سر
حاجي عبدالله هارون مرحوم مغفور
جي نه مري راڻو ته ڪاڪِ ولـِـهي ڪيئن ٿئي؟
عبدالله هارون 1942ع ۾ وَلر کان وڇڙي نه وڃي ها
ته ملڪ ۽ ان جا ماڻهو گهڻن ئي ڏکن ۽ ڏوجهرن کان
بچي وڃن ها. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ کي ته سسئيءَ وانگر
حـَـب ۽ پــَـٻَ جي پٿرن سان پنهنجا پير پڻي ۽
پٿون ڪرڻا ڪو نه پون ها. عورت جو شان مـُـڙس، ملڪ
جو مان اڳواڻ ٿئي ٿو. مڙس موچارو ۽ اڳواڻ سرويچ
ته مهريءَ يا ملڪ ڏانهن ڪنهن جي مجال جو مندي اک
کڻي سگهي؟ پر مڙس مـَـڄـُـو ۽ اڳواڻ مورک يا
مـَـرچـُـوه ته ٻنهي جا ٻچا ٻير تي!
عبدالله هارون کي هڪ ڀيري سنڌ جي گورنر چيو ته:
”تون مون ڏانهن ائين پيو گهورين جيئن ڪو مڇريل
شينهن هجي.“ حاجي مرحوم جواب ڏنس: ”بيشڪ، جيڪڏهن
تون منهنجن ڀائرن سان اهڙو سلوڪ ڪندين، جهڙو اڄ
ڪالهه ڪري رهيو آهين...“ گورنر پنهنجي شرم کي
پرچائيندو رهجي ويو.
سو، حاجي مرحوم واقعي شينهن هو ۽ قومي معاملن ۾،
خاص طرح سنڌ پاران. جيترو وقت جيئرو هو، هندوستان
ڀـَـرُ ۾ غـُـرائيندو ۽ دشمنن کي چنبا ڏيکاريندو
رهيو. سندس اصول هو:
جو دم حياتي هو وي، رَهه يار نال جاوي،
ايهو ڪم اسان نون ڀانوي ٻن گلم غاليان.
هن ڪتاب ۾ منهنجو مقصد واقف ماڻهن جي سوانح عمرين
ڏيڻ جو نه آهي، نه منهنجو ئي اهو ڪم آهي ته سندن
ڄم موت جون تاريخون ڳوليان. مطلب منهنجو صرف اهو
آهي ته آءٌ سندن متعلق اهي نـُـڪتا ٻڌايان، منهنجي
دل تي اُڪريل اُهي اثر ۽ عڪس قلمبند ڪريان، جيڪي
منهنجي حافظي محفوظ ڪري ڇڏيا آهن. البت اها اميد
اٿم ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪو شخص ضرور اٿندو،
جيڪو حاجي صاحب مرحوم جي مفصل سوانح حيات لکي نئين
نسل کي تفصيل سان ٻڌائيندو ته ڪيئن هڪ پرديسي
يتيم، چار آنه روز مزدوريءَ تي سائيڪلن جي مرمت
ڪندڙ، پنهنجي محنت،ڪوشش،هڪ جـَـنتيڻ ماءُ جي
تربيت ۽ دعائن ۽ هڪ فرض شناس ۽ عقلمند ”رفيقه
حيات“ جي رفاقت سان، سيٺ سر حاجي عبدالله هارون
بڻيو، جيڪو نه ڇڙو کنڊ جي هڪ ڳوڻيءَ سان واپار
شروع ڪري ساري هندوستان ۾ ”کنڊ جو بادشاهه“ سمجهيو
وڃڻ لڳو، پر پنج درجا پڙهي ۽ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ لکڻ
يا پڙهڻ جي اهليت رکڻ کان سواءِ،
ملڪ جي سياست ۾ اهڙي اوج تي پهتو جو اهڙو اوج گهٽ
۾ گهٽ سنڌين منجهان ته ڪنهن کي به نصيب ڪو نه ٿيو
هو. اهي ڳالهيون حاجي صاحب پاڻ مون کي ٻڌائيندو
هو. سندس دستور هو ته جنهن وقت کان اسان گڏجي
مسلم ليگ جي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، شام جو
تقريباً هر روز مون کي گهران ڪڍي، هوابندر ڏي وٺي
هلندو هو. اُت سمنڊ ڪناري هڪ آنه في ڪرسي مسواڙ تي
ڪرسيون ملنديون هيون. حاجي صاحب پنهنجي واسڪوٽ مان
ٻه آنا ڪڍي دڪاندار کي ڏيندو هو ۽ ٻه ڪرسيون کڻائي
سمنڊ جي پاڻيءَ جي وٽ سان رکرائي، هڪ تي پاڻ ويهي
۽ ٻيءَ تي مون کي ويهاري ماضي ۽ مستقبل جي باري ۾
ڳالهه ٻولهه شروع ڪندو هو.
