سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن (جلد-2)

 

صفحو :1

اُهي ڏينهن اهي شينهن - جُلد-2

پير علي محمد راشدي

 

 

”جنهن جي رات، تنهن جو ڏينهن،
جنهن جو مدن، تنهن جو شينهن.

 

     مدن فقير.

 

 

 



 

 

ٻه ڳالهيون

 

نوح که هزار ساک يک طوفان ديد،
من نوح نيم ولي هزار طوفان ديدم.

 

ٻارهن سالن کان پوءِ وري ميلو ٿي رهيو آهي.ان وچ ۾ به گهڻو ڪجهه ٿي گذريو آهي. بيوس اکيون سڀ، ڪجهه ڏسنديون رهيون آهن، سڀ ڪجهه سهنديون رهيون آهن. اکين جهڙو لاچار عضوو ٻيو ڪو ڪو نه ٿو ٿئي: نه ڪڇي سگهن، نه پڇي سگهن، ڳوڙها ڳاڙين ته به آواز ڪو نه ٿئي! قيامت ڏينهن انساني جسم سان جيڪي  وهي واپري، پر گهٽ ۾ گهٽ انسان جون اکيون ضرور بهشت وينديون. دنيا اندر هنن ويچارين ايترو پئي صبر سان سٺو آهي، جو ان عذاب کي اينگهائڻ يقيناً  ايزدي انصاف جي ابتڙ هوندو. ۽  ڪنهن کي مجال، جو دنيا اندر انهن نڀاڳين اکڙين جو وڪيل بڻجي، مٿن واقع ٿيندڙ وارداتن جو جهان اڳيان مڪمل ۽ کلي اپٽار به ڪري سگهي؟

ان هوندي به هيءُ فقير، ان ڏس ۾، ڪجهه ڪوشش اڳ ڪري چڪو آهي ۽ وري هينئر به پيو ڪري. عمر طبعي جون تقاضائون اڻٽر ٿين ٿيون، وقت گذرندي شايد ايتري توانائي به نه رهي.

جيڪي آهي، اڄ، سـُـڀان ناهه،”صديق“ چئي،
واڄي وانگر وڄ، مٿي کي مـُـرلي ڪري.

 

البت ايتري هام ضرور هڻندس ته هن ۾ محض دل وندرائڻ لاءِ بي معنيٰ ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون بيان ڪو نه ڪيون اٿم. هي مواد خام جو هڪ انبار آهي، ان منجهان ماڻهپي جا لعل لهڻ پڙهندڙن جي پنهنجي اک ۽ عقل جي رسائي تي منحصر رهندو.

بيان ڪيل قصن ۾ ڪيترن ”وڏن ماڻهن“ سان گڏ”ننڍن ماڻهن“ جو به ذڪر آيل آهي. وڏو ماڻهو ڪير آهي ۽ ننڍو ماڻهو ڪير، تنهن جي فيصلي تي شروع کان دنيا تڪرار ڪندي مختلف معيار مقرر ڪندي پئي رهي آهي، قطعي فيصلو اڄ تائين ٿي ڪو نه سگهيو آهي. مون هن ڪتاب ۾، ڪنهن اهڙيءَ  تخصيص جي تڪرار ۾ پوڻ بدران، اهڙن سڀني ماڻهن کي آڻي ڇڏيو آهي، جيڪي منهنـجين اکين کي آئڙيا. مون اهڙن انسانن کي نظر انداز ڪو نه ڪيو آهي، جيڪي بازاري مفهوم ۾ وڏا ماڻهو ڪو نه هئا، مون تاريخ ساز ماڻهن سان گڏوگڏ انسانيت ساز انسانن جو ذڪر ڪرڻ  به ضروري سمجهيو آهي. هر گل جو رنگ و بوءِ مختلف ٿئي ٿي، چمن اوستائين چمن ڪو نه ٿـِـي ٿو سگهي، جيستائين ان ۾ مختلف رنگ و بوءِ جا گل نه هجن. غريبن مان بوءِ فقط بيوقوفن کي ايندي آهي. مولا ڪنهن ۾ ڪو نه ٿو وسي؟ هيرا جواهر ويرانن مان لڀندا آهن، نه دلڪش باغن بستانن مان، گورڪيءَ لکيو آهي:

