سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :15

 

ياجوج ماجوج

سنڌيءَ جا ٻه ماستر هئا.جـُـبلي ڪوارٽر  ۾ هڪ سنڌي اسڪول ۾ سنڌي ۽ حساب پڙهائيندا هئا. هڪ جو نالو قاسم هو، ٻئي جو نالو ياد ڪو نه اٿم. پڙهائيءَ ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو هئائون، پر اسڪول کان ٻاهر پاڳلپڻي جا ڪم ڪندا رهندا هئا. ٻلين سان دوستي هون. ساري پگهار انهن کي ڇيڇڙن کارائڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا. ٻلين پنهنجن محسنن کي سڃاڻي ڇڏيو هو، گهٽين ۾  گهمند اهئا ته اڳ ۾ پاڻ،پٺيان ٻليون، ميائو ميائو ڪنديون هلنديون هيون.  مون کانئن پڇيو ته پنهنجي ڪمائي ٻلين تي ڇو پيا ضايع ڪريو؟ چيائون: ”ٻليون پنهنجن دوستن ۽ محسنن کي سڃاڻن ٿيون، ان لحاظ سان هو انسان  ذات کان افضل ٿين ٿيون. انسان ڇيڇڙا  ته ڇڏيو، پر ماس ۽ ميڄالي هضم ڪرڻ کان پوءِ به سندس محسن تي ڪو وقت پيو ته اکيون ڦيرائي ٻئي پاسي منهن ڪري ڇڏيندو.“(1)

دنيا جهان جي هر مسئلي جي باري ۾ ماڻهن جي رهبري ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهند اهئا، ان ڪري هر طرف تارن ۽ خطن جي ڌم لايون ويٺا هوندا هئا. 1937ع ڌاري هٽلر جنگ جا سانباها ڪيا ته تار موڪليائونس ته: ”يورپ ۾ رت وهائڻ بدران هندوستان ۾ اچي انگريز سان جنگ ڪر، نه ته شڪست کائيندين.“ اها تار سينسر ٿي. سي. آءِ. ڊي ماسترن کي ڪيترا ڏينهن گهليندي وتي. آخر ۾ انگريزن فيصلو ڪيو ته: ”هي ماستر پاڳل آهن، مٿو خراب اٿن، نيت بڇڙي ڪا نه اٿن، غدار يا امن ٽوڙ ڪو نه آهن، پنهنجي پڙهائيءَ جي ڪم ۾ بي مثال آهن، تنهنڪري انهن جي چريائي ڪري خلق کي انهن جي پڙهائيءَ مان فائدي وٺڻ کان محروم رکڻ مناسب نه ٿيندو.“ ماستر ڇڪ  ڇٻيڙ  کان ڇٽا. الله وري ٻلين جي ٻڌي.

هڪ پراڻي دوست، سندن باري ۾ هيٺيون قصو ٻڌايو:

چئي: ”هڪ ڀيري  هنن برطانيه جي شاهي گهراڻي سان به هٿ ڳنڍيا هئا. هڪ شهزادي(احتراماً نالو نه ٿو ڏيان)  جي منڱڻي جا هاواڻا هليا ۽ اخبارن ۾ سندن فوٽا ڇپيا ته وڏي ماستر صاحب جي دل هرکڻ لڳي. هڪدم شهزاديءَ  جي والد ڏانهن ارجنٽ تار موڪليائون ته: ”ڌيءُ جو سنڱ مون کي ڏي منهنجون علمي لياقتون هيءُ آهن،“ سياست ۾ اهڙي پوزيشن آهي جو گانڌي جي به منهنجي مشورن تي پيو هلي، اسان جي مٽي مائٽي ٿي وڃڻ کان پوءِ  هندوستان  جو مسئلو به حل ٿي ويندو ۽ برطانيه ان مٿي جي سور کان ڇٽي پوندي.“ لنڊن مان تار جي رسيد اچي پهتس. محلات جي سيڪريٽري، عام دستور موجب ڇپيل ڪاغذ تي رسيد موڪلي ڏنس. رسيد جو مضمون اهو هو، جيڪو هر مراسلي جي باري ۾ استعمال ٿيندو هو، يعني ته اوهان جو مراسله مليو، ان تي غور ٿيندو. آءٌ سمجهان ٿو ته اتاهون جي ڪنهن ڪلارڪ بغير تار جي مضمون پڙهي  اهو فارم ڀري موڪليو هو.

”بهرحال، ماستر صاحب کي رسيد ملڻ کان پوءِ گهوٽ جي ذميدارين جو احساس ٿيڻ لڳو. گهڻائي مسئلا اٿي کڙا ٿيا: مثلاً: مذهبي مسئلو ڪيئن طئي ٿي؟ پاڻ مسلمان ۽ سهزادي عيسائي. شهزاديءَ جي مشرف به اسلام ٿيڻ جي منزل نڪاح کان اڳ ايندي يا پوءِ؟ -- نڪاح لنڊن ۾ ٿيندو يا ڪراچيءَ ۾؟ ”ڏيج ڏيوڻ“ ۽ ”ڏاج ۽ پڙي“ جا ڪهڙا دستور هوندا؟

”مون تي ڏاڍا مهربان هوندا هئا. رازداريءَ جون ڳالهيون اڪثر مون ساڻ اچيو ڪندا هئا. هڪ ڏينهن گهر لنگهي آيا. وڏو ماستر اڳ ۾ ئي، پٺيانس سندس ڀاءُ ۽ وڏي ماستر جي ڳچيءَ ۾ گلن جو هار. کلندا مشڪندا اچي پر گهٽ ٿيا. ننڍي ڀاءُ مرڪي چيو ته: ”ادا سائينءَ  کي مبارڪ ڏي. برطانيه  جي فلاڻيءَ شهزادي سان سندس شادي ٿي رهي آهي. ائين چوندي، لنڊن مان آيل تار جي رسيد ڪڍي ڏيکاريائين.

”مون مشورو ڏنن ته مذهبي ڳالهين بابت شهر جي قاضي صاحب سان صلاح ڪن، پر ان کان اڳ ضروري آهي ته ڪمشنر صاحب سان وڃي ملن، ڇو ته اها لکپڙهه ضرور ڪمشنر صاحب وٽ آيل هوندي. جيڪڏهن ڪمشنر سفارش  نه ڪئي ته شايد شاديءَ ۾ خلل پئجي وڃي، تنهنڪري اڳواٽ ڪمشنر سان ملي، کيس ان رشتي جي فائدن کان آگاهه ڪري، پنهنجي طرف ڀرمائن، جيئن مٿي چڱي رپورٽ موڪلي. ساڳئي وقت اها به صلاح ٿي ته جنهن صورت ۾ برطانيا جا خاندان ڪتن ۽ ٻلين جا شائق ۽ شوقين ٿين ٿا، تنهن صورت ۾ ماستر صاحب پنهنجن ٻلين جا فوٽا ڪڍرائي  ڪمشنر صاحب کي وڃي ڏين، تاڪ اهي تصويرون به لکپڙهه سان شامل ٿي وڃن.

”سنڌ جو ڪمشنر، انهيءَ زماني ۾ گبسن صاحب هو، جيڪو پاڻ ڏاڍو چرچائي ۽ چٿرباز هو. ماستر صاحبان ٻلين  جا فوٽا ڪڍرائي وڃي وٽس پهتا. ڪمشنر صاحب کي لنڊن مان آيل تار جي رسيد ڏيکاري، کيس عرض ڪيائون ته هو ان رشتي جي سفارش فرمائي. گبسن صاحب کين سڃاڻندو هو. هڪدم ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويو. کين چيائين ته ”چڱو ٿيو جو اڳواٽ مون وٽ آئيو. اها لکپڙهه واقعي مون وٽ اچي ويل آهي ۽ آءٌ رپورٽ موڪلڻ کان اڳ انڪوائري پيو ڪريان. پر هڪ رڪاوٽ شايد پيدا ٿئي.

گهوٽ جي عمر پنجاهه کان مٿي آهي ۽ ڪنوار جي ڄمار مشڪل سان ويهه سال. اهو جوڙ شايد مشڪل سان ٺهي.

تنهنڪري گبسن صاحب ماسترن اڳيان هڪ متبادل تجويز پيش ڪئي. چي: ”جيڪڏهن  شهزاديءَ  وارو ڪم، عمر جي فرق سبب، بڻجي نه سگهي ته انهيءَ ئي گهراڻي جي هڪ ٻي شهزادي اڄڪلهه مون وٽ مهمان آهي. اها تنهنجي هم عمر آهي، ٻلين جي شوقين آهي، ۽ دولت به ڪافي اٿس. جيڪڏهن اها قبول ڪريو ته ڪم ٺهه پهه ٺهي سگهي ٿو. ائين چوندي گبسن هڪ گوري ڏوسي ڪٿان سڏي ڏيکارين. خبر نه آهي سندس پنهنجي زال هئي يا ڪيفي گرانڊ ريسٽورانٽ جي مالڪياڻي(1) يا ڪا ٻي مهمان

”ماستر صاحب ان پروپوزل تي غور ڪرڻ لاءِ مهلت وٺي اچي مون وٽ پهتا. مون چين: ”تڪڙ ڪرڻ  مناسب نه ٿيندي. جيڪڏهن نوجوان شهزادي ملي سگهي ته ان روڙهه کي ريڙهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ تڪڙ ڪم شيطان جو.  ٿورن ڏينهن  کان پوءِ لنڊن ۾ شهزاديءَ  جي شادي ٿي وئي، ۽ ماستر صاحب جي اميدن جو سلو سـُـڪي ويو.“

*      *      *

ڪراچيءَ  جو ننڍو وڏو کين سڃاڻندو هو. سڀ ڪنهن کي معلوم هو ته جڏهن به ڪو آئيني مسئلو هندوستان ۾، يا وزارتن جي ڊهڻ ۽ ٺهڻ جو معاملو سنڌ ۾ کڙو ٿيندو هو ته ماستر صاحبان حسب دستور پنهنجي مشورن کان، تارن ۽ خطن جي وسيلي، هر واسطيدار ڌر کي مستفيد ڪندا رهندا هئا، ۽ انهن خطن، تارن ۽ لکپڙهن جي نقلن سان هميشـہ  پنهنجن کيسن کي ڏٽيون وتندا هئا.

سنڌ جي وزيرن سان ملڻ ۽ سندن رهبري ڪرڻ لاءِ هميشـہ ڪوشان رهندا هئا. آءٌ وزير ٿيس ته مون کي به پنهنجين ملاقاتين سان نوازڻ لڳا. هڪ دفعو دفتر ۾ سندن ”ملاقاتي ڪارڊ“ پٽيوالو کڻي آيو. ڇپيل ڪارڊ تي سندن تعريف هن طرح لکيل هئي.