چوندو هو:”آءٌ ڪجهه ڪو نه هوس. يتيم ٻار هوس،
پرديس يعني ڪڇ مان آيل. چئن ورهين جو هوس ته پيءُ
مري ويو. سارو بار منهنجيءُ ماءُ تي پئجي ويو جا
پڻ مسڪين هئي. آءٌ شروع ۾ ٻه ٽي درجا پڙهي سگهيس.
پوءِ روزگار جي تنگيءَ ڪري مون کي نوڪري ڪرڻي
پئي. صدر ۾ رهندا هئاسين ۽ نوڪري جهوني مارڪيٽ ۾
ملي، سائيڪلن جي مرمت واري دڪان تي. امڙ رُکي ماني
پچائي ڪپڙي ٽڪر ۾ ٻڌي ساڻ ڏيندي هئي ۽ مون کي
روزانو صدر کان جهوني مارڪيٽ پيدل وڃڻو پوندو هو،
سو به اهڙيءَ حالت ۾ جو جـُـتي ڇڄي ويندي هئي ته
اگهاڙين پيرين هلڻو پوندو هو. دڪاندار چار آنا روز
مزدوري ڏيندو هو. مون کي جيڪي ڪجهه حاصل ٿيو سو ٻن
عورتن جي مهربانيءَ سان، يعني منهنجي ماءُ ۽ ٻي
منهنجي گهر واري يوسف جي والده.“
ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ اچي چوندو هو: ”راشدي! آءٌ سچ پيو
ٻڌايانءِ،
منهنجي ماءُ ته منهنجي ماءُ هئي، پر منهنجي زال به
گهٽ ڪا نه هئي. ”پان کي“ (يعني پاڻ کي) ٻنهين
ٺاهيو.“
اڳتي جو قصو بيان ڪيائين:”ڪجهه وقت کان پوءِ ٻه ٽي
روپيا گڏ ڪري، کنڊ جا ٻه چار سير وٺي، جهوني
مارڪيٽ ۾ رستي تي رکي وڪڻڻ شروع ڪيم. پوءِ پيسو
پيسو گڏ ڪري کنڊ جي ڳوڻ ورتم. ان طرح سان منهنجي
کنڊ جو واپار شروع ٿيو“.
حاجي صاحب ۽ آءٌ وڙهي يار ٿيا هئاسون. وڙهڻ جو سبب
هيءُ هو:-
1934ع ۾ مرڪزي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. ٻن
جاين لاءِ ٽي اميدوار بيٺا هئا، يعني حاجي صاحب،
شيخ عبدالمجيد ۽ سردار نبي بخش خان ڀٽو. منهنجي
همدردي نبي بخش خان سان هئي، جيڪو اسان جو پاڙيچو
هو ۽ سندس خاندان سان اسان جي وڏن کان وٺي رستو
هلندو ٿي آيو. آءٌ نبي بخش خان جو مکيه ايجنٽ ۽
ساري اليڪشن جو منتظم هوس. انتخابي حلقو سنڌ جو
سارو صوبو هو ۽ هر ماڻهو، جنهن پنجهتر روپيا ڍل
يا ٽيڪس ٿي ڀري، سو ووٽر هو.
حاجي عبدالله هارون پراڻو قومي ڪارڪن ۽ مشهور
سياستدان هو. منهنجي دل تي سندس باري ۾ ڪو چڱو
اثر ڪو نه هو. في الحقيقت منهنجي ته ساڻس سڌيءَ
طرح ڏيٺ ويٺ به ڪا نه هئي. مون ٻڌو هو ته هو
مغرور سيٺ آهي ۽ عام قومي ورڪرن کي پينو ۽ ويڪائو
شيءِ سمجهي ٿو. الوحيد وارن سان به وڙهي چڪو آهي.
ڪيترن سالن کان مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊبو
رهي ٿو، پر سنڌ جي ماڻهن ڏانهن ٺلها خط لکيو، گهر
ويٺي پيو کـُـڻ ۾ ميمبر چونڊجي ۽ پنهنجو واپار
وڌائي. حاجي صاحب جا ڪي ورڪر اهي افواه به
ڦيلائيندا ٿي وتيا ته: ”هو نبي بخش خان جي ورڪرن
کي خريد ڪري، کيس ڪنڌ ڀر ڪيرائي، پاڻ ميمبر چونڊجي
ويندو. راشدي غريب آهي، اهو ته پهرئين ڏينهن ئي
وڪامي ويندو.“
منهنجي به جواني هئي، جواني ديواني ٿئي ٿي. ديوانو
ماڻهو چرچن ۾ به چڙي ٿي ويو. اهي زمانا ٻيا هئا.
خدا ته جلشانـہ ، پر خدا جي بندن ۾ به خوديءَ جو
ذرو بچيل هو. حاجي صاحب جا حال ٻڌي، اسان جي خودي
به بلند ٿي ويل هئي.