”مون وٽ ساده دل ۽ گمنام انسان، پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جا لازوال تحفا کڻي اچن ۽ منهنجي روح کي مالا مال ڪن، اهي انهن کان بهتر آهن، جو پڙهيل ڪڙهيل اچن ۽ مڪر ۽ فريب سان، منهنجي روح کي رنج پهچائين.“

منهنجو پنهنجو تجربو به هيءُ رهيو آهي، ته غريب ڪچو سونُ آهن، وڏو ماڻهو جيترو وڏو، اوتري گهڻي منجهس مـَـٺُ  جي ملاوت- الا ماشاءَ الله. تنهن ڪري، ننڍن ماڻهن يا غريبن کي نظر انداز نه ڪرڻ تي مان مجبور هوس.

هن جلد  جي وڏي ڀاڱي جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي. ڪراچي سنڌ جي سياست جو مرڪز پئي رهي آهي، تنهن ڪري لازم هو ته ان ۾ سياست ۽ سياستدانن جو ذڪر قدري تفصيل سان اچي. اهو هن ڪري به ضروري ٿي پيو، جو خطرو هوم ته مبادا اڳتي هلي تاريخ غلط لکي وڃي ۽ ڪيتريون ضروري حقيقتون رڪارڊ تي اچي نه سگهن، يا تاريخ نويس پاڻ، ڄاڻي واڻي، انهن کي لڪائي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪن.

هيءُ جـُـلد پنجن سـَـوَن صفحن تائين پهچي چڪو آهي ۽ اڃا ڪجهه قدر ڪراچي ۽ سڄي لوور سنڌ رهجي ويئي آهي. اها گهٽائي ٽئين جـُـلد  ۾ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

پڇاڙيءَ کان پهريان ڪجهه شڪريا ادا ڪرڻ به اخلاقي فرض سمجهان ٿو.

عزيزي محمد رفيع، جيڪڏهن چچڙ ٿي چنبڙي نه پوي ها، ته شايد آءٌ اڃا ڪيترا سال ٽيٽمائيندو وتان ها ۽ هن جلد لاءِ لکڻ تي آماده ڪو نه ٿيان ها، پر هن نوجوان منهنجو ويهڻ وِههُ ڪري ڇڏيو.اُٿندي  ويهندي ڪاپي ۽ قلم منهنجي اڳيان رکيو ويٺو هوندو هو ۽ جيستائين هر روز ڪجهه لکي سندس حوالي نه ڪريان، اوستائين منهن ڪومايون ويٺو هوندو هو.

ان کان به ٿورو  وڌيڪ تندهي، هن ڪتاب جي معاملي ۾ عزيزي شيخ نفيس احمد (ناشاد) ڏيکاري. مون وٽان مواد وٺڻ، ڪاپي تيار ڪرڻ، پروف ڏسڻ ۽ ڇپائيءَ جي پوئواري ڪرڻ، ۽ انهيءَ سڄي محنت کي مـُـرڪندي منهن ڏيڻ سندس ڪرشمو هو، جنهن لاءِ آءٌ سندس ڏاڍو ٿورائتو آهيان.

جيڪڏهن هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڪنهن کي ڪلمئه خير چوڻ جو حوصلو ٿئي ته ان ۾ هنن ٻن نوجوانن کي ضرور شامل ڪرڻ گهرجيس.   والسلام

 

12- سيپٽمبر 1979ع

علي محمد راشدي

239 _ پـِـسٽنجي اسٽريٽ،

گارڊن ويسٽ، ڪراچي سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org