(پهرينءَ سٽ ۾ نالا)

       Name

تعريف:

 

ٺاهيندڙ(ميڪرس آف)  پاڪستان جا

Makers of Pakistan

جوڙيندڙ(ميڪرس آف)

Makers of Bundeh Ali Ministry

بنده علي منسٽري جا

 

سرپرست (پيٽرنس آف)

Patrons of Allahbux

الله بخش منسٽري جا

Ministry

دشمن هٽلر جا

Enemies of Hitler

هندوستان پاڪستان جي

Architects of India -

آزادي جا معمار

Pakistan Freedom

دعاگو جمشيد مهتا پريزيڊنٽ      

Well wishers of Jamshed Mehta

ڪراچي ميونسپالٽي جا

President Karachi Municipality

پاڪستان جي صدارت جا اميدوار

Candidates for Presiden

 

ship of Pakistan

سنڌ جي وزارتن جا ڪنٽرولر

Controllers of Sind Ministries

برطانيه جي شاهي گهراڻي جي ويجهو

Close to Royal House of  Britain

جنن، ڀوتن جا بادشاهه

Kings Of Ghouls & Goblins

وغيره وغيره

مون سندن تعريف اڳ ۾ ئي ٻڌي هئي. ڪرسيءَ تان اٿي در جي ٻاهران وڃي سندن استقبال ڪيم. اندر آڻي پاڻ سان گڏ ويهاريومانِ. حال احوال  ڪيائون. اسان جي وڏي وزير، مرحوم مغفور پيرزادي صاحب تي ڏاڍو ڪاوڙيل هئا، جو هن سندن قدر ڪو نه سڃاتو هو ۽ ملاقات وقت گرمجوشي سان سندن استقبال ڪو نه ڪيو هئائين. فرمايائون:”اسان پيرزادي کي ڪڍي تو کي وڏو وزير ڪرڻ آيا آهيون.“مون چين: ”اهو ڪيئن ٿي سگهندو.“چيائون:”ڳالهه سڌي لڳي پئي آهي. جڏهن ”پير“ موجود آهي ته ”زادن“ جي ڪهڙي ضرورت رهي آهي. منطق پڙهيو اٿئي؟ اهو منطق جو مسئلو آهي.“

مون کي به چرچو لڳو، مون چين: ”اسيمبليءَ  مان پيرزادي صاحب کي بي دخل ڪيو ته ڳالهه ٺهي.“ چيائون: ”تيار آهيون.“ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيڻ وارو هو، مون کي چيائون ته: ”اسان پاڻ وڃي ٿا اسيمبليءَ اندر پيرزادي صاحب جي ڪرسيءَ تي قبضو ڪريون.“ ائين چئي  منهنجي آفيس مان اٿي اسيمبلي هال ۾، ميمبرن جي اچ وڃ جي دوران، ڪنهن طرح گهڙي وڃي وزيراعليٰ واريءَ بينچ کي والاري ويهي رهيا. اسان اسيمبليءَ ۾ داخل ٿياسين، وزيراعليٰ پيرزادي صاحب اڳ ۾ ۽ آءٌ سندس ڪڍ(اسان ٻئي هڪ بينچ تي ويهندا هئاسين). پيرزادو صاحب شگفته  طبيعت جو انسان هو. هنن ماسترن کي پنهنجي بينچ تي ويٺل ڏسي کلي ويٺو مون کي چيائين:”هي ڇا آهي؟“ مون وراڻي ڏنس ته: ”هنن جو ڪليم آهي ته هي”ميڪرس آف پاڪستان يعني پاڪستان جا ٺاهيندڙ آهن. هي جو چاهين  سو ڪري سگهن ٿا. اڳي پوءِ اهي ئي اچڻا آهن. هنن کي سياسي مستقبل آهي، اوهان ۽ اسان کي ڪونه، آه! چڱو ٿيو جو اڳ ۾ ئي اچي پنهنجون جايون ورتيون اٿن، ۽ ان ڪري اوهان ۽ اسان جي مٿي جو سور لٿو.“ اڳتي وڌي پيرزادي صاحب هنن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي،پر هنن قبضي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. چي:”اسان پاڪستان جا ٺاهيندڙ آهيون، تو کي اسان اڄ ڊسمس ڪري سنڌ جي وزارت اعليٰ جو پاڻ قبضو ورتو آهي.“ اسيمبليءَ جي گهنٽي وڄڻ شروع ٿي. جڏهن پيرزادي صاحب جي اها آڇ به قبول نه ڪيائون ته شام جو سندس آفيس ۾ گڏجي ان مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ پاڻ ۾ گفتگو ڪجي ته پيرزادي صاحب اسيمبليءَ جي عملي کي حڪم ڪيو ته کين گهلي ٻاهر ڪڍن. پٽيوالا ۽ پوليس وارا آيا ته انهن سان وڙهي پيا. آخر زوريءَ ڇڪي ڪڍيائونِ. ويندي ويندي پيرزادي صاحب جي حق ۾ ڪجهه ڏکيا جملا استعمال ڪندا ويا ۽ هيءُ دڙڪو به ڏنائونس ته: ”اسان هاڻي ٿا وڃي برطانيه جي راڻيءَ(1) کي تار ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ  جي ان بي ڍنگائي ۽ غير آئيني روش جي رپورٽ موڪليون.“

 وزارت جو ڪم ٿڪائيندڙ هوندو هو. ان هلندي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مذاقيه واقعا ٿڪاوٽ کي گهٽائيندا رهندا هئا. سارو وقت ڪامورن جي ڪٿائن ٻڌندي ماڻهوءَ جو حال برو ٿي ويندو هو.

ماسترن تي ”ياجوج ماجوج“ جو نالو ڪڏهن پيو، تنهن  جي باري ۾ صرف ايتري خبر پئجي سگهي ته ماسترن صاحبن جو اٿڻ ويهڻ گهڻو ڪري گاڏي کاتي واري پاڙي ۾ ٿيندو هو. جيڪڏهن ڪا ٻلي بيمار ٿي پوندي هئي يا ٽريفڪ جي ڪنهن حادثي ۾ زخمي، ته ماستر بيمار ٻليءَ کي گاڏي کاتي جي مسجد ۾ پوري ٻاهران دروازي کي ڪنڍو ڏئي هليا ويندا هئا. مسجد جو امام صاحب گهڻو وقت گهر ۾ رهندو هو ۽ فقط نماز جي وقت ئي مسجد ۾ تشريف فرما ٿيندو هو، تنهنڪري هنن مسجد کي محفوظ ۽ سانتيڪي جاءِ سمجهي ات ٻلين کي ٽڪائڻ جو بندوبست ڪيو هو. امام صاحب کان پڇيو ويو ته مسجد ۾ بيمار ٻليون ڇو ٿا رکو؟ پاڻ فرمايائون:  اهي ٻليون ياجوج ماجوج مسجد ۾ ڇڏيو وڃن ٿا. ان ڏينهن کان پوءِ ماسترن تي ”ياجوج ماجوج“ جو نالو پئجي ويو. والله اعلم بالصواب.

 

 

خانبهادر الله بخش گبول مرحوم

خانهبادر مرحوم ڪراچيءَ جي ڪلبن، سياسي ۽ سوشل محفلن جي رونق هوندو هو. قدم رکندو هو ته محفل جو موڊ باغ و بهار ٿي ويندو هو. هر ڪنهن جي خواهش هوندي هئي ته سندس واتان اڄ ڪو نئون ٻول ٻڌون. مذاق جو خزانو اڻ کٽ هئس، ان لاءِ سندس ڏيک ويک به موزون هوندو هو. قداوار، متارو مڙس، رنگ ضرورت کان گهٽ ڀورو ۽ پيٽ ضرورت کان زياده ڀرڪت ڀريو. انگريزي ڪٽ جو سوٽ، مٿي تي ڦندڻ سان ترڪي ٽوپي، خوش پوش، خوش نوش، خوش مزاج، خوش مذاق. زندگيءَ جو سفر کل خوشيءَ ۾ ختم ڪري ڇڏيائين، غم گوندر کي پاڻ وٽان گذرڻ نه ڏنائين. انگريزن وٽ پيارو، ديسي دوستن جو سهارو هو. سر غلام حسين مرحوم سان خاص محبت ۽ سر عبدالله هارون مرحوم سان خاص رقابت هئس. 1937ع جي اسيمبلي چونڊن ۾ لياري واري تڪ مان سر عبدالله هارون کي شڪست ڏئي،سنڌ اسيمبليءَ  جو ميمبر بڻيو. اسيمبليءَ اندر ٿورو ڳالهائيندو هو، پر جيڪي ڳالهائيندو هو، سو ٻڌندڙن جا غم غلط ڪري ڇڏيندو هو.  انهن ڏينهن ۾ ميمبر هر وقت پارٽيون بدلائي عهدا حاصل ڪندا رهندا هئا. گبول مرحوم ان ڦيريءَ گهيريءَ جو جواز هيءُ پيش ڪيو ته: ”سنڌي، سنڌو درياهه جو پاڻي پيئن ٿا، تنهنڪري جيترا وَرَ وَڪڙَ سنڌو درياهه ۾ آهن، اوترا ور وڪڙ  سنڌ جي سياست ۾، فڪر ڪرڻ جي ڳالهه ڪا نه آهي.“ سندس اهو جملو ڪلاسيڪي بڻجي ويو ۽ سالن تائين سنڌ جي سياست جي تعبير لاء ”ڪوٽ ٿيندو رهيو.

هڪ وقت آيو، جڏهن سر غلام حسين مرحوم گذاري ويو ۽ ڪن ٻين حالتن ڪري سنڌ جي سياست اجاڙ ٿي ويئي، گبول مرحوم ان کان پوءِ ٻين وانگر ملڪ اندر مٿا مونا ڪو نه هنيا. ڳالهه جو رخ سمجهي ويو. سياست ڇڏي سياحت کي لڳو، گهڻو وقت يورپ ۾ رهيو.

هڪ دفعي مون کيس جنيوا (سوئٽزرلئنڊ)  ۾ تالاب جي ڪناري ويٺل ڏٺو. سندس چوطرف يورپين خواتين جو حلقو لڳل هو. پاڻ به ٿي کليو ۽ انهن کي به ٿي کلايائين. ائين پئي لڳو، ڄڻ پاڻ اڳئين زماني وانگر ڪراچي ڪلب ۾ ويٺو آهي ۽ سندس ٻولن ٻڌڻ لاءِ ماڻهو اچي مڙيا آهن.

سنڌ جو اهو هڪ سياستدان هو، جيڪو پنهنجي مرضيءَ سان سياسي راند متل ڇڏي هليو ويو. ڦڪا ڳنا ڪو نه چوسيائين.

فارسيءَ واري چيو آهي:

کار دنيا کسي تمام نه کرد،
هرچه گيريد مختصر گيري.

 

 

آفتاب ۽ ماهتاب

(رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ سيٺ هرچند راءِ وشنداس)

رئيس غلام محمد مرحوم مغفور ۽ سرڳواسي سيٺ هرچند راءِ وشنداس کي مون ظاهر اکين سان ڪو نه ڏٺو، دل جي اکين سان گهڻو ديدار ڪيم. پنهنجي دؤر اندر سنڌ جي سياست جا ”آفتاب“ ۽ ”ماهتاب“ هئا.

ٻئي پيدائشي وڏيرا، وڏيرا به نه، بلڪ وڏ وڏيرا(1)، پر سنڌ جي وڏيرن  کي رستو ڏيکاري ويا ته وڏيرپ هوندي به ماڻهو ڪيئن عزت ۽ آزادي، شرافت ۽ انسانيت جي زندگي گذاري، ۽ خلق جي خدمت ڪندي، سنڌ جا حق نڀاهي سگهي ٿو. سندن زمانو اهو زمانو هو، جڏهن وڏيرا ”صاحب لوڪن“ جي سلام لاءِ حاضر ٿيندا هئا ته صاحب جا پٽيوالا در جي ٻاهران کانئن جتيون لهرائي، پيرين اگهاڙي اندر وٺي ويندا هئا. ليوڪس صاحب  ڪمشنر، کين کجائڻ لاءِ،
 

 

 

رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ سيٺ هرچند راءِ وشنداس يورپ جي دوري تي.

