سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :5

 

 

سائين صالح شاهه نينگ وارو

 

نينگ جي سائين صالح شاهه مرحوم برقعو ڇا مٽايو، ڄڻ دادو ضلعي جي رونق لٽجي مٽجي ويئي. اڙهين صديءَ جي پيرن ۽ سجاده نشينن جي ياد کي تازو رکيو ويٺو هوندو هو. اهو شان، اها خود اعتمادي  ۽ پنهنجي ڪاني ڪرامت تي اهڙو ڀروسو- جهڙي تهڙي ويهين صديءَ جي سيد پير  جي سندس اڳيان بلڪل دال ڪا نه ٿي ڳري. اعليٰ لباس پهريندو هو. ٽوپيءَ تي ڪڏهن ڪڏهن سون جي ڪلنگي هڻي هلندو هو. هونءَ سندس زماني ۾ ڪلنگيءَ جو رواج نڪري ويل هو، صرف ناٽڪن ۾ ايڪٽر جڏهن ڪنهن بادشاهه جو پارٽ ڪندا هئا ته گهڙي سوا اهڙيون ڪلنگيون ٽوپين ۾ ٽـُـبيندا هئا. پر سائين مرحوم موج ۾ ايندو هو ته موقعي بي موقعي  رات ڏينهن ڪلنگي هنيون وتندو هو،  جنهن ڪري ٻاهر جي ناواقف ۽ نالائق  ماڻهن کي غلط فهمي ٿيندي هئي. سندس جيپ جي ڊرائيور (جيڪو سائين جي روحاني  مقام کان واقف هو)  مون کي هڪ دفعي انتهائي رازدارانه  انداز ۾ ٻڌايو ته ”اها ڪلنگي سائين ياعليءَ(1)  پاڻ ٺهرائي سائين جن ڏانهن موڪلي آهي.“ مون  کي ٿورو منجهيل ڏسي ڪجهه وڌي ڏس پتو  ڏنائين، جو هن طرح هو: ”سائين ياعليءَ جو اسان جي سائينءَ تي وڏو راز آهي. هو وٽس ايندو ويندو رهي ٿو. سندس پير مبارڪ جو نشان نينگ جي ڀر ۾ پهاڙ ۾ لڳل آهي، ات کوهه به آهي جنهن مان ”يا علي“  جي آواز ٻڌڻ سان پاڻي نڪري اچي ٿو. ياعليءَ اسان جي سائينءَ کي قدرت جا سڀ راز ٻڌائي ۽ پڙهائي ڇڏيا آهن. دنيا ۾ جيڪا به ڳالهه جاتي به ٿئي ٿي سا سائينءَ کي گهر ويٺي اڳواٽ نظر اچيو وڃي. نينگ ڏانهن ڪو ماڻهو اچي ٿو ته سائينءَ کي پهرين اها خبر پئجيو وڃي ۽ ان جي مهمانيءَ جو اڳواٽ بندوبست ٿيو وڃي.“

سائين صالح شاهه مرحوم کي انهن ڏينهن ۾ دادو لوڪل بورڊ جو سربراهه بڻايو هئائون. منهنجو گمان هو ته سائين اُمي آهي، تنهنڪري لوڪل بورڊ جو ڪاروبار ڪيئن هلائيندو هوندو؟ مون اهو سوال سندس ساڳي ڊرائيور کان ڪيو. جواب ڏنائين: ”سائين، ڳالهيون ڪهڙيون پيا ڪريو؟ سائين ياعليءَ اسان جي سائينءَ کي لـُـدني علم پڙهائي ڇڏيو آهي. لوڪل بورڊ جي ماءُ ويائي آهي، جو ان علم کان ڪنڌ ڪڍائي سگهي.“

 دادوءَ جي مردم شناسي مشهور آهي. اتاهون جي عوام هڪ دفعي سائين مرحوم کي پنهنجو نمائندو چونڊي سنڌ اسيمبليءَ ۾ موڪليو. هڪ دفعي ڪن چرچائن سائين مرحوم کي ڪن ۾ ڳالهه ڪئي ته ”اڄ سنڌ اسيمبليءَ ۾ لقب ورهائبا، اوهان جو نالو به لقبن جي لسٽ ۾ آهي، تنهنڪري اڄ اعليٰ کان اعليٰ لباس پهري هلو جو اوهان کي لقب به ملندو ۽ لقب جو ٻلو به اوهان کي پهرايو ويندو.“

