سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :23

 

پوڙهو پوربيو

پيدائش ڀارت جي پورب پاسي جي هئس، مزدوري ڪياماڙي بندر تي ڪندو هو، پٺيءَ اُگهاڙي، جهازن مان ڳوڻيون کڻي هيٺ لاهيندو هو ۽ ريل جي گاڏن مان سامان کڻي وڃي جهازن تي چاڙهيندو هو. مزدوري رپيو روز(1).ستر کان مٿي ڄمار. ڌرم هندو. ڊگهو قد، پر بدن ڏُٻرو. اڇي ڏاڙهي دُن تائين. هيٺ تي لنگوٽو، باقي بـُـت اڪثر اُگهاڙو. نالو هينئر ياد ڪو نه رهيو اٿم.

شام ويلي، رستي جي پاسي ۾ هڪ ميدان ۾ تڏا وڇائي ويهندو هو ۽ جيڪي غريب ڀڳل ٻانهن يا ڄنگهن جو علاج اسپتالن مان ڪرائي ڪو نه سگهندا هئا، يا اسپتالن مان نااميد ٿيندا هئا، سي وٽس ايندا هئا. هي انهن جا هڏا به جوڙيندو هو ۽ تيل مالش ڪري مٿن پٽيون به ٻڌندو هو. پائي پيسو ڪنهن کان ڪو نه وٺندو هو. تيل ۽ پٽين جو خرچ به پاڻ ڀريندو هو. پنهنجي فن جو استاد هو. اهڙي ناماچار هئس جو اسپتالن جا رد ٿيل مريض به وٽس ايندا هئا. پڇاڙيءَ ۾ ته مالدار ۽ وڏا ماڻهو به اسپتالن کي ڇڏي، کانئس علاج ڪرائيندا هئا. مقرر وقت تي گهڻا مريض اچي جمع ٿيندا هئا. هر هڪ کي نمبردار ڏسندو هو، غريب هجي يا امير.

سرڳواسي راءِ بهادر هوتچند  نواب شاهه جو وڏو زميندار، بعد ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اهم ميمبر ۽ منهنجو پراڻو دوست هو. ڪنهن ايڪسيڊنٽ ۾ ٻانهن ڀڄي ۽ ڄنگهه مڙي پئي هئس. پيسي جو زور هوس. ڪراچيءَ جي  وڏن وڏن انگريز سرجنن کان علاج ڪرايائين، پر فائدو ڪو نه پيس. ايڪسري ڪڍائي ڏٺائين ته هڏا ڀڄڻ بعد جت بيٺا هئا، اتي بيٺا آهن،نه سڌا ٿيا آهن ۽ نه پاڻ ۾ جڙيا آهن.ڪنهن جي واتان ڪياماڙيءَ جي ان پوربئي جي ڳالهه ٻڌائين. هڪ شام مون کي ساڻ وٺي هلي ڪياماڙي پهتو. پٽ تي پراڻا تڏا پٿاريل هئا. سئو کن مريض سامهون صفون ٻڌيون ويٺا هئا. انهن ۾ غريب به هئا ۽ امير به. پارسي سيٺيون، ميمڻ،  بوهري، هندو، مسلمان، ڪرستان ۽ هڪ ٻه يورپي، گهڻا مرد ۽ ڪجهه عورتون. واري سان منجهانِ هر هڪ کي سڏي، سامهون ويهاري، چڪاسي، هڏا سوٽي، پٽي ٻڌي، ”پرماتما ڀلي ڪريگا“ چئي اٿاريندو ويو ٿي. راءِ بهادر ۽ آءٌ پوئين صف ۾ ويٺل هئاسين. اڳيون لائنون پوريون ٿيون ته راءِ بهادر کي ويجهو اچڻ جو اشارو ڪيائين. آءٌ راءِ بهادر کي ڀاڪر ۾ جهلي، ٽيڪ ڏيندو ڏانهس وٺي ويس. راءِ بهادر جي ٻانهن ۽ ٽنگ سوٽي، مٿن پٽي ٻڌي، اٺن ڏينهن بعد اچڻ جو چئي فارغ ڪيائين.

مون ڏانهن منهن ڪري، ڪجهه مـُـشڪي، پڇيائين: ”پـُتر! کيا هو وت هي؟“

 مون چيو: ”همارا مـَـنُ ٽوٽت هي“، ان کان وڌيڪ پوربي مون کي ڪا نه ٿي آئي.

مريض سڀ اٿي ويا هئا، باقي راءِ بهادر ۽ آءٌ رهجي ويا هئاسين. پاڻ به فارغ ٿي چڪو هو، تنهنڪري خوشگوار موڊ ۾ هو. پيار ڀريون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، گهڻو ڪجهه چئي ويو. جنهن جي پڄاڻي هن جملي تي ٿي:

”پـُـتر، سـُـکهي رهو گي آگر ياد رکهوگي که جيون (انساني زندگي) جل (پاڻيءَ) ۾ پترا(ڪاغذ) هي،گلني والي چيز هي- آج نه تو کل گـَـل جائي.“

 راءِ بهادر ان کان پوءِ ٽي دفعا وٽس ويو. آءٌ به ساڻس گڏ وڃي درويش جو درشن ڪندو رهندو هوس.  راءِ بهادر جي ڄنگهه ۽ ٻانهن جڙي راس ٿي ويون. وري حاضري ڏيڻ جو اتفاق ڪو نه ٿيو، زماني جي غلطانين ۾ غرق رهيس. راءِ بهادر به سنڌ ڇڏي وڃي بمبئيءَ ۾ باقي زندگي بسر ڪئي.

پر پوربئي فقير جي صورت اڄ به اکين اڳيان پئي ڦريم!  خير معمولي انسان هو، ٿورن اکرن ۾ زندگيءَ جي ماهيت ۽ معنيٰ سمجهائي ويو.

سائين سڀ ۾ پيو بسي - سندس مهر جو مينهن باغن خواهه بيابانن تي هڪ جهڙو ٿو وسي.


 

(1) ان زماني ۾ مزدور ترقي ڪري ته روپيو روز کڻي. ڪسٽم جا آفيسر ايماندار هئا، تنهنڪري مزدورن لاءِ ايندڙ ويندڙ مال تي هٿڙي هڻڻ جا موقعا ڪو نه هئا. حاجي سونهارا به خرچ ڀري، خير خيراتون ڪري، خالي هٿين اچي بندر تي لهندا هئا. نه پيٽ سان بوسڪيءَ جي ٿانهه جو ڪمربند، نه ٻانهن ۾ راڊو يا روليڪس جون سونيون واچون، نه هٿ ۾ ٽرانزسٽر(جيڪي اڃان ايجاد ئي ڪو نه ٿيا هئا)، نه پيٽيءَ ۾ آب زمزم جي بوتلن کان سواءِ ڪو ٻيو سامان. حـُـجاج کان علاوه باقي ٽريفڪ انگريز ۽ ٻين غير ملڪين جو، جيڪي نه ڏُهڻ جا هئا، نه ڪـُـهڻ جا.

            پوءِ ، اهڙين حالتن هيٺ بندر جي مزدورن کي ڪا بالائي آمدني ٿئي سا ڪٿان؟ انهيءَ رپئي روز تي راضي رهڻو پوندو  هونِ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org