اهي ٿر، اهي بر، اهي پنڌ، اهي پيچرا، اهي گهٽ، اهي گهيڙ، اهي اڱڻ، اهي آستان- فقط جوءِ اندر جـَـتن جو پنهنجو پـَـرو ڪو نه هو.

لڏي ويا ڇڏي  ڪاهي ڌڻ ڌنار،

نڪا ٻيڪ ٻڪر جي نڪا تڙ تنوار!

 انهن وڇڙي ويل ويڙهيچن جي ياد وسرڻ جي نه آهي. هر هڪ جي صورت هينئر به پئي اکين اڳيان ڦري. ڊاڪٽر دائود پوٽو، عثمان علي انصاري، مولانا  محمد صادق راڻيپوري، حڪيم شمس الدين، سيٺ محمد جعفر خواجو، پير عبدالغفار شاهه، مولوي عبدالحي حقاني، نسيم تلوي، علي احمد خان افغان بيچانجي وارو. هر هڪ پنهنجي جاءِ تي جانب، لائڻ ۽ نباهڻ جو لائق، نه وساري نه وسري. ڪنهن جو قصو ڪري ڪنهن جو قصو ڪجي، سواءِ هن جي ته:

"اباڻن جي اڪير، راتو ڏينهان روئاري!“

ڊاڪٽر دائودپوٽه عليـہ الرحمة  کي تڏهن کان سڃاڻندو هوس، جڏهن هو صاحب اڃا ڊاڪٽر ڪو نه ٿيو هو. ايم. اي. پاس ڪري ولايت وڃڻ واسطي، اسڪالرشپ وٺڻ لاءِ بمبئي آيل هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ اڃا بمبئي پريزيڊنسيءَ سان پيوست هئي.بمبئي جي ڪمبيڪر اسٽريٽ ۾ آءٌ پنهنجي ڏاڏي مرحوم جي خدمت ۾ هڪ ميمڻ دوست وٽ مهمان هوس. جاءِ جي هيٺان  هڪ ريڊنگ روم هوندو هو، جتي اخبارون ۽ رسالا رکيل هوندا هئا. اخبارن سان منهنجو واسطو اڃا ڪو نه ٿيو هو، علم جي شوق وچان فقط اردو رسالن جا پيو ورق ورائيندو هوس. رسالن جو اڃا رواج ڪو نه پيو هو.

هڪ پونياڙيءَ جو مٿان لهي آءُ اچي ريڊنگ روم ۾ ويٺس. اتي ٻين ماڻهن سان گڏ هڪ سنڌي نوجوان به ويٺل هو. مٿي تي ڳاڙهي ترڪي ٽوپي، جسم تي ڊگهو ڪارو ڪوٽ، هيٺ تي موڪرو پاجامون، پيرن ۾ سليپر، چهري تي ڏاڙهي، پر قدري ڪتريل. اهو ياد ڪو نه اٿم ته هو پاڻ مون ڏانهن متوجه ٿيو يا مون وڌي وڃي ساڻس ڳالهايو، پر اسان جي ڏي وٺ بروقت ٿي ويئي. پاڻ ٻڌايائين ته: ”منهنجو نالو عمر الدين آهي، آءٌ ٽلٽيءَ ضلعي دادو جو ويٺل آهيان، ايم. اي پاس ڪئي اٿم ۽ يونيورسٽيءَ طرفان سونو ٻلو به مليو اٿم.(ائين چوندي سونو ٻلو کيسي مان ڪڍي ڏيکاريائين) ميان عبدالرحيم شاهه سجاول واري سان گڏجي هت آيل آهيان، انهيءَ ارادي سان ته چئوچوات ڪرائي، بمبئي سرڪار وٽان اسڪالرشپ وٺان ۽ ولايت وڃي ڊاڪٽري پاس ڪري اچان.“

سنڌي دستور موجب مون کان احوال ورتائين. مون عرض ڪيس:”فارسي پيو پڙهان، مسجد جو ملان درس ڏيندو اٿم،اسڪول ۾ وڃڻ جو ڪو سوال ڪو نه آهي، پير ماڻهو آهيون، زمين به آهي، نوڪري ڪا نه ڪرڻي اٿم جو اسڪولي تعليم وٺان.“

منهنجو اهو قصو ٻڌي، مسٽر عمر الدين مرحوم اچرج ۾ پئجي ويو. چيائين: ”تون هوشيار ڇوڪرو نظر پيو اچين، تو کي باقاعده سنڌي ۽ انگريزي تعليم اسڪول ۾ وٺڻ گهرجي. تنهنجا وڏا تو کي ڇو پيا گهات ڪن؟ وقت اچي رهيو آهي، جڏهن علم کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ڪم اچڻي ڪا نه آهي.“

مون چيس: ”منهنجو ڏاڏو  به هت آهي ۽ مٿي رهيل آهي، اوهان موقعي سارو ساڻس ڳالهائي ڏسو.“

رات جو مون پنهنجي ڏاڏي کي ٻڌايو ته هڪ تمام غريب سنڌي نوجوان هن پاڙي ۾ اچي رهيو آهي، کيس اسڪالرشپ کپي ٿي، اوهان ساڻس ملاقات ڪريو ۽ اسڪالرشپ واري ڪم ۾ سندس مدد به ڪريو. سر علي محمد خان دهلوي مرحوم انهن ڏينهن ۾ بمبئي سرڪار ۾ وزير هو ۽ ڏاڏي مرحوم جي ساڻس پراڻي واقفيت هئي. ٻئي ڏينهن صبح جو مون عمر الدين مرحوم کي وٺي ڏاڏي  مرحوم سان ملايو.

پاڻ منهنجي انگريزي تعليم بابت زوردار لفظن ۾ چيائين ۽ ڏاڏي مرحوم کان وعدو ورتائين ته مون کي ڪرنل برائون جي ڪيمبرج اسڪول ۾ انگريزي تعليم وٺڻ لاءِ ضرور موڪليندو.

سنڌ موٽي اچڻ بعد  خط پٽ ذريعي به عمر الدين مرحوم منهنجي تعليم واري قصي جي پوئواري ڪندو رهيو. جڏهن آءُ ديرادون وڃڻ لڳس ته اتان جي پرنسپال ڪرنل برائون جي نالي تعارفي خط به لکي موڪليائين، حالانڪه ڪرنل برائون سان سندس ڪا به ذاتي واقفيت ڪا نه هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ پاڻ عمر الدين (مرحوم) به ولايت اسهي ويو.

ديرادون اسڪول ۾ مون فقط هڪ ڏينهن تعليم ورتي. ٻئي ڏينهن صبح جو ٽپڙ کڻي واپس اچي گهر پهتس. اسڪول سان دل ڪا نه لڳي.