 


 

پڇندو هونِ ته: ”اوهان بدمعاش(1) آهيو يا نه؟“ ته وڏيرا  ورندي ڏيندا هئس: ”جيندا قبلا!  ابي ڏاڏي کان سرڪار جا بدمعاش آهيون.“ انديشو هوندو هونِ ته انڪار ڪريون ۽ مبادا صاحب ڪاوڙجي سچ پچ بدمعاشي جي ڪارروائي ڪري وجهي!

غلام محمد خان ڀرڳڙي  ۽ سيٺ هرچند راءِ پهريان سربرآورده سنڌي شهري هئا، جن وقت جي گوريءَ خواهه ٻولاهيءَ نوڪرشاهيءَ اڳيان نعرو هنيو ته سنڌ جي شهريت شاندار شيءِ آهي، نه آبرو باختگي جي نشاني.

هر دم ۽ هر قدم تي حڪومت سان مقابلا ڪيائون، مقابلن ۾ ڪڏهن هيڻي ڪا نه ٻوليائون. آزاديءَ جي هر تحريڪ ۾ پيش پيش رهيا. جنهن به ڪائونسل يا اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويا، ات سرڪار جا ڇوڏا لاهيندا رهيا. سيٺ هرچند راءِ  مرڻ جي ڪنڌيءَ تي، هلڻ چلڻ ۽ اٿڻ ويهڻ کان عاجز ٿي پيو، ته به پاڻ کٽولي تي کڻائي وڃي دهلي اسيمبليءَ ۾ حاضر ٿيو، ۽ سرڪار  جي خلاف ووٽ داخل ڪرايائين. رئيس غلام محمد خان جي نوڪر شاهيءَ جو پهريون حملو ٿيو ته پاڻ لنڊن وڃي بارسٽري پاس ڪري موٽي آيو ۽ اڳ کان اڳرو هو. ٻيو حملو ٿيو ته پاڻ ۽ هرچند راءِ  لنڊن پهچي، سيڪريٽري هند جي ڪنن مان ڪپهه ڪڍي آيا. ٻئي حملا نوڪرشاهيءَ  جي پنهنجي ڳچيءَ  ۾ پئجي ويا، ۽ سنڌين کي سبق مليو ته عزت دار سنڌي مقابلو به ڪري سگهن ٿا، هروڀرو ڄائي ڄم جون رڍون نه آهن، جن تي هر گدڙ حملو ڪري سگهي.

سنڌ کي اٿاري پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۽ بمبئي کان ڇني ڌار ڪرائڻ جي تحريڪ جي شروعات انهن بزرگن ڪئي. سڀني فرقن جي نمائندن کي گڏ ڪري ”سنڌ پيڪٽ“ (Sind Pact) تي صحيحيون  ورتائون، جنهن هيٺ گڏيل گهر ٿي ته سنڌ  جي جدا شخصيت تسليم ڪئي وڃي، ۽ کيس بمبئيءَ  کان ڌار ڪيو وڃي. سندن هوندي ساري سنڌ ڪٺي هوندي هئي، هندو مسلم نفاق جو ٻج ڪو نه پيو هو. سڀني فرقن ۽ قومن جا سياسي ورڪر پاڻ ۾ گڏ، هڪ ئي مقصد لاءِ ڪوشان هوندا هئا ۽ اهو مقصد هوندو هو سنڌ جي سر بلندي. زهريلو واءُ، جنهن سنڌ جا  ”تيلي مڃ“ ڌار  ڪري ڇڏيا. سو اڃان ڪو نه گهليو هو. ان جا پهريان جهوٽا 1925ع ۾ آيا، پر هي بزرگ اڳ ۾ ئي چالاڻو ڪري ويا هئا ۽ سنڌ ڇوري ڇني ٿي چڪي هئي. سندن نشانيون، سندن ڪيڙيل ٻه ٽي ورڪر رهجي ويل هئا، مثلاً: شيخ عبدالمجيد سنڌي، مسٽر جيرامداس دولترام ۽ ٻه - ٽي ٻيا ، جن کي اسان به ڏٺو.

پر سنڌ کي سياست سيکاري ويا، نجات جو رستو ڏيکاري ويا. سندن ڪيڙيل ورڪرن ۾ به هڪ خوبي هئي. سياست جي مارڪيٽ ۾ هو ٻين وانگر ”ڦلن مٺ“ تي ڪڏهن ڪو نه وڪاڻا. شيخ عبدالمجيد 82 ورهين جي عمر ۾ جيل ڀوڳيو، جيرامداس ملڪ بدر ٿي ويو، پر پنهنجن استادن جي ياد تي ٽڪو ڪو نه لاتائين.


 

 

انڊين ليجسليٽو اسيمبلي 1927ع

سر عبدالقيوم، مسٽر جئڪر، سر لنڊهي، سر بي.اين. مترا، سرينواس ائنگر، سرچارلس انس، سيٺ هرچند راءِ، پنڊت موتي لال نهرو، ويٺل ڀائي پٽيل، سر اليگزينڊر موڊي مئن، مولوي محمد يعقوب، سر باسيل بلئڪٽ، پنڊت مدن موهن مالويه، ڊاڪٽر اي. ايم. مئڪفيل، لالا لجپتراءِ، ڪي. سي. نيوگي، جمناداس ميهتا، اي. رنگا سوامي اَئنگر.

(پڇاڙيءَ ۾ ساڄي پاسي کان چوٿون، پنجون ۽ ڇهون نمبر) محمد نواز خان، مسٽر ڊکڻ ۽ سنڌ جا ٻيا عيوضي آهن.

 

 

ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ پرنسيپال بٽاڻي

بٽاڻي، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جو پرنسيپال، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ساڳئي ڪاليج ۾ مشرقي علوم جو پروفيسر. هڪ سيوهاڻي عامل، ٻيو حيدرآبادي عامل. عملي زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي کي اکئين لايون وتندا هئا. بٽاڻي صوفين جو طالب هوندو هو، سائين نصير جلالاڻن واري جو فقير ۽ ڍاڍر واري سائين رکيل شاهه جو معتقد هو. کيس به فقيريءَ جو ڪو انگ مليل هو، چهرو شانتي ۽ قلبي اطمينان جو آئينو هوس، اکين ۾ اهڙي چمڪ جهڙي مون ورلي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي اکين ۾ ڏٺي.  تمام ٿورو ڳالهائيندو هو، ڌيمي آواز ۽ رازدارانه لهجي ۾. مون سندس واتان ڪڏهن ڪنهن انسان جي گلا ڪا نه ٻڌي. تعليم جي معاملي ۾ سنڌين جي تقريباً  هڪ پيڙهيءَ کي فيض بخشيائين. سندس ڪا تصنيف منهنجين اکين اڳيان ڪا نه آئي. شايد سارو  توجهه روحاني معاملات ۽ تعليم طرف رهيس. هندستان جي ورهاڱي  کان پوءِ پاڻ بمبئي لڏي ويو، پر ان کان پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن مرشدن جي زيارت لاءِ هيڏانهن اچي نڪرندو هو. هڪ ڳالهه مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، سندس موجودگيءَ ۾ هر اهل دل سڪون محسوس ڪندو هو.

حليو هيءُ ته بت ۾ ڇڙڪ، قد ڊگهيرڙو، ڪلين شيو، بند گلي سان ننڍو ڪوٽ ۽ پتلون،  ٻئي سادڙا کدر جا، مٿو اگهاڙو، وارن کي ڦڻي ڪا نه، پر اڪثر تيل لڳل.

مقابلتاً ڊاڪٽر گربخشاڻي ظاهري علم ۾ گهڻو اڳي، دنيوي معاملات ۾ وڌيڪ تکڙ، گفتار ۾ جاندار، لباس ۾ شاندار، منهن تي اڪثر مرڪ، گفتگو ٻڌڻ جهڙي، ڪلين شيو، جيڪڏهن رنگ جو مسئلو نه هجي ها ته انگريز، پي. ايڇ. ڊي هو، فارسي ۽ انگريزي شاعرن جا هزارين ٻول ياد، هر ماڻهوءَ سان سندس مزاج مطابق گفتگو ڪندو، ڪنهن پڙهيل لکيل ماڻهوءَ سان ڳالهه ٻولهه ٿيس ته حافظ، سعدي، قاآني، خاقاني، خيام، ملٽن، ورڊسورٿ، ٽينيسن کي آڻي موجود ڪندو، مزو وٺي پيو انهن جو ڪلام ٻڌائيندو ۽ معنيٰ بيان ڪندو. سندس بزرگ جهوڪ شريف جا طالب رهي چڪا هئا. پاڻ عملي طرح صوفي هو يا نه، تنهن جي خبر ڪا نه پئجي ٿي سگهي، پر تصوف جي تاريخ ۽ اصولن جو اهڙو ڄاڻو هو، جهڙس ٻيو ڪو ان زماني ۾ گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته نظر ڪو نه ٿي آيو.

پرنسيپال بٽاڻيءَ سان ڪا نه پوندي هئس. هن گهريو ٿي ته ڊي. جي. ڪاليج جي پرنسيپالي سندس حق هئي ۽ کيس ئي ملڻ کپندي هئي. ان کان سواءِ حيدرآبادي عامل، سيوهڻ جي عاملن کي پنهنجو مٽ ڪو نه سمجهندا هئا ۽ منجهن رقابت رهندي هئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي کهڙي صاحب وٽ گهڻو ايندو هو، منهنجي ساڻس واقفيت اتي ٿي، ٻن ٽن ملاقاتن  کان پوءِ مون سهي ڪري ورتو ته ڊاڪٽر صاحب کي ويجهو پوڻ ۽ گفتگو جي موج ۾ آڻڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته بٽاڻي صاحب تي ٿوري گهڻي نڪته چيني ڪجي، جيئن کيس خاطري ٿئي ته آءٌ بٽاڻيءَ  جي اثر هيٺ ڪو نه آهيان.  اهڙي خاطري ڪرڻ بعد ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو کلي پوندو هو. عالم ماڻهو هو، عالم ماڻهن تي بشريت غالب رهي ٿي، پنهنجو ثاني ڪنهن کي نه سمجهڻ، پنهنجي علم تي ناز، غرور ۽ پندار، سنڌ ۾ ان ڪري چوڻي هوندي هئي ته: ”فلاڻو ايترو پڙهيل آهي، جو دماغ جون رڳون سڙي ويون اٿس، ٻار جو ٻار آهي، جي راضي ٿئي ته ڪو خاص فائدو ڪو نه، پر جي ڪاوڙجي پوي ته نعوذ بالله“ هڪ ٻئي خلاف ڪفر جون فتوائون اهڙيءَ ئي ذهني ڪيفيت ۾ جاري ٿينديون هيون. سنڌ جا ڪي واعظ ته لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي هڪ ٻئي کي گهائي به وجهندا هئا. ڪن پاڻ تي مورڳو ”ڪهاڙو“ ۽ واهولو“ جو لقب چسپان ڪرايو هو.