سائين مرحوم انهن جي نالائقيءَ کي پنهنجي شرافت سببان سمجهي نه سگهيو، تنهنڪري انهن تي ويساهه ڪري، زري زربفت پهري، ٽوپيءَ تي ساڳي سوني ڪلنگي هڻي اچي اسيمبليءَ  ۾ ويٺو، ان انتظار ۾ ته اجهو ٿو لقبن جو اعلان ٿئي. (حالانڪه لقبن جو رواج ته انگريزن ويندي ئي ختم ٿي ويل هو.)

وقت گذرندو ويو، اسيمبليءَ جو معمولي ڪاروبار هلندو رهيو، سائين لقبن جي لسٽ جي انتظار ۾ اٿندو ويهندو رهيو. جن چرچائن کيس ٺاهي جوڙي ان ڏينهن اسيمبليءَ ۾ آندو هو سي تماشي ڏسڻ لاءِ مٿي وڃي گيلريءَ ۾ ويٺا هئا. سائين اشارن ئي اشارن ۾ انهن کان به دير جو سبب پڇندو رهيو. بهرحال اسيمبلي پوري ٿي ويئي. لقبن جو اعلان نه ٿيڻو هو نه ٿيو. پر ميمبر هال مان ٻاهر آيا، ان کان اڳ ۾ ئي اهو چرچائي ٽولو گيلريءَ مان ڀڄي ويل هو.

سائين مرحوم منهنجي دفتر ۾ تشريف فرما ٿي پڇڻ لڳو ته: ”اڄ لقبن جو اعلان ٿيڻو هو. اوهان منهنجي لاءِ به سفارش ڪئي هئي. پر اڄ ته اعلان ڪو نه ٿيو، تنهن جو سبب ڇا؟“

آءٌ سمجهي ويس ته ڪنهن ظالم شخص هن شريف انسان سان چرچو ڪيو آهي. مون عرض ڪيس:”قبلا سائين، اهي ڳالهيون مخفي هونديون آهن، آءُ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي ٻڌائي سگهندس.“ ( مان اهڙي بزرگ جي دل ٽوڙڻ کان ڊڄيس ٿي.)

سائين:”پوءِ رکون اميد؟ اڄ نه ته صبح، صبح نه ته پرينءَ.“

 مون تسلي ڏنس ته ”الله مان اميدون نه لاهبيون آهن.“

 ان واقعي کان پوءِ به جيترا ڏينهن اها سيشن هلندي رهي، سائين مرحوم پنهنجي روايتي لباس ۾ ملبوس ايندو رهيو.

آخري ڀيرو 1970ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ جي. ايم. سيد جو مقابلو ڪيائين. جي. ايم سيد کان پنج هزار وڌيڪ ووٽ کنيائين. بالاآخر ڪـِـري ٻئي پيا، جنهن ڪري آئين سازيءَ جهڙي نازڪ ڪم ۾ پاڪستان سائين صالح شاهه جي صلاحيتن مان فائدي وٺڻ کان محروم رهجي ويو. پر تڪ جي ووٽرن پنهنجي پاران بيدار مغزي ۽ سياسي شعور ثابت ڪرڻ ۾ گهٽتائي ڪا نه ڪئي.

الله تعاليٰ جون هن نيڪ انسان تي لک لک رحمتون هجن. سچو پچو الله لوڪ هو. نينگ جهڙي بـَـر ۾ بازاريون لڳايو ويٺو هو.

 

 

 

 

 

 

نارو ڀڳت

 

دل جو درد، سوز ۽ گداز، ماءُ پيءُ کان ورثي ۾ ملڻ واريون شيون نٿيون  ٿين ۽ نه مذهب ۽ ملت تي ئي سندن مدار رهي ٿو. اهو الله تعاليٰ جو خاص انعام آهي، جنهن کي وڻيس عطا فرمائي. هو رب العالمين آهي. سندس رحيميءَ جي ريت ۽ ڪريميءَ جي ڪرت جو اهو ادنيٰ ڪرشمو آهي ته جڏهن نوازڻ تي اچي ته اهو ڪو نه خيال ڪري ته ڪنهن کي نوازي رهيو آهي. مهربانيءَ جا مينهن وسن ته باغ ۽ بـَـر ۾ فرق ڪو نه ڪن.