عمر الدين (مرحوم) جي تاڪيد جو اثر منهنجيءَ دل تي پوءِ به قائم رهيو. محض کيس منهن ڏيکارڻ جي قابل ٿيڻ خاطر مون زور سان انگريزي پرائڻ جي ڪوشش ڪئي- خانگي طرح، ڪتابن ۽ اخبارن جي وسيلي.

وقت گذرندو ويو، وچان ورهيه پئجي ويا.

عمر الدين (مرحوم) ولايت مان پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪري موٽي آيو ۽ هت رسڻ بعد سنڌ مدرسة الاسلام  جو پرنسپال مقرر ٿيو. آءُ پاڻ به مٿا مونان هڻي ڪجهه سنڌي، ڪجهه انگريزي سکي پيو هوس. سنڌ زميندار سکر جي ايڊيٽريءَ  سان گڏ محترم خانبهادر کهڙي صاحب جي سيڪريٽريءَ طور انگريزيءَ ۾ لکپڙهه ڪندو ٿي رهيس.

ولايت مان موٽڻ بعد عمر الدين مرحوم ڊاڪٽر يو. ايم. دائودپوٽو سڏجڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ مدرسي جي پرنسپالي به ڪا شيءِ هوندي هئي. هر وات تي ڊاڪٽر صاحب جي وائي هئي. سنڌ جو پهريون مسلمان پي. ايڇ. ڊي هو.

انهيءَ ئي زماني ۾ محترم خانبهادر کهڙو صاحب، سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪري چڪو هو. اڪيلي سر، پنهنجي ذميداريءَ تي. اڪثر دنيا سندس مخالفت پئي ڪئي. هندن ته بنهه منهن مٿا پئي پٽيا، پر اوائلي ڏينهن ۾ مسلمانن مان به ڪيترن صاحبن بمبئي سرڪار ۽ هندن کي خوش رکڻ خاطر، وڃي واهن جا پاسا ورتا هئا. ان تحريڪ جو مرڪز پهريائين لاڙڪاڻو هو ۽ بعد ۾ ڪراچي. تحريڪ جي سلسلي ۾ خانبهادر کهڙي کي اڪثر ڪراچي اچڻو ٿي پيو ۽ بطور سندس سيڪريٽريءَ جي مون کي به. ڪراچيءَ جي فضا ڪنهن حد تائين ناموافق هوندي هئي. سرڪاري ڪامورا ڪڙا ۽ ليڊرن مان به ڪيترا سڄڻ وقت جا سلامي هئا ۽ کهڙي صاحب کان مڙيو ئي پاسو پيا ڪندا هئا. الڪو اهو هوندو هون ته اها خبر سنڌ جي ڪمشنر کي نه وڃي رسي. وقت جو ڪمشنر هڪ کـُـهرو انگريز هوندو هو، جي. اي. ٿامس. بمبئيءَ جي اخبار ٽائمز آف انڊيا، سندس انيشلز (ڇوٽين صحيحن)  ”جي. اي“ جو شرح ڪيو هو ”گاڊ المائٽي“(يعني خود خدا) نعوذ بالله.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته کهڙو صاحب ۽ آءٌ ڪراچي آيل هئاسون، مرحوم حسين عليءَ جي بنگلي تي، سندس مهمان طور، رهيل هئاسون. حسين علي، خانبهادر حسن علي مرحوم  جو پوٽو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ جيل کاتي ۾ نوڪري ورتي هئائين. سندس بنگلو وڪٽوريا روڊ، پراڻيءَ ڪمشنريءَ جي ٻاهران هوندو هو.

حسين عليءَ مرحوم، کهڙي صاحب جي اعزاز ۾ ڊنر پارٽيءَ جو انتظام ڪيو. گهڻن ئي ڏٺن وائٺن ماڻهن ڏانهن دعوت ناما موڪليائين، پر سواءِ ٻن شخصن جي، باقي سڀني کي وقت تي ڪو نه ڪو عارضو ٿي پيو، جنهنڪري دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ کان لاچار ٿي پيا. اهي ٻه جيڪي اچي ڊنر ۾ شامل ٿيا، سي هئا: مير بنده علي خان ٽالپر ۽ مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽو.

ڊاڪٽر صاحب کان پڇيو ويو ته کين وقت جي قلت جو ڇو ڪو نه خيال ٿيو؟ پاڻ فرمايائين: ”و تعزمن تشاءُ و تذل من تشاءُ.“ قادر ڪريم پنهنجا اختيار ڪمشنر جي حوالي ڪو نه ڪيا آهن، جو آءُ ويهي کانئس ڊڄان.

ڊاڪٽر مرحوم ان موقعي تي پهريان مون کي ڪو نه سڃاتو، ڇو ته طرفين جي عمر ۽ حيثيت ۾ ڪافي ترقي ٿي چڪي هئي. بعد ۾ وجهه وٺي مون کيس اڳيان بمبئيءَ وارا ڏينهن ياد ڏياريا. عين شفقت وچان ڀاڪر پاتائين ۽ فرمائين: ”آءُ اڄ تائين تنهنجي ڳولا ۾ هوس. ولايت مان موٽڻ بعد آءٌ علي محمد راشديءَ جو نالو اڪثر ٻڌندو پئي رهيس، پر اهو پتو ڪو نه هوم ته جنهن ڇوڪري سان آءٌ بمبئيءَ ۾ مليو هوس، سو هينئر علي محمد راشدي ٿي پيو آهي. وغيره وغيره.“

 چڱن کان هميشه چڱايون پيون پڄن.

تجديد ملاقات بعد، تعلقات جو نئون دؤر شروع ٿيو، تنهن کي ڊاڪٽر صاحب مرحوم آخر وقت تائين نباهيو. مون کي ياد نه آهي ته مون کيس ڪڏهن ڪو عرض ڪيو هجي ۽ هن صاحب نه مڃيو هجي.

سياسي زلزلا آيا، جهيڙا ٿيا، وزارتون ٺهيون ۽ ڊهيون، پارٽيون ٿيون ۽ ڪريون، جاني دوست، جاني دشمن بنجي ويا، وقتن ڦرندي دشمن، دوستيءَ جا دم هڻڻ لڳا، پر مون ڏانهن سندس اوائلي شفقت ۽ روايتي  ڪريميءَ ۾ ڪڏهن به ڪا ڪوتاهي ڪا نه ٿي، حالانڪه طبعاً پاڻ قدرتي زود رنج هئا ۽ آءٌ بنهه ”سيد ڪو ٻار!“

سنڌ مدرسي جي پرنسپاليءَ بعد، ڊاڪٽر صاحب مرحوم اسماعيليه ڪاليج انڌيري جو پروفيسر مقرر ٿي بمبئيءَ روانو ٿي ويو. آءٌ ”سنڌ زميندار“ ڇڏي ”ستاره سنڌ“ جاري ڪري چڪو هوس.