ڊاڪٽر گربخشاڻي  عالم هو پر مهذب، اهڙيءَ حد تائين وڃڻ وارو ڪو نه هو، پر پنهنجي رقيب بٽاڻيءَ جي باري ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڦلي پوندو هو.

سنڌي ٻولي ۽ لٽريچر تي سندس هڪ اهڙو ۽ ايڏو احسان آهي، جنهن جو بار سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن لاهي ڪو نه سگهندا. هن صاحب، شاهه عبداللطيف رحمة الله عليـہ جي رسالي کي چئن جلدن ۾ مرتب ڪيو، جن مان ٽي جلد سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، چوٿون جلد ڇپجي ڪو نه سگهيو ۽ غائب ٿي ويو.

   ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابن ڇپجي نڪرڻ کان اڳ جو زمانو مون کي ياد آهي. هونءَ  ته ڀٽائي گهوٽ جي شهرت عام هئي، پر لکيل پڙهيل طبقي ۾ سندس ڪلام جي مقبوليت اهڙي نه هئي، جهڙي ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابن جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ ٿي. ڪلام ڳايو ضرور ويندو هو، پر ڪلام جي ڳوڙهائي ۽ شرح جي پروڙ ڪن ٿورن  ماڻهن کي هئي، اڪثر مجلسن ۾ حافظ، جامي ۽ سعدي جي ڪلام جو تذڪرو هوندو هو. فارسي اڃا تائين علمي زبان سمجهي ويندي هئي، چٺي چپاٽي به فارسيءَ ۾ لکي ويندي هئي. شاهه صاحب جي ڪلام جي مقبوليت ۽ سندس اعليٰ شخصيت جي ناقدريءَ جو هيءُ حال هو، جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رسالو شايع ٿيو ته ان کي خريد ڪرڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي تياري ۽ ڇپائيءَ تي پنهنجي هڙان گهڻو خرچ ڪري چڪو هو، نفعو ته ٺهيو، پر اهو خرچ به ڳچيءَ ۾ پئجي ويو هوس. مجبور ٿي هن صاحب پنهنجن ڪتابن جا نسخا، ذاتي دوستن ۽ اڳوڻن شاگردن ڏانهن، جيڪي هينئر سرڪاري عهدن تي چڙهيل هئا، موڪليا ته هو زور مس ڪري سنڌ جي زميندارن مٿان مڙهين ۽ کانئن قيمت وصول ڪن. قيمت به ايڏي وڏي ڪا نه هئي، پر خوشيءَ سان وٺڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. مختيارڪارن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي زور بار پوڻ ڪري، ڪيترن وڏيرن  ڪتاب خريد ڪيا، پر گهر پهچڻ کان پوءِ ڪنڊ پاسي اڇلائي پئي ڇڏيا. گهڻن زميندارن جي اوطاقتن ۾ مون  ان ڪتاب لاجواب تي پکين کي وٺيون لاهيندي ڏٺو. اهڙن ڪن بي قدرن وٽان ڪجهه نسخا وٺي مون پاڻ وٽ آڻي رکيا(1).

 پر وقت گذرندي، هوريان هوريان، ان ڪتاب جي برڪت سان، شاهه صاحب جي ڪلام ۽ شخصيت ۾ سنڌين جي دلچسپي وڌندي وئي. 1930ع کان پوءِ ته ائين محسوس ٿيڻ لڳو گويا سنڌين کي ڪو لڪيل خزانو نئين سر هٿ آيو آهي. گهڻي تحقيق ان کان پوءِ ٿيندي رهي. ڪيترن ئي ماهرن ۽ مهارت جي دعويدارن ڪلام جا مجموعا شايع ڪرايا ۽ شاهه جي ڪلام کي بوڊاڙيندا رهيا، پر ڊاڪٽر صاحب جي موتين مٽ نظر ڪو نه چڙهيو.

ڊاڪٽر صاحب، ساڳئي وقت، سنڌي ٻوليءَ تي (بطور ٻوليءَ جي به) وڏو ٿورو ڪيو. هن سنڌي تحرير کي نئين طرز عطا ڪئي. جيڪا سنڌي اڳ لکي ويندي هئي سا گهڻو ڪري بي نمڪ ۽ ملپي هوندي هئي، جنهن ۾ نه ساءُ هوندو هو نه ست، نه تـُـندي نه تيزي، نه تازگي نه شفتگي، نه شوڪت الفاظ نه رنگين عبارت، ائين پيو لڳندو هو ڄڻ ڪا مري ويل، زمانه قديم جي زبان آهي،  جنهن کي ماڻهو  مجبوراً پيا ڇيڇاڙين ۽ جيئري رکڻ جي ڪوشش ڪن. اهو ئي سبب هو جنهن ڪري سنڌ جا پڙهيل لکيل ماڻهو سنڌي کي رڌڻن ۽ تنجڻن جي ٻولي سمجهي، گهرن اندر بند رکي، ٻاهريون ڪاروبار ۽ نوشت خواند فارسيءَ ۾ پيا هلائيندا هئا. پر ڊاڪٽر صاحب رسالي جو مقدمو ۽ اندر ڪي عشقيه قصا ڪهاڻيون، پنهنجي نئين طرز ۾ لکي، هڪ انقلاب آندو ۽ هيءُ ثابت ڪيو ته سنڌي هڪ مڪمل، زنده، بي انتها وسيع ۽ زوردار زبان آهي، جيڪا هر ضرورت کي پورو ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽر سورلي، جنهن شاهه صاحب عليه الرحمة  تي بعد ۾ انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو، ان ڳالهه جي تصديق، ڪراچي ۾ هڪ ليڪچر جي وسيلي ڪئي، جنهن جي دوران ۾ هن ثابت ڪيو ته سندس سالها سال جي تقابلي تحقيق، مطابق، سنڌي ٻولي دنيا جي مڪمل ۽ وسيع ترين ٻولين مان هڪ آهي ۽ هن خصوصيت ۾ ته بلڪل نياري ۽ نرالي ته: ”دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جو ڪو به اهڙو اچار ڪو نه آهي، جيڪو پنهنجي اصلي صورت ۾ منجهس سمائجي يا ادا ٿي نه سگهي.“ سندس چوڻ هو ته اها خصوصيت ۽ ايتري وسعت دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪا نه آهي.

مگر سورلي به ان ميدان ۾ تڏهن آيو، جڏهن گربخشاڻي اڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ تان پراڻي ڪفني لاهي، ڌوئي ڌپوئي، سرخي ڪجل لائي، سندس لڪل خدو خال،حسن  ۽ رعنائي چمڪائي چڪو هو.

*      *      *

پوئين زماني جي سياسي صورتحال ۽ علمي ماحول کيس بددل ۽ نااميد ڪري ڇڏيو هو. دوستن وٽ اچڻ وڃڻ  جهڪو ڪري ڇڏيو هئائين، لکڻ پڙهڻ کي به ٻڙي ڏئي ويهي رهيو هو.

انهيءَ ئي ذهني ڪوفت اندر سندس دل ٽٽي پئي، ۽ 11 فيبروري 1947ع جو انتقال ڪري ويو، پر سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ جوت جڳائي ويو- دونهي دکائي ويو.

*      *      *

سندس تحرير جا ٻه ٽي نمونا هن ڪتاب لاءِ برڪت جو باعث بڻبا، عشق لاءِ هيءُ اصول فرمائي ٿو:

”حقيقي عشق ڪا سٿري ڳالهه نه آهي. سندس پهريون ئي پهريون شرط آهي جان جسي ۽ جيءَ جي هيڪاند ڀڃڻ. سوري عاشق جو سينگار آهي، مڙڻ ۽ موٽڻ سندس لاءِ مهڻو آهي. الله ڪارڻ پنهنجو لڱ ۽ لحم وڍڻ سندس مرڪ آهي. عاشق جو ڪم آهي پنهنجو سور سکائون ڪري به سانڍڻ.

سپريان جي سور جو ماڙهن ڏجي نه منجهه.

عاشق کي گهرجي ته سختين ۽ مصيبتن ۾ سنرو رهي، واڙيءَ ڦل جيان پيو وهسي. هيءَ ته هڪڙي سـِـسي اٿس، پر جي کڻي سؤ سـِـسيون هجنس، ته به دوست جي هڪ دم به برابر نه آهن.

مـُـل مـَـهنـَـگو قطرو، سڪـُـڻ شهادت
اسان عبادَتَ، نظر ناز پرين جو“

 

(صفحه 109- 110، جلد پهريون.)

عشق جي ڪـَـلورن ۽ عاشقن جي قربانين کي واضح ڪرڻ لاءِ نموني طور، منصور حلاج جو واقعو آندو اٿائين:

”منصور حلاج ته بايزيد بسطاميءَ کان به لنگهائي ويو. هو نائين عيسوي صديءَ جي آخر ڌاري ڄائو هو ۽ چون ٿا ته ڪيتريون ئي ڪرامتون ۽ اچرج ڏيکاريائين، مثلاً: مـُـردن کي جيارڻ، هوا مان سون، گـُـلَ جـَـهٽـَـڻ وغيره. پاڻ کي کليو کلايو خدا سڏائي، اناالحق  جو نعرو هڻڻ ۽ پنهنجن مريدن کي وري اڳين نبين جا نالا کڻي ڏنائين.انهيءَ  ڪفر جي گفتن ڪري، آخر سوريءَ تي سر ڏنائين.

چون ٿا ته جڏهن کيس پيرن ۾ نير وجهي، سوريءَ ڏانهن گهـِـليندا پئي ويا، تڏهن هڪڙي درويش کانئس پڇيو ته: ”عشق ڇا آهي؟“ منصور وراڻي ڏني ته: ”پاڻهين اَڄُ، سڀاڻي ۽ پريهنءَ ڪل ڪل پوندي ته عشق ڇا آهي.“ ائين ٿيو جو انهيءَ ڏينهن کيس قتل ڪيائون، ان جي سڀان تي سندس لاش باهه ۾ ساڙيائون ۽ ٽئين ڏينهن سندس رَک هوا ۾ اڏائي ڦٽي ڪيائون.