پهرين چٽا ڀيٽي پيپرن جي چڪاس وقت لڳي. حاجي صاحب
پاڻ به رٽرننگ آفيسر سامهون موجود هو. مون حاجي
صاحب جي پيپر تي اعتراض ورتو ۽ اهڙي تقرير ڪيم جو
ڏٺو ائين پئي ويو ته سندس پيپر رد ٿي ويندو. غصي ۽
انتظار وچان سندس منهن تي رت وري آيو. گهڻي ۽ ڏکئي
بحث مباحثي ۽ ڪن ڪلاڪن بعد وڃي رٽرننگ آفيسر سمورا
پيپر بحال ڪيا. حاجي صاحب اڳ ۾ ئي ان تڪ مان
ميمبر چونڊبو رهيو هو، تنهنڪري اهو پانئٽ سندس
فائدي ۾ ويو.
بهرحال ان ڏينهن کان پوءِ حاجي صاحب سان سلام ڪلام
بند ٿي ويو. هڪٻئي کي ڏسندا هئاسين ته منهن ٻئي
پاسي ڪري ڇڏيندا هئاسين. چونڊ ۾ به مون حاجي صاحب
لاءِ ڪافي تڪليف پيدا ڪئي. نتيجي ۾ نبي بخش خان
حاجي صاحب کان هزارين ووٽ مٿي کڻي چونڊجي ويو.
حاجي صاحب ٻئي نمبر تي آيو. جايون ٻه هيون،
تنهنڪري شڪست کان بچي ويو. ٽيون اميدوار شيخ
عبدالمجيد ڪري پيو.
اسان جي وچ ۾ تعلقات جي اِها تلخي شروع سيپٽمبر
1938ع تائين قائم رهي. 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان
جدا ٿي. 1937ع ۾ نين چونڊن بعد سر غلام حسين سنڌ
جو وزيراعليٰ بڻيو. 1938ع جي ابتدا ۾ سر غلام حسين
جي وزارت ڪيرائي، اسان جي مدد سان، خان بهادر الهه
بخش مرحوم وزارت ٺاهي، پر چند مهينن جي اندر الهه
بخش خان سان ترقي پسند مسلمان گروپ
جا اختلاف ٿي پيا، جنهنڪري سندس وزارت کي ڪيرائڻ
لاءِ محترم جي. ايم. سيد صاحب ۽ اسان گڏجي مسلم
ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. حاجي صاحب اڳ ۾ ئي
مسلم ليگ ۾ شامل ٿي چڪو هو ۽ سندس مشوري سان ئي
اسانجن اڳواڻن مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ قبول ڪيو هو.
سر غلام حسين مرحوم وزارت مان نڪرڻ بعد ان نئين
قائم ٿيل مسلم ليگي گروپ سان شرڪت ڪئي هئي،
جنهنڪري سندس ساٿي خان بهادر الهه بخش گبول مرحوم،
خان بهادر کهڙو ۽ ٽي ٻيا به مسلم ليگ ۾ گهڙي پيا
هئا.
صلاح ٿي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ کي زور وٺائجي ۽ ان مهم
جي ابتدا ڪراچي ۾ هڪ وڏي مسلم ليگ ڪانفرنس
(قائداعظم رحه جي صدارت هيٺ) سڏائي اُتان ڪئي وڃي.
ان مقصد سان ميٽنگ سڏائي وئي،حاجي صاحب جي نيپئر
روڊ واريءَ پبلڪ آفيس
۾. ڪانفرنس سڏائڻ جي فيصلي ٿيڻ بعد سوال پيدا ٿيو
ته ان ڪانفرنس جي انتظامي مجلس استقباليه جا
عهديدار ڪير چونڊجن. خان بهادر الهه بخش گبول کي
معلوم هو ته حاجي صاحب ۽ مون ۾ شديد اختلاف آهن ۽
هڪٻئي جو منهن ڏسڻ به پسند ڪو نه ٿا ڪريون. خبر نه
آهي، چرچي خاطر يا ان مراد سان ته اسان ٻئي گڏجي
ڪم ڪري ڪو نه سگهنداسين، تنهنڪري مسلم ليگ ڪانفرنس
ڪامياب ٿي ڪا نه سگهندي، گبول، حاجي صاحب جو نالو
چيرمين استقباليه ڪميٽيءَ لاءِ ۽ منهنجو نالو جنرل
سيڪريٽريءَ لاءِ پيش ڪيو. ميٽنگ ۾ شامل ماڻهن مان
ڪنهن کي به سوچ ويچار جو وقت ڪو نه مليو. نالن پيش
ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ئي گبول صاحب شور ڪرڻ لڳو ته
”منظور- منظور- هاڻي اُٿو، هـِـنن کي ڪم ڪرڻ ڏيو.
ڪانفرنس ٿيڻ ۾ فقط 27 ڏينهن جو عرصو آهي.“ ماڻهو
اٿي کڙا ٿيا ۽ ميٽنگ برخواست ٿي. حاجي صاحب جو
پنهنجو منهن به لهي ويل هو. هن به سمجهيو ته گبول،
جيڪو سندس سياسي دشمن هو، اڄ ڪانفرنس جي تجويز کي
درهم برهم ڪري، کيس ملهه ماري ويو، پر ڪڇيائين
ڪجهه ڪو نه، چپ چاپ لڪڙ ٽيڪيندو ٻاهر نڪري ويو ۽
موٽر ۾ ويهي گهر روانو ٿي ويو.