اميرو نالي هڪ باورچي مون وٽ ملازم هو. ماني چڱي رڌيندو هو، پر دماغ جي ڪل ٿڙڪيل هيس، ڪنهن مهريءَ جي موهه جا هٿ لڳل هئس. مون وٽ سندس پگهار  هڪ آنو روز هوندي هئي ان اپرانڌ الائونس جي، مون کي ۽ منهنجي متعلقين کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهندو هو. ڪفايت ۽ مانيءَ جي چشڪي جي ڪري آءٌ ۽ حسام الدين به صبر ۽ سڪون سان سندس بڙ بڙ جي بوڇاڙ برداشت ڪندا ٿي رهياسين.

سياري جي موسم هئي ۽ سکر سونهاري جي صبح جو ڦرڪڻي. اميرو منهنجي ڪمري ۾ اچي دانهون ڪرڻ لڳو. چي: ”صبح مڙدان سان هڪ ”ڏاڪدر بنگلي“ ۾ لنگهي پيو آهي، مون گهڻو ئي پيو چوانس ته هن گهر ۾ ڪو به بيمار ڪو نه آهي، پر هو مـُـڙي ڪو نه ٿو. چوي ٿو: ”مبئيءَ“ کان  آيو آهيان. مون چيس ته هينئر وڃ، سيءُ واءُ لاهي، عبدالرحمان جي هوٽل تان چانهه پاڻي پـِـي، پهر سج موٽي اچي پير سان ملجانءِ، پر منهنجي ڪا ڳالهه ڪا نه ٿو مڃي. ڪتابن جي ڀري کنيو ٻاهر ڀت تي چڙهيو بيٺو آهي. آءٌ ته دروازي تي ڪڙا ڪنڍا چاڙهي آيو آهيان، پاڻ ئي ٿڌ  تپائيندس ۽ هليو ويندو...“

 

منهن ٻاهر ڪڍي ڏٺم ته ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم پاڻ ويٺو آهي. ناگهان، بي گمان، ڊوڙي وڃي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ اميري جي بدتميزين بابت تڪڙي تڪڙي معافي گهرڻ لڳس، پاڻ فقط کلندو رهيو.

حال احوال وٺندي معلوم ٿيو ته سنڌ جي تاريخ تي مواد گڏ ڪرڻ لاءِ پاڻ سنڌ جي سفر  تي چڙهيل آهي. ان سلسلي ۾ کيس معلوم ٿيو هو ته مان اڳ ۾ ئي سيد محمد معصوم بکري عليـہ رحمة جي حالات متعلق تحقيق پيو ڪريان، جنهنڪري ضرورت محسوس  ٿيس ته مون سان اچي مليو.

ڊاڪٽر صاحب اڱڻ اچي ۽ عيدان نه ٿين؟ خوشيءَ وچان آءٌ سندس خدمت ڪرڻ لڳس. جيڪو حاضر هو، سو کڻي پرينءَ جي پيش ڪيم. سال کن کان پوءِ سندس ڪتاب تاريخ معصومي شايع ٿيو، جنهن جي ديباچي ۾ مون کي به ياد فرمايو هئائين.

پر اڃا جا ڳالهه اهم هئي ۽ ان موقعي تي مون کي معلوم ٿي، سا اڃا ٻي هئي. ڊاڪٽر صاحب پهريون دفعو سنڌ جي ذهني ترقي متعلق، مون کي پنهنجو پروگرام ٻڌايو.

سنڌ جي بمبئيءَ  کان علحدگيءَ جا آثار ان وقت تائين نه فقط ظاهر،بلڪه يقين جي حد تائين پهچي چڪا هئا. ان حقيقت کي سامهون رکندي، ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته سنڌ جي جدائي اوسيتائين بي معنيٰ ثابت ٿيندي، جيستائين سنڌين کي ذهني طرح جهنجهوڙي، جاڳائي، پيرن ڀر کڙو نه ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سندس خيال هو:

1- سنڌ جي تاريخ جي تحقيق ڪجي. بغير ماضي معلوم ڪئي ۽ ماضيءَ مان سبق حاصل ڪئي، مستقبل جو صحيح تعمير ٿيڻ ناممڪن آهي.

2- سنڌي ٻوليءَ تان ٻاهرين ٻولين جا ڇلهڙ ۽ ڇوڏا لاهي، ان کي سندس اصلي ۽ نج حالت ۾ پيش ڪجي. پنهنجي ٻوليءَ جي مدد کان سواءِ ماڻهو پنهنجي اندر جا ٻول ٻولي نه سگهندو.

3- سنڌ جي مخصوص روحاني تعليمات کي زندهه ڪجي، جيئن سنڌي پنهنجي ان بي مثال ورثي تي فخر ڪري سگهن.

4- سنڌ اندر تعليم عام ڪجي.

ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته سردست هو سنڌ جي تاريخ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري. جيڪڏهن حياتيءَ هٿ نه ڪڍيس ته هلندي هلندي باقي ڳالهين جي به پوئواري ڪندو رهندو.

هينئر سندس حياتيءَ جو مجموعي جائزو ورتو ويندو ته معلوم ٿيندو ته ڊاڪٽر صاحب مرحوم ان پروگرام کي پوريءَ طرح نباهيو ۽ ائين ڪرڻ سان سنڌ جي اجتماعي زندگيءَ کي هڪ نئين دور جي دروازي تي آڻي بيهاريو.

1936ع ۾ سنڌ جدا ٿي. 1937ع ۾ آزاد سنڌ جون پهريون چونڊون ٿيون. ٿوري ئي عرصي اندر ڊاڪٽر صاحب مرحوم به بمبئيءَ کان موڪلائي اچي پنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏٺا ۽ تعليمي کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو.

سندس دفتر بندر روڊ تي، اسٽار (هينئر مئجيسٽڪ) سئنيما جي سامهون هو ۽ منهنجو گهر رام باغ تي. وچان فاصلي جي ٿورائي ڪري اسان جو گڏجڻ روزانو نه، ته به هڪ نه ٻئي ڏينهن ضرور پيو ٿيندو هو. اهي ڏينهن امنگن ڀريا هوندا هئا. نئين ولولي جو وهڪرو اڃا وير جي ٽڪرين سان ٽڪرجي ٽـُـڪر ڪو نه ٿيو هو. اميدن جو بهار هو، خزان جو خطرو محسوس ڪو نه ٿي ٿيو.

