سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :27

 

 

جمي سيٺ

آنجهاني جمشيد مهتا جو پڙلاءُ منهنجي ڪنن تي انهن ڏينهن ۾ پيو، جڏهن سندس والد سيٺ نسروانجي اڃان جيئرو ۽ ڦڙت هو ۽ جمشيد کي ماڻهو پيار وچان ”جمي سيٺ“ سڏيندا هئا. پاڪستان جي قائم ٿيڻ تائين ڪراچيءَ اندر  جمي سيٺ جي رات هئي. عوام خواهه سرڪار سان واسطو رکندڙ جيڪا به ڳالهه هوندي هئي، تنهن ۾ جمي سيٺ اڳين کان اڳرو هوندو هو، ڪو به ادارو اهڙو ڪو نه هو، جنهن جي ٺاهڻ يا ڊاهڻ ۾ سندس درڪ ڪو نه هوندو هو. نرم طبيعت جو ماڻهو هو. هرجائي مزاج جو ۽ ”اڍائي گهر“ گهمندڙ، صبح انگريز ڪمشنر جو سلامي ته شام جو انگريز جي دشمن ڪانگريس جو شيواڌاري. منجهانس نه مسلم ليگ مايوس نه مهاسڀا محروم.  پئنچن سان به پورو ته ساڌن سان به سنمک.  پنهنجي زندگيءَ جي اصولن ۽ مقصدن کي ايتري قدر لچڪيدار بڻائي ڇڏيو هئائين، جو انهن جي ڪنهن سان به ٽڪر ڪا نه ٿي ٿي. منهنجي ساڻس ان ڪري دلچسپي پيدا ڪا نه  ٿي سگهي جو آءٌ بروقت سمجهي ڪو نه سگهيس ته آخر هيءُ ماڻهو ڪرڻ ڇا ٿو گهري ۽ سندس اصول مـُـعين به آهن يا نه. ڪنهن مقرر ۽ وڏي مقصد لاءِ پيو هلي يا محض پنهنجي نالي ڪڍڻ لاءِ پيو هر در ۾ ٿونا هڻي؟  جيڪڏهن انسان جا اصول مقرر ۽ معين آهن ته تضادن ۽ تڪرارن جي هن دنيا ۾ لازماً ڪنهن نه ڪنهن سان تصادم ٿيڻو آهي، البته  اصول مقرر ڪو نه آهن ۽ ماڻهوءَ جو مزاج لڙئي پاڻيءَ وانگر آهي ته هو آسانيءَ سان هر رنگ ۾ رنگجي ساڻس هڪ ٿي سگهي ٿو. بدقمستيءَ سان جمي سيٺ جي باري ۾ ڪنهن وقت تائين آءٌ ان مونجهاري مان نڪري ڪو نه سگهيس. کيس چور ۽ ڀاڳئي بنهي جي ٿاڪن تي موجود ڏسي، اسان ننڍڙي دماغ ۽ محدود سمجهه وارن ماڻهن جي دل تي هيبت چڙهي ويندي هئي. جي. ايم. سيد صاحب سندس معتقد خاص، بلڪ هڪ طرح جو شـِـشُ ، پر منزلگاهه واري ڪيس ۾ اچي شاهدي ڏنائين سندس خلاف ۽ هندن جي فائدي ۾.

سيد صاحب پنهنجي قيمتي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ جمشيد صاحب جي بيان ۾ لکيو آهي ته:

”جمشيد صاحب پارسي مذهب جو پوئلڳ هو. 1909ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت سان واقفيت بعد، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيو. صوفي خيالات رکڻ ڪري، هو جملي مذهبي اختلافن پويان بنيادي وحدت جو قائل هو. انهيءَ جي پيروي ۾ هو رمضان جا روزا رکندو هو، محرم وقت مسلمانن سان همدردي ڪندو هو، ناتال ايسٽر وغيره جي موقعن تي ديولن ۾ وڃي عيسائين جي دعائن ۾ شرڪت ڪندو هو، هندو ڏڻ وار تي هندن سان شريڪ ٿيندو هو ۽ ساڳيءَ طرح سکن ۽ يهودين سان به وڃي شريڪ ٿيندو هو. ٿياسافيڪل سوسائٽي سندس مکيه مرڪز هو. خدا ۾ سندس پڪو ايمان هو.  هي ڪرم يوگي، اعليٰ مفڪر ۽ دردمند دل رکندڙ انسان هو. سندس چوڻ هو ته: ”مذهب ماڻهن لاءِ بڻايو ويو آهي، نه ماڻهو مذهب لاءِ“. (صفحو 188، جلد پهريون)