مون گبول صاحب جي چرچي کي پاڻ لاءِ چئلينج سمجهي،
دل ۾ فيصلو ڪيو ته ڪانفرنس ڪوٺائڻي آهي ۽ ان کي
ضرور ڪامياب ڪرڻو آهي، منهنجا ۽ حاجي صاحب جا ذاتي
اختلاف پوءِ جي ڳالهه آهي. ميٽنگ ختم ٿيڻ شرط آءُ
حاجي صاحب جي پبلڪ آفيس ۾ اتي جو اتي ويهي رهيس.
ميٽنگ ۾ مولوي عبدالحي حقاني مرحوم، مسٽر
عبدالخالق مرحوم ۽ ٻه ٽي ٻيا به ڪارائتا نوجوان
آيل هئا، انهن کي پاڻ سان ويهاري، انهيءَ گهڙيءَ
ڪانفرنس جو ڪم شروع ڪري ڏنم. برابر 36 ڪلاڪ دفتري
ڪم جاري رکيوسين. نه ننڊ، نه آرام، نه کاڌو، نه
وهنجڻ سهنجڻ، صرف هيٺان نيپئر روڊ جي دڪان تان
چانهه جون پياليون گهرائي پيئندا ۽ ڪم ڪندا ٿي
رهياسين. منهنجن ساٿين مان ڪي ٿڪجي بيحال ٿـِـي ٿي
ويا ته آفيس جي ٽيبلن تي ليٽي گهڙي سوا اک ٻوٽي
پئي ورتائون. آءٌ پاڻ، هر حال ۾، ڪرسي تي ٿنڀو
بڻيو ويٺو رهيس ۽ ڪاغذي ڪم جاري ٿي رکيم. ٽئين
ڏينهن صبح ويلي حاجي صاحب هيٺ پنهنجي واپار واري
آفيس ۾ آيو ته پنهنجي ٽيبل تي (سندس) صحيح لاءِ
رکيل سوين خط، تارون، ڇپيل بليٽن، اخباري بيان،
ڪانفرنس جا نقشا، جلوسن جا پروگرام هڪ انبار جي
صورت ۾ سٿيل ڏٺائين. پاڻ پنهنجي سياسي سيڪريٽري
محمد صديق مرحوم کان پڇيائين ته: ”هيءُ ڪم ڪنهن
ڪيو آهي؟“ محمد صديق چيس ته ”اِهو سارو ڪم
راشديءَ ڪيو آهي. ٽيون ڏينهن جيئن ميٽنگ ختم ٿي،
تيئن پاڻ پبلڪ آفيس ۾ ويهي رهيو آهي ۽ مسلسل ڪم
پيو ڪري. نه ننڊ ڪئي اٿائين، نه گهر ويو آهي، اڃان
مٿي ويٺو آهي، چوي ٿو ته حاجي صاحب کان ڪاغذن تي
صحيحون وٺي اچو ته ٽپال ۾ روانا ڪريون، وقت بلڪل
ڪو نه آهي.“ حاجي صاحب مـُـرڪندي مشڪندي محمد
صديق کي چيو ته: ”هي راشدي ماڻهو ته نه آهي، ڪو جن
ڀوت آهي.“ نقشا ۽ پروگرام ڏسندي ۽ دعوت نامن ۽
تارن تي صحيحن ڪندي کيس چار ڪلاڪ لڳي ويا.
ڪنهن وقت ڏٺم ته حاجي صاحب لڪڙ ٽيڪيندي ڏاڪڻ تان
چڙهي اچي مون وٽ پهتو. خوشيءَ وچان ٻلهار ٻلهار ٿي
نظر آيو. منهنجي سامهون ويهي چيائين: ”آءٌ توکان
معافي وٺڻ آيو آهان. مون اڄ تائين تو کي سمجهڻ ۾
غلطي ڪئي هئي. تون مون کي دل سان معاف ڪر. تون وڏو
ماڻهو آهين. آءٌ نه پڙهي ڄاڻان نه لکي ڄاڻان،
تنهنڪري مان تو کي سمجهي نه سگهيس. هن کان پوءِ
ٻيو ورق ورندو، گڏجي ڪم ڪنداسين، تنهنجي مدد هوندي
ته ملڪ جو نقشو بدلائي ڇڏينداسين“. مون کلي چيس
ته: ”اوهان جي مهرباني. منهنجي دل ۾ ڪا ڪدورت ڪا
نه رهندي آهي، ورنه هن دنيا ۾ جيئرو رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ
کان ڏکيو ٿي پئي ها.“
ان ڏينهن کان پوءِ حاجي صاحب ۽ اسان جي تعلقات جو
ٻيو دور شروع ٿيو. هيٺ پنهنجي دفتر وارن کي حڪم
ڪري ويو ته منهنجي رهڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ مسواڙ تي
بنگلو وٺن، ڇو ته هيلتائين آءٌ ڪراچيءَ ۾ مسافرن
وانگر پيو رهان، ڪڏهن ڪنهن جو مهمان، ڪڏهن ڪنهن جو.