ڊاڪٽر صاحب مرحوم پنهنجي قلم ۽ پنهنجي تعليمات ذريعي اها ڪوشش شروع ڪئي ته سنڌي زبان کي هندي ۽ سنسڪرت جي نامناسب ۽ غير ضروري ملاوٽ کان آزاد ڪري، سندس اصلي صورت ۾ پيش ڪري. سنسار سماچار ۽ ڪن ٻين ڪٽر هندو اخبارن جو شغل ٿي چڪو هو ته سنڌيءَ ۾ ٻاهرين ٻولين  جا اکر ٽـُـنبي  سندس حـُـليو بگاڙيو وڃي. ان تحريڪ ۾ سنڌ جا سڀ هندو شامل ڪو نه هئا. منجهن گهڻا اهڙا بزرگ به هئا، جن ان جعلسازيءَ کي قطعاً  نفرت جي نگاهه سان ٿي ڏٺو، پر پڙي ڪو نه ٿي سگهيا. سنڌ اندر هندو قلم اهڙن بدمستن جي هٿ چڙهي ويل هو، جن کي اڳ پوءِ جي پروڙ بلڪل ڪا نه ٿي پئي ۽ ڦريل وقت ۽ مستقبل جي امڪانن جو منجهن ڪو به احساس ڪو نه هو. في الحقيقت  اها ئي چڻنگ، هئي، جنهن وقت گذرندي ڀڙڪو کائي سنڌي سوسائٽيءَ  جي يڪ رنگي واري ساري سرمايي کي ساڙي ڇڏيو ۽ نيٺ خود هندن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو.

1940ع ۾، ڊاڪٽر صاحب مرحوم جي پيدا ڪيل جذبي جو خاص نتيجو نڪتو. سنڌ جي تعليمي وزير محترم غلام مرتضيٰ شاهه سنائي(جي. ايم. سيد) سنڌ جي زبان ۾ ادب کي اُجارڻ لاءِ سرڪاري ادبي بورڊ قائم ڪيو. ان بورڊ جي سايه هيٺ  سنڌي ادب جون ڪيتريون زندهه جاويد شخصيتون هڪ جاءِ تي ڪٺيون ٿي ويون. مرحوم مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم مولانا دين محمد وفائي، مرحوم خانبهادر محمد صديق ميمڻ، محترم سيد ميران محمد شاهه، سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي، سرڳواسي ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند، سرڳواسي لالچند امر ڏنو مل، سرڳواسي ديوان سوڀراج نرملداس ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو عليـہ الرحمة  پاڻ! منهنجي خوشقسمتي هئي، جو ڪنهن طرح سان منهنجو نالو به ميمبرن جي لسٽ ۾ اچي ويل هو.

اهي ڏينهن، اهي شينهن، وري هي اکيون ڪو نه ڏسنديون.اهڙن انسانن جي قدمن ۾ ويهڻ جو موقعو ملي ويل هو، جن انسانن جا نالا سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ قومون قيامت تائين انتهائي عزت، ادب ۽ احترام سان ياد ڪنديون رهنديون.  انهن جي گفتگو  جو چهچٽو، انهن جي زبان جي چاشني، انهن جي معلومات جي ڳوڙهائي، انهن جي اٿڻ ويهڻ جي تهذيب، انهن جي صورتن جو شان ۽ وقار، غرض سندن ڪهڙي خوبي ڳڻي ڪهڙي ڳڻجي! علمي آسمان جي ڪـَـتين  ۽ ٽيڙن، آفتابن ۽ ماهتابن جو ميڙو هو.

موقعو  به تاريخي هو، سنڌ جي قديمي مقامي تمدن جو اڻويهين صديءَ وارو دور ختم ٿي رهيو هو. سنڌ جي زبان جا ابا پنهنجو عرصو  پورو ڪري ، قومي ادب جو ورثو نئين نسل جي حوالي ڪري رهيا هئا. سنڌي تاريخ جي تحقيق  جو نئون دور شروع ٿي چڪو هو. سنڌيت ڏانهن موٽڻ لاءِ نئين تحريڪ  جو بنياد پئي پيو. احساس ۽ آس، اميدن ۽ آسرن جي هڪ نئين دنيا اکين اڳيان اچي ويل هئي. سمجهيو ائين پئي ويو ته هڪ اهڙو سال شروع ٿيو آهي، جنهن جو چيٽ ٻارهن ئي مهينا چالو رهندو ۽ جنهن جي دوران نه گل جو گلچين سان، نه بلبل جو صياد سان سابقو پوندو.

ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم پاڻ انهن ميڙن جو مور هوندو هو. ڏکئي کان ڏکيا علمي سوال ڳولي آڻي رفيقن اڳيان رکندو هو. بورڊ جي ساري ڪم جو نقشو سندس دماغي خوبين جو ٿورائتو هوندو هو. اصولي ڳالهين ۾ پاڻ ڪنهن جي ڪو نه مڃيندو هو. هڪ دفعي ڪنهن اکر جي سلسلي ۾ اچي زير زبر تي جهڳڙو لڳو. هڪ طرف ڊاڪٽر صاحب پاڻ، ٻئي طرف بورڊ جي ميمبرن جي گهڻائي. جيتري قدر مون کي ياد آهي، اهو جهيڙو ٻه سال کن هلندو رهيو ۽ بورڊ پاڻ گروپن ۾ ورهائجي ويو. تڪرار وڌي وڃي اخباري ڪالمن تائين به پهتو، پر پڇاڙيءَ  تائين آڻ ڪنهن، ڪنهن جي ڪا نه مڃي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجيءَ ڳالهه تي قائم رهيو.

ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر صاحب عليـہ الرحمة  صوبي ساڻ اڪيچار ڀال ڀلايا. خوش قسمتيءَ  سان کين وزير به پير الاهي بخش ملي ويو هو. انهن ٻنهي صاحبن جي ڪوشش سان سنڌ اندر تعليم کي وڏو فروغ رسيو. نيون ڪاليجون برپا ٿيون. سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، اسڪالرشپون ورهايون، زوري تعليم عام ٿي، سون پيرين نوان پرائمري اسڪول کليا، قيمتي ڪتاب ڇپيا، سنڌ جي تايخ ۽ زماني کي جيارڻ ۽ اجارڻ واري اصول ۾ عام دلچسپي  پيدا ٿي. غرض سنڌ اندر علم جو اجهامندڙ ڏيئو انهن ٻن صاحبن جي حب الوطنيءَ وسيلي روشن ٿي پيو. ڪيترن سالن تائين پوءِ به آءٌ گهڻن ادارن تي پير الاهي بخش جو نالو ڏسندو رهيس. پر عرصو گذرندي:

”لڳي ڪا جا واءُ، ويا انگڙا لٽجي.“

1956ع ۾ جڏهن آءٌ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ته ڊاڪٽر صاحب مون کان موڪلائڻ آيو. پاڻ سان ديوان حافظ جو هڪ طلائي نسخو کڻي آيو، جيڪو مون کي بطور تحفي جي ڏنائين ۽ فرمايائين:

”جلاوطنيءَ جي زماني ۾ هيءَ سوکڙي ساڻ رکجانءِ، هيانءُ مـُـنجهيئي ته هن ڏانهن رجوع ڪجانءِ!“

1958ع ۾ ڊاڪٽر صاحب عليـہ الرحمة جي رحلت جي خبر پئي. اهو هڪ اهڙو حادثو هو، جنهن جي اثر هيٺ دل دانهون ڪندي رهي، پر قدرت جي فيصلن ۽ فتوائن  اڳيان چارو چلي ڪو نه ٿي سگهيو. سندس ڏنل ديوان حافظ ڏانهن رجوع ڪيم، هن شعر تي نظر پئي:

”اي دلِ ريش مرا بالب تو حق نمک،

حق نگهدار که من ميروم، الله معک.“

ان لله و انا اليـہ راجعون.