سندس مطلب هو ته الاهي عشق مان اهڙو ئي نتيجو نڪرندو. سوريءَ ڏانهن سـُـورهـِـن وانگر وهسندو پئي ويو، ته ڪنهن پڇيس ته: ”هي منصور!  هيءَ ڪهڙي عجيب قسم جي روش آهي؟“ جواب ۾ چيائين ته: ”سچي بادشاهه جي حضور ۾ وڃڻ جي اها ئي روش آهي.“ جڏهن سوريءَ وٽ  اچي پهتو، تڏهن سندس مريدن مان ڪن عرض ڪيس ته: ”اسان جي ۽ پنهنجن دشمنن جي حق ۾ ڇا چوڻ اٿيئي؟“ فرمايائين ته: ”منهنجن دشمنن کي دُهرا دان ملندا ۽ اوهان کي هيڪوڻا، ڇو ته: توهان کي فقط مون لاءِ ئي حسن ظني آهي، پر هنن کي نه فقط خدا جي وحدانيت جو خيال آهي، مگر شريعت لاءِ پڻ عزت آهي. شريعت ۾ خدا جي وحدانيت پهريون اصول آهي ۽ حسن ظني، فقط فرع آهي.“ سندس دوستن منجهان شبليءَ واڪو ڪري چيس ته: اي منصور! تصوف ڇا آهي؟“ منصور وراڻي ڏني ته: ”جيڪي اکين سان پيو ڏسين، سو ته تصوف جو رڳو هڪ خسيس جزو آهي“

تنهن تي شبليءَ پڇيو ته: ”تڏهن ان جو اعليٰ جزو  ڪهڙو آهي؟ منصور جواب ڏنو ته: ”اهو تنهنجي پهچ کان ٻاهر آهي.“

پوءِ سڀئي مٿس پٿرن جا وسڪارا ڪرڻ لڳا. شبليءَ به ٻين سان شامل ٿي، منصور کي هڪ ننڍو پٿر هنيو، انهيءَ تي منصور کان رڙ نڪري ويئي. هڪڙي ڄڻي پڪاري چيو ته: ”ڇا! پٿرن جي وسڪاري تي ٻڙڪ به ڪين ڪڇيءِ ۽ هاڻ هڪ ننڍي پٿري لڳڻ ڪري هيڏي دانهن ڪئي اٿئي؟“ منصور وراڻي ڏني ته: ”ماڻهن کي خبر نٿي پوي ته ڇا ٿا ڪن، جنهن جي ڪري مٿن ميار نه آهي، مگر شبلي، جو خود صوفي ۽  معرفت شناس آهي، سو جيڪڏهن اهڙي هلت ڪري ته وڏي ڏک جي ڳالهه آهي.“

جڏهن سندس هٿ وڍي ڦٽا ڪيائون، تڏهن مشڪي چيائين ته: ”هن بانديءَ  جا هٿ ڪپڻ آسان آهي، مگر اهي بند، جن مون کي حق سان ٻڌي ڇڏيو آهي، تن کي ڪپڻ ڪٺن آهي.“ پوءِ سندس ٻئي پير به وڍي ڦٽا ڪيائون. وري به مشڪي چيائين ته: ”هنن پيرن سان آءٌ هن دنيا جون مسافريون ڪندو هوس، پر انهن پيرن کان سواءِ مون وٽ ٻيا به پير آهن، جن سان آءٌ ٻنهي جهانن جو سير ڪري سگهان ٿو. جيڪڏهن اوهان ۾ سمرٿي آهي ته انهن پيرن کي به وڍيو.“ ان بعد  پنهنجي رت ۾ رتل ڪراين سان، پنهنجا ڳل ۽ ٻانهون ڳاڙهيون ڪيائين. ڪنهن پڇيس ته: ”ائين ڇو ٿو ڪرين؟“ جواب ڏنائين ته: تمام گهڻو رت ڇڏيو اٿم،  جنهن ڪري منهن زرد ٿي ويو اٿم ۽ متان ماڻهو ڀائين ته منهن جي زردائي خوف وچان آهي، تنهن جي ڪري ڳلن کي ڳاڙهو ڪيم.“ وري پڇيائونس ته: ”ڀلا ٻانهون ڇو ڳاڙهيون ڪيئي؟  جواب ڏنائين ته: عشق جو وضو رت سان ئي ڪرڻ جڳائي. پوءِ سندس اکيون پٽي ڪڍيائون. انهيءَ تي ماڻهن جي مجموعي ۾ غلغلو پيدا ٿيو. ڪي زار زار روئڻ لڳا، ته ڪي وري مٿس نئين سر پٿر اڇلائڻ لڳا. جڏهن  سندس زبان ڪپڻ تي هئا، تڏهن پڪاري چيائين ته: ذرا صبر ڪريو، مون کي ڪي چوڻو آهي. پوءِ آسمان ڏي منهن ڪري چيائين ته: يا خدا، هنن ايذائن ۽ عقوبتن جي صدقي هنن ماڻهن تي رحم ڪر، ڏس ته ڪيئن نه آءٌ هن سوريءَ تي تنهنجو مشاهدو پيو ماڻيان.  ان کان پوءِ سندس زبان وڍي ڦٽي ڪيائون، ۽ منصور مشڪيو. نماشام جو وقت هو، جڏهن سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو.

منصور  حلاج، اناالحق جو نعرو هنيو، پر سندس پوين اناالحق جو نغارو وڄايو، ۽ تصور ڦري نـِـج عشق ۽ عرفان جو مت بڻجي پيو. “

(ص 64 کان 68، جلد پهريون)

 

*      *      *

ڊاڪٽر صاحب ”حب الوطني“ جي اهميت کي خاص طور سان نمايان ڪرڻ لاءِ، مارئيءَ جي ڪهاڻي اهڙي انداز ۾ پيش ڪئي آهي، جو پڙهيو، هڪ وار ته وطن فروش کان وطن فروش ماڻهوءَ  جي دل به اڌمن کائڻ تي ئي آماده ٿئي. مثال طور هيءُ ٽڪرو ملاحظه ڪيو:

”(مارئي) اتر لڳي کوهه تان کڄي آئي هئي، مٿان اچي واهوندا وريا. مارن جون مند مند جون هاجون ياد ڪري، هنجون پيئي هاريندي هئي. سندس ورلاپ ٻڌي، واٽهڙو به اکين مان آب پيا آڻيندا هئا. جي سانبيڙا اچي سار لهنس ها، ته بندي بند نه ساري ها.

هاڻي اچي مينهن جي موسم ٿي آهي. مارو مال ڪاهي، ڍٽين پٽين پکڙجي ويا آهن. هر ڪو پنهنجي هاج ڪم ۾ ئي پورو آهي. مارئيءَ جو محلن ۾  هينئون پيو منجهي. نااميدي ۽ نراسائي وڪوڙي ويئي اٿس. کٿي کسي ليڙون ليڙ ٿي وئي اٿس. چڳن ۾ چيڙهه پئجي ويا اٿس. دل ۾ جا درد جي دونهين پئي دکيس، تنهن هڻي منهن ميرو ڪري وڌو اٿس. کاڌو پيتو ڇڏي ڏنو اٿس ۽ مرڻ وهيڻي اچي ٿي آهي. سو عمر کي سڏائي، کيس ٻاڏائي چوي ٿي ته: ”جيئري ته آجائيءَ جو ڏينهن نه ڏٺم، هاڻي وطن لاءِ واجهائيندي، جي هت مري وڃان، ته مهر ڪري، منهنجو مڙهه ملير روانو ڪج، ۽ دفن ڪفن وير، مر ۽ لوبان جي بدران، ان کي منهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه جي ولين جو واس ڏج.“ ائين چئي ساڻي ٿي ڪري پيئي.

مارئيءَ  کي هل هلان ۾ ڏسي، عمر جي دل اُٿلي آئي، سو هڪدم سندس بند خلاص ڪيائين.  هڪ واري وري به کيس وينتي ڪري چيائين ته:

در، دروازا، دريون، هاڻي هتي هو،
ڪوڙئين اڏيان ڪيترا، تنبو مٿان تو،
جي مـُـل نه آيا، مارئي! تنين رڙ مَ رو،
ڪو ڪٽ آهي ڪو، پـُـسي پنهوارن ۾.

 

   مارئي وراڻي ڏني ته:

سـَـنهينَ سـُـئي سـِـبيو، مون ماروءَ سين ساهه،
ويٺي ساريان سومرا!  گولاڙا ۽ گاهه،
هنيو منهنجو هـُـتِ ٿيو، هـِـتِ مٽي ۽ ماهه،
پکن منجهه پساههُ، قالب رهي ڪوٽ ۾.

 

 

 

پيرزادو عبدالستار مرحوم

مولا مغرفت ڪريس، سنڌ جي مهذب کان مهذب سپوتن مان هڪ هو. سکر جي پيرزاده خاندان جو فرد هو. ولايت مان بئريسٽري پاس ڪري اچي سنڌ جي سياست ۾ گهڙيو. سکر ميونسپالٽيءَ  جي وائس پريزيڊنٽيءَ کان هلي مرڪز جي وزارت تائين پهتو. وچ ۾ ذري گهٽ ٻه سال سنڌ جو وزيراعليٰ  ۽ بعد ۾ اڍائي ٽي سال کن ون يونٽ جو به وزير ٿي رهيو. وزارتي دؤر ختم ڪرڻ  کان پوءِ پڇاڙيءَ  وڪالت ڪندو رهيو. 1970ع وارين چونڊن ۾ پنهنجي سکر جي تڪ مان اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيٺو، پر تڪ جي ماڻهن ووٽ ڪو نه ڏنس. سنڌين  جي بي قدرين جو (1) ، آخر عمر ۾ ڏک سهڻو پيس. حالانڪه نه فقط سنڌ سان سندس محبت مثالي هئي، پر ذاتي ڪمال جي خيال کان به سندس وجود دنيا جي ڪنهن به وڏي ۾ وڏي بين الاقوامي  اسيمبليءَ لاءِ سينگار جي سبب بڻجڻ جو اهل هو. آئيني خواهه قانوني مسئلن جون موشگافيون ڪرڻ ڪو کانئس سکي ها. تقرير سان تدبير جو امتزاج  ۽ ٺلهي جذبات کي ٺيٺ منطق جو مزاج بخشڻ سندس حاضر دماغي ۽ ذهانت جا ادنيٰ عـَـمـَـل  هوندا هئا. سچ ته سنڌ کي پيرزادي جهڙو وزيراعليٰ وري نصيب ڪو نه ٿيو. سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي سڃاڻپ هئس، تنهنڪري انهن ساڻ الفت. ڀٽائي گهوٽ جو عاشق هو. سندس تعليمات کي عام ڪرڻ جي خيال سان شاهه لطيف سينٽر قائم ڪرايائين، جنهن لاءِ ڪشاده دليءَ سان پئسا فراهم ڪيائين. شاهه جو ڪلام ٻڌندو هو ته بيقرار ٿي ويندو هو. نارو ڀڳت تار ڇيڙيندو هو ته پاڻ به ڪرسيءَ تان لهي، پٽ تي پلٿي ماري، ڪن تي هٿ رکي پڪارڻ لڳندو هو:

ڪتيم ڪينيڪي ڇا ٻڌايان؟

....... ڪات قريبن جي هٿ ۾......

راڳ جي فن جو ڄاڻو هو. خود به خوش گلو هو. اهل دل هو. ڀانيان ٿو ته مجاز جي به ڪڏهن ڪا چـُـٽڪي  چکيل هو. استاد منظور علي خان جو راڳ پسند هئس. استاد، شاهه صاحب جي ڪافي:

آءٌ ڪيئن آتڻ وڃان....  ڙي ڀينر
چرخو چيو منهنجو نا ڪري.

 

آلاپيندو هو ته سندس حال ڏسڻ وٽان هوندو هو. بي درد ۽ ٺـِـڪر سياستدانن جا اهي اهڃاڻ نه ٿيندا آهن.