اها ڪانفرنس ايتريقدر ڪامياب ٿي جو ان جو مثال نه
ان کان اڳ نه پوءِ هندوستان ۾ ٿيندڙ ڪا ڪانفرنس
پيش ڪري سگهي. قائداعظم رحه صدارت ڪئي.
سر سڪندر حيات مرحوم، مولوي فضل الحق مرحوم ۽
هندوستان جا ٻيا ڪيترا مسلمان مدبر ۽ رهنما منجهس
شريڪ ٿيا. ان ئي ڪانفرنس ۾ هندوستان جي تقسيم
لاءِ ذهني سنگ بنياد رکيو ويو ۽ ان کان پوءِ
پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ فضا تيار ٿيڻ لڳي.
ڪراچي ليک ڪانفرنس جي موقعي تي جلوس جو نظارو -
1938ع
سنڌ اسيمبليءَ جي مسلمان ميمبرن تي به پهريان چڱو
اثر ويٺو، جو منجهانئن 29 صاحبن ليگ جي عهدنامي تي
صحيح ڪري ڏني، پر ستت ئي، حسب دستور، ڦري وڃي الهه
بخش وزارت جي پٺڀرائي ڪيائون. ليگ ۾ صرف ست ماڻهو
رهجي ويا، جن مان به ٻه صاحب پوءِ ڦري ويا. باقي
ليگ جي پڙ ۾ وڃي رهيا پنج!
حاجي صاحب مرحوم جون ڪهڙيون ڳالهيون لکي ڪهڙيون
لکان؟ پنجن سالن جي صحبتن اندر گهڻو ڪجهه ٻڌو ويو
۽ چيو ويو.
هڪ دفعي چيائين ته: ”منهنجي ترقيءَ ۾ ٻين ڳالهين
سان گڏ هن ڳالهه جو به حصو رهيو آهي ته مون کي
پنهنجين گهٽتائين جو پورو پورو احساس رهي ٿو، ۽ ان
ڪري انهن پنهنجين گهٽتاين کي پوري ڪرڻ لاءِ ٻين
لائق ماڻهن جي مدد حاصل ڪندي ڪو عار محسوس ڪو نه
ٿو ڪريان. الله تعاليٰ ماڻهن کي سڃاڻڻ جو ملڪو مون
کي عطا ڪيو آهي. مون کي هر موقعي ۽ هر ڪم لاءِ
صحيح ساٿي مليو وڃن. انهن جي مدد سان آءٌ پنهنجون
ذاتي گهٽتايون پوريون ڪري ڇڏيان.“
ذاتي گهٽتاين جو احساس ۽ صحيح ساٿي سڃاڻي پنهنجن
انهن گهٽتاين کي پوري ڪرائڻ جي لياقت، الله
تعاليٰ جون معمولي مهربانيون نه سمجهڻ گهرجن.
جهڙي طرح مٿي لکي چڪو آهيان، حاجي صاحب جڏهن به
ڪراچيءَ ۾ هوندو هو ته شام ويلي مون کي گهران وٺي
هلي هوا بندر جي هوا به کارائيندو هو ۽ سمنڊ جي
ڪناري تي ويهي ڳالهيون ٻولهيون به ڪندو هو.