1962ع جي آڪٽوبر ۾ موٽي اچي ڏٺم ته ساز توڙي جو پاڻ خموش ٿي چڪو هو، پر ان جا نغما اڃا تائين به فضا ۾ پئي ڦريا. ڌڻي ڪري شال نغمن سان به ڪا ويڌن نه واڻجي.

علامه قاضي امداد علي (آءِ - آءِ - قاضي)

قومون ماڻهن سان ٺهنديون آهن، ماڻهو اڻلڀ هوندا ته قوم ڪٿي لهي سگهبي: ٻه - پيرن ڍورن جي ڌڻ کي قوم نٿو سڏي سگهجي:

”که از فکر دو صد خر،

کار يک انسان نمي آيد.“

](ڇو ته ٻن سون گڏهن جي سوچ جو هڪڙي ماڻهوءَ جي سوچ سان سودو نٿو ٿي سگهي.[

ايران جي شاعر جي قول مطابق:

”آدميت نه به نطق و نه به ريش و نه به جان،

طوطيان نطق، بزان ريش، خران جان دارد.“

]ماڻهپو نه ڳالهائڻ تي آهي، نه ڏاڙهيءَ تي، ۽ نه ساهه تي: ڳالهائين چـَـتون به ٿا، ٻڪرن کي به ڏاڙهيون آهن، ۽ گڏهن کي به ساهه ٿئي ٿو.[

اهو ئي سبب هو جو يوناني فيلسوف، ڊايوجينز، ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ بـَـتي کنيو پيو گهمندو هو، ۽ مولانا رومي دانهون ڪندو رهيو:

کز ديودد ملولم، انسانم آرزو ست!

]ديوَن  جهڙا منهن ڏسي ڪڪ ٿي پيو آهيان، ماڻهو ڏسڻ چاهيان ٿو.[

۽ غالب فيصلو ڏنو ته:

آدمي کو بهي ميسر نهين انسان هونا.

]آدم جي اولاد لاءِ به ماڻهو بڻجڻ وس ۾ ڪونهي.[

مطلب ته ماڻهوءَ جهڙي شيءِ ڏاڍي  ڏکي ٿي لڀي، ۽ ڪنهن قوم جي وجود کي ثابت ڪرڻ لاءِ يا ان جي بلنديءَ  ۽ پستيءَ جي سطح مقرر ڪرڻ لاءِ، اهو ئي ڏسڻو پوندو آهي ته ان قوم ۾ سچا پچا ماڻهو سندس ٻئي آدمزاد جي ڀيٽ ۾ ڪيترا آهن، ان جي مٽيءَ ۾ ماڻهو پيدا ڪرڻ جو ست آهي يا نه، ۽ ان جي ڌرتيءَ جو ماحول ماڻهپي جي اُسرڻ ۽ نسرڻ لاءِ ٺهڪندڙ ۽ پورو آهي يا نه؟ ڏکي ڳالهه سچ پچ هيءَ آهي ته ماڻهو هر روز پيدا نٿا ٿين. ماڻهوءَ کي بنائڻ قدرت جي ڪاريگريءَ جو ڪمال آهي، ۽ قدرت جون پنهنجون مصلحتون ڪجهه اهڙيون آهن، جو ان جي ڪارخاني ۾ هر روز سندس ڪمال جا شاهڪار پيدا ڪين ٿا ٿين. پوءِ، ههڙيءَ عجيب صورتحال هوندي، جڏهن ڪو مڃيل ڪيل ماڻهو ڪنهن قوم کان جدا ٿي وڃي ٿو، ته اها فطري ڳالهه آهي ته ان قوم ۾ هر هنڌ ماتم بڻجي وڃي.

علامه امداد علي قاضي هڪ مڃيل ڪيل انسان هو. هو قدرت جي فياضين جو هڪ اعليٰ نمونو هو، انساني صفتن جو حسين مجموعو هو، ذهني ۽ روحاني ڪمال جو پتلو هو، علم ۽ فضل جو خزانو هو، مشرقي ۽  مغربي ڄاڻ جو  گنج هو، هن دؤر جي اسلامي دنيا  جو يڪتا مفڪر هو، سنڌ جي ڌرتيءَ جون مٺيون لاتيون لوندڙ پکي هو، لطيفي لات جي بلبلِ هزار داستان هو، پاڪستان جي سر زمين لاءِ عزت ۽ شان جو سبب هو، ۽ پاڪستاني قوم جي امتياز ۽ سربلنديءَ جو نشان هو. هيءَ لفاظي نه آهي، هڪ حقيت آهي. اعتبار نه اچيو ته سندس زندگيءَ جو مطالعو ڪري ڏسو، سندس ڇڏيل پنا اٿلائي پٿلائي ۽ پڙهي ڏسو، جن خوش نصيبن کيس ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن کان پڇي ڏسو.