نارو ڀڳت هندو هو، ٿاڻي بولا خان جي پاسي جو. سڀاڳو هو، ڪٿان عشق جي چڻنگ چولي لڳي ويل هئس. جو دم جيئرو رهيو، رئندو ۽ رڙندو رهيو پاڻ به ۽ ٻين کي به رئاريندو ۽ رڙائيندو رهيو.  شاهه جو ڪلام ڳائيندو هو. مون جڏهن کيس ڏٺو ته ستر ورهيه کن جي عمر جو هو. مون تي گهڻي مهرباني ڪندو هو. جڏهن ڪوٺ ويندي هيس ته هليو ايندو هو، پنهنجن سنگتين ۽ سازن سميت. مان انهن ڏينهن ۾ جڏهن به حيدرآباد جو دورو رکندو هوس ته ”فتح مبارڪ“ جهاز ۾ رهندو هوس، جيڪو ڪوٽڙي واري پاسي ڏانهن  درياهه جي ڪناري سان لڳو بيٺو هوندو هو. اهو جهاز ڪنهن زماني ۾ وڏن آفيسرن جي گشت لاءِ ڪم ايندو هو، جيڪي منجهس سوار ٿي سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسن وارو  علائقو ڏسندا ويندا هئا. اسان واري زماني ۾ ان جو ٻيو ڪم ڪو نه رهيو هو، سواءِ ان جي ته حڪومت ان کي ريسٽ هائوس وانگر ٺاهي بيهاري ڇڏيو هو.

نارو ڀڳت جون محفلون ان جهاز تي ٿينديون هيون. جنهن وقت  ڳائڻ اٿندو هو ته مٿس بيخودي طاري ٿي ويندي هئي. اهو سمجهي نه سگهبو هو ته هي ساڳو نارو آهي يا سندس جسم ۾ ڪا ٻي ذات حلول ڪري وئي آهي. جو اکر سندس منهن مان نڪرندو هو، سو باهه جو الو هوندو هو. چند منٽن بعد ساري محفل نارو ڀڳت بڻجي ويندي هئي. ڪنهن کي سر ڌڙ جي خبر ڪا نه رهندي هئي. پيرزاده عبدالستار مرحوم سنڌ جو چيف منسٽر هوندو هو.  ناروءَ کي ٻڌي مٿس اهڙو حال طاري ٿي ويندو هو، جو ڪرسيءَ تان لهي هيٺ ويهي پاڻ به ڳائڻ شروع ڪري ڏيندو هو. مرحوم درديلو به هو ۽ سريلو به. نارو باهه دکائيندو هو، هي مچ ۾ ڪاهي پوندو هو، عجيب ڳالهه هئي. ان زماني جا وڏا ماڻهو  بي دردا ڪو نه هوندا هئا. مون کي ياد آهي، هڪ دفعي مرحوم غلام محمد گورنر جنرل منڇر جي سير تي هليو. هڪ ٻيڙيءَ ۾ پاڻ ويٺو، ٻيءَ ۾ مون ڪي راڳي ويهاريا، جيڪي ڳائيندا ٿي هليا. منجهان هڪ يعني حافظ اسحاق (جو اڃان تائين زنده آهي)  سائين بلي شاهه جو ڪلام ڇيڙيو:

ڇڏ جهڳڙا مسجد مندر دل،

گهن طور طريق قلندر دا-

 ٻن منٽن کان پوءِ پيرزاده عبدالستار  مرحوم، جيڪو گورنر جنرل جي ٻيڙيءَ ۾ ويٺو هو، مون کي اشارو ڪري گورنر  جنرل ڏانهن واجهائڻ لاءِ چيو. ڇا ڏسان ته گورنر جنرل زار زار روئن شروع ڪري ڏنو آهي، ايتري قدر جو ڪجهه وقت کان پوءِ ته بلڪل بيحال ٿي ويو ۽ مون کي مجبوراً راڳين واري ٻيڙي ڌڪرائي پوئتي ڪرائڻي پيئي  ته جيئن صاحب سامت ۾ اچي.