ذڪر ڪيل ڪانفرنس جي ڪم شروع ٿئي اڃا ٻه چار ڏينهن
مس گذريا هئا ته پاڻ هڪ شام جو مون کي هوا بندر
وٺي هليو. اُت ويهي آهستي آهستي هندن جي هلت ۽
هندستان جي مسلمانن جي مستقبل جي باري ۾ ڳالهه
ٻولهه ڪڍيائين ۽ گفتگو جو ماحصل هيءُ هو:
”مون اڪثر سياسي
زندگي هندو اڳواڻن جي قريب گذاري آهي. واپار ۾ به
منهنجا ڀائيوار ۽ ڪم ڪار هلائيندڙ هندو آهن. آءٌ
ڪانگريس ۾ به رهي چڪو آهيان. پر ان ساري تجربي
بعد آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته هندو ۽ مسلمان
گڏجي هلي ڪو نه سگهندا. هندن جي نيت هيءَ آهي ته
انگريزن کي ڪڍي پوءِ ساري هندستان تي پنهنجو هندو
راڄ قائم ڪن ۽ هندو راڄ هيٺ مسلمانن جو حال ڪهڙو
ٿيندو، تنهن جو اندازو سنڌ اندر ڪانگريسي هندن جي
منورتيءَ مان پئجي رهيو آهي، جيڪي سنڌ ۾
ٿورائيءَ ۾ (اقليت) هوندي به مسلمان اڪثريت کي
پاڻ ۾ ويڙهائي اڻ سڌيءَ طرح مٿن راڄ ڪرڻ جون
ڪوششون پيا ڪن. ان مان ظاهر آهي ته جن صوبن ۾ هو
(يعني هندو) زبردست اڪثريت ۾ آهن، اُت مسلمانن
سان ڇا نه ڪري
گذرندا؟ (جناب) جناح صاحب رحه به اڃا ڪو اهڙو
رستو ڪڍي ڪو نه سگهيو آهي، جنهن جي اختيار ڪرڻ
سان مسلمانن کي ان آزار مان هميشـہ لاءِ ڇوٽڪارو
حاصل ٿي سگهي. تازو جواهر لال نهروءَ کانئس پڇيو
آهي ته: ”آخر مسلمان جو هيتري واويلا پيا مچائين
سو انهن کي گهرجي ڇا ٿو ۽ ڇو نٿا صاف طرح ٻڌائين
ته کين ڇا ٿو کپي؟“ جناح صاحب جواب ۾ ڏانهنس لاهور
مان نڪرندڙ ملڪ برڪت علي(مرحوم) جي هفتيوار اخبار
ٽائمز جي هڪ مضمون جو ٽڪرو ڪاٽي موڪليو آهي ۽ لکيو
اٿائينس ته مسلمان ته هيءُ به پيا گهرن. ان مضمون
۾ ڪهڙا مطالبا ڪيل آهن؟ صرف هيءَ ته مسلمانن کي
ڪن صوبن ۾ سندن آدمشماريءَ جي تناسب کان وڌيڪ
نمائندگيءَ جو حق ملي يعني
Weight age.
جن
حاجي عبدالله هارون ۽ مصنف
صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، ات ان اڪثريت کي
گهٽايو نه وڃي، سرڪاري نوڪرين مان کين حصو ملي،
وغيره وغيره.“
گفتگو جو سلسلو جاري رکندي حاجي صاحب فرمايو : ”پر
راشدي، ويچار ڪريو. اهي ننڍڙيون ڳالهيون هندستان
جي مسلمانن جي مسئلي جو ڪو مستقل حل ٿي سگهن
ٿيون؟ انگريز هليا ويندا ته پوءِ انهن شرطن تي
ڪير هندن کان عمل ڪرائي سگهندو؟ ملڪ جا مالڪ ته
هندو پاڻ هوندا!“
مون حاجي صاحب کان پڇيو ته: ”پوءِ ان مسئلي جو
مستقل حل، اوهان جي پنهنجي نظر ۾ ڪهڙو آهي؟“
فرمايائين: ”حل
ٻيو ڪهڙو آهي؟ سواءِ ان جي ته هندستان کي ورهائي
ان جا اهي حصا، جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي،
مسلمانن جي حوالي ڪيا وڃن.
راشدي: ”ان مطالبي پيش ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ڪهڙي
آهي؟ لايو ڌڪڙ کي اٽو!“
حاجي صاحب: ”اهو ڪم ايتري قدر آسان به ڪو نه آهي.“
راشدي: ”ته پوءِ رڪاوٽون به ڪهڙيون آهن؟“
حاجي صاحب: ”رڪاوٽون وڏيون ۽ گهڻيون آهن. مثلاً:
(1) پهريون سوال آهي ته هندوستان جي ورهاڱي ۽
مسلمان علائقن کي جدا رياست بنائڻ جو مسئلو هڪ آل
انڊيا مسئلو آهي، جيڪو فقط ڪنهن ننڍي صوبائي ليول
تي کنيو ويو ته ان کي اهميت حاصل ڪا نه ٿي سگهندي.
اڄ تائين هندوستان جي آزاديءَ وارين تحريڪن خواه
مجموعي سياسي سوچ جو محور متحده هندوستان پئي رهيو
آهي ۽ منجهانئس صرف انگريز کي بيدخل ڪرڻ جو مسئلو
پيش نظر پئي رهيو آهي. هينئر هندوستان جي بنهه
تقسيم جو آواز يا مطالبو هڪ نئون ۽ وڏو انقلابي
منصوبو ٿيندو، جيڪو ماضيءَ جي آئيني ۽ سياسي
تاريخ ۽ تقريباً ٻن صدين جي سياسي تصورات ۽
معتقدات کي هڪ وار هـِـلائي ڇڏيندو. رائونڊ ٽيبل
ڪانفرنس
واري موقعي تي چوڌري رحمت علي مرحوم لنڊن مان هڪ
چوپڙي ڇاپرائي هندوستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي
نالي سان مسلم علائقن کي جدا رياست بڻائڻ جي تجويز
پيش ڪئي هئي، مگر رائونڊ ٽيبل ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪنهن
به مسلمان ليڊر ان کي ڪا خاص پذيرائي ڪا نه بخشي
هئي. بلڪه ان جو ڪو نوٽيس به ڪو نه ورتو هو،حالانڪه
ڪانفرنس ۾ تقريباً سڀ چوٽيءَ جا مسلمان ليڊر( به
شموليت حضرت قائداعظم رحه، سر آغا خان مرحوم،
مولانا محمد علي جوهر مرحوم، علامه ڊاڪٽر سر محمد
اقبال مرحوم، سر محمد شفيع مرحوم، مولوي فضل الحق
مرحوم، سر عبدالقيوم مرحوم ۽ ٻيا ڪيترا) تشريف
فرما هئا. 1930ع ۾ علامه ڊاڪٽر سر محمد اقبال رحه
(پاڪستان جي نالي وٺڻ کان سواءِ)
پنهنجي الله آباد واري تاريخي خطبي ۾ اها تجويز
پيش ڪئي هئي ته هندستان( جي برصغير) اندر هڪ
Consolidated
مسلمان رياست قائم ٿيڻ گهرجي. الله آباد واري
موقعي کان پوءِ حضرت علامه صاحب خود رائونڊ ٽيبل
ڪانفرنس ۾ شريڪ هئا، پر تقسيم برصغير يا علحده
Consolidated
مسلم رياست جي قيام جي ڳالهه وڌي ڪا نه سگهي.