غور فرمايو! قاضي صاحب مرحوم جي زندگي دنيا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي خوني دؤر مان لنگهي. پاڻ ٻه عالمي جنگيون پنهنجين اکين سان ڏٺائين، پاڻ هٽلر ۽ مسولينيءَ کي انساني رت سان ۽ سندن خسيس پوئلڳن کي انساني حقن سان کيڏندي ڏٺائين، ڏاڍ  ۽ ڏهڪاءَ کي زندگيءَ جو فلسفو بڻجندي ڏٺائين، امن ۽ ماڻهپي جي ماپن کي پائمال ٿيندي ڏٺائين، ۽ هيءُ به ڏٺائين ته ماڻهن کي  ايتري ته بدبختي ورائي وئي آهي جو سچ ۽ ماڻهپي جي ڳالهه هو بنهه ڪا نه ٿا ٻڌن. پر، ان هوندي به هي شخص امن ۽ انسانيت جو نياپو ڏيندو رهيو، ماڻهن سان پيار ۽ خدا کان خوف جي ڳالهه ٻڌائيندو رهيو، ماڻهن جي اُجرن امنگن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هڪ رت جي پياسي دنيا ۾ رهيو، پر پنهنجي دامن کي رت جي داغن کان صاف رکيائين، هڪ لوڀي ماحول ۾ رهيو، پر لوڀ جي ڏائڻ کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنائين، هڪ طاقت جي بکيءَ دنيا ۾ رهيو، پر طاقت جي بلا جي ڏنگ کان بچيو رهيو. هڪ اهڙي زماني ۾ ڄائو، جڏهن ماڻهو رزاق کان وڌيڪ رزق کي چهٽيا رهيا، پر هن شخص پالڻهار کي پٺي ڏيئي پيٽ جي پوڄا ڪا نه ڪئي. تاريخ جي هڪ اهڙي دؤر  سان سندس واسطو پيو، جڏهن وک وک تي ڪو نه  ڪو ”لات“ يا ”منات“ اڀو بيٺل ڏٺائين، پر هي مسافر ڪڏهن ”اِني لا احب الافلين“ (جٽا نه ڪندڙ شين سان منهنجي پريت ڪانهي.)  چوندو، ڪڏهن ”لاحول “(هڪ اعليٰ ۽ عظيم الله کان سواءِ ٻي ڪا به طاقت ڪانهي.) پڙهندو، پنهنجي واٽ وٺيو ويندو رهيو. هڪ اهڙي عالمي ماحول ۾سندس جنم ٿيو، جڏهن دولت جي ماڻ ۾ شرافت جي تور ماپ ٿيندي رهي، پر هن شخص جو قلندري شان ڏسو، جو:

”چند تصويرِ بتان، چند حسينون ڪي خطوط،

بعد مرني ڪي ميري گهر سي يه سامان نکلا.“

]ڪي يارن  جون مورتون ۽ ڪي سهڻن جا خط، مرڻ کان پوءِ منهنجي گهر مان ڪـُـل اهو سامان نڪتو.[

بنيادي ڳالهه هيءَ هئي: ته قاضي صاحب ماڻهو هو. هن ماڻهپي جو مان رکيو. هن هيءَ تڇ دنيا ڇڏي، ۽ اصلي دنيا حاصل ڪئي. ”جاميءَ“ جي چوڻ موجب:

”جمادِ چند دادم، جان خريدم،

بحمدالله بسي ارزان خريدم.“

]ٿورا سڪا ڏنم، ساهه ورتم. خدا جو شڪر آهي، ڏاڍو سهانگو ورتم.[

فقير عبدالرحيم گرهوڙي سنڌ جو مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. هڪ ڏينهن هو پنهنجيءَ  جهوپڙيءَ ۾ تڏو وڇايو پٽ تي ليٽيو پيو هو. اتر سنڌ جو بادشاهه سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو. فقير جو هيءُ حال ڏسي حيرت وچان دانهن نڪري ويس. فقير صاحب فرمايو: ”مير صاحب! هيءَ دنيا رڳو هڪ لنگهه آهي، هتان جي لاءِ هي تڏو ڪافي آهي. جتي هميشـہ  رهڻو آهي، اتان جي لاءِ، خدا جو شڪر آهي، ڪجهه چڱو ئي بندوبست ڪيو اٿم.“ اسان جي قاضي صاحب عليه الرحمة  جي زندگيءَ جو به قريب قريب اهو ئي حال آهي.

سندن وڏا دادو ضلعي جي انسان اپائيندڙ ڳوٺ پاٽ جا ويٺل هئا. جتي شهنشاهه همايون جي شادي اڪبر اعظم جي ماءُ حميده بانو بيگم سان ٿي هئي،  جتي هر دؤر  ۾ وڏا وڏا عالم ۽ فاضل پيدا ٿيندا رهيا، جتان جي ماڻهن ۾ اڄ به پڙهلين جو حصو نوي سيڪڙو آهي، جتي هن وقت به اوهان کي مئٽرڪ پاس ڪيل ماڻهو هر ڪاهيندي ۽ شاهه عبداللطيف جو ڪلام جهونگاريندي ڏسڻ ۾ ايندا. قاضي صاحب جو پنهنجو جنم حيدرآباد ۾، اپريل 1886ع ۾ ٿيو. ابتدائي  تعليم تر جي هڪ آخوند صاحب کان حاصل ڪيائون. ديني تعليم کان پوءِ انگريزي پڙهڻ بعد لنڊن روانه ٿي ويا، جتي بئريسٽري پاس ڪيائون، مختلف علمي ادارن مان فيض حاصل ڪيائون، وقت  جي چوٽيءَ تي پهتل مستشرقين ۽ مختلف علمن جي استادن کان سبق ورتائون، مشرقي ۽  مغربي علمن تي عبور حاصل ڪيائون. تنهن کان پوءِ جرمنيءَ ويا، ۽ هڪ سال اتي رهي، اتان جي دانشگاهن جي علمي انبارن کي اٿلايائون پٿلايائون. اتي شادي به ڪيائون، ۽ پوءِ سن 1911ع ۾ واپس پنهنجي وطن آيا.

هتي اچڻ سان قاضي صاحب حيدرآباد ضلعي ۾ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. ان کان پوءِ خيرپور رياست ۾ پهريائين سيشن جج ۽ پوءِ هوم منسٽر ٿيو. هن ملازمت جي زماني ۾ پڻ قاضي صاحب، پنهنجي علم ۽ معلومات جي وڌائڻ جي خيال کان، هر ٻئي يا ٽئين سال  يورپ جو سفر ڪندو رهيو. سندس علمي پايي کي ڏسي، لنڊن جي ڪيترين ئي علمي سوسائٽين کيس اعزازي طور ميمبر بنايو. هر ڀيري اتي اسلام ۽ فلسفي تي سندن تقريرون ٿينديون رهنديون هيون، ۽ ماڻهو وڏيءَ عزت سان سندس خيال ٻڌندا هئا. نيٺ سرڪاري ملازمت سندس طبيعت سان ميل نه کاڌو. پاڻ محسوس ڪيائون ته ملازمت جي مجبورين ڪري، ڪن حالتن ۾ ضمير تي سهڻ کان وڌيڪ بار پوي ٿو، قيمتي زندگي خسيس ڳالهين جي پويان ضايع ٿي وڃي ٿي، نالي ۽ ناموس، اختيار ۽ طاقت جي هوس ماڻهوءَ جي نرمل امنگن کي ڦٽي وجهي ٿي: مطلب ته، جيئن پاڻ فرمائيندا هئا، ”گهر آباد ٿئي ئي ٿئي، ان کان اڳ دل جي دنيا ويران ٿي وڃي ٿي.“

 ان روحاني ٻوساٽ مان  نڪرڻ لاءِ، قاضي صاحب هوم منسٽريءَ  وغيره کي ڇڏي، ولايت جو رخ ڪيو، ۽ اتي ويهي ڪيترائي سال اسلام جي اشاعت جو ڪم ڪندو رهيو، ۽ يورپي طالب علمن کي قرآن مجيد جو تفسير ٻڌائيندو رهيو.