بنيادي طرح رحم دل ۽ مٺي مزاج جو انسان هو. جنهن زماني ۾ آءٌ  سندس ڪابينه جو وزير هئس، ڦاسيءَ جي سزايافته قيدين جي رحم جون درخواستون وٽس  اينديون رهنديون هيون. کيس معلوم هو ته آءٌ موت جي سزا کي حيواني فعل سمجهندڙ هئس.  منهنجو نظريو هو ته قتل جون وارداتون ماڻهو تڏهن ڪن ٿا، جڏهن هو ڪنهن وقتي اشتعال هيٺ اچي دماغي توازن وڃائي ويٺل آهن. ڪن ملڪن ۾ اهڙيءَ دماغي ڪيفيت کي Temporary Fit of Insanity  سان تعبير ڪيو وڃي ٿو. برعڪس ان جي، سالم دماغ رکندي، ڪنهن انسان کي ڦاسيءَ  جي ڦندي سان گهـُـٽا  ڏيئي مارڻ ۽ سندس سڄي اهل عيال کي هميشـہ  لاءِ روڄ راڙي ۾ مبتلا ڪري ڇڏڻ زيادتي ٿئي ٿي، جنهن جو نتيجو هيءُ به نڪري سگهي ٿو ته ڌرين جي وچ ۾ انتقامي خونريزيءَ جو هڪ لامنتهائي سلسلو شروع ٿي وڃي، جنهن مان مجموعي طرح سوسائٽي کي نقصان ئي نقصان رسندو رهي.  اهو ئي سبب هو جنهن ڪري قانون ۾ هر هنڌ هيءَ گنجائش هوندي هئي ته عدالتن جي فتوائن ملڻ  کان پوءِ به آخري منزل تي حاڪم اعليٰ کي اختيار هو ته هو مختلف حالتن ۽ سوسائٽي جي عام ڀلي جي تقاضائن کي تڪڻ تورڻ کان پوءِ جيڪڏهن  مناسب سمجهي ته موت جي سزا ۾ ڦير ڦار ڪري يا مورڳو رد ڪري ڇڏي. ۽ اهو ئي ڪارڻ هو، جو رحم جون درخواستون  ٿينديون رهيون ٿي ۽ بسا اوقات عدالتن جي فيصلن ۾ وقت جا حاڪم اعليٰ مناسب  ڦير ڦار ڪندا رهيا ٿي. برصغير جي ڪيترين ديسي رياستن ۾ موت جي سزا  بنهه هوندي ئي ڪا نه هئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ خود اسانجين ڪيترين نوابي رياستن ۾ ڦاسي ڪا نه هوندي هئي. بلوچستان ۾ قبائلي  خونن جا معاملا قبائلي جرڳن ۾ ويندا هئا، جت خون بها جي اصول تي فيصلا ٿيندا هئا، موت جي سزا جو سوال ئي ڪو نه هوندو هو. جوبليءَ، جشنن ۽ خاص تقريبن (1) جي موقعن تي پڻ حڪومتون عام جام موت جون سزائون معاف ڪنديون رهنديون هيون. ان اپرانڌ عفو ۽ رحم جو اصول به رحيم ۽ رحمـٰـن  جي مخلوق جي پيش نظر  رهڻو هو. جنهن علائقي ۾ ٻهراڙيءَ تي وڏيرڪو راڄ هجي، هر هنڌ شديد پارٽي بازي هجي، پوليس جو حال معلوم هجي ۽ ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ ۽ ڪوڙيون شاهديون ۽ ثابتيون جوڙڻ هڪ معزز انڊسٽري سمجهيو ويندو هجي، ات حڪومت لاءِ نظرثانيءَ  جي اختيار  کي استعمال ڪرڻ لازمي هجڻ گهرجي.

تنهنڪري انهن ۽ ٻين اصولي ڳالهين  کي مد نظر رکندي، مون طئي ڪري ڇڏيو هو ته آءٌ حتي الوسع ڪوشش ڪندو رهندس ته جيستائين آءٌ ڪنهن به وزارت سان وابسته هوندس ته موت جي سزا جي مخالفت ڪندو رهندس.

1953ع  ۾ پيرزادي صاحب سنڌ جي وزارت ٺاهي ۽ مون کي ان ۾ شامل ٿيڻو پيو ته مون کيس کليل اکرن ۾  پهرئين ڏينهن ئي پنهنجي اها پاليسي ٻڌائي ڇڏي. مون چيس ته: قانون  ۽ لا اينڊ آرڊر جو وزير ڀل پاڻ رهي، مگر موت جي سزا جا فيصلا سڄي ڪابينه اڳيان آڻڻا پوندس، جت آءٌ پنهنجي اصولن پٽاندر موت جي سزا جي مخالفت پيو ڪندس.

پاڻ کلي، ڀاڪر پائي چيائين: خدا  تنهنجو ڀلو ڪري، آءٌ به اهو ئي گهران ٿو، تنهن ڪري اهڙا فائيل ڪابينه اڳيان رکڻ بدران توڏانهن پيو ٽرانسفر ڪندس ۽ تو کي جيئن وڻي، انهن جو نيڪال ڪندو رهج.انهن معاملن ۾ منهنجي پاران تو کي اختيار سونپيل هوندو.

 ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، هڪ شام، پاڻ منهنجي گهر لنگهي آيو. چار فائيل ساڻ هئس. جيڪب آباد جي چئن ڪيسن ۾ جوابدارن کي ڦاسيءَ جي سزا آيل هئي، جن جي رحم جون درخواستون انهن فائيلن ۾ هيون. ٻن ڏينهن کان پوءِ کين ڦاسيءَ تي چڙهڻو هو. اپيلون ٽپيلون فيڊرل ڪورٽ تائين رد ٿي چڪيون هيون.

فائيلن کي منهنجي حوالي ڪندي چيائين ته: “اڄ رات جو پڙهي، صبح تائين آرڊر لکي هوم سيڪريٽريءَ ڏانهن موڪلجانءِ، ورنه هي ماڻهو ڦاهيءَ تي چڙهي ويندا، پر فيصلا اهڙا لکجانءِ جو جيڪڏهن سڀاڻي انهن جي بنياد تي اسان جي خلاف ڪا پروڊا جي ڪارروائي ٿئي ته ان جو جواب اڳ ۾ ئي موجود هجي. پروڊا  جي تلوار اسان تي هر گهڙيءَ لڙڪندي رهي ٿي، دوست دشمن ۽ نيتن تي حملي ڪرڻ وارا گهڻا پيا آهن. هاءِ ڪورٽ ۽ فيڊرل ڪورٽ جي فتوائن کي ڦيرائڻو آهي، پوري خيال سان دماغ هلائجانءِ.

 وڃڻ وقت تاڪيد ڪيائين ته: رات جو سمهڻ کان اڳ فيصلا لکي پورا ڪجانءِ، رات جاڳڻو پـَـوَئي ته به جاڳجانءِ. حياتيءَ تي اعتبار ڪو نه اهي،خدا ڄاڻي سڀاڻي تائين جيئرا به هجون يا نه، دم جو سوٺو نه آهي. ڪا ڪوتاهي رهجي وئي يا حادثو ٿي پيو ته چار ماڻهو ٽنگجي ويندا.

 اها هدايت وڏي جذبي منجهان ڪيائين، جنهن جو مون تي ڏاڍو اثر ٿيو. مون انهيءَ گهڙي ئي فائيلن ۽ ڪورٽن جي فتوائن جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. سڄي رات جاڳي، صبح جي ڇهين بجي تائين فيصلا لکي پورا ڪيم.  ستين بجي فائيل پاڻ کڻي وڃي نياز احمد مرحوم سيڪريٽريءَ جي هٿ ۾ ڏنم ۽ کيس تاڪيد ڪيم ته هن گهڙيءَ ئي واسطيدار جيلن کي اطلاع پهچائي ته رحم جون درخواستون منظور ٿي ويون آهن، تنهن ڪري ڦاسيءَ جي سزا  ڏيڻ ۾ نه اچي. نوين بجي آفيسون کليون، پهريون ٽيليفون پيرزادي صاحب وٽان آيو، پڇيائين ته: فائيلن جو ڇا ٿيو؟ مون سڄي ڪار گذاري ٻڌايس. خوش ٿي چيائين ته: پوءِ اڄ منجهند جي ماني گڏجي کائينداسين. رحم جي درخواستن تي ڪيل فيصلن جون ڪاربان ڪاپيون ساڻ کنيون اچجانءِ ته اسان به پڙهي مزو وٺي ڏسنداسين.

اها هئي پيرزادي عبدالستار مرحوم جي رحمدليءَ جي ڪيفيت.

 کيس آبادگار فرقي جي بهبود جو خاص فڪر رهندو هو. پنهنجي زماني ۾ ڪوٽڙي براج جي تڪميل تي خاص توجهه ڏنائين. اپر سنڌ ۾ گڊو براج جو بنياد وڌائين. ڪوٽڙيءَ جي علائقي ۾ شاهه اويس پمپنگ پلانٽ وجهرايائين. غرض، انهن ٽن اسڪيمن ڪري سٺ لک ايڪڙ اراضيءَ لاءِ دائمي پاڻيءَ جو بندوبست ڪري ڇڏيائين.

حقيقت هيءَ آهي ته آءٌ انهن نين براجن ٺهرائڻ جي فائدي ۾ ڪو نه هوس. منهنجو خيال هو ته ملڪي پيداوار جا ذريعا اوتريقدر وڌائبا ۽ کولبا وڃجن، جيتريقدر مقامي آدم شماريءَ ۾ واڌارو ٿيندو وڃي، پر پيرزاده صاحب جو موقف هو ته اسان جو علائقو  سنڌو درياهه جي ڇوڙ تي آهي، ڪنهن وقت پاڻيءَ جي تقسيم تي وڏي لٺ لڳڻي آهي، تنهن ڪري اڳواٽ براجون ٺهرائي، جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي اسان جي حصي ۾ اچي، تنهن کي پوريءِ طرح  استعمال ڪرڻ جو پيشگي انتظام رکڻ گهرجي، جيئن اهو اجايو سمنڊ ۾ وهي نه وڃي.

*      *      *

1953ع ۾ گورنر جنرل غلام محمد مرحوم خواجه ناظم الدين مرحوم کي وزارت عظميٰ مان ڪڍي، محمد علي بوگري مرحوم کي آندو هو. 1954ع جي وچ ڌاري محمد علي بوگري کي به خطرو محسوس ٿيو ته غلام محمد مرحوم شايد ڪنهن وقت کيس به ڊسمس ڪري ڇڏيندو، تنهن ڪري هن مرڪزي اسيمبليءَ ۾ پنهنجو گروپ ٺاهي، اتان اوچتو ئي اوچتو هڪ بل پاس ڪرايو، جنهن هيٺ گورنر جنرل جا ضررناڪ اختيارات کسيا ويا. غلام محمد مرحوم کي ان گستاخي(يا شب خوني)  تي سخت باهه وٺي وئي ۽ هو بوگري ۽ سندس ساري گروپ کان انتقام وٺڻ جا پهه پچائڻ لڳو. ورندڙ آڪٽوبر تائين هن جنرل ايوب خان کي پاڻ سان ملائي، بوگري کي اهڙيءَ طرح سوڙهو جهليو جو بوگري  کي پنهنجن هٿن سان ساريءَ  مرڪزي اسيمبليءَ کي ٽوڙڻو، ۽ سندس گروپ جا جيڪي ماڻهو مرڪزي وزارت يا مختلف  صوبائي وزارتن ۾ برسر اقتدار هئا، تن کي پنهنجي ئي قلم سان قتلام ڪرڻو پيو.