هاڻي ان پس منظر کي سامهون رکندي جيڪڏهن هينئر
اسان صوبائي ليول تي هندستان جي ورهاڱي ۽ علحده
مسلمان رياست جي قيام جهڙو آل انڊيا مسئلو اوچتو
ئي اوچتو ڇيڙينداسين ته ان کي ڪا به اهميت حاصل ڪا
نه ٿي سگهندي. تنهن ڪري ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ
هينئر آل انڊيا مسلم ليگ جي آل انڊيا پليٽفارم تان
اهو سوال کڄي
۽ هندستان جي سمورن مسلمانن جو ڌيان ان طرف ڇڪجي.
هيلتائين ائين ڪو نه ٿيو آهي. 1927ع وارن مسلمانن
جي چوڏهن پائنٽن ۾ تقسيم جو ذڪر ڪو نه آهي. تازو
جواهر لعل نهرو سان
جيڪا لکپڙه هلي آهي،ان ۾ به تقسيم برصغير ۽
مسلمانن لاءِ بنهه علحده رياست جو مطالبو نظر ڪو
نه پيو اچي.
(2) ٻيو نمبر رڪاوٽ هيءَ آهي ته ملڪ جي تقسيم لاءِ
ڪا به مفصل اسڪيم ڪا نه تيار ٿي آهي، جنهن جي
ذريعي انگن اکرن سان ثابت ڪري سگهجي ته تقسيم جي
تجويز قابل عمل آهي ۽ نئين مسلمان رياست اقتصادي
طور ۽ ٻين سببن ۽ حالتن جي بنياد تي پنهنجن پيرن
تي بيهڻ جي قابل آهي. هن وقت هندوستان جي ساري
ايڪانامي آل انڊيا بنيادن تي گڏيل آهي ۽ هڪ علائقي
جو ٻئي تي مدار رهي ٿو. هندو ۽ انگريز پنهنجي
طرفان طرح طرح جا اعتراض اٿاريندا، جن جا جواب
انگن اکرن سان ڏيڻا پوندا. پر ان لاءِ ضروري مواد
ڪٿ آهي؟
(3) ٽيون نمبر رڪاوٽ اها آهي ته ملڪ اندر خواه ملڪ
کان ٻاهر تقسيم واريءَ تجويز جي حق ۾ راءِ عامه
World opinion
پيدا ڪرڻ جا ذريعا پاڻ وٽ ڪو نه آهن. نه اخبار
آهي، نه خزانو آهي، نه ايترا ۽ اهڙا ٽرينڊ ۽ باهه
مان نڪتل ورڪر آهن(جهڙا ڪانگريس ۽ هندن وٽ آهن)
جيڪي مهم هلائي طوفان مچائي سگهن. ٻئي طرف
هندوستان جي مختلف علائقن جو هيءُ حال آهي ته جت
مسلمان ٿورائيءَ ۾ آهن، ات ڪانگريس وارا هر حيلي
سان کين بدحوصلي ڪري پنهنجن پيرن ۾ ڪيرائڻ جون
ڪوششون پيا ڪن. جن صوبن ۾ مسلمان گهڻائيءَ ۾ آهن،
ات بي فڪريءَ جي فضا مٿن طاري آهي. بنگال ۾ مولوي
فضل الحق جي وزارتي سياست ته، ڪنهن حد تائين هندو
اثر انداز آهن. پنجاب ۾ يونينسٽ پارٽي جي ڪلهن تي
چوڌري ڇوٽو رام ۽ سندس گروپ لانگ ورايون ويٺا آهن.
سرحد ۽ مورڳو ڊاڪٽر خانصاحب جي سرڪردگيءَ ۾
ڪانگريس وزارت پئي الوليون ڪري. سنڌ جو حال تنهنجي
پنهنجي اکين اڳيان آهي. پوءِ اهڙين حالتن ۾ تقسيم
جهڙي انقلابي تجويز پيش ڪري ان کي قبول ڪرائڻ ڏاڍو
ڏکيو ڪم آهي.