پاڪستان جي ٺهڻ کان ڪجهه عرصو اڳي، پاڻ ڪراچيءَ آيو، ۽ هتي انگريزي پڙهندڙ طالب علمن کي قرآن ۽ مذهب جو درس ڏيڻ لڳو. هر جمعي ڏينهن جناح هاسٽل جي مسجد ۾ سندس خطبو ٿيندو هو، جنهن جي ٻڌڻ لاءِ بيشمار ماڻهو ايندا هئا. خطي جو مضمون الڳ الڳ ۽ نئون هوندو هو.

پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ، قاضي صاحب  لنڊن هليو ويو ۽ اتي پڪيءَ طرح گهر ڪري رهڻ جو انتظام ڪيائين، پر چئن سالن  کان پوءِ، ڪن پاڪستاني دوستن جي زور ڀرڻ تي، کيس واپس اچڻو پيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر طور ڪم ڪرڻ لڳو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ترقي سندس ئي پورهئي جو نتيجو هئي. پورا ڏهه سال پاڻ انهيءَ دانشگاهه جي خدمت ڪندو رهيو. سن 1959ع ۾ اتان استعيفا ڏيئي گوشه نشين ٿي ويٺو، ۽ انهيءُ گوشه نشينيءَ ۾ سوچ ويچار ۽ پڙهڻ لکڻ ۾ پاڻ کي مشغول رکيائين. ڪيترائي علمي مقالا انهيءَ  زماني ۾ لکيائين. ڪجهه ڪتاب پڻ لکي تيار ڪيائين. شاهه عبداللطيف جي ڪلام تي تحقيق ڪيائين، ۽  سندس رسالو پڻ شايع ڪرايائين. شاهه سائينءَ جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ۽ سندس اهليه سڳوريءَ گڏجي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ ان مشغوليءَ کان پوءِ جيترو وقت بچيس، اهو تعليم يافته نوجوانن کي پنهنجي علم ۽ فضل کان فيضياب ڪرڻ تي خرچ ڪرڻ فرمايائين.

قاضي صاحب ڪيترن ئي موضوعن تي املهه تحريرون ڇڏيون آهن. اسلام، قرآن مجيد، انسانيت، ادب ۽ فلسفي جي تاريخ سان سندن خاص ذوق هوندو هو.

منهنجي سامهون هن وقت سندن هڪ ڪتاب آهي، جو سندن انتقال کان ٿورا ئي ڏينهن اڳ شايع ٿيو آهي. ڪتاب جو نالو آهي، ”ڪئيوئل پيپس ائٽ سوفيا“ (Casual Peeps At Sophia). پيش لفظ بروهي صاحب جا لکيل اٿس، ۽ مضمونن جي فهرست هيءَ اٿس:

(1) فيلسوف ڪنهن کي ٿا چون؟(2) اڄ ڪلهه جي ماڻهن ۾ ڪهڙي اوڻائي آهي؟(3) تحقيق تي زور مگر نتيجو غائب! (4) سٺي تعليم اها آهي، جا ترقيءَ جو رستو ڏيکاري،(5) غزل(مشرقي شاعريءَ تي تبصرو)،(6) علامه اقبال، (7) شاهه عبداللطيف، (8) اردو ٻولي (اردو جو پس منظر ۽ ان جي اهميت)،(9)  ماڻهوءَ جو اخلاق،(10) تعليم، (11) قبرستان ۽ ڪتبخانه،
(12) صحت ۽ پاڪيزگي، (13) زردشت، پيغمبر، (14) سري ڪرشن، (15) ڪيئن جي ڪهاڻي( پهرينءَ  مهاڀاريءَ جنگ بابت ڪهاڻي). هر هڪ مضمون پڙهڻ وٽان آهي. منهنجي نظر ۾ آخري حرف جي حيثيت رکي ٿو. گويا هڪ نچوڙ آهي هر مسئلي بابت، سندس سالها سال جي غور ۽ فڪر جو. ڊيگهه جي خوف کان، مضمونن جا ٽڪرا هتي پيش نٿو ڪري سگهان، انهن جي تفصيلي تنقيد جو في الحال سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

هڪڙو سندن ٻيو ڪتاب ان زماني ۾ شايع ٿيو هو، تڏهن سندن رهائشگاهه انگلينڊ ۾ هئي. تن ڏينهن ۾ جارج برنارڊشا هڪ ڪتاب ”ڪاري رنگ جي ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾ ۽ لکيو هو.قاضي صاحب جو هيءُ ڪتاب ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هو ۽  ٽائيٽل هوس ”ڀوري رنگ جي ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾.“

 شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو هڪ مستند مجموعو (شاهه جو رسالو)  پاڻ ڪيترن ئي سالن جي تحقيق کان پوءِ مرتب ڪيائين، جو وڏيءَ محنت جو ڪم هو ۽ اڄ تائين ڪو به محقق پورو ڪري ڪو نه سگهيو هو.

 شاهه صاحب تي پاڻ ڪيترائي مقالا پڻ لکيائين، جن جو عنوان ”شاهه عبداللطيف“ آهي،پر انهن ۾ دنيا جهان جو فلسفو ۽ ادب سمايل ڏسبو. انهن کان سواءِ، سندن بيشمار متفرق تحريرون هتي ۽ انگلينڊ جي لٽريچر ۾ پکڙيون پيون آهن. مون کي اميد آهي ته ڪو نه ڪو صاحب، انهن ٽڙيل پکڙيل ٽڪرن کي گڏ ڪري ضرور شايع ڪندو.حقيقت ڪري هاڻي ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته قاضي صاحب جي جملي تقريرن ۽ تحريرن کي چونڊي چپوٽي گڏ ڪيو وڃي، سندس خط ۽ ٻين تحريرن جا مسودا جمع ڪيا وڃن، ۽ جن ماڻهن کي سندس صحبت جي نعمت نصيب ٿي هئي، اهي سندس ٻول ۽ اکين ڏٺا احوال قلمبند ڪري محفوظ ڪن. هڪ زمانو ايندو، جڏهن انهن شين جي وڏي گهـُـر ٿيندي، ۽ ايندڙ نسل اسان کي هرگز معاف نه ڪندا، جيڪڏهن اسان هيءُ اثاثو انهن تائين پهچائي نه سگهياسون، چوڻ وارا چئي ڪري گذري وڃن ٿا، پر جو ڪجهه هو چئي وڃن ٿا، ان جو لاڀ ابدي ٿئي ٿو.