ناروءَ کي شاهه سائينءَ جي هڪ ڪافيءَ تي خاص قدرت حاصل هئي:

ڪتيم ڪين ڪي ڇا ٻڌايان،

ڪات قريبن جي هٿ ۾.....

اها ڪافي چوندو هو ته هر هر اڀو ٿي ويندو هو. پڳ ۽ چولو لاهي ڦٽي ڪندو هو. نچندو به هو ۽ آهون به ڪندو هو. ائين سمجهبو ته فقير هن وقت ڪنهن ٻي طاقت (ريڊيائي زبان ۾)  سان ساڳيءَ Wave-Length تي آهي.  ڳائيندو ماڻهن ۾ بيهي هو، پر ڀانئبو ائين هو ته ان وقت هن جو روءِ سخن ڪنهن ٻئي سان آهي. ڪافي کي پوري ڪرڻ کان پوءِ وري سامت ۾ اچڻ لاءِ کيس ڪجهه وقت لڳندو هو.

سندس راڳ ”ساري گاماپاڌا“جي قاعدن قانونن جو پائبند ڪو نه هوندو هو. دل جون ڪيفيتون  دل جي زبان ۾ دل  وارن لاءِ ادا ٿينديون رهنديون هيون. فن ڪو نه هو، اثر هو.  ۽ اصل شئي ته آهي ئي اثر.

ناروءَ جي مرڻ بعد دادوءَ  جي بانسري بند ٿي ويئي.

 

 

 

 

 

عارف فقير جتوئي

 

ڦڪن جي ديهه ۾ جتوئين جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. مون ڪو نه ڏٺو، پر سندس  ڳالهيون ننڍي وڏي جي زبان تي هيون. چوندا هئا وڏو فقير هو، پيشه ور فقير نه، اصلي فقير.گهڻو ڪري مذاق ۽ مذاق ۾ فطرت جون حقيقتون بيان  ڪندو وتندو هو. ايتري قدر پهتل هو جو دوئي جا پردا وچ مان کڄي ويل هئا. سندس قصا ايترا گهڻا آهن، ۽ ايتري قدر فلسفيانه جو انهن کي قلمبند ڪرڻ لاءِ ڪتاب گهرجي. شال ڪنهن کي ان ڪتاب لکڻ  جي سگهه ٿئي.

پيٽ پالڻ  لاءِ ڳوٺڙي ۾ هٽ کوليو هئائين. هٽ لاءِ سودي  وٺڻ واسطي دادوءَ جو ارادو ڪري نڪتو. رستي ۾ ڏٺائين ته هڪ بيمار گڏهه  ڀر ۾ پئي آهي، اٿڻ ويهڻ کان عاجز، نه ڀر ۾ گاهه اٿس نه پاڻي. عارب سندس اهو حال ڏسي اتي ئي ويهي رهيو. گڏهه کي اُس کان بچائڻ لاءِ مٿانس پيهي اڏيائين، گاهه  ۽ پاڻي کڻي آڻي اڳيان رکيائينس ۽ پاڻ به ڀر ۾ ويهي رهيس. ڪيڏانهن ويو دادو، ڪيڏانهن ويو هٽ ۽ سودو سلف. ڪيترا ڏينهن ان ريت بيمار گڏهه جي تيمارداري  ڪندو رهيو، جيستائين گڏهه جي جان مان جان نڪتي ۽ عارب جي جان گڏهه مان ڇٽي. انسانيت جو اهو اعليٰ ترين مقام ٿئي ٿو، جڏهن خالق جي ٺاهيل هر شئي لاءِ انسان جي دل ۾ احترام ۽ محبت موجزن رهن ٿا.