(4) چوٿون نمبر رڪاوٽ اها آهي ته مسلم ليگ جي نئين
دور شروع ٿئي سال ڏيڍ مس گذريو آهي. ڪنهن به وڏي
تحريڪ هلائڻ جيتري طاقت اڃا منجهنس ڪا نه آئي آهي.
خود مسلم ليگ کي تقسيم جو قائل ڪرڻ هڪ مرحلو
ٿيندو. ان کان پوءِ هندستان ڀر جي مسلم عوام کي
قائل ڪرڻ تنهن جي اپرانڌ.“
ان تقرير کان پوءِ حاجي صاحب اها راءِ ڏني ته
مولانا غلام رسول مهر کي لاهور منجهان گهرائي ان
سان اِن باري ۾ صلاح به ڪجي ۽ کائنس ڪانفرنس لاءِ
استقباليه ڪميٽيءَ جي صدر جو خطبو به لکرائجي.
مولوي غلام رسول (مرحوم) لاءِ حاجي صاحب کي وڏو
احترام هو. منهنجي ته ساڻس ڏيٺ ويٺ به ڪا نه هئي،
پر حاجي صاحب کان جيڪي ڪجهه ٻڌم سو هيءُ هو ته هو
نه صرف هڪ ناميارو اخبار نويس هو پر هڪ صائب
الراءِ سياسي مدبر به . ٻئي ڏينهن حاجي صاحب طرفان
مولانا غلام رسول ڏانهن تار وئي ته هڪدم ڪراچيءَ
تشريف فرما ٿئي. ٽڪٽ وغيره جو انتظام ٿي ويو.
چند ڏينهن اندر مولانا صاحب ڪراچيءَ پهچي ويو ۽
ساڻس حاجي صاحب ۽ منهنجون ڪچهريون شروع ٿي ويون.
مولانا صاحب حاجي صاحب جي راءِ سان متفق هو. سندس
تجويز هئي ته اهو ڪم شروع ضرور ڪجي ۽ درجي به درجي
ان کي اڳتي وڌائبو رهجي.
مولانا غلام رسول مهر
پنهنجي مٿي وڏي شخصيت هو، جنهن جي پايي جو هم صفت
موصوف عالم، مدبر، مورخ، محقق، اديب، اهل قلم،
صحافي، مون ٻيو ڪٿي ڪو نه ڏٺو. سندس لائف جدا
مضمون جي محتاج آهي. هت صرف سرسري طور آءٌ ڪراچيءَ
۾ (1938ع جي سيپٽمبر ۾) حاجي صاحب مرحوم جي ڪوٺ
تي سندس تشريف آوريءَ جو ذڪر ڪندس.
حاجي عبدالله هارون جي خطبه استقباليه لکڻ جو ڪم
منهنجي گهر ۾ ڪيائين. کٽ تي بسترو ويڙهائي، وهاڻي
طور رکي، ان تي ٽيڪ ڏيئي ويهي لکندو هو، پينسل
سان،ڪاغذ جي ننڍين ننڍين سلپن تي. آءٌ سندس سامهون
ويٺو هوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن خطبي جي مضمون جي باري
۾ مون سان مشورو به ڪندو هو. خطبي جو ترجمو
انگريزي زبان ۾ مون کي ڪرڻو پيو. ڪانفرنس جي اڳيان
حاجي صاحب اهو مون وارو تيار ڪيل ترجمو پڙهي
ٻڌايو، جيڪو تاريخي لحاظ سان، ڏاڍو اهم آهي. ڊيلي
گزيٽ اخبار جي 9 آڪٽوبر 1938ع جي پرچي ۾ سڄو شايع
ٿيل آهي. ڊيلي گزيٽ جا فائيل اسلام آباد جي سرڪاري
نيشنل آرڪائوز ۾ موجود آهي. جنهن صورت ۾ ان تاريخي
دستاويز مان ان وقت جي سياسي حالات جو پورو پورو
پتو پوي ٿو، ۽ اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ان کان ڏيڍ
سال پوءِ مسلم ليگ پنهنجي لاهور واري اجلاس ۾
(مارچ 1940ع ۾)، ڇو ته هندستان جي ورهاڱي لاءِ
باقاعده ٺهراءُ پاس ڪيو(جنهن کي عام طرح ”قرار داد
پاڪستان“ چيو وڃي ٿو)، تنهن صورت ۾ آءٌ خطبي جو
سنڌي ترجمو، ملڪ جي سياسي ۽ آئيني تاريخ جي محققن
جي استفادي لاءِ هت پيش ڪري ڇڏيان ٿو. ممڪن آهي ته
اهو دستاويز ٻئي هنڌان ته غائب ٿي وڃي، مگر هن
ڪتاب ۾ محفوظ رهجي وڃي.
مولانا غلام رسول مهر (شيو ڪرائيندي)
|