قاضي صاحب  صاحب مرحوم هن مٽيءَ ۽ پاڻيءَ  جي دنيا منجهان رخصت ٿيڻ جو جيڪو دردناڪ طريقو اختيار ڪيو، اهو پنهنجيءَ جاءِ تي غير معمولي هو. شايد ”ملتِ عشق از همه  دينها جداست“ ]عشق جي برداري سڀني دينن کان الڳ آهي.[  جيستائين  سندن اهليه مرحومه (جنهن جي علم، ادب ۽ فن جو ڪمال هڪ الڳ مضمون گهري ٿو) جيئري رهي، تيستائين کين اڪيلائي ۽ گهٽن محسوس ڪا نه ٿي. اڄ  جهڙيءَ دنيا ۾ جيڪڏهن ماڻهوءَ کي هڪ ئي همدم ۽ همراز ملي وڃي ته غنيمت آهي. قاضي صاحب  انهيءَ ڳالهه ۾ ڀاڳن وارو هو. ستونجاهه سال زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اهو ناتو رهيو، جو چنڊ ۽ چڪور ۾ هوندو آهي.  پوءِ، جڏهن هڪ سال اڳ اُن خاتون جو به انتقال ٿيو، ته جيتري تائين مون کي معلوم آهي، پاڻ ڏاڍي اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳو هو. گويا سندس دنيا بيحد سـُـسـِـي  ۽ سوڙهي ٿي چڪي هئي. هيڏانهن هوڏانهن نظر کڻي ڏٺائين ته جنهن جنس سان سندن دڪان  سينگاريل ۽ ڀريل هو، ان جي گهـُـر ختم ٿي ويئي هئي. علم  جا ڪارخانا کليل هئا، علم جو روح قبض ٿي چڪو هو، ماڻهو موجود هئا، ماڻهپي جو ڏڪار پئجي چڪو هو، انسان هلي چلي رهيا هئا، انسانيت غائب هئي، دوست موجود هئا، دوستي اڻلڀ ٿي چڪي هئي، گل لـُـڏي لـَـمي رهيا هئا، خوشبو اڏامي ويئي هئي: يعني، شي موجود هئي، گهرندڙ ڪو نه هو، مطلوب موجود هو، طالب نه رهيو هو! پوءِ اهڙيءَ دنيا ۾ رهي ڪري، ڪير ڏينهن رات دل جا صدما سهندو رهي!

جي ماڻهو زندگيءَ جي حقيقت سمجهي وٺن ٿا، اهي موت کان ڪڏهن به نٿا ڊڄن. قاضي صاحب مرحوم کي شاهه عبداللطيف جو ”الموت  جسر يو صل الحبيب الي الحبيب“ ]موت هڪ پل آهي، جنهن تان لنگهي دوست دوستن سان وڃي ملن ٿا.[  وارو اشارو معلوم هو. شاهه صاحب جو ٻيو ارشاد به سندس علم ۾ هو: ”مرين جيئين ته ماڻيين، جانب جو جمال!“ يا ”مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات.“

سقراط يا پيٽرونيس ڪٿي موت کان ڊنا هئا؟ هڪڙي مزي سان زهر جو پيالو پيتو ۽ ساهه ڏنو، ٻئي ڏاڍي مزي سان پنهنجي شاهه شريان کي ٽڪو ڏيئي، رت وهڻ ڏنو ۽ ابدي ننڊ سمهي رهيو. حضرت ”مير“ جي چوڻ موجب:

”غالباً  زيرِ زمين، ”مير“ هي آرام بهت“

]اي مير، ڌرتيءَ جي هيٺان شايد ڏاڍو آرام آهي![

قاضي صاحب جو آخري آرامگاهه انهيءَ جاءِ تي ٺهيو آهي، جتي سندس پسند مطابق سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس قائم ٿي.

ڪنهن زماني ۾ انهيءَ مسئلي تي ڏاڍو جهيڙو هليو هو. ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ڪٿي اڏيا وڃن. ڪامورا شاهيءَ جي رٿ هئي ته انهن ادارن کي  شهر کان ٻاهر نيڻ نه گهرجي. اڪيلو قاضي صاحب مرحوم انهيءَ راءِ جو هو ته هي ادارا شهر کان پري، کليل ميدان ۾ هئڻ گهرجن. فيصلو انهيءَ ڳالهه تي وڃي بيٺو هو ته پهريائين لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڪٿي ٿو اڏجي. اتفاق سان مان انهيءَ زماني ۾ وزير صحت هوس. وڏي وزير مون کي حيدرآباد روانو ڪيو ته، سر زمين تي وڃي ۽ سڀني جون ڳالهيون ٻڌي، هدايتون جاري ڪجن. آءٌ اتي پهتس، سرڪٽ هائوس ۾ ميٽنگ ٿي. مون آفيسرن جي دليلن ٻڌڻ کان پو”، قاي صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيو:”قاضي صاحب منهنجي هدايت اها ئي ٿيندي، جيڪا اوهان جي هدايت هوندي. اوهان جي راءِ اڳيان منهنجي راءِ يا ڪنهن ٻئي جي راءِ جي ڪا به وقعت ڪانهي.“ کين اکين ۾ پاڻي تري آيو. جهيڻي آواز ۾ چيائون: ”علي محمد، بابا، ڄام شورو!“ مون فائيل کڻي ان تي لکيو: ”ڄام شورو.“ ٿورن مهينن اندر، پوءِ مون، گورنر غلام محمد مرحوم کي نيئي، ان جي هٿان، ڄامشوري جي ٽڪريءَ تي، سنگ بنياد پڻ کوڙائي ڇڏيو.

مون کي ڪهڙي خبر هئي ته ڄامشوري لاءِ سندن زور ڀرڻ جو هڪ سبب هيءُ به هو ته اتي ئي کين آخري طور سمهڻ ۽ ابدي ننڊ ڪرڻ جو ارادو هو. بهرحال، هاڻي پاڻ پنهنجيءَ چونڊيل جاءِ تي سمهي رهيا آهن. دنيا جي بيقدريءَ  ۽ ماڻهن جي بي رخيءَ کان مٿي وڃي چڪا آهن.

”اب يادگار ”فاني“ بسمل هي اس قدر،

گلگون هي خاک، کوچئه قاتل جگه جگه.“

]هاڻي ڪٺل ”فانيءَّ“ جو يادگار بس هي آهي، جو قاتل جي گهٽيءَ جي مٽي هنڌ هنڌ سندس رت سان رڱجي گل گل ٿي پيئي آهي.[


 

(1) * هي مضمون 1962ع ۾ لکيو ويو هو، جو هت شامل ڪيو وڃي ٿو، ان نسبت سان ته علامه مرحوم جي پيدائش ۾ به دادو ضلعي جي هئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org