ڪڏهن ڪڏهن فقير تي جلال جي ڪيفيت به طاري ٿي ويندي هئي. پاڻ ڪيڏانهن ويو ٿي ته رستي ۾ سندس ڪن تي ذڪر جو آواز پيو. ويجهڙو وڃي ڏٺائين، هڪ عورت ويٺي الله الله ڪري. ڀر ۾ بيهي چيائينس ”شرم نه ٿو اچئي، ڪنهن جو نالو ٿي وٺين؟  جنهن تنهنجون ست ئي پيڙهيون ماريون، تنهنجو ڏاڏو ماريائين، پيءُ ماريائين، ماءُ ماريائين ۽ مڙس ماريائين. باقي تنهنجي لاءِ ڪجهه نه ڇڏيائين، تـِـهان پوءِ اڃان پئي سڏينس؟“

ڦڪن جي عبدالله موچيءَ سان گهڻو رستو هوس. عبدالله فقير کي ٻارهن پٽ ڄاوا ۽ ٻارهن ئي ننڍڙائيءَ ۾ فوت ٿيندا ويا. جڏهن  به سندس ڪو پٽ لهندو هو ۽ فقير  عبدالله ماتم ۾ هوندو هو ته عارب اچي ساڻس ملندو هو ۽ چوندو هوس ”عبدالله، تون ڇو پيو پنهنجو منهن مٿو پٽين؟ مهمان آيو هو جنهن موڪليو هوس، تنهن ورتس، نه تنهنجو اختيار، نه قصور. اهڙي مهمان جي موڪلائڻ تي اجايو پيو غمگين ٿين؟“

فقير ان منزل تي پهتل هو، جنهن تي کيس زيست ۽ موت ۾ ڪو فرق نظر ڪو نه ٿي آيو.

سچل فقير جتوئي سندس سنگتين مان رهجي ويل آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون سان اچي رهاڻ ڪندو رهندو آهي. بنهه فقير آهي، صوفي صاف، اڇو ۽ اُجرو، يڪتارو هٿ ۾، جذبو جاڳيس ته ڳائڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. پيرل فقير جي هڪ ڪافي ڳائيندي وڃي حقيقت جي ويجهو پوندو آهي. ڪافي هي آهي:

سوين پوشاڪون پهرين ٿو، پر ڳوٺ ڳليءَ ۾ ناهين ڳجهو.

اهي اُهي فقير آهن، جيڪي تصنع ۽ دنيا جي ڌنڌن کان پري پنهنجو روح ريجهائيندا رهن ٿا. بقول شاهه صاحب:

سين هنيائون سڃ ۾ گهمي گهرڙا گهڻا!

 دنيا کين ڇڏي، ان کان پهريان پاڻ دنيا کي ڇڏيو ڏين. سندن دنيا جڳ کان نرالي ٿئي ٿي، جنهن جو اندازو اسان عام دنيا پرست ڪري ڪو نه ٿا سگهون.

مختصر معنيٰ اها ٿي ته دادو روح جي خوراڪ کان به خالي ڪو نه رهيو.

وصال واري ڏينهن هيءَ ڪافي ٺاهي ڪتاب ۾ لکيائين ۽ پڇاڙيءَ ويل سچل فقير جتوئيءَ کي سڏي، هيءَ ڪافي جهونگارڻ لاءِ چيائين. اها ڪافي هڪ قسم جو آخري پيغام ڏيندي، ٻولائيندي سر ڏنائين ته وڃي پنهنجي مالڪ سان مليو.

 

 

 

ڪافي

 

آهــــي دور دل ۾ ويراڳين وڃڻ جو،

ويراڳين وڃڻ جو، لاهوتين لڏڻ جو.

ڇوڙي سڀ ڇڏيائون،  سهي هڪ سڏيائون،

اتي نيئي اڏيائون،  جتي جيءُ جلڻ جو.

سمجهي سر ڏنائون،  سڀئي سڱ ڇنائون،

چريو ٿي چنائون،   چوري چنگ چلڻ جو.

واري وير ويڙا،  لنگهي "لا" کؤن  پيڙا،

آجا عام ٿيڙا،   ڀڳن ڀؤ بچڻ جو.

”عارب“ اور جن کي، مچي موج تن کي،

سعيو آ سچن کي، پرين کي پسڻ جو.

 


 

(1) يعني حضرت علي ڪرم الله وجهه.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org