اڳتي هلي سيد صاحب لکي ٿو ته:

”مجسم ڪرشن - ڪرشن مهاراج لاءِ مشهور  آهي ته هو محبت جو اوتار هو. سندس پريم ليلا ايتري ڇانيل هئي، جو سندس هزارين زالن ۽ گوپين مان هر هڪ تي اهو اثر ويٺل هو ته سندس محبوب آهي:

”ڪوڙين تنهنجون ڪامڻيون،
تون ڪوڙن سندو ڪانڌ.“(شاهه)

 

ان وانگر(جمشيد) جي برهمچاري هجڻ جي باوجود، سوين عورتون سندس محبت جي هام هڻنديون هيون(1) . هي وقت تي هر هڪ وٽ ويندو هو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ کين ملندو هو. نفساني خيال کان(2) آجو، هي محبت اوتار هو.“

                       (صفحو 189، جلد پهريون)

*        *        *

ان بزرگ کي هن  جهان ڇڏئي هينئر 25 ورهيه گذري چڪا آهن. سندس زندگيءَ جو سارو حساب ڪتاب هن وقت اسان جي سامهون اچي ويو آهي. منهنجي راءِ آهي ته هو صوفي هو، ڪوفي ڪو نه هو. انساني ارتقا ۽ روحاني  ارتفاع  جي ان مقام معليٰ تي پهچي چڪو هو، جتان جي بلندين تان بيهي هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن نوڙي نگاهه ڊوڙائيندي کيس ساري مخلوق خدا جي يڪسان ۽ يڪ رنگ نظر ايندي هوندي، يعني هڪي ئي خالق جي هڪ ئي مخلوق، سڀ ۾ تون ئي تون، نه ڀيد نه ڀاوُ، چڱي  جي ساري جوڙ چڱي، بندو ڪير جو پنهنجي مالڪ جي ساخت مان ويهي وِڏَ ڪڍي؟ بي لالـچ  خدمت ڪرڻي آهي ته سڀ جي ڪر!

سنڌ جي صوفين جو اهو ئي مسلڪ هو، انهيءَ ڪري ئي سندن صدا هيءَ رهي ته:

ڪر ڪا ڳنڍڻ جي ڳالهه، ڇنڻ منجهه ڇا هي؟

پر ان حقيقت کي پروڙڻ لاءِ اندر جون اکيون کپنديون هيون، جن کان آءٌ محروم هوس:

لذت باده نداني بخدا تا نه چشي.

*        *        *

مون  جيڪي ڪجهه ڏٺو، سو هيءُ هو ته: ”مجلسي مڙس“ ڪو نه هو، ٿورو ڳالهائيندو هو، هر وقت ڪنهن ڳوڙهيءَ سوچ ۾ رهندو هو، ڳالهائيندي اکيون ٻوٽي ٻڌڻ ۽ سوچڻ لڳي ويندو هو، منهن مان خوشيءَ يا غم جي غمازي ڪا نه ٿيندي هئس، هڪ لحظو به واندو ڪو نه ويهندو هو، صبح جو فورڊ موٽر ۾ ويهي ٻاهر نڪرندو هو،  آڌيءَ رات تائين گهر ڪونه موٽندو هو، سارو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن جي مشڪلڪشائي ڪندو وتندو هو، بيشمار ادارن سان وابسته هو، هر هڪ ۾ هر روز پيو منهن پائيندو هو، ڪنهن جي دل ڪو نه ڏکائيندو هو، ڪنهن جي به خدمت  ڪرڻ کان انڪار ڪو نه هوندو هو، انسان ته ڇڏيو، پر حيوانن، بي زبانن، پکين پرڀن جي به چاڪري ڪندو وتندو، ڪراچيءَ جي وڻن ٽڻن، گلن ۽ ٻوٽن جي به پيو سار لهندو، بحث تڪرار  ۾بهرو ڪو نه وٺندو، ٿي سگهندس ته ٽٽل دلين کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو، ڪنهن جي تحقير، گلا، يا شڪايت جو اکر سندس زبان تي ڪو نه آيو، خبر نه آهي رات جو سمهندو ڪڏهن هو ۽ ڪو آرام به ڪندو هو يا نه. مون ته هڪ ٻه دفعو اهو به ڏٺو ته آڌيءَ رات جو بندر روڊ تي بيٺو پاڻيءَ سان رستو ڌئاري، غالباً  عقيدو هوس ته:

تاسين بين بجاءِ، جاسين ساهه سرير ۾!

*        *        *

جنهن ڪراچيءَ جي ڪشش بعد ۾ لکن کي آڻي هت ڪڍيو، سا ڪراچي ان جمشيد جي جوڙيل هئي. اهي عمارتون، اهي نقشا، اهي رستا، اهي باغ باغيچا، اهي تفريح گاهون، سڀ سندس عرق ريزي جو نتيجو هيون. ڪراچيءَ کي اهڙيءَ طرح ٺاهيائين ۽ سينگاريائين، جيئن ڪا مشفق ماءُ، پرڻي رات پنهنجي نياڻيءَ کي هار سينگار ڪرائي. پاڻ صبح جو غسل ڪندو هو ته ماپيل ۽ توروون هڪ گيلن پاڻي کپائيندو هو، ان ڀؤ کان ته مبادا گهڻي پاڻي خرچ ڪرڻ ڪري ڪراچيءَ جو ڪو ماڻهو، جانور يا وڻ پاڻيءَ لپ کان محروم رهجي وڃي(1)!

سندس انتقال 1952ع ۾ ٿيو. پر ان کان ڪجهه سال اڳ هو عملي زندگيءَ کان ڪناره ڪش ٿي ويو هو. جنهن دنيا جو باشندو هو، سا باقي ڪا نه رهي هئي، خريدار ئي نه هوندو ته دڪاندار دڪان ڇو کولي ويهندو؟

مون کيس ان وچ ۾ صرف هڪ ڀيرو گورنر جنرل هائوس ٻاهران ڏٺو. بواءِ اسڪائوٽ يونيفارم پهريو، ڇوڪرن  کي سلامي لاءِ اندر وٺيو ٿي ويو. غور سان ڏٺم، بواءِ اسڪائوٽ يونيفارم ۾ ائين پئي لڳو، ڄڻ جمشيد نه پر جمشيد جو ڪارٽون هو، ٻيو ته سندس چهري تي زندگيءَ جي ڪا علامت باقي ڪا نه بچيل هئي. ڄڻ ڪنهن ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي ٽب ۾ ٽٻي ڏياري هاڻي ٻاهر ڪڍيو اٿس.

 ٿوري عرصي کان پوءِ کڻي اکيون به ٻوٽيائين.

ٻيو ڇا ڪري ها؟

بين باج ڪي ٽوٽ پڙي، ٽوٽي من ڪي تار،
سڻڻ والي هي چلي گئي، گئي بجاوڻ هار!

 


 

(1) سيد صاحب صفحي 191 تي ڳالهه جو تت بيان ڪري ٿو: هيءُ(يعني جمشيد) خوبصورت چهرن کي پسند ڪندو هو.

(2)  برهمچاري هو(صحيح ۽ سچي معنيٰ ۾)، ڀاڄين، ميوي ۽ کير تي گذر ڪندو هو، ڪنهن به قسم جو ماس نه کائيندو هو، تختي تي سمهندو هو، کاڌيءَ جو ڪوٽ(ڊگهو، بند ڳچيءَ سان) ۽ پتلون ڍڪيندو هو، ڏاڙهي شيو ڪندو هو، مڇون ڪتريل هونديون هئس.

(1) انهن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ محسوس ٿيندي رهندي هئي، اڃان سنڌ  جي درياهه مان پاڻي کڻي اچڻ جو انتظام مڪمل ڪو نه ٿيو هو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org