بدقسمتيءَ سان پيرزادو صاحب به بوگري صاحب جي گروپ سان وابسته هو(1)، تنهن ڪري هو به انهيءَ چڪر ۾ غلام محمد جي غصي جو شڪار بڻجي ڊسمس ٿي ويهي رهيو. اهو حادثو شروع نومبر 1954ع ۾ وقوع پذير ٿيو. ڪاش، پيرزادي صاحب جهڙو دور انديش مدبر انهن ٻن بلائن جي جهيڙي ۾ ڪـُـڏي نه پوي ها. کيس احساس هجڻ کپندو هو ته وڙهندا سانهن، لتاڙبا ٻوڙا.

*      *      *     

پر ان کان اڳ، شروع 1954ع ۾، آءٌ پيرزادي مرحوم جي وزارت مان نڪري چڪو هوس. هڪ معمولي انتظامي ڳالهه تي اسان ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا هئا، هڪ پوليس ڪمانيءَ،  پنهنجي کاتي جي وزير قاضي محمد اڪبر مرحوم سان توهين اميز سلوڪ ڪيو هو. مون بطور سينئر وزير جي،
قاضي محمد اڪبر جي طرفداري ڪندي، چيف منسٽر پيرزادي صاحب کان تقاضا ڪئي ته ان ڪمانيءَ جي خلاف جوڳي ڪارروائي ڪئي وڃي. پيرزادي صاحب منهنجي اها ڳالهه ڪا نه مڃي، جنهن تي سمورن وزيرن(سواءِ هڪ جي) مڙي خود پيرزادي صاحب کان استعيفا جي گهـُـر ڪئي. پيرزادي صاحب پاڻ استعيفا ڏيڻ بدران محمد علي بوگري مرحوم پرائيم منسٽر کان حڪم ڪرائي مون کي ۽ ٻن ٻين وزيرن کي ڊسمس ڪرائي ڇڏيو. شروع ۾ اسان پنج ئي وزير پيرزادي جي خلاف هئاسون، پر ڊسمس جي ڀؤ کان پڇاڙيءَ ۾ اسان مان ٻه وزير ڦرتي کائي، اسانکي ڇڏي، وڃي پيرزادي صاحب سان شامل ٿيا هئا.

پيرزادي مرحوم اسان جي خالي ڪيل جاين تي نوان نو(9) وزير کڻي ڪـُـل ٻارهن وزيرن تي مشتمل وزارت ٺاهي، پر ان هوندي به، آخر سال تائين سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائي پنهنجي حق ۾ اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري نه سگهيو، ڇو ته اسان جو گروپ اسان جي وزارتن مان نڪرڻ کان پوءِ به اسان سان وفاداريءَ ۾ ثابت قدم رهيو هو ۽ اسيمبليءَ ۾ ان جي ميجارٽي هئي.

نومبر 1954ع ۾ پيرزادو صاحب، غلام محمد مرحوم ۽ بوگري مرحوم جي جهيڙي ڪري، خود پنهنجي دوست ۽ سرپرست بوگري هٿان ڊسمس ٿيو ته مان موٽي وزارت ۾ آيس.

*      *      *

هونءَ ته اهو قصو اتي ختم ٿي ويو، پر منهنجي دل ۾ هيءُ احساس رهجي ويو ته توڙي جو پيرزادي صاحب نوڪرشاهيءَ جي هڪ ماڻهوءَ جي طرفداري ڪندي، اسان وزيرن کي کلڻ هاب بڻايو هو، تنهن هوندي به اسان کي، خاص طرح سان مون کي، پيرزادي صاحب جهڙي مٺي ماڻهوءَ جي خلاف انتهائي انتقامي قدم نه کڻڻ کپندو هو. پوليس ڪمانيءَ کي نگهوسار ڪرڻ لاءِ ٻيا اپاءَ  به ٿي سگهيا ٿي، پر اسان شروع ۾ ئي تڪڙائي ڪري پيرزادي صاحب جي پڳ ۾ هٿ وجهي ويهي رهيا هئاسين، جا ڳالهه نامناسب هئي.

ان شرمندگيءَ جو احساس مون کي سالن جا سال ستائيندو رهيو. 1957ع ۾ آءٌ ملڪ کان ٻاهر فلپائن هليو ويس، جنهنڪري مون کي پيرزادي صاحب سان ملي کانئس روبرو معافي وٺڻ جو موقعو ملي ڪو نه سگهيو. ٻن سالن کان پوءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽو فلپائن آيو ته مون مٿس اهو بار رکيو ته هو صاحب پيرزادي صاحب وٽ وڃي کانئس منهنجي پاران، انتهائي لجاجت سان معافي وٺي، ۽ شرمندگيءَ  جو اظهار ڪري. ڀٽي  صاحب مهرباني ڪري اهو نياپو پيرزادي صاحب تائين پهچايو. آءٌ جڏهن موٽي ملڪ آيس ۽ سندس حاضري ڏنم ته محسوس ٿيم ته هو مون کي معافي ڏئي چڪو هو. شال الله تعاليٰ جو مٿس رحمتون هجن.  جنهن شخص پاڻ ڪڏهن ڪنهن جي دل نه ڏکوئي هئي، تنهن جي دل کوئڻ وڏو گناهه جو ڪم هو، جيڪو مون کان سرزد ٿي چڪو هو، پر ڏڌي ٿڻين ڪا نه پوڻي هئي.

البته اهو سبق سکي ويٺس ته دوستي ۾ انسان ڀل ڪيتريءَ حد تائين به وڃي ته جائز آهي، پر دشمنيءَ ۽ مخالفت ۾ ميانه روي ۽ اعتدال جو هجڻ شرافت جو نشان آهي.

*      *      *

صورت جي سونهن، بدن جي بيهڪ ۽ چهري جي چمڪ ۾ پيرزادو مرحوم پنهنجو مثال پاڻ هو، سندس ثاني، گهٽ ۾ گهٽ، سنڌ جي سياسي ماڻهن ۾ ته ڪو نه هو. لباس جهڙو به پهريندو هو سو پيو سونهندو هوس. اڪثرانگريزي سوٽ زيب تن ڪندو هو. آواز  ۾ هڪ خاص قسم جي جهانءِ يا موسيقي هوندي هئس. گفتگو وڻندڙ، تقرير مدبرانه، تحرير فاضلانه، کيس ڏسي ۽ ٻڌي آسٽرين ايمپائر جي نامياري چانسيلر ميٽرنڪ(1)(Metternich) جو تصور  تازو ٿي ويندو هو. مشابهت ٻنهي ۾ گهڻي هئي: ڪو فرق هو ته هيءُ ته هڪ ترقي يافته ۽ قدرشناس ملڪ جي پيداوار هو ۽ ٻيو سنڌ جي سـُـڃ  جي، هڪ کي يورپ جي آزاد اسٽيج تي چمڪڻ جو موقعو ميسر ٿيو، ٻئي کي ساري ڄمار هن گوندر ۾ گذارڻي پئي ته ڪيئن پنهنجي آبروءَ  کي پنهنجن ۽ پراون رقيبن ۽ رهزنن جي راتاهن کان بچائي.

ما و مجنون هم سبق بوديم در ديوان عشق،
او به صحرا رفت ما در کوچها رسوا شديم.

 

 

 

دين محمد عليگ مرحوم

شڪارپور لڳ لکيءَ جي مردم خيز ڳوٺ ۾ ڄائو، پر گهڻي ڄمار ڪراچيءَ  ۾ رهي، سنڌ جي خدمت ڪندي، صرف ڪري ڇڏيائين. الوحيد اخبار ۽ پريس جو مئنيجر هو. بک ۾، ڏک ۾، پورا 33 سال  اهو چرخو چوريائين. هميشـہ پس پرده رهيو، نه ڏيک ۽ ويک جو قائل، نه مال ۽ زر ڏانهن مائل، زندگيءَ جو  اڪيلو مقصد الوحيد کي زنده رکڻ جو هوس ۽ ان جي پوئواري ڪندي عمر جو خزانو لٽائي ويهي رهيو.

الوحيد جي مئنيجري ”سـُـڃ  تي سنـَـدرو“ هوندي هئي. نه ڪنهن سرمايه دار جي سرپرستي، نه سرڪاري يا واپاري اشتهارن جي آمدني، نه پريس کي ڇپائي جي ڪمائي. آني پرچو وڪامندو هو، ان آنڪيءَ جي آڌار تي  ڪراچي جهڙي خرچائو شهر مان مسلمانن جي روزانه اخبار هلائڻي پيس ٿي! ۽ 33 سال هلايائين!  ۽ اهڙيءَ حالت ۾ هلايائين، جو ڀل سرڪار هزارن جون ڊپازٽون ڀرائيندي وتي يا ايڊيٽرن کي هڪ ٻئي پٺيان جيل اماڻيندي رهي، نه اخبار بند ٿيندي، نه اخبار جي پاليسي بدلبي. اهو ميان دين محمد عليگ  جو اعجاز هوندو هو.

ظاهري طرح ميان جي منهن ڏٺي ائين معلوم ٿيندو هو ته ڄڻ ساريءَ دنيا تي ڪاوڙيو ويٺو آهي يا ٻن ٽن ڏينهن کان مانيءَ کان محروم رهيو آهي، پر ان صورت پٺيان هڪ دل آويز سيرت هوندي هئي، جيڪا هر ملاقاتيءَ کي منٽن اندر  مسحور ڪري ڇڏيندي هئي. مون کيس مرڪندي صرف هڪ دفعي ڏٺو:  ڪمپازيٽرن کي پگهارون ڏئي ڪو نه سگهيو هو، ڪمپازيٽر ۽ پريس مين صبح کان ڪم ڇڏيون پريس جي دروازي تي هجوم ڪيون بيٺا هئا، ان گهڙيءَ  ميان دين محمد اچي پريس ۾ پرگهٽ ٿيو، هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي، مشڪندي منهن سان ورڪرن کان پڇيائين:”اڙي! ڇو بيٺا آهيو؟“ منجهان هڪ وڦليو، چي:”صبح جي چانهه پاڻيءَ لاءِ به پيسو ڪو نه آهي.“ دين  محمد کلندي چين: ”ڇڏيو لـُـچائي، وڃي ڪم تي چڙهو.“ ورڪرن هڪ ٻئي جو منهن تڪيندي موٽي وڃي پنهنجي پنهنجي ڪم کي ورتو.

ورڪرن جو منجهس ڀروسو هو. کين يقين هو ته وَس پڄندي دين محمد کين تڪليف ڏيڻ ڪو نه گهرندو،  هن وقت لاچار ٿي پيو هوندو ۽ لاچار  جو وٽس آچار ڪو نه هوندو. ڏهين بجي ڌاري ٽپاليءَ  آڻي مني آرڊرن جي رقم ڏنس، جيڪا هن ورڪرن کي گهرائي هڪدم منجهن ورهائي ڇڏي. پاڻ وٽ فقط ٻه آنا رکيائين، جنهن مان ٻه پياليون چانهه جون گهرائي، هڪ منهنجي اڳيان رکيائين ۽ ٻي پاڻ پيتائين. انهن ڏينهن ۾ چانهه فروش ڪيٽليون کنيون رستن تي پيا گهمندا هئا ۽ آني پيالي پياريندا هئا.

غرض، سڄي جواني ان قلندري جي ڪيفيت ۾ گذاري ڇڏيائين. هڪ کـُـٽل قومي اداري کي قائم رکڻ وڏي ڳالهه هئي، جيڪا فقط ميان دين محمد کان ئي پڄي سگهي.

 

 

 

 

قاضي خدا بخش مورائي مرحوم

الوحيدي دور جو هڪ ٻيو يادگار مرحوم قاضي خدا بخش هو. ڏاڍو سنجيدو، ڏاڍو پروقار، ڏاڍو روشن دماغ، ڏاڍو مخلص مسلمان هو. موري ضلعي نواب شاهه جي هڪ قديمي علمي خاندان جو گوهر گرانمايه هو. ڪراچي، عليڳڙهه، ميرٺ مان علم پرائي، بي- اي، ايل - ايل - بي جي  ڊگري وٺي اچي  ڪراچي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. ان وچ ۾ مولانا محمد علي جوهر مرحوم جي ساٿ ۾ رهي سياست جي پـِـڪ پي ورتي هئائين.

ڪراچي پهچڻ بعد کائيندو پنهنجي وڪالت جي ڪمائي هو، پر ڪافي عرصي تائين، خدمت ڪندو رهيو، الوحيد جي ذريعي، سنڌ جي مسلمانن جي. الوحيد جو ايڊيٽر بڻيو، الوحيد سان گڏ ساڳيئي اداري جو هفته وار انگريزي پرچو ”مسلم ايڊوڪيٽ“ به ايڊٽ ڪندو رهيو.  سنڌي خواهه انگريزي زبان ۾ سندس تحريرون پڙهڻ وٽان هونديون هيون. مدلل، انگن اکرن سان مزين، عبارت شسته، انداز مدبرانه.

ٻارهن مهينا جيل به ڪاٽيائين، الزام ”بغاوت“ جو،  شاهد، مشهود، منصف سڀ ملڪي پيٽوڙي ۽ سرڪاري گٽر جا ڪـِـنا ڪيئان. ستم بالائي ستم، قاضي صاحب لاءِ ڪراچي جو سينٽرل جيل ناڪافي سمجهي، کيس ”ٿاني ڀون“ يو- پيءَ جي قيد خاني ۾ وڃي بند ڪيائون ۽ ات سزا جو ميعاد پورو ڪرائي ڇڏيائونس. ڏيهان ڏور، ملڪؤن پري! پر جڏهن وطن واپس وريو ته اڳ کان به اڳرو هو.

قوم به قدر ڪيس، پهريان حاجي عبدالله هارون جهڙي مڙس جي مقابلي ۾ ڪراچي  ميونسپالٽي جو ميمبر چونڊيائونس. ميونسپالٽي ڪارپوريشن بڻي ته سيٺ حاتم علوي مرحوم کي  ڪيرائي ميئر جي ڪرسيءَ تي  وهاريائـونـس.


 

 

 

 

قاضي خدا بخش مورائي

 


 

وڏي رعب تاب سان اهو عهدو هلايائين. هونءَ به ماڻهن جي چونڊيل عيوضين جا شان ۽ مان هوندا هئا. ڪراچي ڪارپوريشن  جي ميئري ته وڏي ڳالهه هئي، پر ٻاهراڙيءَ جي سينيٽري ڪاميٽين تي چونڊيل نمائندن جي به ڪامورو ڪڙو وِک اورانگهي ڪو نه سگهندو هو.

قاضي صاحب مرحوم جو، بحيثيت ميئر، ايڏو ڌاڪو ٻڌي آءٌ به سندس ديدار لاءِ  هڪ دفعي سندس آفيس ۾ لنگهي ويس. ميئر جو روايتي لباس ۽ گلي ۾ عهدي  جي چين پايو اونچيءَ ڪرسيءَ تي ويٺو هو.  سندس صورت ۽ سينگاريل دفتر جو ماحول ڏسي ائين محسوس ڪرڻ لڳس گويا لنڊن جي لارڊ ميئر جي حاضري ڀري رهيو آهيان. صورت به واقعي رعبدار هئس: بت ڀريل، قد موزون، چهرو گول، رنگ کليل، مڇان معقول، ڳوڙهي ڪاري رنگ  جو سوٽ پهريل.

پنهنجي دل ۾ مون فخر محسوس ڪيو ته ٻهراڙيءَ  جي هڪ قومي ورڪر کي، ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾، اهو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ۽ هو اهڙيءَ سڄ ڌڄ سان ان کي پيو نباهي.

انگريز جي هتان لڏي وڃڻ کان پوءِ مٿس ڪيتري به ڦٽڪار وجهو ته اهو نئين فيشن ۽ نون انصافي اصولن جي عين مطابق ٿيندي. پر جن ماڻهن سندس  زمانو ڏٺو، سي گهٽ ۾ گهٽ، شايد هن ڳالهه کان انڪار ڪري ڪو نه سگهندا ته انگريز هميشـہ  ماڻهن جو ڳولائو ۽ وڏو پارکو رهيو. محض مزاج جي سوختگيءَ  يا ذاتي ضد، حسد يا هٺ وچان (حتي الوسع) لائق ملڪي ماڻهن جي قدر ڪرڻ کان ڪو نه ڪيٻايائين.

قاضي مرحوم جي قابليت ۽ ڪيريڪٽر جي بلنديءَ کي محسوس ڪرڻ  ۾ انگريزن وقت ضرور ورتو پر ڪوتاهي ڪا نه ڪئي. پهريان کيس ”تمغئه قيصر هند“ ڏنائون. صوبي سنڌ جي انگريز پبلڪ پراسيڪيوٽر ٽي. جي. الفنسٽن موڪلايو ته اهو نازڪ عهدو قاضي صاحب جي حوالي ڪيائون. ٿاني ڀون جي سابق قيديءَ تي اعتبار ڪري پنهنجي جڊيشل کاتي جي ڏاڙهي سندس هٿن ۾ ڏئي ڇڏڻ وڏي ڳالهه هئي. قاضي صاحب ان عهدي تي رهي به عجيب روايت قائم ڪئي: وقت جي دستور موجب ۽ عام سرڪاري وڪيلن وانگر هـُـن اکيون ٻوٽي پوليس جي ٺاهيل  ڪوڙن ڪيسن جي پٺڀرائي ڪرڻ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيو.  جنهن به ڪيس جي باري ۾ کيس شڪ جو شائبو نظر آيو اهو ڪيس ڪورٽن مان ڪڍرائي ڦٽو ڪندو رهيو. سندس اصول هو ته سنڌ ۾ وڏيرا شاهي  ۽ نوڪرشاهي، پاڻ ۾ ملي عدل جي محڪمي کي غلط مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون ٿيون رهن ۽ ان ڪري غريب ڳوٺاڻا  ڪوڙن مقدمن جي گهاڻي ۾ پيا پيڙجن. ڪنهن به مقدمي کي ”ثابت“ ڪرڻ  لاءِ ڪوڙن شاهدن ۽ مشيرن جو ملڻ هن ملڪ ۾ مشڪل ڳالهه ڪا نه آهي. سرڪاري وڪيلن جو ڪم اهو نه آهي ته هو ان نظام جا هٿ ٺوڪيا ٿي، انصاف جي هاڃي ڪرائيندا وتن، هنن کي بي ريائيءَ سان هر مقدمي جي، پنهنجي ليول  تي، ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ان کان پوءِ ئي مناسب قدم کڻڻو آهي.

انتظاميه جي هڪ وڏي آفيسر مٿس اعتراض ڪيو، جواب ۾ لکي موڪليائين ته: ”آءٌ پبلڪ طرفان پراسيڪيوٽر (Prosecutor)  آهيان نه پبلڪ جو ”پرسيڪيوٽر“(Presecutor). اهڙا گندا ڪم ڪرائڻا اٿو ته ٻيو ڪو وڪيل وڃي ڳوليو.“

سنڌ جي گوري گورنر  سندس نقطه نظر کي بحال رکيو. موت مهلت ڏئيس ها ته اڃا به وڌيڪ چمڪي ها،(1) پر سندس عمر وفا ڪا نه ڪئي. 48 ورهين جي ڄمار ۾ 1944ع جي شروع ۾ گذاري ويو.


 

(1) مصر جي مشهور ليڊر ۽ وزيراعظم سعد ذغلول پاشا جو قول هو ته انسان ۽ حيوان ۾ هيءُ فرق ٿئي ٿو ته حيوان سڀ ڪجهه محسوس ڪري ٿو، پر ڳالهائي ڪو نه ٿو سگهي، انسان ڳالهائي سگهي ٿو، پر محسوس ڪري ڪو نه ٿو سگهي.

(1) ڪيفي گرانڊ جي مالڪياڻي انهن ڏينهن ۾ هڪ پوڙهي فرينچ هوندي هئي، جنهن کي ماڻهو منڊم صاحب ڪوٺيندا هئا.

(1) پاڪستان انهن ڏينهن ۾ اڃا برٽش ڊومينين هو، ريپبلڪ ڪو نه بڻيو هو.

(1) رئيس غلام محمد خان ميرپورخاص ضلعي جو وڏو زميندار ۽ امير ڪبير هو، سيٺ هرچند راءِ ، سيٺ وشنداس مانجهو(ضلعو دادو)  واري جو فرزند هو، جنهن جو قصو دادو ضلعي جي بيان ۾ اچي چڪو آهي.

(1) ڪجهه وڌيڪ ڪچن اکرن جي به آميزش هوندي هئي، پر اهي هت لکڻ جهڙا نه آهن.

(1) شايد انهن مالي مشڪلاتن سببان ڊاڪٽر صاحب رسالي جو چوٿون جلد شايع ڪرائي نه سگهيو.

(1) پيرزادي مرحوم کي سنڌي ساراهيندا رهيا هئا ته هن ون يونٽ جي مخالفت ڪري پنهنجي وزارت اعليٰ قربان ڪري ڇڏي هئي. پر 1970ع ۾ جڏهن سندن شڪر گذاري جي امتحان يعني ووٽن ڏيڻ جو وقت آيو ته ساڳي پيرزادي صاحب کي ڪيرائي ڇڏيائون. اهڙو ئي حال جناب جي. ايم. سيد صاحب جو به بڻايائون.

(1) پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1956ع واري آئين جي تقريب جي موقعي تي ساري پاڪستان اندر پنجن سون موت جي سزا يافته مجرمن کي ڦاسيءَ جي سزا معاف ڪئي ويئي هئي، اهو فيصلو مرڪزي ڪابينه جي هڪ خاص ڪميٽيءَ ڪيو هو، جنهن جو چيئرمين آءٌ پاڻ هوس.

(1) بطور مرڪزي اسيمبليءَ جي ميمبر جي، پيرزادو صاحب، گورنر جنرل جي اختيارات کسائڻ واري بل جي باري ۾ کليو کلايو گورنر جنرل جي مخالفت ۾ نمايان حصو وٺي چڪو هو.

(1) شروع اڻويهين صديءَ جي يورپي  تاريخ ان مدبر جي ڪمالات جي ذڪر سان ڀرپور آهي.

(1) مرحوم قاضي صاحب پنهنجن عهدن کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ کان علاوه به ٻيا ڪيترا ماڻهن جي ڀلي جا ڪم ڪيا. ڪوئٽا جي زلزلي جي مصيبت زدن لاءِ وڏي پيماني تي سهائتا جو بندوبست ڪيائين، ڪيترا نوان ادارا کولرايائين جيڪي اڄ تائين قائم آهن. تفصيل ڏيڻ هت غير ضروري آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org